شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 19 - جون - 2019ع

نيٺ ته اچڻي آ.....


شام 07 لڳي 00 منٽ -ڇنڇر 25 مئي 2019  187 
image-1

چوڌري افضل وڏين کذاب لڳل مُڇين کي تيل هڻي، مٿي تي سنهري زريءَ وارو پتڪو ٻڌي، حويلي جي ڪمري کان نڪري، ڏاڪڻون لهندو ناشتي واري ٽيبل تي ويٺو، هڪ ٿلهي متاري سانوري نوڪرياڻي ان وقت ميز کي ناشتي سان سجائي رهي هئي. جئين ئي تازي پڪل ڪڻڪ جي ماني جي خوشبو چوڌريءَ جي ناسن ۾ وئي ته سندس ڪاري ماتا جي نشانن سان ڀريل منهن تي مرڪ اچي وئي. انگريز سرڪار جي خوب خدمت ڪرڻ جي عيوض اڇي چمڙي واري آقائن چوڌري افضل کي ٺٽي وٽ زرخيز زمين ڏئي ڇڏي هئي، جنهن تي هن هڪ ننڍڙي سلطنت قائم ڪري ڇڏي هئي. سنڌي هارين لاءِ ته ممڻ مچائي ويٺو هو، نه ڪو ٻڌڻ وارو، نه ئي وري ڪو چوڻ وارو، بس جيڏي مهل دل چئس مٿي تي پڳ رکي سنڌي هارين نارين کي بيعزتو ڪري اچي. هن ڏڪاڻ ڏانهن نيهاريو، ريشمي لباس پهريل سندس زال هجران هيٺ لهي آئي ۽ اچي سندس پاسي کان ويٺي.

“ڀاڳان والي،“ چوڌري پنهنجي مخصوص پنجابي انداز ۾ هجران کي چيو: ”هين ويلي تي فصل جاندار هوسي.“

”رب دي سونهه هين ويلي تي مين نڪي نو اٺ من ٻاجهري ديسان،“ هجران به مرڪي چئس. چوڌري افضل تازي ماني جو ٽڪر ڀڳو ۽ لسي جي وڏي ڍڪ سان چٻاڻڻ لڳو. اڃا هن اڌ ماني به پوري نه ڪئي جو حويليءَ ٻاهران رڙيون اچڻ لڳس:

”چوڌري هائي...هائي..... انگريزن جا پٺو..... هائي....هائي..... چوڌري غريب هارين جو رت چوسڻ بند ڪر....“ اهو ٻڌي چوڌري جي هان گرنهه هيٺ ڪري پيو، وري رڙ آئي: ”اسان کي پنهنجي حق ڏئي....“ اهڙيون رڙيون ٻڌي زال مڙس جو منهن هيڊو ٿي ويو. ايتري ۾ چوڌري رحمت، جيڪو اٺٽيهه سالن جو ويڪري ڇاتي وارو همرهه هو، سانوري منهن تي وڏيون مُڇيون هوس ۽ راتوڪي شراب ڪارڻ اڃا به اکيون ڳاڙهيون، حويلي ڏانهن نياپو موڪليو، جيڪو اها ساڳي نوڪرياڻي کڻي آئي:

”مالڪ ننڍي چوڌري صاحب نياپو موڪليو آهي ته هاري بغاوت تي اچي ويا آهن، جلدي ٻنين ڏانهن اچو.“ اهو ٻڌي چوڌري افضل جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. هو هڪدم اُٿي مٿي ڪمري ڏانهن ڀڳو ۽ ٻه نالي بندوق کڻي تڪڙيي وکن سان هيٺ لٿو. حويلي جي وڏي ميدان تي چوڌري رحمت کليل جيپ وٽ بيٺل هو، ٻئي ڪاٺ جي وڏي در وٽ آيا.

”چاچا هن ڀيري هنن ڪميني هارين کي سبق سکارڻو پوندو،“ چوڌري رحمت مُڇين کي وٽ ڏيندي چئس، چوڏري افضل ڪاوڙ مان در ڏانهن وڌيو، رحمت به پٺيان آيس. حويلي ٻاهران وڏي ميدان تي هاري هيٺ ويٺل نظر آئس. جئين هارين جي نظر ٻنهي چوڌرين ڏانهن وئي ته ويتر تيز نعرا هڻڻ لڳا:

”ڀاڳيا آهيون..... ڀڳيا آهيون..... اڄ جاڳيا آهيون......“ ايتري ۾ چوڌري افضل ٻه نالي هارين ڏانهن سڌي ڪئي، ان تي پنجاهه سالن جو ولي محمد ۽ اٺيتاليهه سالن جو ولڻ اٿي اڳيان آيا ۽ بندوق اڳيان سينو تاڻي بيهي رهيا، سڀ هاري اٿي هنن ٻنهي سان گڏ بيٺا، وڏي چوڌري جون اکيون ڪاوڙ ۾ رت ۽ باهه ٽمڻ لڳيون، ڇوڌري رحمت کيس ٻانهن کان جلهي واپس حويلي اندر ويٺي آيو، هن ڪاوڙ ۾ مڙي هارين کي ڏٺو، سندس نطر اڇا ڪپڙا پهريل، ڪمزور هٺي ڪاٺي ۽ سانوري رنگ واري ماستر حبيب تي پئي. اهو ماستر حبيب ئي هو جنهن ڳوٺ وارن جي ڀلائي قانوني لک پڙهه وارو ڪم شروع ڪري ڏنو هو ۽ وڃي ڪچهري تائين پهتو هو، پر انگريز سرڪار چوڌري افضل خلاف آيل شڪايتون ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هئي، چوڌريءَ کي گهڻي وقت کان ماستر حبيب تي کارون هيون، هڪ ڀيرو ته ماستر کي کڻائڻ لاءِ ڇاڙتا به اسڪول روانا ڪيائين پر ان وقت سپاهي گشت تي هئا جو ويچارو ماستر حبيب بچي ويو. چوڌري افضل کي پڪ هئي ته ڳوٺ وارن جو دماغ ماستر ئي خراب ڪيو آهي، جڏهن حويلي جو در بند ٿيو ته ماستر حبيب ولي محمد وارن ڏانهن وڌي آيو ۽ چيائين:

”هي احوال ڪامريڊ حيدر سان ضرور ڪبو.“ ڪامريڊ حيدر ان وقت پنجاهه سالن جي ڄمار کي اچي لڳو هو، انگريز سرڪار جو عملدار هو، پر سنڌ جي هارين تي ٿيندڙ ظلمن جي احتجاج ۾ نوڪري ڇڏي، هاري تحريڪ جو بنياد وڌائين، هن تحريڪ جا ٻه بنيادي مقصد هئا؛ هڪڙو سنڌ جي هارين کي سندن حق ڏيارڻ، ٻيو سنڌ کي انگريزن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ، انهن ئي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن پهريون ڀيرو ”جيئي سنڌ“ جو نعرو بلند ڪيو. ڪامريڊ سدائين مُڇين کي وٽ ڏئي گهمندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو انگريز يا هنن جو ڇاڙتو سامهون اچي وڃنس ته ان سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندو هو، سندس اهي ادائون ڏسي سنڌ جي هارين ۾ اهو احساس تيزي سان اڀري رهيو هو: ڪو ته آهي جيڪو هنن لاءِ ظالمن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائي ٿو، انهيءَ آس تي هاري ڪامريڊ پٺيان لڳي پيا هئا.

ان رات دير تائين چوڌري افضل کي صبح واري بيعزتي تي وٽ پئجي رهيا هئا، هو اوطاق ۾ ويهي مجرو به ڏسي رهيو هو ۽ شراب جون چسڪيون به ڀري رهيو هو، پر ان هوندي به سندس ڪاوڙ ۽ ڪروڌ گهٽ نه ٿيو، ولائتي شراب جي بوندن ويتر سندس اندر جي مست هاٿي کي جاڳائي وڌو هو ۽ سج اڀرڻ تائين پئندو رهيو.

ڳوٺ اوڍو خان چڱو چکو سرسبز ڳوٺ هو، سالن کان ماڻهن جي ڏينهن جي شروعات ماني ڳڀي کي ڳولهڻ سان ئي ٿيندي هئي، وري جڏهن کان چوڌري افضل پڳ پاتي ته مرڳوئي ڳوٺ وارن جون تڪليفون وڌي ويون، چوڌري جي ٻن ڀائٽين ته ڏينهن ڏٺي جو جمعي جي جوان ڌيءَ زيبي سان ٻني ۾ زيادي ڪئي هئي، پر کين ڪير ڪجهه نه ڪري سگهيو هو، نيٺ هڪ ڏينهن لاچار زيبي کوهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ڳوٺ وارن ۾ اها ڳالهه به مشهور آهي ته روز رات جو زيبي جو روح کوهه جي آس پاس پيو ڦرندو آهي، هڪ رات ڳوٺ جي مسيت جو پيش امام، جيڪو مُلان ڪاري جي نالي سان مشهور هو کوهه وٽان لنگهيو ته سندس نطر جوان عورت تي پئي جنهن جا وار وکريل هئا، مُلان ڪارو هن جي وجهو ويو ۽ ڏٺائين زيبي آهي، پوءِ ته وٺي ڊڪ ڀريائين ۽ ٽن ڏينهن تائين بخار ۾ وٺجي ويو، ان واقعي کانپوءِ ڪو به سج لهڻ کانپوءِ کوهه ڏانهن نه ويندو هو.

ولي محمد جي سربراهي ۾ ڳوٺ جا مرد ڪامريڊ جي ڪوٺايل هارين جي حقن واري جدوجهد جي اجلاس لاءِ ان رات نواب شاهه لاءِ نڪتا، ڳوٺ ۾ رڳو ٻڍڙا، عورتون ۽ ٻار هئا. رات نڪرڻ کان پهرين ولي محمد سندس گهر واري بختاور ڏانهن آيو ۽ چيو هائين:

”ڪجهه گهڙين ۾ اسان ڪامريڊ جي سڏ تي نڪري پونداسين.“ بختاور کيس ويران نظرن سان ڏٺو.

”هي اسان جي جھقن جي ويڙهه آهي، ڪيستائين پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ چيري چوڌرين جو ڍڍ ڀرينداسين.“ ولي محمد جذباتي ٿيندي زال کي چيو. سندن ڪچي گهر جي اڳڻ ۾ چار کٽون رکيل هيون، جن تي سندن ٻه ٻه ننهر، سندن ٻار ۽ ڌيءَ ستل هئا، ولي محمد ٻارن ڏانهن ڏسندي چيو:

”اسان جي ته سڄي عمر غلامي ۾ گذري وئي، پر آئون پنهنجي ٻارن کي آزاد صبح جي هوا ۾ ساهه کڻندي ڏسڻ گهران ٿو.“

”ولي محمد؛“ بختاور پهريون ڀيرو بريل لهجي ۾ ڳالهايو: ”آئون تو سان گڏ آهيان،“ اهو ٻڌي ولي محمد بختاور جي پيشاني کي چميو، ٻنهي کي ائين لڳو ڄڻ سندن زندگي جا سمورا ڏک سور ڏور ٿي ويا آهن، پريان بيٺل مال ٽهڻ لڳو، ڪجهه گهڙين کانپوءِ ڪتن جي ڀوڪڻ جو آواز آيو، جنهن کانپوءِ ٻاهران هڪ رڙ آئي:

”ڀائو ولي محمد، او ڀائو ولي محمد اسان تيار آهيون.“

”ادا بس آيو،“ ولي محمد جواب ڏنن. هڪ لمحي جي ساهي کانپوءِ هٿن جو پيالو ٺاهي بختاور جو منهن جهليندي چيائين:

”مونکي پڪ آهي ته صبح ساڻ ئي چوڌري سندس ڇاڙتن کي وٺي ڪڻڪ جو فصل کڻڻ ايندو، پر آئون تو تي اها ذميواري ٿو رکان، ڪنهن به صورت ۾ چوڌريءَ کي فصل کڻڻ نه ڏجان.“ اهو ٻڌي بختاور وري مڙس کي ويران نظرن سان ڏٺو، ان کان اڳ جو هوءَ ڪجهه چئي ها، ولي محمد ڪلهي تي اجرڪ رکي هٿ ۾ ڪوهاڙي کڻڻ ٻاهر هليو ويو.

اڃا فجر جي ٻانگ مس آئي هئي جو بختاور جي اک کلي وئي، هوءَ اٿي اول مال ڏانهن وئي ۽ انهن کي ڪلن مان چوڙيائين پوءِ رڌڻي ڏانهن آئي، ان مهل سندس گهر ۾ اٽي جي لپ به نه هئي، سندس من جهرڻ لڳو.

معصوم ٻارڙا صبح سان ئي گهران پيٽ خالي نڪري ويندا.....! سڄو ڏينهن لوڙهي لوڙهي هڪ ويلي جي ماني مس نصيب ٿيندي. ان سوچ تي بختاور جي منهن تي گهنج اچي ويا، هن ڪالهڪي سڪل ماني جا ڳڀا گڏ ڪري پنڊيءَ تي رکيا، ايتري ۾ ٻار به جاڳي پيا، صاڀو، گلڻ، حڪيما ۽ ڪريما ڏاڏيءَ کي رڌڻي ۾ ڏسي هن ڏانهن آيا ۽ هڪ زبان ٿي چيائون:

ڏاڏي اسان کي ماني ڏئي، ڏاڍي بک لڳي آهي.“ اهو ٻڌي بختاور جو جئي جهري پيو، پر پاڻ تي قابو ڪندي، سڪي ماني جا ڳڀا پاڻي ۾ ٻوڙي ٻارن اڳيان رکيائين، ٻار ماني چٻاڻڻ لڳا. بختاور جست جو لوٽو کڻي مال ڏانهن وئي ۽ هڪ ٻڪري وٽ ويهي ان کي ڏهڻ لڳي، ان مان پاءُ کير جو به ڪونه نڪتو هوندو، اهو به ٻارن کي اچي ڏنائين، ٻار ڍڪ ڍڪ ڀرڻ لڳا. صابحو جڏهن ٻيو ڍڪ ڀرڻ جي ڪئي، ته گلڻ هن کان لوٽو ڦرڻ جي ڪئي:

”بس هاڻي مونکي ڏئي، سڄو ڏوگهي وئين.“ ان ڇڪتاڻ ۾ لوٽو هيٺ ڪريو ۽ کير مٽي سان ملي ويو.

”اٿڻ سان ئي پٽڪو ڪجو، ٺڪرن جو پاڻي ئي سڪي ويو آهي،“ بختاور پريان مال کي گاهه ڏيندي رڙ ڪئي.

”ڏاڏي صابحو سڄو کير ٿي ڏوگهيو،“ گلڻ روئندي جواب ڏنس.

سڄو ڪٽنب گهران نڪتو، بختاور مال کي هڪليندي ٻني ڏانهن وڃڻ لڳي، ٻار سندن مائرن ۽ پڦيءُ سان گڏ کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويا. بختاور کي رستي ۾ ستر ورهين جو ڪاڪو ولو گڏيو، ڪئي وريهه اڳ ڪاڪو ولو ڊڳي گاڏيءَ تان ڪريو هو، جنهن جي ڪري سندس کاٻي ٽنگ جي ڍڪڻي ڀڄي پئي ۽ هو ڪاٺ جي گهوڙي جي مدد سان هلڻ لڳو.

”امڙ ڪهڙا حال اٿئي؟“ ڪاڪي ولو هوريان هلندي پڇيس.

”اي ڪاڪا ڪهڙا ٿو حال پڇئين، گهر ۾ اٽي لپ نه آهي ۽ سڄو فصل چوڌري کڻيو وڃن، غريبن جي ٻچڙن جو پيٽ ڪٽي، رڳو پنهنجا محل ٿ ڀرين.“ بختاور مٿي تي رئو رکندي جواب ڏنس.

”امڙ رب جي لٺ بي آواز آهي، جڏهن هنن تي ڪري ته اهي محل ئي سندن قبرون بڻجي ويندا،“ ڪاڪي ولو آهه ڀريندي چيس، ٻئي گڏ گڏ هلڻ لڳا.

”ولي محمد وارا ڪالهه ڳالهه پيا ڪن ته هن ڀيري چوڌري جهڪي پوندا،“ ڪاڪي ولو اڇي ٿيندڙ آسمان کي ڏسندي چيو.

”بس ڪاڪا انهن ظالمن کي ڪو رب ئي جهڪائي،“ بختاور ٻئي هٿ مٿي ڪندي چوڌرين کي پاراتو ڏنو، ڪچي دڳ تي ويڙي جون ٻيون عورتون ٻارن سان گڏ ٻنين ڏانهن ٿي ويون، هر ٻني ۾ ڪڻڪ جو تازو فصل ڪٽيو پيو هو. بختاور ڪاڪي ولو سان گڏ هنن کي هارپي لاءِ مليل ٻني ۾ آئي، فصل کي ڏسندي خوشيءَ مان چيائين:

”رب مٺڙو ڪندو هن ڀيري اسان کي به چڱڙو حصو ملندو.“

”آمين.....آمين....“ ڪاڪي ولو به مرڪندي چيس.

”ڪاڪا تون هتڙي فصل وٽ ويهه ته آئون ٻڪريون چاري وٺان، هي ساسي به رڳو هڏا ٿي ويون آهن.“ بختاور چيس.

”هائو امڙ،“ ڪاڪو جواب ڏئي فصل جي پاسي کان ويهي رهيو، بختاور ڪجهه پرڀرو ٻڪرين کي چارڻ به لڳي ته گاهه ڪرڻ به لڳي.

پريان کان چوڌريءَ جي جيپ مٽي اڏائيندي ٻنين ڏانهن ٿي آئي، بختاور مال کي اتي ئي ڇڏي فصل ڏانهن ڀڳي، سندس مٿي تان رئو ڪري پيو، پر هوءَ ڀڄندي رهي، سهڪندي سهڪندي فصل وٽ پهتي.

”الله هنن ظالمن کي غرق ڪري،“ هن جيپ ڏانهن ڏسندي نفرت مان چيو، ڪاڪو ولو به گهوڙيءَ کي زور ڏئي اٿي بيٺو، گاڏي ٻني وٽ پهتي، چوڌري افضل ۽ چوڌري رحمت جيپ مان هيٺ لٿا، ٻنهي جون اکيون ڳاڙهيون هيون، راتوڪي شراب اڃآ مٿي تي سوار هون. هنن سان گڏ ٻه جوان نوڪر به هئا.

”هي سمورو فصل حويلي کڻائي هلو،“ چوڌري افضل مُڇيون وٺيندي حڪم ڏنو، نوڪر فصل ڏانهن وڌڻ لڳا.

”نه چوڌري نه اسان جا مرد هٿي ڪونه آهين، اهي اچن پوءِ فصل کڻائج،“ بختاور لتجا ڪندي چيس، اهو ٻڌي چوڌري ڪاوڙ ۾ باهه ٿي ويو ۽ بختاور وٽ اچي سندس وارن ۾ هٿ وجهندي چيائين:

”ڪهڙو مائي جو لال آهي جيڪو مونکي هي فصل کڻڻ کان روڪيندو.“

”رحم چوڌري صاحب رحم،“ ڪاڪي ولو چوڌري کي هٿ جوريندي چيو، پر چوڌري کيس ٿڏو هنيو، ڪاڪو وڃي هيٺ ڪريو.

”مون پنهنجي ور کي وچن ڏنو آهي ته توکي هي فصل نه کڻڻ ڏينديس،“ بختاور وار ڇڏائيندي چيس. چوڌريءَ مائي کي پيٽ ۾ زورواري مڪ وهائي ڪڍي، بختاور جي اکين آڏو اوندهه اچي وئي، هڪ آهه سندس نڙي ۾ اٽڪي پئي، سندس لڱ رڦڻ لڳا. ايتري ۾ زمين تي ڪريل ڪاڪي ولو مڙسي ڪندي زور سان چوڌريءَ جي ڄگهه تي گهڙي وهائي ڪڍي.

”ماءَ جا......“ چوڌريءَ جي واتان گار نڪتي، منڊڪائي گاڏي ڏانهن ويو، بختاور ڪاڪي ولو جي گهوڙي کڻي ورتي ۽ چوڌريءَ کي للڪاريو:

”اچ حرامخور، ماءُ جو کير پيتو اٿئي ته مونسان مقابلو.“ چوڌري رحمت ۽ ٻئي نوڪر ٻه قدم پٺيان ٿيا، بختاور ٻه قدم اڳيان وڌي، چوڌري افضل جيپ مان ٻه نالي بندوق کڻي ورتي، بختاور بنا خوف جي هن نانگ جو مٿو ڇٿڻ لاءِ اڳيان وڌي، چوڌري افضل بندوق جو گهوڙو چاڙهي نشانو ورتو، ٽڪا جي آواز تي وڻن ۾ ويٺل پکي اڏامڻ لڳا، ٻڪريون ٽهي ويون، ڪارتوس بختاور جو سينو چيري ويو، سندس رت اچي فصل تي ڪريو، پاسي واري ٻني ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جو ڌيان ٽڪاءُ ڪري ان پاسي ويو، هنن کان آسمان جيڏي اوچي رڙ نڪري وئي:

”چوڌري قهر ڪري ڇڏيو،“ ۽ ڏاٽا هٿ ۾ ڪري بختاور واري ٻني ڏانهن ڀڳيون ۽ ٻين کي به هوشيار ڪيائون، بختاور جو ٿڌو جسم فصل مٿان اچي ڪريو، ڪاڪو ولو زمين تي رڙهندو بختاور وٽ آيو ۽ رڙ ڪيائين:

”امڙ اکيون کول، امڙ.....“ ڪجهه گهڙين ۾ ڏهه ٻارنهن مايون گڏ ٿي ويون، هنن هٿن ۾ جهليل ڏاٽا اڀا ڪيا، چوڌري رحمت چاچهنس کي ٻانهن کان ڇڪي جيپ ڏانهن وٺي ويو، ٻئي نوڪر به هنن پٺيان ڀڳا، جيپ وري مٽي اڏائيندي حويلي ڏانهن هلي وئي. ڪاڪو ولو ۽ مايون بختاور جي لاش تي سينو پٽڻ لڳا، ڳالهه باهه جيان ڳوٺ ۾ ڦهلجي وئي، بختاور جون ننهون ۽ ڌيءَ به ٻني تي پهچي ويون، فصل مٿان ماءُ جو رت ۾ ٻڏل لاش ڏسي، هنن جو من ماتم ڪڌو بڻجي ويو، بختاور جي پنجويهه ورهين جي ڌيءَ زليخان ڳوٺ ڏانهن ڀڳي، هوءَ ڳوٺ جي هٽ تي آئي ۽ الهه بچائي کان گاسليٽ ورتائين ۽ واپس ٻني ڏانهن ڀڳي، الهه بچايو به حيران پريشان هن جي پٺيان لڳي پيو. جئين ئي ڳوٺ ۾ هل هليو ته سڀ عورتون ۽ ٻڍڙا مرد گاسليٽ جا دٻا کڻي ٻني ڏانهن آيا، زليخان ڀاڄاين جي مدد سان ماءُ جو لاش پاسي تي ڪيو ۽ ڪڻڪ جي فصل تي گاسليٽ هاريائين، سندس وڏي ڀاڄائي ڳوڙها ڳاڙيندي پڇيس:

”ادي هي ڇا پئي ڪرين؟“

”جيڪڏهن هي فصل اسان جو نه آهي ته پوءِ ڪنهنجو به نه آهي،“ هن گاسليٽ ڇڙڪي ڪڻڪ کي باهه ڏئي ڇڏي، ٻيون عورتون پنهنجين ٻنين ڏانهن ويون ۽ سال جي سموري فصل کي باهه ڏئي ڇڏيائون، آسمان تي ڪارو دونهون ڇائجي ويو.

چوڌري افضل ۽ رحمت حويلي جي ماڙيءَ تان اهو سڄو لقاءُ ڏٺو ٿي، چوڌري افضل جي سيني ۾ ويٺل وحشي جانور ويتر اڇلون کائڻ لڳو. زليخان مٿي ۽ پيرين ڳگهاڙي چوڌري جي حويلي جو رخ ڪيو، سڄو ڳوٺ هن جي پٺيان لڳي پيو.

”خون جو بدلو خون آ،“ زليخان حويليءَ جي وڏي ڪاٺ واري در ٻاهران بيهي رڙ ڪئي: ”او ظلم چوڌري خون جو حساب ڏي.“ سمورين عورتن اهو نعرو ورجايو، سج لهي ويو پر ڳوٺ واري چوڌري جي حويليءَ ٻاهران ويٺا رهيا. تڪ جي ٿاڻي کي سموري واقعي بعد پل پل جي خبر ملي رهي هئي، نيٺ هڪ انگريز صاحب کليل جيپ تي ڪجهه سپاهين سان گڏ چوڌري جي حويليءَ ٻآهران پهتو، ستونجاهه سالن جي اڇي چمڙي ۽ ناسي مڇين واري ڪيپٽن گورڊن ڳوٺاڻن سان مخاطب ٿيندي چيو:

”اوهان سان ضرور انصاف ڪيو ويندو.“ هڪ لمحي جي ساهي کانپوءِ چيائين:

”مان پاڻ اندر وڃي چوڌري افضل کي گرفتار ڪندس،“ ۽ پوءِ چوڌري افضل وارن کي حويلي جي در کولڻ جو حڪم ڏنائين.

جنهن مهل ڪيپٽن گورڊن حويلي کان ٻاهر آيو ته هن سان گڏ چوڌري افضل سندس ڀائٽيو چوڌري رحمت ۽ سندن ٻه نوڪر گڏ هئا، هنن جي هٿن تي رسا ٻڌل هئا. ڪيپٽن گوردن چوڌرين کي ڌڪو ڏيندي اڳيان ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ کليل جيپ ۾ وهاري ٿاڻي تي کڻي ويو.

ماستر حبيب کي انگريز سرڪار سان لک پڙهه ڪندي ڪندي ڏيڊ مهينو لڳي ويو پر اڃا ڪيس نٿي عدالت ۾ نٿي لڳو، پوءَ سموري سنڌ ۽ هند ۾ اهو هل هلي پيو ته هاڻي انگريزن جا ننڍي کنڊ ۾ڏينهن پورا ٿي چڪا آهن، هو ڪنهن وقت سنڌ هند ڇڏي هليا ويندا. 14 ۽ 15 جي رات جو 12:00 لڳي لارڊ مائونٽبيٽن اعلان ڪيو:

”ننڍو کنڊ انگريزن جي غلامي کان آزاد ٿي چڪو آهي، هاڻي ٻه ملڪ هندوستان ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي ويا آهن.“ ڪيترن ئي ڏينهن تائين لڏپلاڻ جو سلسلو هلندو رهيو، ڪنهن ڪنهن وقت ته رڳو لاشن سان ڀريل ٽريون ٿي آيون، ائين ٿي لڳو ڄڻ انسانيت دنيا مان موڪلائي چڪي هجي، هر نظر ۾ خوف ۽ هراس، گهٽين ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو هجي. انسان جي انسان سان اهڙي نفرت جو اظهر شايد ئي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن ٿيو هجي.

29 آگسٽ تي ڪامريڊ حيدر سنڌ جي مختلف حصن مان هاري گڏ ڪري ڳوٺ اوڍو خان پهتو، ڳوٺ جي خالي ميدان ۾ ماڻهن جو هجوم ڪامريڊ جي تقرير ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيو، سج به وچ آسمان تي اچي بيٺو هو.

”نئون ملڪ ٺهي چڪو آهي، ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته اسان انگريزن جي غلامي مان آزاد ٿي چڪا آهيون؛“ ڪامريڊ جذباتي انداز ۾ تقرير شروع ڪئي: ”پر غريب مسڪين هارين جي زندگين ته ان جو ڪو خاص اثر نه پيو آهي، نئين حڪومت اوهان ۽ اسان لاءِ ڪوبه خاص اعلان نه ڪيو آهي، مونکي خبر پئي آهي ته مائي بختاور جي قاتلن جو هڪ عزيز حڪومت ۾ آهي ۽ هو انهن قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي،“ ڪامريڊ هڪ پل لاءَ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ چيائين: ”سنڌي هاري تحريڪ اهو فصلو ڪيو آهي ته جستائين مائي بختاور جي قاتلن کي ڦاهي نٿو چاڙهيو وڃي اسان پوکي نه ڪنداسين؛“ ان تي هيٺ ويٺلن تاڙيون وڄايون ۽ نعرو لڳو:

”ڪامريڊ حيدر زندهه آباد..... سنڌي هاري تحريڪ زندهه آباد....“ ڪامريڊ هٿ کڻي اشارو ڪيو ته سڀ خاموش ٿي ويا، ڪامريڊ ڳالهايو:

”اڄ آئون اعلان ڪريان ٿو ته جستائين مائي بختاور جي قاتلن کي سزا نٿي اچي، اسان سنڌ جا هاري مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي وهنداسين، سنڌ جي چپي چپي ۾ هي هڙتال ٿيندي.“ وري تاڙيون ۽ نعرا شروع ٿي ويا.

سموري سنڌ ۾ بک هڙتالن جو سلسلو شروع ٿي ويو، ولي محمد سميت ٻين هارين کي به ڌمڪيون ملڻ لڳيون، پر هو بنا خوف جي پنهنجو نعرو ورجائيندا رهيا:

”مائي بختاور کي انصاف ڏيو...... ڪٿي آهي انصاف.......؟“

ماستر حبيب نئين حڪومت سان به لک پڙهه ڪندو رهيو، هر هفتي مائي بختاور جي خون بابت هڪ ڇٺي ڪراچي موڪليندو رهيو. ڪامريڊ حيدر ۽ سندس ساٿين حيدرآباد ۾ بک هڙتال جي مک ڪيمپ لڳرائي، جڏهن ته ولي محمد وارا بدين ۾ مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال تي ويٺا.

  پندرهين ڏينهن ماستر حبيب خوشي وچان بدين واري ڪيمپ تي آيو، هو پاڻ سان هڪ سرڪاري چٺي به کڻي آيو هو.

”ادا ولي محمد مبارک هجنئي،“ هن خوشيءِ مان چيو: ”حڪومت اسان جي عرضي ٻڌي ورتي آهي، ادي بختاور جي قتل وارو ڪيس حيدرآباد جي عدالت ۾ هلندو.“ ڪيمپ ۾ ويٺلن جي منهن تي مرڪ اچي وئي.

”مبارکون.... مبارکون.....“ سڀ ولي محمد کي ڀاڪر پائي چوڻ لڳا.

ڏهن ڏينهن کانپوءِ ڪيس عدالت ۾ باقائدا هلڻ لڳو، ولي محمد ڪٽنب سميت عدالتي ڪمري ۾ ويٺل هو، چوڌري افضل ۽ چوڌري رحمت ملزمن واري ڪٺڙي ۾ ڪنڌ جهڪايو بيٺا هئا.

”صاحب؛“ ڪاڪي ولو عدالت کي ٻڌائڻ شروع ڪيو: ”اهو صبح جو پهريون پهر هو مان ۽ امڙ بختاور ٻني تي آياسين، مٿان چوڌري افضل وارا به اچي نڪتا، چوڌري افضل نوڪرن کي حڪم ڏنو ته سمورو فصل حويلي کڻائي هلن، پر امڙ بختاور هن ظالم شخص کي التجا ڪئي ته اسان جا مرد هتي ڪونه آهن اهي موٽن ته پوءِ فصل کڻائي وڃي، پر چوڌري افضل امڙ جي ڳالهه نه ٻڌي، ۽ سندس وارن مان پڪتو، مون چوڌري کي منٿ ميڙ ڪئي ته هن مونکي ٿڏو هنيو، آئون وڃي زمين تي ڪريس، همت ڪري مون چوڌري کي ٽنگ تي پنهنجي گهوڙي وهائي ڪڍي، جنهن تي هو بخيل ٿي گاڏي ڏانهن ڀڳو ۽ ٻه نالي بندوق کڻي اچي اسان تي سڌي ڪيائين، امڙ بختاور منهنجي ۽ چوڌري جي وڄ ۾ اچي بيٺي، چوڌري بندوق هلائي ۽ ڪارتوس امڙ بختاور جو پيٽ چيري ويو.“ ڪاڪي ولو سمورو احوال ڪورٽ اڳيان رکيو، هن جڏهن ڳالهائڻ بس ڪيو ته کين مان نير ويهي اچي سانوري ڳلن تي ڪريس. هن کانپوءِ عدالت عورتن کان بيان ورتو.

پڪي عمر جو گول مٿي ۽ سنهين مُچين واري جج عبدالشڪور سموري ڪاروائي کانپوءِ فيصلو پڙهڻ شروع ڪيو:

”سڀني گواهن ۽ ٻنهي پاسي جي وڪيلن جي دليل، حالتن ۽ واقعن جي چڪاس ڪرڻ کانپوءِ هي عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته چوڌري افضل هڪ بي گناهه هاري عورت نالي مائي بختاور کي قتل ڪيو ۽ ان ۾ سندس ڀائٽيو چوڌري رحمت به هن سان گڏ هو ۽ هن جا ٻه نوڪر رحمو ۽ شانو به هنن سان گڏ هئا، هي عدالت چوڌري افضل ۽ چوڌري رحمت کي عمر قيد بامشقت ٻڌائي ۽ سندن نوڪرن رحمو ۽ شانو کي پنج پنج سال قيد بامشقت ٻڌائي ٿي.“ ان کانپوءِ جج ميز تي زور سان ڪاٺ جو هٿوڙو هڻدي چيو:

”عدالت برخاصت ڪجي ٿي.“ سپاهي چوڌرين کي چاڻ سان وٺي ويا، ولي محمد واري خوش ٿيڻ لڳا.

ڪامريڊ حيدر اڃا به بک هڙتال ختم نه ڪئي ۽ حڪومت کان گهر ڪئي ته هارين جي حقن لاءِ قانونسازي ڪري. ڪراچي کان حڪومتي وفد حيدرآباد ڪيمپ تي اچي پهتو، جنهن چوڪ تي ڪامريڊ هڙتال تي ويٺل هو، ان کي سندس نالي سان منسوب ڪيو، ان تي ”حيدر چوڪ“ نالو پيو، جڏهن ڪامريڊ کي خاطري ٿي ته هن هڙتال ختم ڪري ڇڏي ۽ ٽن سالن جي جدوجهد کانپوءِ سال 1950ع ۾ حڪومتي صفا مجبور ٿي اسمبلي ۾ اعلان ڪيو:

”هاڻي ملڪ جي نئين قانون موجب ساليانا فصل ۾ اڌ حصو هاري جو هوندو ۽ اڌ حصو زميندار جو.....“

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment