شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - آڪٽوبر - 2021ع

عاشق زهر پياڪ


شام 06 لڳي 03 منٽ -جمعو 17 Sep 2021  85 
image-1

   

”آخري دفعا چوان ٿو، هلين ٿي فليٽ تي يا کايان هي زهر؟“ هن ڍڪ کولي شيشي کي پنهنجي هٿ جي تري تي ابتو ڪندي چيو.

ٻٻر جي چيچڪن جهڙيون ناسي گوريون ايتريون سهڻيون پي نظر آيون جو خطرناڪ نٿي لڳيون. برابر شيشي تي لکيل هو ”پوائزن“، پر اهو نالو ته امبر سينٽ، عطر ۽ ٻين شيشين تي به لکيل ڏٺو هو. هن سندس ڳالهه کي اهميت ڪو نه ڏني ۽ سوچيو، شايد اهو ڪو پان مصالحو يا ٽيسٽي قسم جون سوپاريون آهن ۽ هي هرو ڀرو پيو فلمي ڊائلاگ هڻي.

”يار ڇڏ اها ڊرامي بازي.“

ان مهل سج ڄامشوري واري پهاڙين پويان لهڻ جي تيارين ۾ هو. عسڪري پارڪ جي لان ۾، ڪنڊ واري وڻ هيٺان ٿورو فاصلو رکي هو ٻئي ويٺا هئا. آسپاس ٻين فيملين وارا به هئا جيڪي ڇٻر تي راند ڪندڙ پنهنجي ٻارن تي اک رکيو، ڳالهين ۾ مصروف هئا. پريان واڪنگ ٽريڪ تي ٿلها ماڻهو تڪڙي وکن سان واڪ ڪري رهيا هئا. ڪنهن جو به ڌيان هنن طرف نه هو. ارباب گذريل اڌ ڪلاڪ کان کيس هلڪي آواز ۾ فليٽ تي هلڻ لاءِ چئي رهيو هو ۽ هو لاڳيتو انڪار ڪندي رهي. پوءِ جڏهن هن زهر کائڻ واري ڌمڪي کي به ڊرامي بازي سڏيو ته سندس دل ٽٽي وئي.

 هن امبر ڏانهن حسرت سان نهاريو ۽ پنهنجي هٿ جي تري تي پيل سڀ گوريون ڦڪي ڇڏيون! گوريون کاريون ڪو نه هيون پر هن کي اٻڙڪا آيا ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو، هو ڇٻر تي ٿورو پوئتي هٽي ويٺو. سندس چهري تي مايوسي ۽ خوف جا رنگ ترڻ لڳا. سندس حالت ڏسي امبر کي ٿورو کٽڪو ٿيو ۽ رحم به اچي ويو.

”ٺيڪ آهي هلون ٿا،“ هن مرندي ڪسندي چيو.

هنن جي افيئر کي هلندي ست مهينا ٿيا هئا. هر قسم جي هجت ٿي وئي هئي، رات جو بستري ۾ ليٽي فون تي ڊگهيون ڪچهريون ڪندي سڀ ڪجهه ٿي ويندو هو پر عملي طور هن ڪڏهن به پنهنجي بدن کي هٿ لائڻ نه ڏنو. انهي ڪري هو جڏهن به کيس اڪيلي جاءِ تي ملڻ لاءِ چوندو هو ته نٽائي ويندي هئي. مگر اڄ صورتحال اهڙي ٿي وئي جو هو چاهڻ جي باوجود به انڪار نه ڪري سگهي. ساڻس گڏ پنهنجو سامان هو، سو رڪشا ۾ ويٺي، اڳيان ارباب بائيڪ تي قاسم آباد وارو رستو وٺي روانو ٿيو. اڌ پنڌ پهچڻ کان پهرين سندس مٿو ڦرڻ لڳو. خبر ناهي روڊ تي هلندڙ گاڏين، چوڪن، چوراهن ۽ انهن تي لڳل سگنلن کان هو ڪيئن بچندو آيو. پلازا جون چاڙهيو چڙهندي سندس وکون بنهه ڳريون ٿي ويون پر دل جي ڏڍ تي چڙهندي ويو.

ڏڪندڙ هٿن سان هن تالو کوليو ۽ ٻئي ڄڻا اندر داخل ٿي ويا. سامهون ديوار تي ڳاڙهي رنگ سان ”هيپي برٿ ڊي“، لکيل ڏسي امبر کي ياد آيو ته اٺ سيپٽمبر سندس پيدائش جو ڏينهن هو. ڪمرو ايترو خوبصورتي سان سينگاريل هو جو کيس خوشي ٿي. رنگين پنيون، جهنڊيون، ڦوڪڻا، چمڪندڙ جهالرون، ربن، ننڍڙا بلب، سندس پسنديدهه سفيد موتئي جا گل، هڪ عجيب قسم جو شبستاني ماحول ٺهيو پيو هو. تحفا الڳ هئا جن ۾ ڪپڙا، چوڙيون، ميڪپ جو سامان ۽ سونو لاڪيٽ هو جنهن ۾ ٻنهي جي هڪڙي ننڍڙي تصوير لڳل هئي. ڪل ملائي ڏيڍ لک کان مٿي خرچ ٿيو هو. ايترا پيسا ته خبر ناهي هن ڪيترن مهينن ۾ گڏ ڪيا هئا پر کيس سالگره تي جيڪو خوسگوار سرپرائز ڏيڻ چاهيائين ٿي، سو ڏيئي ويو.

 ان مهل ڪنهن شئي جي ڪرڻ جو آواز آيو. هن پويان نهاريو ته ارباب قالين تي منهن ڀر ڊٺو پيو هو. هن هڪدم کيس سڏ ڪيا ۽ ٻانهه کان جهلي زور سان ڌونڌاڙيو پر ڪو جواب ڪو نه مليو. کيس بيهوش ڏسي مائي جون وايون بتال ٿي ويون. ڪڏهن ڊوڙي هيڏانهن وڃي، ڪڏهن ڊوڙيو هوڏانهن وڃي. ننڍڙي پلازا جا ماڻهو ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار هئا پر هي ٻڌائي ڇا!

بنا ڪجهه پڇڻ ۽ معلوم ڪرڻ جي هر ڪو هن کي ڏوهاري سمجهي رهيو هو.

”اها رن، هن ڳڀرو جو سر کائي ويندي،“ پلازا جي چوڪيدار ڪاڪي عرس هاسيڪار ايترو وڏي آواز ۾ چيو جو مائي ٻڌي وئي. پڇتاءُ ۽ گهٻراهٽ ۾ کيس سمجهه ۾ نه اچي ته اتي ئي شرم ۾ مري وڃي يا پاڻ کي مٿان کان هيٺ اڇلائي ڇڏي!

انهي وچ ۾ ڪنهن واقف ڪار ارباب جي گهر فون ڪئي.

 پيءُ ۽ ڀاءُ ڀڄندا آيا ۽ کيس تڪڙ ۾ کڻائي لال بتي پهتا. ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر مريض جي چڪاس ڪئي، پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل واچ ڏٺي ۽ بنا ڪجهه چوڻ جي پاسي واري خالي ڪمري ۾ نماز پڙهڻ هليو ويو. مريض کي الٽين جا ڌڌڪا هئا، وات مان، نڪ مان نيرو پاڻي پي نڪتو. سندس سفيد، آڏي ڳچي وارو پهراڻ ڀرجي ويو هو.

 ”گهڻي الٽي آئي آهي ته معنا بچي ويندو،“ سندس جسم کي ميري چادر سا ڍڪيندي، ڀنگي دلداري ڏني.

 گهڙي کن ۾ نرسون ۽ ڪمپائونڊر اچي ويا جن معدو صاف ڪيو ۽ ڊرپون چاڙهي ڇڏيون.

”ڇا کاڌو آهيس؟“ واپس اچي ڊاڪٽر پڇيو.

”اڄ ته الائي ڇا کاڌو اٿس پر ڪالهه ڪوئن مارڻ وارو زهر پاڙي جي جنرل اسٽور تان وٺي آيو هو،“ پڻس ڳوڙها اگهيندي جواب ڏنو. عجيب صورتحال هئي. هڪ اديب جنهن هميشهه پرايا جذبات ڪاغذ تي لاٿا هئا، اڄ پنهنجي جذبن تي ضابطو نه رکي سگهيو هو.

ڊاڪٽر پرچي تي ڪجهه دوائون لکي مريض کي آءِ سي يو ۾ شفٽ ڪرايو ته هو به اتي وڃي سيڙهين تي ويهي رهيو. الائي ڪيتري دير ٿي وئي. رات ٺري وئي هئي. دم جو مريض هو، اچيو ٿي کنگهه وٺيس ته ساهه نه ماميس. ڳچ دير کان پوءِ سامت ۾ ته آيو پر اڌ مئو ٿي ويو.

اندر ڊيوٽي تي موجود نوجوان ڊاڪٽر ٻڌو ته سنڌ جو وڏو اديب ٻاهر دروازي تي بي حال ٿيو ويٺو آهي ته لڙي آيو.

 ”في الحال ڪجهه به نٿو چئي سگهجي، دعا ڪريو،“

اها تسلي نه هئي پر تڏهن به هن ڊاڪٽر جو ٿورو مڃيو ۽ وري سوچن ۾غرق ٿي ويو.

هي پٽ هميشهه کيس ڪنهن نه ڪنهن ڏچي ۾ وجهي ڇڏيندو هو. سڀني کان ننڍو ۽ سڄي گهر جو دادلو هو، شايد ان ڪري کري ويو هو. بظاهر ڏسڻ ۾ شريف لڳندو هو پر اندر ۾ وڏي فلم هو. يونيورسٽي واري زماني ۾ ڪتابن کان وڌيڪ ڇوڪرين کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو جڏهن ريشمي لهجي ۾ گفتگو ڪندو هو ته اهڙو پنهنجائپ جو احساس اڀرندو هو جو مايون مٿس جلدي اعتبار ڪرڻ لڳنديون هيون. مٿان وري شاعري اهڙي ڪندو هو جو ٻڌندڙ موهجي ويندا هئا. پڻس کي وڏيون اميدون هيون ته جيڪو ٻوٽو هن لڳايو هو سو سڀاڻي ادب جي چمن م گهاٽو وڻ ثابت ٿيندو. مگر اڄ سندس اميدن جو ڏيئو وسامڻ وارو هو، اڄ سندس شهزادي جو ساهه ڪچي تند ۾ اٽڪيو پيو هو!

هن هي ڪو پهريون چڪر خودڪشي جي ڪوشش نه ڪئي هئي. انهي کان اڳي به ننڊ جون گوريون کائي چڪو هو پر تڏهن رڳو مٿو ڳرو ٿيو هئس. گوريون نقلي هيون، هن ٿوريون کاڌيون هيون يا ڪو ٻيو سبب هو، سو پتو ته نه پئجي سگهيو پر ان جو گهڻو خراب اثر ڪو نه پيو هو. اڌ ڪلاڪ کن ۾ الٽي آئي ته هينئين تان بار لهي ويو، پوءِ يڪو ستو پيو هو. ٻي ڏينهن ننڊ مان اٿي سڄو قصو ٻڌايائين ته افروز سان هن سچو پيار ڪيو هو ۽ گڏ جيئڻ مرڻ جا واعدا ڪيا هئا.مگر سندس مائٽن اهو چئي سڱ ڏيڻ کان انڪاري ڪري ڇڏيوته پڻهين اسان سان ٺهي ڪونه پهرين ان کي راضي ڪر. بس ان ڏينهن کان وٺي اڌ چريو ٿيو پي هليو. کيس معلوم هو بابا سخت ماڻهو آهي، ائين ته ڪڏهن به ڪونه مڃيندو. سو کيس راضي ڪرڻ لاءِ لاچارهي گوريون کائڻ واري اٽڪل دماغ ۾ آئي هئس. سندس ايڏي  اتاولائي ڏسي نه سگهيو. نيٺ وڃي انهن رشتيدارن کي پٽڪا لاٿائين جن کي هٿ ڏيڻ به پسند ڪونه ڪندو هو. گهڻن ميڙن منٿن ۽ ريڙ پيڙ کانپوءِ هن ها ڪئي. جيتوڻيڪ ارباب جو طريقو نامناسب ۽ خطرناڪ هو پر تڏهن به هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويو.

افروز ڪنوار بڻجي ڇا آئي، سڄي گهر کي سڌارڻ جو مشن کڻي آئي. اچڻ شرط هن کيس سگريٽ ڇڏڻ لاءِ چيو. اهو ڪم ڏکيو هو پر هو پڙهيل ۽ سمجهدار زال هئي، هن لاءِ ڪجهه به مشڪل نه هو. جڏهن به مڙس کي سخت ٻاڙ لڳندي هئي ته هو کيس سگريٽ جي بدران پنهنجا چپ پيش ڪري ڇڏيندي هئي. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن اها عادت ختم ٿي وئي ته هن جي اندر ۾ ويٺل اڪائونٽنٽ حساب لڳايو. ٽن مهينن ۾ نوي پاڪيٽ، هر پاڪيٽ ۾ ويهه سگريٽ، ڪل ٽوٽل ملايو ته ارڙهن سئون چميون ٿيون. اسڪور خراب ڪو نه هو. افروز کيس شراب مان ڪيئن هٿ ڪڍايو، سو راز هن اڃا تائين سنگت کي نه ٻڌايو هو. ڪجهه به هجي برادري ۾ هوڪ ٿي وئي ته زال هجي ته اهڙي ڏاهي جنهن نه صرف ارباب جهڙي موالي ڇوري کي سڌاري صوفي ڪري ڇڏيو پر سس سهري جي خدمت لاءِ ساڳي گهر ۾ رهي پئي هئي.

گڏ رهڻ سان کيس ٻه فائدا هئا. هڪ ته مسواڙ جا پيسا بچي پيا ۽ ٻيو ڪم ڪار دوارن ننڍڙي پٽ کي سس سنڀاليو ويٺي هوندي هئي. هنن جي چلهه ڌار هئي، هو گهر اهڙي حساب ڪتاب سان هلائيندي هئي جو پنهنجي پرائمري ٽيچر جي پگهار مان مهينو آرام سان ڪڍي ويندي هئي. هو سيبتي ڇوڪري هئي، صبح جو اٿي نيرن ٺاهي، پاڻ تيار ٿي اسڪول ويندي هئي، واپسي ۾ ڌونرا ڀاڄيون وٺي اچي سانجڻ ڪندي هئي. ارباب کي خوش رکڻ لاءِ سڄو ڏينهن هڪ مزور وانگر ڪم ڪندي هئي پر سندس زبان تي ڪڏهن شڪايت نه آئي. ٻنهي سندي ڳالهڙي رازق آندي راس هئي. هي هڪ اهڙو مثالي جوڙو هو، جنهن کي روايتي طرح ڪنهن جي ته نظر لڳڻي هئي.

 ارباب ٻئي ڏينهن اسپتال مان ٺيڪ ٿي واپس گهر اچي ويو. انهي واقعي کان پوءِ امبر اهڙو ڊڄي وئي جو هفتي کان پوءِ فون ڪري پاڻ پڇيائين، ”فليٽ تي ڪڏهن اچان؟“

اها فون ڪال هن لاءِ ائين هئي جيئن اولمپڪ رانديگر لاءِ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ، هڪ ڦٻي وڃڻ جو، حاصل ڪرڻ جو ۽ فتح پائڻ جو احساس هو جو مٿس ڇانئبو ويو. هو ايڏو جذباتي ٿي ويو جو خوشي ۾ روئي پيو.

پوءِ معاملو ٺيڪ هلڻ لڳو. امبر جي سڄي سرڪشي الائي ڪيڏانهن غائب ٿي وئي. هاڻي هو اهڙي غريب ٿي وئي هئي جو سندس هڪڙي ڪال تي ڊوڙندي ايندي هئي. حجاب ٽٽي ويا ۽ هو هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو اچي ويا جو ڪو پردو نه رهيو. کيس اندازو ڪو نه هو ته ايڏي سٺي شاعري ڪندڙ ماڻهو ايترو بدافعالو هوندو. مگر هو غلط هئي. کيس اهو پتو ئي نه هو ته آڱوٺي ڇاپ ماڻهو کان وٺي فلاسافر تائين جيڪو به مرد عشق ڪري ٿو سو ڪنهن نه ڪنهن لحاظ کان بدافعالو ضرور هوندو آهي. اها ته عورت آهي جا عيب لڪائي ٿي ورنه ميهار کان وٺي پنهون تائين سڀني عاشقن جو حال پورو سارو هو.

مگر هاڻي ڪجهه نٿي ٿي سگهيو، دير ٿي وئي هئي. هو ايترو اڳتي نڪري آئي هئي جو پوئتي هٽي نٿي سگهي. ڪڏهن ڪڏهن ناراض ٿيندي هئي يا رسامو ڪندي هئي ته ارباب هلڪو داٻو ڏيندو هو ۽ هو پرچي ويندي هئي. راتين جهڙيون راتيون ۽ ڏينهن جهڙا ڏينهن گذريا پي.

انهي دوران مٿس مائٽن طرفان شادي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌندو ويو. گهر ۾ ٻه ٻيون قران پڙهيل ننڍيون ڀيڻون پرائيويٽ بي اي پاس ڪري ويٺيون هيون. انهن کي به اٿارڻو هو. هو کيس لاڳيتو اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي شادي لاءِ چوندي رهي. مگر هن جو وس نٿي هليو، ڇاڪاڻ ته امبر کي ڪو جاب نه هو ۽ هن جو پگهار صرف ٽيهه هزار هو. هو ڀلي کڻي پاڻ تي ٽڪو به خرچ نه ڪري پر ايترن پيسن ۾ ٻيو گهر هلائڻ ناممڪن هو. هو تجربيڪار هو. کيس معلوم هو ته وسيلا نه هجن ته عشق جي راند جوئا جي بازي ٿيو وڃي. دائو لڳي ويو ته ٺيڪ، ورنه ماڻهو ماني جا پيسا به هارايو وڃي. هونئن به هو عشق کي سال کن بنا شادي جي هلائي ويو هو. سو نيٺ دل تي پٿر رکي امبر کي موڪل ڏنائين ته ڀلي وڃي مائٽن جي فرمانبرداري ڪري.

ان کان پوءِ هو اڳي وارو ارباب نه رهيو، سندس چلولايون ماضي جو قصو بنجي ويون.

اها شئي آفيس ۾ سڀني نوٽ ڪئي ته ڊيوٽي تي باقاعدي اچڻ لڳو هو، ڳالهائڻ دوران تسبيح ڦيريندو هو ۽ سڀني سان پنهنجائپ سان ملندو هو. اسٽاف وارا ان رويي تي خوش هئا ۽ تبصرا به پي ڪيائون. ڪن چيو ته محبوبه جي جدائي سندس سوچ کي بدلائي ڇڏيو آهي، ڪن جي راءِ هئي ته ذميدارين جو وزن پوڻ جي ڪري سنجيدهه ٿي ويو آهي. سادن ماڻهن جو البت خيال هو ته باقاعدي نماز پڙهڻ جي ڪري قلب ڦري ويو آهيس ۽ واپس چڱائي جي طرف آيو آهي.

سڌريو ته الائي ڇا جي ڪري هو پر اڄڪلهه هر ڪو مٿس اعتماد ڪندو هو. پوءِ ڪجهه اسٽاف وارن وي سي رکڻ جو ڪم مس شازيا کان وٺي هن جي حوالي ڪري ڇڏيو، ڇو ته هن وٽ اڳي ئي گهڻا ڪم هئا. آفيس ورڪ، پگهارون، وائوچر، رسيدون، يوٽلٽي بل ۽ انهن جي وقت سر ادائيگي، سڀ ڪجهه سندس بلي هو. اتي ٻيون مايون به ڪم ڪنديون هيون پر مس شازيا جو انداز ئي پنهنجو هو. هو جيتري خوبصورت ۽ باوقار هئي اوتري ذميدار ۽ سڀني جو خيال رکندڙ به هئي. وٽس ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هوندي هئي. ڪڏهن ڪنهن چوڪيدار، پٽيوالي کي اڌار سڌار جي ضرورت پئجي ويندي هئي، ڪڏهن ڪو درخواست لکرائڻ لاءِ پهچي ويندو هو ته ڪڏهن ڪو پنهنجي ٻار جي انگريزي سڌارڻ لاءِ مشورو وٺڻ هليو ايندو هو.

ڪجهه هفتن کان پوءِ ارباب کي احساس ٿيو ته هو به روز ڪو نه ڪو بهانو ڪري اچي وٽس ويهي رهندو هو ۽ پوءِ اٿڻ جي نه ڪندو هو. خبر ئي ڪا نه پئي ته هو الائي ڪڏهن کان کيس وڻڻ لڳي هئي. مائي جو رويو به ٺيڪ هو. هو سندس ادبي ذوق کي ساراهيندي هئي، شعرن تي واهه واهه ڪندي هئي ۽ دوستانه طريقي سان ملندي هئي.

ان صورتحال ۾ هن پنهنجي دل جي ڳالهه چوڻ جو فيصلو ڪيو پر تڪڙ ڪا نه ڪئي. ڪيترا ئي ڏينهن ويهي ٿڌي دماغ سان سوچيو ته ڳالهه کي ڪيئن رکڻو آهي، شروع ۾ ڇا چوڻو آهي، بعد ۾ ڇا چوڻو آهي ۽ جي هو انڪار ڪري ڇڏي ته پوءِ ڇا ڪرڻو آهي. هن هڪ هڪ تفصيل ذهن ۾ ويهاري، سڄو هوم ورڪ مڪمل ڪيو ۽ مناسب موقعي جو انتظار ڪرڻ لڳو.

هڪ ڏينهن جڏهن هو چانهه پي رهيا هئا ۽ ماحول وڻندڙ هو ته هن ميران ٻائي جا دوها ٻڌائيندي رومانٽڪ انداز ۾ چيو، ”ڪنهن کي ايترو سٺو به نه لڳڻ کپي جو اڳيون ماڻهو پرستار ٿي وڃي.“

مگر شازيا انهي ڊائلاگ کي اهميت ڪو نه ڏني، لاپرواهي سان رسمي شڪريو ادا ڪيو ۽ اٿي وئي.

هو اهڙي عورتن منجهان هئي جيڪي جتي به هجن، هر ڪنهن جي لازمي ضرورت بنجي وينديون آهن. گهر جي وهنوار کان وٺي آفيس جي ڪمن ڪارن تائين سڀ معاملا ۽ مسئلا سندن محتاج هوندا آهن. تعريف ٻڌڻ ۽ ماڻهن کي ڊيل ڪرڻ هن لاءِ روٽين هو، ڪا نئين شئي ڪا نه هئي.

پوءِ اهو سلسلو شروع ٿي ويو. ڪڏهن هو سنجيدهه ٿي ويندو هو ۽ ڪڏهن مذاق ڪندو هو. جيتوڻيڪ ظاهري طرح عام ڳالهيون ڪندو هو پر هو سمجهي ويندي هئي ته پنهنجي پيٽ جو سور اٿس. کيس خبر هئي ته نوڪري ڪندڙ سهڻين ماين سان جتي ڪٿي ساڳي ويڌن هئي. اهڙين شين کي هو سنجيدهه نه وٺندي هئي. مگر جيئن پوءِ تيئن کيس نظرانداز ڪرڻ مشڪل ٿيندو ويو. ڪالهه ته هن صفا ذاتي قسم جو ميسيج ڪيو ۽ ان ۾ گهڻو ڪجهه چئي ويو.

”ويندس يار مري تنهنجي درد فراق ۾...“

”سٺو شعر آهي،“ هن ڳالهه جو رخ موڙڻ لاءِ جنرلائز نموني جو جواب ڏنو.

ظاهري طرح ته هن محسوس ڪرڻ نه ڏنو مگر اندر ۾ خدشو ٿيڻ لڳس. هونئن ته هو امن پسند ۽ بي ضرر ماڻهو هو پر ان جي باوجود به خطرناڪ هو، ڇاڪاڻ ته هن وٽ پنهنجي لفظن تي عمل ڪرڻ جو حوصلو هو. سگريٽ ڇڏڻ جو چيائين ته ڇڏي ڏيکاريائين، شراب مان هٿ ڪڍڻ جي ڳالهه ڪيائين ته وري هٿ نه لاٿائين. آفيس ۾ پابندي سان اچڻ جو واعدو ڪيائين ته پاري ڏيکاريائين. هاڻي هن جي پويان لڳو آهي ته سولائي سان پيڇو نه ڇڏيندو، ماڳهين خوار نه ڪري وجهي! انهي کٽڪي جي ڪري هو سندس اڃا وڌيڪ خيال رکڻ لڳي.

هو به سندس عزت ڪندو هو ۽ پنهنجي روين ۾ انتهائي مهذب هو.  مگر آفيس ۾ اٿندي ويهندي، ڪمن ڪارن ۽ واندڪاين دوران جتي به ڪو مناسب موقعو ملندو هو، اتي هو مختلف طريقن سان پنهنجي آرٽسٽڪ اسٽائل ۾ پيار جو اظهار ڪندو هو ۽ هو به پنهنجي مخصوص انداز ۾ کلي ٽاري ڇڏيندي هئي. سندس کلڻ سان هن جو من وڌي ويندو هو ۽ سوچيندو هو آخر ڪيترا ڏينهن بهانا ڪندي!

معاملي کي اهڙي نموني هلندي ڇهه مهينا ٿي ويا هئا پر اڃا ڪو کڙ تيل ڪو نه نڪتو هو. اهو ايترو مناسب عرصو هو جو هڪ هڪاڻي ٿيڻ گهربي هئي. اڄ موقعو سٺو هو. ويڪ اينڊ جي ڪري سڀني کي وڃڻ جي تڪڙ هئي. جن جا گهر ويجها هئا اهي نماز کان پوءِ روانا ٿيا ۽ جن جا ڳوٺ پري هئا سي ٿيلها کڻي سويري ئي نڪري ويا هئا. بلڊنگ ۾ ڪير نه هو، چوڪيدار به شام تائين جي موڪل وٺي ويو هو.

وڏي گيٽ کي هن اندران تالو لڳائي پنهنجي هٿ سان بند ڪيو.

کيس مس شازيا جي عادت جي خبر هئي، هو پنهنجو ڪم ختم ڪري دير سان اٿندي هئي. هو سندس روم ۾ گهڙيو ته ان مهل به ٽائپ ڪري رهي هئي.

”توهان اڃان ويا ڪو نه آهيو؟“ هن ڪنڌ مٿي کڻڻ کان سواءِ پڇيو.

”جنهن جو سڀ ڪجهه هتي آهي، اهو ڪيڏانهن ويندو!“ سامهون واري ڪرسي تي ويهندي هن جواب ڏنو.

اهو جملو ايڏو غيرمتوقع ۽ سڌو هو جو هو حيران ٿي سندس منهن ڏي نهارڻ لڳي. ڪجهه گهڙيون خاموشي ڇانئجي وئي.

”آءِ لو يو،“ هن سندس اکين ۾ اکيون وجهندي، انتهائي اشرافت سان چيو.

سندس لهجي ۾ محبت جو دريا ڇوليون هڻندي صاف نظر اچي رهيو هو. مگر اڳيان به مس شازيا هئي جنهن لاءِ مشهور هو ته اهڙي مضبوط خاتون آهي جو پاڻي ۾ اڇلايوس تڏهن به ڪپڙا نه پسڻ ڏي! هن پنهنجي طرفان گهڻو ئي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هي نه سڌريو هو، هاڻي کيس سڌيون ٻڌائڻيون هيون.

”پيار ڪرڻ کي هابي نه ٺاهڻ گهرجي،“ هن رکائي سان چيو

اشارو سندس ماضي جي عشقن ڏانهن هو. انهي تي هو ڦڪو ٿيڻ جي بدران ٿورو جذباتي ٿي ويو.

”آئون غلط ماڻهو ناهيان، لالچي ناهيان. مون افروز سان سچو پيار ڪيو، امبر سان سچو پيار ڪيو ۽ اوهان سان به سچو پيار آهي.“

”توهان کي سچي پيار جي عادت آهي،“ هن سامهون کان ليپ ٽاپ هٽائيندي شوخي سان چيو.

انهي ٽوڪ تي کيس چڙ اچي وئي پر هن ظاهر ڪو نه ڪئي. کيس خبر هئي، ماين ۾ هڪڙي عادت هوندي آهي ته محبت ۾ پنهنجي تي اچن ته دريا ٽپي وينديون، ورنه پاڇولي کان پيون ڊڄنديون آهن. هن کي اهو ڊپ ختم ڪري ستل محبت کي جاڳائڻو هو. هڪڙي دفعا برف ٽٽي وئي ته پوءِ ڪم هلي پوندو. کيس پنهنجو موقف طاقتور نموني پيش ڪرڻ گهرجي.

”سچي ٻڌايان... گهڻو ئي دل کي سمجهايم پر توهان کان سواءِ زندگي اڌوري آهي.“

مگر شازيا بردبار ڇوڪري هئي، هن کي اهو مسئلو اهڙي نموني خاموشي سان حل ڪرڻو هو جو ٻين کي خبر نه پوي. هن سادگي سان جواب ڏنو ته کيس ايترا ڪم، مسئلا ۽ مجبوريون هيون جو شادي لاءِ ته سوچيو ئي ڪو نه هو.

”شادي جو ڪير ٿو چوي، آئون ته پيار ٿو گهران توهان کان،“ پوءِ ڌمڪي واري انداز ۾ چوڻ لڳو، ”جي مون کي ڪجهه ٿي ويو ته ان جي ذميدار به تون ٿيندين.“

مس شازيا هڪ ڊگهو ساهه کنيو، اٿي ٿرماس مان پاڻي جو گلاس پيتو ۽ وري کيس سمجهائڻ لڳي.

”آئون شريف ڇوڪري آهيان، مائٽن جي عزت آهي. دوستي جي هڪ حد ٿيندي آهي. منهنجي دل ۾ توهان لاءِ صرف احترام آهي، محبت ناهي...“

هو الائي ڪيتري دير ڳالهائيندي رهي. سڀ ڇوڪريون ائين ئي چونديون آهن. هو اهي بهانا ٻڌي ٻڌي ڪڪ ٿي پيو هو. کيس ڪاوڙ اچي وئي. هاڻي فيصلو ڪرڻ جو وقت اچي ويو هو. پوءِ آر ٿئي يا پار!

”آخري دفعا چوان ٿو لاهين ٿي ڪپڙا يا کايان زهر؟“ هن شيشي جو ڍڪ کوليندي هن چيو.

 

husainkapri@yahoo.com

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment