شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

جوڳي جاڳايوس


شام 06 لڳي 41 منٽ -سومر 16 آگسٽ 2021  126 
image-1

هڪ اڌڙوٽ عمر جو جوڳي، جنهن کي استري ڪيل گيڙو ويس، ٻانهه ۾ واچ ۽ آڱر۾ سوني منڊي پاتل هئي، بازار جي چوڪ ڏانهن وڃي رهيو هو.

رستي جي ٻنهي پاسن کان مختلف قسم جي دڪانن جون قطارون هيون.ايڪڙ ٻيڪڙ گراڪدڪاندارن سان خريد فروخت،ڇڏ ڇوٽ ۽ جوڙ توڙ ۾ مصروف هئا. گاڏن وارا ڀاڄي، ميوات ۽ٻيو وکر وڪڻڻ لاءِ هوڪا ڏيئي رهيا هئا. هوٽلن جي بينچن تي ويٺل واندا ماڻهو چانهه جي چسڪي تيهڪ ٻئي سان اوڀاريون لهواريون ڪري رهيا هئا.

هو اهو سڄو لقاءُ دلچسپي سان ڏسندي آيو.

 اوچتو سندس نظر وڻ جي هيٺان ستل ماڻهو تي پئي. ٿڌي هوا لڳي رهي هئي، آسمان جهڙالو هو ۽ ڪچڙي منجهند جو ٽاڻو هو.هي وقت سمهڻ جو نه هو. جوڳي کيس جاڳائڻ لاءِ پهرين صدا هنئي پر هو ڪو نه جاڳيو. پوءِ مرليون وڄايون، هن تي اثر نه ٿيو! نيٺ بيزار ٿي هيڏانهن هوڏانهن نهاري، پنهنجي گودڙي مان پستول ڪڍي سندس ڪن جي ڀرسان هوائي ٺڪاءُ ڪيو!

هوڇرڪ ڀري اٿي ويهي رهيو.

”اهڙي ڪهڙي قيامت اچي وئي جو تو منهنجي ننڊ ڦٽائي آهي؟“ اکيون مهٽيندي هن پڇيو.

ٺڪاءُ تي ماڻهن ڪنڌ ورائي ڏٺوپرهوائي فائر ڪرڻ ايترو عام هو جو ڪنهن ان کي اهميت ڪو نه ڏني ۽ وري پنهنجي ڪمن ۾ لڳي ويا.

”سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملندو، اٿي چرخو چور!“ جوڳي پستول واپس گودڙي ۾ رکندي جواب ڏنو. سندس چهري تي اهڙي تسڪين هئي جهڙي ڪنهن شريف ماڻهو کي زوري ٻانهن ۾ جهلي نصيحت ڪرڻ سان ملندي آهي.

چوڪيدار کي تمام گهڻي ڪاوڙ هئي، هنڏانهس نهاريو.ظاهري طرح هو سکيو ستابو ۽معزز قسم جو جوڳي لڳي رهيو هو.انهي جاءِ تي ڪو عام فقير هجي ها ته هو وڙهي پوي ها مگر هن سانجهيڙو نٿي ڪري سگهيو. تڏهن به احتجاج ڪندي چيائين، ”آئون پنهنجا ڪمڪريان يا تنهنجو چرخو چوريان. اڙي ظالم جوڳي توکي خبر ناهي ته آئون چوڪيدار آهيان، سڄي رات جاڳي پهرو ڏيان ٿو، هينئر اک لڳي هئي جو تو هي قهر ڪري ڇڏيو.“

جوڳي ڪجهه گهڙيون ته اهڙو ڪڇي جهڙي ڀت! کيس پنهنجي سنگين غلطي جو احساس ٿي ويو ته هن غلط شخص کي، غلط وقت تي جاڳائي وڌو هو مگر هو پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ نه سکيو هو. سوڳالهه رکڻ لاءِ وضاحت ڪندي چيائين،”ماڻهن کي غفلت جي ننڊ مان اٿارڻ منهجو فرض آهي.“

اهوصحيح آهي ته جيڪي ماڻهو فرضن جو ٺيڪو کڻي ٻين کي سڌارڻ نڪري پوندا آهن تنهن سانکين اخلاقي برتري جو احساس ٿيندو آهي. پر ان سڌاري جي جوش ۾ فائدي بدران نقصان ڪري وجهندا آهن.

”مگر تو ته منهنجو هينئون ٿي ڦاڙيو!“ چوڪيدار پنهنجي دل تي هٿ رکندي، رئڻهارڪي لهجي ۾ چيو.

 جوڳي سمجهي ويو ته کانئس طريقه ڪار ۾ به زبردست غلطي ٿي هئي، کيس جاڳائڻ لاءِ ڪو وڌيڪ فضيلت ڀريو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي ها! هي علائقو به فضيلت ڀريو ۽ سکيو ستابو هو. ڌڻي تعاليٰ هتان جي واسين کي دنيا جي هر نعمت سان نوازيو هو. ماڻهو مال ملڪيت، ڀريا تريا گهر، معصوم ٻارڙا، ڪونج جهڙيون زالون، ابن ڏاڏن جي عزت ۽ پنهنجي جان جهڙيونقيمتي شيون چوڪيدار جي ڀروسي تي ڇڏي، چور چڪار، لوفر لنب کان بي اونا ٿي مٺي ننڊ سمهي رهندا هئا.

چوڪيدار ته ذميدارين جي جبل هيٺان دٻيل هو. کيس سڄي رات جاڳي پهرو ڏيڻو هو تنهنڪري ڏينهن جي ننڊ هن لاءِ ڪيڏي قيمتي هئي تنهنجو احساس جوڳي کي نه هو. هونئن ته هو وڏو رول ماڻهو هو مگر کيس خبر نه هئي ته مٺي ننڊ جو پنهنجو مزو هوندو آهي. انهي ننڊ مان ڪنهن کي جاڳائڻ تي جيڪا تڪليف ٿيندي آهي ۽ ڪاوڙ ايندي آهي سا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.

 جوڳي ۽ چوڪيدار جي منهن ماري وڌي ته ان ۾ آهستي آهستي رونشي خاطر ٻيا ماڻهو بهشريڪ ٿي ويا.

”جي هي سمهندو نه، ته جاڳي پهرو ڪيئن ڏيندو؟“ جوڳي کي پاڙي جي هڪ معزز ماڻهو چيو، جيڪو پاڻ به ننڊ جون گوريون کائيندو هو ۽ هاڻي ڳالهائڻ ۾ پيش پيش هو.

جوڳي وٽ انهي سوال جو جواب نه هو. مگر انهي ۾ هن جو ڏوهه به ڪونه هو.هوٻهراڙي جو ماڻهو هو، ڌڪا ٿاٻا کائي پڙهيو هو۽ اهڙن معاملن جو تجربو نه هئس. هناهو سڀ نيڪ نيتي سان ڪيو هو جيڪا هاڻي گلي پئجي وئي هئي.

هو ڪو اصلي جوڳي به ڪو نه هو پر واندڪائي ۾ جوڳين وارو روپ اختيار ڪري صوفين تي ريسرچ ڪري رهيو هو. کيس ريسرچ جي طريقي جي خبر نه هئي، تڏهن به پنهنجي حال سارو ڪيل تحقيق مان اهو نتيجو ڪڍيو هئائين ته صوفين واري زماني ۾ هر ڪو ستو پيو هوندو هو. چرخو رليو پيو هو،ڪتڻ وارو ڪو ڪو نه هو. ان دور جا قصا ٻڌي هن کي لڳندو هوته سڀني ماڻهن جي ننڊ ڪنهن پڙهي ڇڏي هئي!

کيس ان ڳالهه جي خبر نه هئي ته تڏهن جوڳي الهه لوڪ، نيت جا صاف ۽ سادا ماڻهو هوندا هئا. پنهنجو نفس ماريندي ماريندي کين پرايو سک ڦٽائڻ، خوابن کي چڪنا چور ڪرڻ ۽ ڪچي ننڊ مانپٽي اٿارڻ جي عادت پئجي ويندي هئي!

جوڳي کي ماٺ ڏسي هڪڙي رٽائرڊ جمعدار داٻي سان چيو، ”تون ڪهڙو جوڳي آهين جو گودڙي ۾ پستول کڻيو پيو هلين؟“

هن بدامني ۽ ماراماري واري دور ۾ هٿيار رکڻ تي اعتراض ته ڪو بيوقوف ماڻهو ئي ڪري سگهيو ٿي. پر جوڳي کيس تحمل سان جواب ڏنو، ”استاد مون کي موڪلائڻ مهل مرلي ۽ جان بچائڻ لاءِ هي هٿيار ڏنو هو،باقي ليسن مون پاڻ ٺهرايو.“

انهي دوران جوڳي کي پنهنجيگهر جو خيال آيو جتي سندس زال روز جا ڪم اڪلائي، منهن کي ڇنڊو هڻي، ڦڻي ڏئي، مڙس جي استقبال جي تياري ڪري رهي هئي. هن بستري مان گهنج ڪڍي ان کي ٺاهي وڇايو هو ۽ دروازي تي ڪڙو وڄڻ جو انتظار ڪري رهي هئي. مگر جوڳيماڻهن جي سوالن ۾ اهڙو ڦاٿو هو جو واپس گهر نٿي وڃي سگهيو. هن جي حالت همدردي لائق ٿي وئي هئي. سوال ڪندڙ گهڻا ۽ تازهه دم هئا، جواب ڏيندڙ هڪڙو ۽ ٿڪل هو، تنهنڪري صفا ڪڪ ٿي پيو هو.

”اڄڪلهه جا جوڳي سست ۽ ٽوٽي ٿي پيا آهن. مرلي رکن ٿا پر نانگ ڪونه اٿن!“ پاڙي جي هڪ نيڪ مرد چيو. عملي لحاظ کان اهو اعتراض ايڏو وزندار هو جو بيٺل ماڻهو سندس ها ۾ ها ملائي ڪنڌ لوڏڻ لڳا.

مگر جوڳي به سڙيو ويٺو هو، سو چيائين، ”انهي ۾ اسان جوڳين جو ڏوهه ناهي، ڇو ته نانگ ته سڀ شريف ماڻهن پنهنجي آستينن ۾ لڪائي ڇڏيا آهن!“

اهو جواب ٻڌي ماڻهو هڪ ٻئي جو ٻوٿ نهارڻ لڳا.

 چوڪيدار ماڻهن کي جو ائين ککو وکو ٿيندي ڏٺو ته سمجهي ويو ڳالهه مزو ڇڏي وئي آهي. هو کين سندن حال تي ڇڏي اتان کان کسڪي ٿورو پرتي هڪ بند پيل گيراج جي ڇپري هيٺان خاموش جاءِ ڏسي ٽوال اوڍي ليٽي پيو.

هو خوش نصيب ماڻهن بابت سوچڻ لڳو. مسافر بسن ۾ جهوٽا کائيندي پرائي ڪلهي تي مٿو رکي سمهيو رهن، صاحب آفيسن ۾ ڦرڻين ڪرسين تي اٻاسيون ڏينديننڊ پئجو وڃن، اسيمبلي جا ميمبير هلندڙ اجلاسن ۾ خواب خرگوش جا مزا وٺن.ايڪسپريس گاڏين جي ڊرائيورن جي به اک لڳيو وڃي. فقير فقرا، موالي حوالي، جن بشر ننڊون ڪن. ننڊ لاءِ ته گهر تڙ جي به ضرورت ڪونهي ماڻهو فٽ پاٿن، ريل گاڏين جي پليٽ فارمن تي مسئلن کان بي خبر ٿي سمهيو رهن. دنيا ۾ لکين ڪروڙين ماڻهو ستا پيا آهن، هرڪو سمهڻ جا مزا وٺي ٿو. انهن کي ڪير ڪو نه اٿاري. آخر چوڪيدار ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ڊيوٽي تي نه هئڻ باوجود به ننڊ لاءِ سڪي ويو آهي؟ کيس پنهنجو پاڻ سان همدردي ٿيڻ لڳي.

چوڪيدار جي زندگي جو دستور ٻين کان نرالو آهي، جڏهن لوڪ سمهي ته هي جاڳي ٿو. کيس انهن انڌنماڻهن تي رشڪ اچڻ لڳو جن اکيون ته وڃايون پرننڊ جا مزا دل کولي ورتا! برابر نور دنيا جي ٻين سڀني ماڻهن لاءِ سوجهرو آهي پر چوڪيدارن لاءِ نه. اهو سوچيندي سوچيندي هلڪي هوا ۾ سندس ڇپر ڳرا ٿيڻ لڳا. اڃا ننڊ آئي گهڙي کن مس گذري هئيجو مٿان اچي چارڻ چوريو چنگ!

چارڻ هڪ قداور ۽ بت ۾ ڀريل شخص هو جنهن کي منهن تي وڏيون مڇون ٺهيون ٿي. مگر اهي مڇون هن پاڻ کي نٿي وڻيون. چانهه پئي ته ڪوپ ۾ پسيو وڃن، سگريٽ دکائي ته لهس اچيو وڃي، ٻار هنج ۾ کڻي ته پهرين هٿ مڇن ۾ وجهي! مڇون رکڻ، سنڀالڻ ۽ تاتڻ ڪو سولو ڪم نه پر فل ٽائم جاب آهي. تڏهن ته انگريز سرڪار فوج ۾ ”مڇ الائونس“ ڏيندي هئي. انگريز ته خير ويو هليو مگر ثقافت کاتي ۾ اڃا به اهڙا ڪلين شيو ڪامورا ويٺا آهن جيڪي مڇ، ٽوپي ۽ اجرڪ جو قدر ڪن ٿا. هو به ثقافت کاتي کان ملندڙ وظيفي جي چڪر ۾ چنگ وڄائي رهيو هو. دنيا ۾ سٺا ساز ٻيا گهڻا ئي پيا آهن پر وڄائڻ ڏکيا آهن. چنگ وڄائڻ سولو آهي مگر مسئلو اهو آهي ته ان کي ڪير ٻڌي ڪو نه. انهي ڪري هوهميشهه ڪو غريب ماڻهو ڳولي ان جي اڳيان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو.

اڄ هي ننڌڻڪو چوڪيدار اڪيلو نظر اچي ويس ته ٽڙي پيو. اهڙو بل ته هن ڳوليو پئي، هڪدم قميض جي پاسي واري کيسي مان چنگ ڪڍي ان جي اڳيان وڄائڻ لڳو.

هن کي جيڪي به وڄتون، لهرا۽ آلاپ ياد هئا سي هڪ ٻئي پويان ڇيڙيندي ويو. مگر چوڪيدار ڇا سمجهي انهي بي وقت جي راڳڻين مان! هن جي راڳ ساز جي سمجهه۽ موسيقي جو شوقڪڏهن به سيٽي وڃائڻ کان اڳتي وڌيو ئي ڪونه هو! سندس ننڊ ڦٽي وئي هئي. ڪياڙي وٽان ڪن جي پاپڙي ڀرسان هلڪو سور آهستگي سان مٿي چڙهڻ لڳو. هو سمجهي ويو ته هي اهو ساڳيو پراڻو اڌ مٿي جو سور آهي جيڪو هڪ دفعو چڙهيو ته پنج ڏينهن کان پهرين ڪو نهلهندو! اهو سور اهڙو ته شديد هوندو هوجو مغز کي ذري گهٽ ٻه اڌ ڪري ڇڏيندو هو.

چارڻ صاف دل ماڻهو هو ۽ پنهنجي ليکي چڱائي ڪري رهيو هو. ساز تي سجاڳ ڪرڻ ڪنهن به ماڻهو کي هڪ وڏو سکڏيڻ هو. اها عياشي پراڻي زماني ۾ صرف شهزادن لاءِ مخصوص هئي جن کي سندن خوابگاهن مان جاڳائڻ لاءِ مڌر سرن جو سهارو ورتو ويندو هو.

مگر چوڪيدار لاءِ ته اهو کِٽراڳ عذاب هو. اوجاڳي، ڪاوڙ ۽ مٿي جي سور جي ڪري،سندس حالت اهڙي ٿي وئي هئي جو هوچارڻ سان ڪو ڊگهو بحث نٿي ڪري سگهيو.سندس وات مان بس ايترو نڪتو، ”اڙي جند ڇڏ يار، مون کي ننڊ ڪرڻ ڏي!“ ائين چئي هو اٿيو۽ ڪجهه پريان نم جي ڇانو ڏيوڃڻ لڳو.

چارڻ آرٽسٽ ماڻهو هو کيس پنهنجي فن جي بيقدري تي ڏک ٿيو. چوڪيدار جي اهڙي نموني ڇڙٻ ڏئي اٿي وڃڻ تي ڪاوڙ به گهڻي آئي، سو کيس پويان سڏ ڪري چيائين، ”سمهين ٿو ته ڀلي سمهه، پر اهو ٻڌائي ڇڏيانءِ ته اڃا پويان اهو همراهه به اچي پيو جنهن ڪلهي پاتو ڪينرو آهي!“

 اهو ٻڌي چوڪيدار کان امالڪ رڙ نڪري وئي، ڏڪندي ڏڪندي وڃي زمين تي ڪريو ۽ بيهوش ٿي ويو!ماڻهن ڊوڙي اچي پاڻي جا ڇنڊا هڻي اٿاريس. اکيون ته پٽيائين پر ڪنڌ نه جهلي سگهي۽ وڦلي، ”هاڻي پاڻ به لت کوڙي سمهي رهنداسين جيڪا ڀينگ ٿيڻي آهي سا ڀلي ٿي وڃي!“

husainkapri@yahoo.com

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment