شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

باگڙي جو ٻار


شام 03 لڳي 20 منٽ -خميس 09 مئي 2019  108 
image-1


جانو حجام جي دڪان تي اوچتو گوڙ مچي ويو، ڪئبن وارو لکُو تڪڙو تڪڙو دڪان تي پهتو، هوٽل جو بيرو شفن چانهه جا خالي ٿانوَ ڇڏي دڪان ڏانهن مڙي ويو، کمون درزي ۽ ٻيا دڪان تي پهچي ويا.

”ڇا ٿيو... ڇا ٿيو؟“سڀئي پڇڻ لڳا.

”ڇا ٿيو؟ بي غيرت ڪنهن جاءِ جو، ڏسو ته سهي هاڻي ڪيئن بيٺو آهي. ڪميڻو ڪٿان جو، هي وٺ رنڊيءَ جا پٽ....“ جانو حجام گهروڙي ڀونڊو ٻار جي منهن ڏانهن ڪيو ۽ فرش تي ٿڪيو. جانو جو منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. چپ رڦڻ لڳا. اکين ۾ ڄڻ ته رت لهي آيو هو.

”پر ٿيو ڇا آهي؟“ سليمان کير واري پڇيو.

”ڇا ٿيو آهي. مار پوي ڪميڻا هڪ ته نالا اهڙا ٿا رکن جو انسان دوکو کايو وڃي. هي وٺ تنهنجي منهن تي مادر.... چ.... هي وٺ ٻيو پڻهين کي ڏجانءِ.“ جانو ڪاوڙ ۾ ڏڪي رهيو هو

ان اتي ئي ڊنل ٻار کي وري ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيون. هن وڌيڪ مارڻ ٿئي چاهيو پر رشيد حلوائي جهلي ورتس.

”ڇڏ ٻار آهي ويچارو“ رشيد چيو

”پر هن ڪيو ڇا آهي؟ چوري ڪئي اٿس ڇا؟“ خيرو ڀاڄي واري پهرين جانو حجام کان پڇيو. پوءِ وري ٻار کان پڇيو. ٻار نهڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو، هو ڊپ وچان ميڙ ۾ بيٺل هر ماڻهو کي ڏسي رهيو هو. هن کي لفظ نه ملي رهيا هئا.

”اڙي خيرو ڀيڻ جو.... چوري ڪري ها ته ڏک نه ٿئي ها، مون کي ڪهڙي خبر... ڪتاب هٿ ۾ ڏٺم ته سمجهيم ويچارو شاگرد آهي. هي ماءَ جا..... پڙهن به ٿا، هي وٺ تنهنجي منهن تي پنج....“

ٻار منهن لڪائي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو.

جانو جي وات مان گگ وهڻ لڳي.

”اڙي ڏسي ڇا رهيو آهين حرامي.... تنهنجي ماءَ کي... نڪر منهنجي دڪان مان نه ته سڀئي ڪچو... ويندا. نڪر..... بي غيرت جا اولاد..... وري هتي نظر آيو آهين ته پاڪي ڳلي تي ڦيرائيندس. حرامي نطفو.“

مولو کي هڪ لمحي لاءِ ٻار تي قياس اچي ويو، ان موقعو ڏسندي ئي ٻار کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هٿ جهليو.

”وٺ پٽ ڪتاب ۽ هاڻ هليو وڃ هتان جلدي“

”جانو ادا هاڻ ته ٻڌائي ٿيو ڇا؟ پوليس کي فون ڪريون“ ڪنهن چيس.

”پوليس اچي ڪهڙو منهنجو منهن ڪارو ڪندي، آئون ٻڌايان ٿو.“

ٻار کي ٻانهن کان جهليل مولو هڪ لمحي لاءِ بيهي رهيو.

”ٻڌائي ٻڌائي“ ٻن ٽن گڏجي چيو.

”ڪميڻو سنوارت لاءِ آيو. مون رڳو نالو پڇيو ته چيائين ڪبير نالو آهي. جڏهن مون وارن جي سنوارت ڪري ورتي ته بي غيرت ٻڌايو ته آئون باگڙي آهيان. مون کي اڳ ۾ ٻڌائي ها ته آئون هن لعنتي ڪافر جي نه سنوارت ڪريان ها ۽ نه ئي پنهنجو روزو مڪروه ڪريان ها. افطار وارو سامان به اڃا پيو آهي.“

اها ڳالهه ٻڌندي ئي مولو جي بدن ۾ باهه لڳي وئي.

”هڪ ته اهي ڪميڻا مهانڊن مان به نٿا سڃاپجن. ته سؤر جو اولاد ڪافر آهن يا....“ مولو جي وات مان جملو نڪتو ۽ ٻار کي زور سان ڌڪيندي دڪان مان ٻاهر وٺي آيو. سموري طاقت سان پٺيءَ تي ڌڪ وهائي ڪڍيائين ٻارڙو پاڻ سنڀالي نه سگهيو ۽ روڊ تي ٻار جي ننڍي وجود سان سڀئي ڪتاب وکري ويا.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment