شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 19 - سيپٽمبر - 2021ع

آگ اُلا ٿي ڀڙڪون


شام 03 لڳي 11 منٽ -سومر 28 جون 2021  222 
image-1

ميڊم زينب سان منهنجي ملاقات يونيورسٽيءَ ۾ ٿي. ڪلاسن جي موڪل ٿي وئي هئي. ٽپهريءَ جو ٽاڻو هو، گهڻا ماڻهو هليا ويا هئا پر هوءَ اڃا پنهنجي آفيس ۾ ڪم ڪري رهي هئي. آئون “سورمين سٿ” ميگزين لاءِ سندس انٽرويو وٺڻ آيو هئس. ڏسڻ ۾ هوءَ هڪ ملوڪ، سنجيده ۽ باوقار خاتون لڳي رهي هئي.

تعارف کان پوءِ مون چيو،“اسان هر مهيني ڪنهن اهڙي نمايان شخصيت جو پروفائيل هلائيندا آهيون، جنهن پنهنجي شعبي ۾ صلاحيتن کي مڃرايو هجي.”

 هُن هلڪي نموني ڪنڌ لوڏيو، ٻه رسمي جملا چپن ۾ چيا پر پنهنجي اڳيان کليل فائيل مان اکيون نه ڪڍيون. ٻيو ڪو ماڻهو هجي ها ته ائين نظرانداز ٿيڻ تي اُٿي وڃي ها پر آئون ويٺو رهيس. منهنجي ڪم جي نوعيت اهڙي آهي جو ڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي رُکائي کي به برداشت ڪرڻو پوي ٿو.

”توهان پنهنجو خيال ئي نٿا رکو. ايترو ڪم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.“

خواتين سان حجت ڪرڻ واري اِها عادت مون کي رسالي ۾ ڪم ڪرڻ دوران پئي هئي. انهي سان ڪو ٻيو فائدو نٿو ٿئي پر رسمي ڳالهين جي بوريت ضرور ختم ٿئي ٿي.

”مان گهڻو ڪم ڪريان ٿي، ان جو اندازو توهان کي پهرين ملاقات ۾ ڪيئن ٿي ويو؟“

منهنجي ڳالهه ۾ لڪل تعريف واري پهلو کي نظرانداز ڪري هن الٽو سوال ڪري وڌو.

سوال ڏکيو هو، ٻيو ڪو هجي ها ته ڦاسي پوي ها پر آئون جواب تيار ڪريو ويٺو هئس. مون چيو ڪو به ماڻهو محنت کان سواءِ هيڏي وڏي حيثيت کي پهچي نٿو سگهي. منهنجي لهجي جي اعتماد کيس يقين ڏياري ڇڏيو ته مسڪو نٿو لڳائي پر سچي ڳالهه پيو ڪري. سندس چهري تي ڪوملتا جون ريکائون پکڙجي ويون، هوءَ ريوالونگ چيئر کي ٽيڪ لڳائي ريليڪس ٿي وئي.

پوءِ آئون الائي ڪهڙا ڪهڙا سوال پڇندو ويس ۽ هوءَ جواب ڏينديوئي، کُلندي وئي.

خبر ناهي ڪنهن چيو ته دنيا جي سڀني سهڻين جي پهرين خاصيت سادگي آهي. پر هُن جي سادگي اهڙي هئي جو دل چيو هيترا ڏينهن ڪٿي هئين يار!

انٽرويو ختم ڪري اُٿڻ مهل مون آئيندي رابطي ۾ رهڻ جو بهانو ٺاهي کانئس فون نمبر وٺي ڇڏيو.

اُن دوران ٻيا سڀ روٽين جا ڪم هليا پي پر مزو نٿي آيو. واندڪائيءَ ۾ دل ته گهڻئي چيو پر مون پاڻ کي فون ڪرڻ کان روڪي رکيو. ٻن هفتن کان پوءِ سندس انٽرويو ڇپجي ويو ته ميگزين جي ڪاپي ڏيڻ بهاني وري سندس آفيس ويس. کيس ٻڌايم ته کانئس ورتل انٽرويو تي ايڏو زبردست ريسپانس مليو جو سڀ حيران ٿي ويا. مگر انهي ڳالهه جو مٿس اثر ئي ڪو نه پيو. هن کي ته بس فيمينسٽ ڪاز سان دلچسپي هئي.

”مان چاهيان ٿي خواتين ڏي اهو پيغام وڃي ته هوءَ محنت سان مٿي اچي سگهن ٿيون ۽ مردن سان مقابلو ڪري سگهن ٿيون.” هُن ٽيبل تي پيل ڪاغذن کي پنهنجي سامهون کان هٽائيندي چيو.

“مقابلو ته ٺيڪ آهي پر جي مردن خلاف ڪڏهن جنگ وڙهڻ جو ارادو ٿئي ته هڪل ڪجئو، توهان جي ڪمان هيٺ اڳين صفن ۾ وڙهنداسين.“ ماحول جي سنجيدگي ٽوڙڻ لاءِ مون چيو.

مگر کِلائڻ جي اِها ڪوشش ناڪام ٿي وئي.

”ڪمانڊر پويان هوندو آهي.“ منهنجي درستگي ڪندي هن چيو، ”اڳين صفن ۾ پيادا وڙهندا آهن، جيڪي اڪثر ڪري جنگ جو نتيجو ڏسڻ لاءِ زندهه نه بچندا آهن.“

آئون اُن عورت سان ڳالهائي رهيو هئس جا فزڪس ڊپارٽمنٽ جي سڀ کان ذهين خاتون هئي. هيڏانهن اچڻ مهل ذهني طرح اڳواٽ اهڙن جهٽڪن لاءِ تيار هئس پر ان جي باوجود اِها ڳالهه ٻڌي منهنجو مُنهن لهي ويو.

پوءِ شايد دلداري ڏيڻ لاءِ چوڻ لڳي،”عورتن جي حقن لاءِ ميگزين ٺيڪ آهي پر آئون ان ۾ توهان جون تحريرون ڳولي پڙهندي آهيان. ڊارڪ هيومر کلندي کلندي اداس ڪريو ڇڏي.“

منهنجي لکڻ تي دوست چرچو ڪندا آهن ته تون وڃي اسٽامپ وينڊري ڪر، ادب تنهنجي وس جي ڳالهه ناهي. مون سوچيو شايد هيءَ به ٺٺولي پئي ڪري. منهنجي اکين ۾ بي اعتباريءَ جي جهلڪ ڏسي هن ٽيبل جو خانو کولي ان مان منهنجو اڪيلو شايع ٿيل ڪتاب ڪڍي ڏيکاريو جنهن جي ڪيترن ئي صفحن تي جملا ۽ پيراگراف انڊر لائين ٿيل هئا! خبر ناهي ڪڏهن کان منهنجون تحريرون پڙهي رهي هئي! مون اندازو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ائين ڇو آهي. جيئن ڪو ڳائڻو سڄي محفل کي نه وڻندو آهي پر هڪڙو ماڻهو نشي ۾ پيو، ان تي نوٽ اڇلائيندو آهي، هتي به شايد اهو ئي لقاءُ هو. مگر اهو سمجهه ۾ نه پئي آيو ته کيس ڇا جو نشو هو. سونهن جو، علم جو، حيثيت جو يا ٽنهي جو!

 ڪجهه به هجي، سندس ڳالهه ٻڌي منهنجو من وڌي ويو. الائي ڪيتري وقت کان دل ۾ پيل جملو زبان تي اچي ويو،“سچي ٻڌايان، آئون لکندو ئي توهان کي امپريس ڪرڻ لاءِ آهيان.”

 چمچي سان کنڊ ملائيندي سندس هٿ هٻڪيو، ٿوري چانهه ٽيبل تي هارجي وئي. هڪ اڻوڻندڙ خاموشي ڇانئجي وئي. مون شرڙ شرڙ ڪري پنهنجو ڪوپ ختم ڪيو۽ بنا موڪلائڻ جي هليو آيس.

واپسيءَ ۾ هورا کورا هئي دل ۾ ته خبر ناهي مائي ڪيترو خراب محسوس ڪيو هوندو. آئون ڪيتري وقت کان سندس پويان هئس. ڪيتريون اٽڪلون سٽڪلون ڪري ويجهو پهتو هئس. اڄ تڪڙ ڪري ويس. سڀ محنتون برباد ٿي ويون.

ٻئي ڏينهن شام جو هن ٽيڪسٽ ڪري ريسٽورانٽ ۾ گهرايو. آئون ائين ويس جيئن شريف ماڻهو ٿاڻي تي ويندا آهن ۽ ويهڻ شرط معذرت خواهانه لهجي ۾ چيم،”مون ڪا مرد قلندر واري ڳالهه ڪانه ٿي ڪئي. بس واتان نڪري ويو.“

هوءَ کِلي پئي، شايد منهنجي نروس لهجي جي ڪري.

”وضاحت پيش ڪرڻ جي ضرورت ناهي.جيڪو توهان نه چيون اهو به سمجهي ويس. مون ته پهرين ڏينهن کانتوهان جي اک سڃاڻي ورتي هئي.“ هُن منهنجي اکين ۾ نهاريندي چيو.

ان مهل مون کي سمجهه ۾ آيو ته ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ گهاتو ڪيئن غرق ٿي ويا هئا!

ٻن ڏينهن کان پوءِ هڪ نظرياتي پارٽيءَ جو فنڪشن ڪور ڪندي مون کيس ٽيڪسٽ ڪيو.“جلسي گاهه ۾ سخت گرمي، مٿان بجلي غائب، مايون ونجڻيون پيون هڻن، پگهر پيون اگهن، ٻارن جون ڪيهون، مقررن جون شعله بيانيون، نعرا، هوڪرا ۽ تاڙين جا ڦهڪا آهن. اچي ڦاٿو آهيان.”

هن هڪدم جواب ۾ ڏندري مسڪراهٽ وارو اسٽڪر موڪليو..

ايندڙ ڏينهن ۾ موبائل فون تي رابطو وڌندو ويو ۽ گهرائي ٿيندي وئي. خبر پئي ته الائي ڪيتريون مزيدار شيون هيون جيڪي هڪ ٻئي کي ٻڌائڻ ضروري هيون. آئون کيس روز صبح جو گڊ مارننگ موڪليندو هئس پر هوءَ پنهنجي موڊ تي هلندي هئي. ميوزڪ ٻڌندي، ڪتاب پڙهندي، ٻارن سان راند ڪندي جڏهن جتي ڪو خيال ايندو هو، ٽيڪسٽ ڪري ڇڏيندي هئي.

موڪلن ۾ ڳوٺان ميسيج ڪيائين.”هينئر ٽيڙو اڀريا ته ڪتيون لهي ويون آهن. مـڱڻو ٿيلآهي ٻنهي جو، تڏهنمنهن ٿيون لڪائين.“

هوءَ الائي ڪٿان کان ڪهڙيون ڳالهيون کڻي ايندي هئي. ڪڏهن زماني جون ڳالهيون، ڪڏهن گهر جون ڳالهيون، ڪڏهن ذاتي جذبا، احساس، سوچون...آهستي آهستي ڪري هن پنهنجي دل جو ڪتاب کولي منهنجي اڳيان رکي ڇڏيو!

اسان جون روبرو ملاقاتون مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا مس ٿينديون هيون ۽ بنا پروگرام جي ٿينديون هيون. پر اُهي اوچتيون ملاقاتون شوق جي شدت وڌائي ڇڏينديون هيون. اڳي جيئن ننڍي هوندي صبح جو عيد جا ڪپڙا پائڻ جي خوشيءَ ۾ رات جو ننڊ ڪانه ايندي هئي، تيئن هاڻي هن سان اڳئين ملاقات جي انتظار ۾ وقت ڪو نه گذرندو هو.

مون ساڻس پوري زندگي گڏ گذارڻ چاهي ٿي. پر اهو مشڪل هو. ڳوٺ ۾ سندن خاندان ضدي مشهور هو. هن جا ڀائر ۽ چاچا مڇون وٽي عزت ۽ غيرت وارنڦڏن جا جرڳا ڪندا وتندا هئا.ڪنهن ڌارئي ذات جي ماڻهو کي جرئت نه هئي ته سڱ گهري سگهي!

سنڌ جي ڪيترن ئي زميندار خاندانن وانگر هنن وٽ به اهو رواج هو ته ڇوڪريءَ جي حصي جي زمين ڦٻائڻ لاءِ شادي نه ڪرائيندا هئا. انهي ڪري گهڻو امڪان هو ته هوءَ به سڄي زندگي ائين ڪنواري ويٺي هوندي، جيئن سندس ڦڦيون ويٺيون هيون! اسان جو ضلعو ساڳيو هو، مون کي هر شئي جي خبر هئي. هوءَ ڳوٺ گهٽ وڃي، جڏهن وڃي ته اتي پردو ڪري، شهر ۾ کيس سڀ آزاديون حاصل هيون، سواءِ شاديءَ جي. انهي صورتحال ۾ اسان فيصلو ڪيو ته معاملو جيئن هلي پيو تيئن هلائجي.

هجتي يار دوستن چيو اهڙن افعالن جي ڪري نه تنهنجو رائٽنگ ڪيريئر سڌريو ۽ نه ئي عشق اڳتي وڌي سگهيو. توکان پوءِ جن لکڻ شروع ڪيو سي وڏا اديب ٿي ويا ۽ تون اڃا اتي جو اتي. تو کان پوءِ جن عشق شروعڪيا، اڄ اهي ٽن چئن ٻارن جا پيءَ ٿي ويا ۽ تنهنجي ماءُ پينگهو لوڏڻ لاءِ پئي سڪي! پهرين دماغ جو علاج ڪراءِ، پوءِٻيا ڪم ڪار ڪر. دوست جيڪو وڻي سو چون پر اسان پنهنجو قصو قسمت تي ڇڏي ڏنو هو.

ويلنٽائن ڊي تي هن جو ميسيج آيو.”مينهن واءُ ڪري پهچ!“ هن جي ٻولي ائين ئي هوندي هئي، رعب واري، پهاڪائي ۽ وڻندڙ.

فيملي ڳوٺ ويل هئي، گهر خالي هو. هوءَ مون کي اندر وٺي وئي. هوءَ پنهنجي پيلي وڳي، کليل وارن ۽ ڪجلي اکين سان بهار جي موسم وانگر پئي لڳي. بهار جنهن جو انتظار پکين، گلن ۽ آرٽسٽن کي هوندو آهي.

سندس ويڪري، هوادار ڪمري ۾ ٿوريون شيون هيون. ڪارنر ٽيبل تي شاگرد لائيف ۾ کٽيل انعام، ٽرافيون ۽ شيلڊون سجايل هيون. هڪ ڪتابن سان ڀريل الماري هئي. ان مٿان ديوار تي نيوٽن جي تصوير لڳل هئي، جنهن هيٺان انگريزي ۾ لکيل هو.“اهو ماڻهو جنهن دنيا جي سوچ بدلائي ڇڏي.”

مون چيو،”نيوٽن شادي ڪا نه ڪئي، محبوبه ڪونه ٺاهي، سندس زندگيءَ ۾ ڪا عورت ڪانه آئي، هن کي ڪهڙي خبر دنيا جي. هو ته جهڙو آيو جڳ ۾ تهڙو ويو موٽي.“

هُن اهو اعتراض ڌيان سان ٻڌو يا گهٽ ۾ گهٽ ائين محسوس ڪرايو. ويجهو اچي منهنجي کيسي مان سگريٽ ڪڍي جلايو، هڪ ڪش ڀري ان جو دونهون منهنجي چهري تي اڇلايو. سندس ساهن جي هٻڪار نڪوٽين سان گڏمنهنجي احساسن ۾ پکڙجي وئي.

”نيوٽن جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته جنهن وڻ مان هن صوف ڪرندي ڏٺو هو، ان کي اڃا تائين سنڀاليو ويٺا آهن.“ هن منهنجي هٿ مٿان هٿ رکندي چيو.

هن جهڙي نموني اسڪول ٽيچر جي لهجي ۾ سمجهايو، ان مان سندس برتريءَ جو احساس ٿيو. مون کي ڪاوڙ اچي وئي.

”جي وڻ ٽيهن سالن جو هجي ته پوءِ؟“

هوءَ منهنجو طنز سمجهي وئي پر بنا ڪاوڙ جي مُرڪندي جواب ڏنائين، ”ته پوءِ ڪجهه وڌيڪ مٺو هوندو، صبر جي ڦل وانگر.“

”مگر چون ٿا ته صبر نالي ڪو وڻ ئي نه هوندو آهي!“ مون اڳتي دليل ڏيندي چيو.

”توکي وڻ ڳڻڻا آهن يا ميوو کائڻو آهي؟“

آئون لاجواب ٿي ويس. هُن کلي لائٽ وسائي ڇڏي.

اسان جو معاملو ٻن سالن تائين ٺيڪ پي هليو. زندگي ڄڻ ته جهومڪ جهوڙو ڪتين جو هئي. ائين پي لڳو هوائن ۾ پيا اڏرون، انڊلٺن ۾ نکريو وڃون ۽ ستارن ۾ وکريو وڃون.

پوءِ هو خاموش رهڻ لڳي. سامهون ويٺل هوندي به الائي ڪٿي وڃائجي ويندي هئي. هڪ ڏينهن گهڻي کوٽ کوٽان ڪيم ته چوڻ لڳي بزرگن هڪ نئون ڊرامو شروع ڪيو آهي. زندگيءَ جو ڀروسو ڪونهي، نياڻي جو بار لاهي وڃون. فرض جو اهو احساس ڪڏهن ڪو نه ٿئي ها پر هن ڇوڪري جي کاتي ۾ بهذري گهٽ ايتري زمين آهي جيتري منهنجي نالي تي آهي. اصل ۾ هي زمينن جو سودو آهي. بدي جا سڱ آهن، ٻنهي گهوٽن جي هڪڙي هڪڙي شادي اڳي ٿيل آهي. زالون ته ٻنهي کي بونس ۾ ملنديون! هن وقت ظاهري طرح ته شاديءَ جون ڳالهيون ڪن پيا پر اصل ۾ شرطن تي نٿا ٺهن، پر جي ٺهي ويا ته پوءِ ڇا ٿيندو!

”اهو فيصلو توکي ڪرڻو آهي، آئون تو سان گڏ آهيان.“ بنا سوچڻ جي مون چئي ڇڏيو.

”بس اهو ئي کپيو ٿي توکان. جي هو گڏ جيئڻ نه ڏيندا ته گڏ مرنداسين.“ هن عزم سان چيو..

مون سندس ڳالهه کي هڪ جذباتي ڊائلاگ سمجهيو ۽ اهو اندازو نه لڳائي سگهيس ته اڳتي هلي ڇا ڪندي.

انهي دوران هن جي ميسيجن ۾ سنجيدگي ۽ ملاقاتن ۾ تشنگي وڌندي وئي. هوءَ ٿوري چيڙاڪ، ڪجهه بيزار ۽ لاتعلقي وارو رويا اختيار ڪندي وئي. مگر ڪي عورتون هونديون ئي موسمن جون سکيون آهن، ڪڏهن انهن جي اندر ۾ ڊسمبر جا پارا لهي ايندا آهن ته ڪڏهن آرهڙ جا سج پيا اُڀرندا آهن. برابر پرهه جي هير وانگر هوءَ مون کي لڳندي رهي پر اُهي وقفا هاڻي ڊگها ٿيڻ لڳا هئا.

هڪ ڏينهن هن جو ميسيج آيو، ”اچ آگ الا ٿي ڀڙڪون!“ منهنجي اکين ۾ اُميدن جون ڏياٽيون ٻري پيون. آئون اهڙين ئي مرادن وارين راتين جو انتظار ڪندو هئس، جڏهن هوءَ اڪيلي هونديهئي. هڪدم تيار ٿي، پنهنجو بهترين لباس پائي روانو ٿيس..

گيٽ هُن پاڻ کوليو. اڄ هوءَ پهرين دفعا موهن جي دڙي وانگر پئي لڳي.ڳالهه ئي اهڙي هئي. گهر وارا سندس شاديءَ جا ڏينهن ٻڌڻ ويا هئا..

”هو شادين جون تياريون ڪرڻ ويا آهن ته مون به تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن.“ هن چيو.

هوءَ مون کي سڌو ڪمري ۾ وٺي آئي. ڪارنر ٽيبل تي خاڪي لفافي ۾ ويڙهيل سندس هينڊ رائٽنگ ۾ لکيل آخري خط پيو هو، جيڪو هن مائٽن، وس وارن عملدارن ۽ ميڊيا کي مخاطب ڪري لکيو هو. اُن جي ڀرسان پيٽرول جون بوتلون ۽ ماچيس پيا هئا.

”هي ڏس! اڄ مون پنهنجي ڏاج منجهان ڪپڙا ڪڍي پاتا آهن.“

ڀرت ڀريل ڳاڙهو چولو، گربيءَ جي سٿڻ ۽ اجرڪ پرنٽ واري پوتيءَ سان گڏ ميڪپ ۾ هوءَصفا لڏڻ ڪنوار لڳي رهي هئي.

”سڄي رات پنهنجي آهي. سج اُڀرڻ کان پهرين جنهن مهل قيدين کي ڦاسي ڏيندا آهن تنهن مهل آگ الا ٿي ڀڙڪنداسين.“ هن ماچيس ڏي اشارو ڪندي چيو.

آئون ته رستي ۾ الائي ڪهڙا خواب ڏسندو آيو هئس پر هي منظر ڏسي وڄي ويس. هوءَ مٿي ڦريل هئي سو احساس ته شروع ۾ ئي ٿي ويو هو پر ايتري حد تائين ويندي تنهنجو مون سوچيو به ڪو نه هو.

”ڏس، اهڙين حالتن ۾ پيار ڪندڙ ماڻهو ڀڄي وڃي پريمي جوڙو ٿيندا آهن.“ بچاءُ جو هڪ رستو ڳوليندي مون چيو..

”هتي اهو آپشن ئي ناهي. مون جهڙيون عورتون گهران نڪرنديون آهن ته زمين انهن لاءِ ننڍي ٿي پوندي آهي. ڳالهه وڃي قبيلائي جهيڙي تي پهچندي، خون ٿيندا. پنهنجو گهر آباد ڪرڻ لاءِ ٻين کي ڇو قربان ڪجي.“

هوءَ سچي هئي، اسان جي ڪورٽ ميرج جي صورت ۾ اهو ئي نتيجو نڪرڻو هو.

ڳالهه بدلائڻ لاءِ مون چيو ته سيڪ جو ايترو ڪانهلو آهيان جو چُلهه جي ڀرسان ويهي ڪونه سگهان ۽ ٻيو ته ڪپڙا به سڙي ويندا. هي منهنجو نئون وڳو آهي.

”هي وقت مذاق جو ناهي.“ هو ڦڪي کل کلي، سندس چپ خشڪ هئا.

”مون کي يقين آهي ته رائٽر پنهنجي ڪنهن خاص منفرد طريقي سان مرڻ چاهيندا آهن. اڳي اسان جا اديب سنڌو دريا ۾ ٽپو ڏيندا هئا. هاڻي دريا ۾ پاڻي ئي ڪونهي. پر مون پنهنجي وس آهر هر قسم جوبندوبست ڪيو آهي.“ هن ڪنهن فراخ دل ميزبان وانگر چيو.

هڪ رائٽر جي حيثيت سان مون ستي ننڊ ۾ مري وڃڻ کان وٺي هوائي حادثي ۾ پرزا پرزا ٿي وکري وڃڻ تائين هر قسم جي موت جو تصور ڪيو آهي پر پنهنجو انت آڻڻ بابت ته ڪڏهن خوابخيال ۾ به ناهي غور ڪيو.

”ٺيڪ آهي، اڃا ٻيو طريقو اختيار ٿا ڪريون.“ هن بيڊ جي هيٺان رسي جا ٻه ٽڪرا ڪڍندي چيو.

”هڪ تنهنجي لاءِ ۽ ٻيو منهنجي لاءِ! پاڻ پهرين هي رسا پکي ۾ ٻڌي پوءِ انهن جي سرڪ ساهي ٺاهي ڪنڌ ۾ وجهي، هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي، اسٽول کي پيرن هيٺان ڪڍي ڇڏيندا سين ۽...“

اها ڳالهه ٻڌي منهنجو ساهه منجهڻ لڳو. صوفي تان اٿي ڏاکڻي پاسي واري دري کوليم. تيز هوا سندس ڇُڙيل وارن کي وکيريندي سڄي ڪمري ۾ ڦري وئي. ٽيبل تي رکيل خاڪي لفافو ڦڙ ڦڙ ڪندو وڃي پٽ تي ڪريو.

”جي اهو طريقو به توکي پسند ناهي ته هي ادا جي ڊبل بيرل گن آهي.“ هن الماريءَ مان دو نالي بندوق ڪڍندي چيو.

”هن ۾ ٻه ڪارتوس وجهون ٿا.پهرين گولي مون کي هڻجان ۽ ٻي پاڻ کي!“

 جيئن گراهڪ کي هڪڙو بوٽ پسند نه اچي ته دڪاندار ٻيا ڏيکاريندو ويندو آهي، تيئن هوءَ مون کي هڪ ٻئي پويان مرڻ جا مختلف آپشن ڏسيندي وئي..

هونئن ته مون زندگيءَ جا ڪئين لاها چاڙها ڏٺا آهن پر هيءَ ٻن خونن واري آفر ٻڌي ماڳهين دهلجي ويس.آئون پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو پڙهيل آهيان. ٻوٽي تان ڪلاشنون هلندي مون ڏٺيون، ڪنن وٽان سوساٽ ڪندي گوليون منهنجي لنگهيون ۽ ڪيترن ڦڏن ۾ ذري گهٽ مرندي آئون بچيو آهيان. سهڻي، سسئي، مومل ۽ ٻين سر کان بيزار ماين جي باري ۾ به جام پڙهيو ويٺو آهيان پر هيءَ ته سڀني جي سردار نڪتي.

مون کي خاموش ڏسي هن چيو، “ياد ڪر، تو گڏ جيئڻ مرڻ جو واعدو ڪيو هو. هاڻي گڏجي مرڻ جو وقت اچي ويو آهي.”

آئون ڦاسي پيو هئس. سمجهه ۾ نه اچي ته ڇا ڪريان. سوکيسٺارڻ لاءِ چيم ته بس ائين ڳالهه وات مان نڪري وئي هئي، نه ته انهن لفظن جي ڪا اهميت ناهي.

”لفظن جي اهميت ناهي!“ هن حيراني، ڏک ۽ ڪاوڙ وچان چيو. “اهي تنهنجا لفظ ئي ته هئا جن منهنجي دل ڇڪي نه ته راڻا گهڻا راڄ ۾! تو لفظن جو کٽيو کاڌو، هاڻي تون ڦري نٿو سگهين.”

خواتين کي نه سمجهي سگهڻ واري غلطي جو اعتراف وڏن داناءَ ماڻهن ڪيو آهي پر ههڙي عجيب عورت اڳي مون ڪڏهن ڏٺي نه ٻڌي!

هن چيو اسان جي پيار جي اهڙي دردناڪ پڄاڻيءَ تي هڪ ڀرپور ميسيج ويندو. ڳالهه ميڊيا تي پهچندي، قانون حرڪت ۾ ايندو. سڀاڻي ڀيڻن جا حصا ڦٻائڻ لاءِ اهڙي حرڪت ڪرڻ کان اڳ ڀائر ڏهه دفعا سوچيندا.

“خودڪشي بزدليءَ جو موت آهي، انهي ۾ بي عزتي آهي.” مون ڳيتون ڏيندي آخري دليل ڏنو.

”نه“- هن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.“بزدلي اها آهي ته ماڻهوءَ کان پيار کسجي ۽ چُپ ڪري ويهي رهي. انهي کان ته جهيڙو ڪجي. جنگ ۾ خودڪشي هڪ هٿيار هوندو آهي.” هن ڏند ڪرٽيندي چيو.

آئون وڌيڪ ڪجهه ڪڇان ها ته هوءَ جنگي حڪمت عملين تي ليڪچر ڏي ها.

سندس هٿ ۾ بندوق ۽ اکين ۾ ارادي جي مضبوطي هئي. هوءَ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. دنيا ۾ ماڻهو مشڪل حالتن ۾ ڦاسندا آهن پر سنگتياڻي اڳيان ڊڄي وڃڻ هڪ اهڙو عذاب آهي جنهن مان شل دشمن به نه گذري! شرمندگي، ڦڪائي ۽ خوف جي ڪري ٿڌا پگهر نڪري ويا.

آئون ڪو لفظ چئي نه سگهيس. خبر ناهي ڪيئن پاڻهي پاڻ منهنجا قدم آهستي آهستي دروازي ڏي کڄڻ لڳا. هوءَ اتي ئي بيٺي رهي ۽ خالي خالي اکين سان مون کي ويندو ڏسندي رهي..

 

husainkapri@yahoo.com

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment