شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

جانب يار جي قبر


صبح 09 لڳي 27 منٽ -خميس 08 اپريل 2021  106 
image-1

ھن ڪيترن ماڻهن کي چيو هوندو ته

" جانب  منهنجو يار آهي... ٻه ٽي ڀيرا آيو ته منهنجي پڇا به ڪئي هئس." 

پر هن جي ڳالھه ڪنهن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ واقعي هو ته سچو پر غريب ماڻهو جي ڳالهھ تي ڪير اعتبار ڪري؟ ڳوٺ جي وڏيري جو پٽ ڪوڙ به هڻي ته سڀ ڪو اعتبار ڪري وٺي  پڻس پوڙهو ٿي ويو هو، ان کي ٻڌايائين ته

"جانب هن سان گڏ پڙهيو آهي. ولايت ۾ رهي ٿو وڏو صاحب ٿي ويو آهي پر منهنجو اڃان پڇي ٿو.. شهر ۾ جڏهن بخشل سيٺ جي فاتحه تي آيو هو ته پنهنجي ڳوٺ وارن سان به مليو هو. انهن کان منهنجو جانب صاحب هر هر پڇيو هو." 

پڻس کي ڪٿي ياد ٿي آيو ته پرائمري ۾ پٽس لونگ سان ڪو  جانب نالي ٻار به پڙهيو هو.. "هان" ڪري ٽاري ڇڏيائين.شهر ويو ته جانب جي پراڻي پاڙي ۾ سندس مائٽن سان مليو، پڇا ڪيائين ته صاحب وري ڪڏهن ايندو؟ 

مٽن مائٽن کي به جانب جي اچڻ جي خبر نه وڃڻ جي خبر پر هي پڪ وٺي آيو ته "هاڻ جيئن جانب اچي ته مون کي ضرور اطلاع ڪجو. پنهنجا ته مقام ۾ پاڙا به گڏ آهن." هڪ ٻه ڀيرو انهي مقام ۾ جانب ڪنهن مائٽ جو ڪانڌي ٿي ویو هو.

هو قبر کوٽيندي هن ۾ نهاريندو رهيو، سندن  وچ ۾ سالن جو مفاصلو هو. الائي ڪيترن ورهين کان پوءِ ڏٺو هئائين. قبر کوٽي صاف ڪري  ٻاهر نڪتو. هٿ ڇنڊي. ڌوئي جانب سان مرڪي ملندي   پڇيو  هئائين :

"مون کي سڃاتو يا نه؟" جانب جو حافظو ڪانگ ڪونه کڻي ويا هئا  مرڪي چيائين " تو لونگ کي ڪير نه سڃاڻندو؟ ماسي مٺان جو ڇيڻي جي ڀور سان اڱڻ لتاڙڻ هلندا هئاسين ياد اٿئي... پيهون کارايا هئس "  " وڃ ڙي! سڃاڻين به وئين ۽  ايتري يادگيري به آهي." 

" هڪ ڀيرو  تون اسڪول مان منهنجي ٿيلهي مان لاٽون چوري ڪري ويو هئين. ۽ مار وري امري ڪولهي کي ملي هئي." 

"هن جي کل سان بت ۾ خوشي جي لهر ڊوڙي وئي هئي. هن کي لڳو ته قبرستان ۾ جيڪي ماڻهو موجود آهن انهن ۾ هن جو قد وڏو ٿي ويو آهي. اسڪول، بئنچون، ڪلاسي ماستر، وڻ، ننڍپڻ اکين اڳيان ترڻ لڳا هئس. "

ڪالھ ڪالهوڻي ڳالھ هئي گڏ پڙهياسين... اوهان کي خدا عقل ڏنو جو علم پويان ويا اسان ته عقل ڇڏي ڍڳن جا جوٽا، ڏورڻا ۽ ڍڳي گاڏين جا آڏا کنيا."  هن اتي چيو..

ڳالهين ڳالهين ۾ لاش دفن ٿي ويو. هن ڪوڏر سان قبر کي آخري ٺپا هنيا. ڪنهن ٿوري ڇٽڪار ڪئي ڪنهن ڄار جا پن رکيا.

ڪنهن سيراندي کان سروٽي جي نشاني رکي دعا گهري. سڀ روانا ٿيڻ لڳا. لونگ جانب کي گهڻئي ڳوٺ هلڻ جي صلاح ڪئي پر هن کي رات جو ئي ڪراچي نڪرڻو هو. وري اچڻ جو ڪوڙو سچو وعدو ڪري نڪري موڪلائي هليو ويو...

هن ان شام ماءُ کان به پڇيو هو ته "امان توکي ياد آهي مون سان گڏ اسڪول ۾ جانب پڙهندو هو؟"

"ابا! الائي ڪهڙو جانب! هوندو ڪو ٻي ڪنهن ڳوٺ جو.. پنهنجي ڳوٺ جا تنهنجا دوست ته سڀ ٿي سڃاڻان." "ها وڏي ڳوٺ مان جيڪي پنج ڄڻا ايندا هئا, انهن ۾ ڀورن وارن وارو هوندو هو.

پنهنجي گهر بہ ننڍي هوندي ٻہ دفعا آيو هو. هڪ ڀيرو جڏهن مينهن ويائي هئي. پس ٺاهيو اهو بہ کاڌو هئائين. "

" ها ابا هوندو. اسان کي ته پيري ويسارو ڏئي ڇڏيو آهي - پوءِ اهو ڪٿي آهي؟ ڇا ٿيو اٿس. "

"اهو وڏو ماڻهو آهي هاڻي ولايت ۾ رهي ٿو. وڏا وڏا ماڻهو سڃاڻن ٿا. جڏهن به هتي اچي ٿو ته مون کي نٿو وساري ماڻهن کان پڇا ڪري ٿو منهنجي. "

" ابا شابس هجيس. جو وڏو ماڻهو ٿي به پنهنجي اصلات ڪونه ڇڏي اٿس."

ماءُ جو جواب ٻڌي هو مرڪندي ماٺ رهيو. ڳوٺ جون ٻنيون ٻارا، گس گهيڙ، وڻ ٽڻ، بيهڪ هن وانگر بدلجي چڪي هئي، ڪيلن جا باغ، توت، املتاس،انبن جا  سڀ وڻ وقت جي واچوڙي اڏائي گم ڪري ڇڏيا هئا. آسي پاسي ڪلراٺا پوٺا وڌندا ويا.ساوڪون کٽنديون ويون  ٻار ڄمندا ويا، پوڙها مرندا ڳوٺ جي مقام طرف روانا ٿيندا ويا. وقت گذرندو رهيو.

لونگ جو اهو ئي ٻني جي ڪجهه آئيٺن تي گذر رهيو.. ڍڳن جي جوڙي سان وهي وهي ڪڏهن پاڻ کي بہ ڍڳو محسوس ڪرڻ لڳندو هو بس ڪا مهيني ماس شادي غمي ٿيندي هئي ته ان ۾ اڳرو رهندو هو.. شادي ٿئي ته ڪاڄ جنهنجو جو هجي سنڀال هن جي حوالي هوندي هئي.

جي فوتگي ٿئي يا آسي پاسي ڪٿان ڪو مڙھ مقام تي پهچي تہ خدا ڪارڻ بنا لالچ لوڀ قبر جي کوٽائي، تدفين کان وٺي... قبر تي اذان ڏيڻ تائين سڀ ڪم هن جي بلي هوندا هئا..هڪ ڏينهن شهر وري وڃي نڪتو ته خبر پيس جانب آيو هو ٻه ڏينهن هتي هو. تڪڙو تڪڙو وري ساڳي پراڻي پاڙي ۾ وڃي سندس سئوٽ  جڙئي سان مليو.. ميار ڏنائين ته : "جانب آيو هو چئي به ويو هئس پر مون کي اطلاع ئي ڪونه ڪيو!"

جڙيو هميشه کيس نظرانداز ڪندو هو. اسڪول ۾ هوندي سندس اهلون ڪڍندو هو. تنهن چيس ته:

"ابا هو وڏو ماڻهو اسان کي بہ ٻن آڱرين وارو هٿ ڏي ٿو سو توسان........"

"ٻن آڱرين جو هٿ اوهان کي ٿو ڏي نه؟  مون کي ته هن پهرين ڌڪ ۾ سڃاتو هو. هن کي ته لاٽون واري ڳالھ ۽ ڳوٺ جا اڱڻ به ياد آهن ميان!"

هن جڙئي جي ڳالهھ ڪٽيندي چيو... "چڱو هاڻ صاحب آيو ته ٻڌائيندس" جڙئي چيو...

ان ئي هفتي ۾ هن کي صبح جو اطلاع مليو ته جانب صاحب آيو آهي پر پساه پکيڻو آيو آهي.. اڄ ڏهين وڳي تدفين اٿس. هن خبر ٻڌي ٻڏل هينئين سان ٿڌو شوڪارو ڀريو.. گهڙي ۾ ٽائم ڏٺو.

جوڙو اتي ئي ڇڏيو، ڪوڏر کڻي قبرستان طرف نڪري ويو. هن کي خبر ئي نه پئي پئي ته هن جي هلڻ ۾ ايتر اعتماد ڇو هو؟ رکي رکي هن هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ٿي هنيا خيال پئي آيس تہ من ڪير ڏسي پڇي تہ ڪيڏانهن پيو وڃين؟ هن جي وکن ۾ ذري گهٽ ٽپا وچڙڻ لڳا هئا.

هن کي ڊپ هو ته هن کان اڳ ڪو ٻيو اچي نه قبر کوٽي.. لونگ پنهنجي ليکي جانب جي ماءُ جي ڪتبي لڳل قبر ڀرسان قبر کوٽڻ شروع ڪئي "جيجل ماءُ جي ڀرسان جاءِ کان وڌيڪ جانب لاءِ ڪهڙي جاءِ هوندي؟ هن سوچيو ۽ مرڪي پيو.  ٿوري دير ۾ لاش ڪانڌي کڻي پهچي ويا.

هو چپ چاپ قبر کوٽيندو رهيو. آخري مرحلي ۾  ڳجھ تيار ڪري ان جي سڄي مٽي هٿن سان صاف ڪري ٻاهر ٿي نڪتو ته قبر جي ڪنڌي تي بيٺل  ڳوٺاڻي چيو " ڳجھه ننڍو آهي.."

لونگ هن ڏانهن باھ ۾ تڪي ٽڪي ڏٺو ۽ پوءِ ڄڻ ڦاٽي پيو  "اڙي! هي منهنجي جانب يار جي قبر آهي سا آئون خراب ٺاهيندس ڇا؟ مون هن جي قبر  لاءِ ڪوڏر به نئين آندي آهي اوهان کي ڪهڙي خبر؟"  هن کان اڄ  پهريون ڀيرو مقام ۾  اوڇنگار نڪتي ۽ هو قبر ۾ ويھي رهيو.  

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment