شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

اُٺ جي ڳولا


شام 02 لڳي 58 منٽ -خميس 01 اپريل 2021  141 
image-1

حصو ٻيو ۽ آخري

“ڪيڏانهن هليا ويا هئا؟ اسين ايڏو پريشان هئاسون.”

“اُٺ هٿ ئي نٿو اچي. اٺ کي ڪٿي ڳوليان؟”

هوءَ  سمجهي وئي ته هي اٺ ڳولڻ ويو هو. هن جون اکيون ڀرجي آيون. هن جي پاسي ۾ ويهي، هٿ هٿ ۾ جهليائين. هن جي هٿ ۾ ڏڪڻي هئي. هن کان پاڻي جو گلاس وٺي، ڇوڪري کي ڏنائين ۽ هن جو سوئيٽر لاهي، پاسي تي رکي ڇڏيائين. هو بيڊ تي ليٽي پيو. ٿڪل هئڻ ڪري هو ننڊ پئجي ويو. هن ڊاڪٽر کي سڄي صورتحال ٻڌائي. ڊاڪٽر هنن کي ڪلينڪ تي اچڻ جو چيو.

ڊاڪٽر هنن ٻنهي سان تفصيلي ڪچهري ڪئي. هن جي اها ئي ساڳي ڳالهه ته اٺ وڃائجي ويو آهي، اٺ ڳولي ڏيو. ڊاڪٽر هن کي ٻاهر ڪار ۾ وڃي ويهڻ جو چيو. هي ڪجهه ڪڇڻ بنا اٿي هليو ويو.

“اُٺ ملڻ کان سواءِ هي ٺيڪ ڪونه ٿيندو. هي جنهن ذهني ڪيفيت ۾ آهي، ان مان ڇوٽڪارو فقط اُٺ ڏياري سگهي ٿو.”

“پر اُٺ ٻاهر هجي ته ملي. اهو هن پنهنجي اندر ۾ ڄڻيو آهي. ان جو پيءُبه هي آهي، ته ماءَ  پڻ. هاڻي اهو اُٺ ڪٿان هٿ ڪجي.”

“ڪٿان نه ڪٿان هٿ ڪرڻو پوندو، نه ته هن جي ذهني حالت ويتر خراب ٿيندي ويندي.”

“ڪا ته دوا هوندي جيڪا هن کي آرام ڏي، جيڪا هن کي سڪون ڏي.”

”ننڊ جون دوائون جام آهن، پر سڪون واري ڪا به ناهي. سڪون هن کي تڏهن ملندو جڏهن اُٺ ملي.”

“پر اُٺ ڪٿان ملندو؟”

“ڪٿان به، پر اهو هٿ ڪرڻو پوندو.”

“پوءِ ڇا ڪجي، ڊاڪٽر صاحب؟”

“اُٺ هٿ ڪريو. هي اُٺ ڏسندو ته هن کي سڪون ملندو. هن جي ڳولا ختم ٿيندي. هن جي اڻ تڻ جو انت ايندو. اٺ بنا هي ٺيڪ نه ٿيندو.”

“ٻيو ڪو طريقو ڪونهي؟”

“ٻيون دوائون آهن. ننڊ جون گوريون آهن. انهن تي ستو پيو هوندو. پر اها ننڊ ڪانه هوندي، بيهوشي هوندي.”

“اُٺ ئي علاج آهي، ايئن؟”

“جي ها، اُٺ ملندو، ته هي ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.”

“هاڻي اهو اُٺ ڪٿان هٿ ڪجي؟”

“توهان جا ناناڻا، ڏاڏاڻا آهن، انهن کي چئو.”

“ها ناناڻڪي آڪاهه سمنڊ واري تر جي آهي. اتي جت رهن ٿا، ريٻاري به آهن، انهن وٽ اُٺن جا وڳ آهن.”

“انهن سان ڳالهايو ۽ هڪڙو اُٺ هٿ ڪريو. جيستائين اهو ملي، تيستائين هن کي آرام جي دوا ڏيون ٿا.”

ڊاڪٽر سان ٿيل ڳالهه ٻول جا سڀ تفصيل هن پنهنجي ڌيءَ  کي ٻڌايا. ان به ايئن چيو ته جيئن ڊاڪٽر چئي ٿو، تيئن ڪريو.

هن ٻئي ڏينهن ڇوڪري کي ڪجهه پيسا ڏيئي اُٺ هٿ ڪرڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو. جنهن ٻئي ڏينهن موٽي اچي ٻڌايو ته مسواڙ تي هڪ اُٺ مليو آهي، جيڪو ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندو. پويان هن پنهنجي مڙس کي دوائون ڏيڻ بند ڪري ڇڏيون. ان ڪري هن جا رات ڏينهن وري ساڳي هورا کورا ۾ گذرندا هئا. رات ڏينهن پيو فليٽ جا سڀ ڪمرا واري واري سان ڦلهوريندو هو. هن جي اُٺ جي ڳولا جاري هئي ته ٻن ڏينهن بعد اُٺ پهچي ويو. ڇوڪري اچي اهو اطلاع ڏنو ته هي ڊوڙندو ٻاهر نڪتو. ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لاءِ هن ٻه چار وکون مس هيٺ کنيون ته هي رڪجي مٿي آيو ۽ اچي لفٽ جي سامهون بيهي ان جو بٽڻ دٻايائين. ڪجهه سيڪنڊن ۾ لفٽ جو در کليو ۽ هي ٽيئي ان ۾ داخل ٿيا. هي بلڪل هشاش بشاش هو. منهن تي عجيب خوشي هئس. ايڏو خوش هي تڏهن ٿيو هو جڏهن هن شادي ڪئي هئي، ۽ ٻئي ڀيري هن کي پنهنجي ڌيءَ  جي ڄمڻ تي ايڏو خوش ڏٺو ويو هو. لفٽ گهڙيءَ  پل ۾ گرائونڊ فلور تي اچي بيٺي. دروازو کليو ته هي ڊوڙي ٻاهر نڪتو. فليٽن جي اڳيان، ٿورو پاسي تي هڪ همراهه اٺ جي مهار جهليو بيٺو هو. هن تڪڙيون وکون وڌائيندي، مهار ۾ وڃي هٿ وڌو. مهار جهليندڙ همراهه هڪو ٻڪو ٿي ويو. ايتري ۾ ميڊم ۽ ڇوڪرو به اچي ويا. ڇوڪري ۽ اوٺار جون اکيون هڪٻئي سان ٽڪرايون. ڪنڌ ڌوڻ مان اوٺار سمجهي ويو ۽ هن مهار منجهان هٿ ڪڍيا. مهار هن جي هٿ ۾ آئي. هاڻي اُٺ هن جو هو. جنهن جي ڳولا هئي، اهو ملي ويو هو. هن جي تلاش پوري ٿي. هن جي اڻ تڻ ختم ٿي. هن جي هورا کورا کي مسڪن ملي ويو. هي ايئن خوش هو جو ڄڻ ته هن کي پنهنجي منزل ملي وئي هئي. هن مهار ڇڪي اٺ جو منهن هيٺ ڪيو ۽ ان کي ڀاڪر پائي ان سان ڳل ملائي ان کي پيار ڪرڻ لڳو. ان کي هٿ ڦيرائڻ لڳو. اُٺ کي پيار ڀريو ڀاڪر مليو ۽ نرم هٿ هن کي کانهار ڪرڻ لڳا ته اهو پڻ سڪون ۾ اچي ويو. هن اوٺار کي اشارو ڪيو. مهار ان کي ڏئي هي اُٺ جي ڳچيءَ  کي ڪيتري دير تائين ڀاڪر پائي بيٺو رهيو. هن کي اُٺ سان اهي حرڪتون ڪندي ڏسي فليٽن وارا ماڻهو گڏ ٿي ويا. پر هي سڀني کان بي نياز ٿي، اٺ جي اڳيان، پويان، پاسن کان ڦرندو رهيو. هن اوٺار کي اُٺ ويهارڻ جو اشارو ڪيو. اوٺار مهار هيٺ ڇڪي، اُٺ کي ويهاري ڇڏيو. هن ڇوڪري کي موبائل ڪڍڻ جو چيو ۽ اُٺ سان تصويرون ڪڍرائڻ لڳو. هن جي زال کيس حيرت منجهان ڏسندي رهي. هن کي لڳو ته هن جي مڙس منجهه هڪڙو ٻار لڪو ويٺو هو، جنهن اٺ جو انگل ڪيو هو، اهو انگل اڄ پورو ٿي رهيو هو. هو بلڪل ٻارن جيان خوش ٿي رهيو هو. ڄڻ هن کي پنهنجي پسند جو رانديڪو ملي ويو هو. ڪافي دير تائين هو اُٺ کي پيار ڪندو ۽ اُٺ کان پيار وٺندو رهيو. اٺ جي ڳچيءَ  ۾ هن جو ڀاڪر هو ته هن جي گهرواريءَ  اڳتي وڌي آئي.

“اُٺ ملي ويو. هاڻي هلون مٿي؟”

هن اُٺ مان ڀاڪر ڍرو ڪيو.

“ڏس پنهنجو اُٺ، ڪيڏو سهڻو آهي!”

“ها، پنهنجو اُٺ جام سهڻو آهي. هاڻي هي ڏي اوٺار کي ته وڃي جهنگ چاري اچيس. سڀاڻي وري ڪاهي ايندو.”

“هن کي بک لڳي آهي؟”

“ها. بک لڳي اٿس.”

“ها ٺيڪ آهي.”

هن اُٺ جي ڳچي مان ڀاڪر ڪڍيو ۽ هٿ کيسي ۾ وجهي، ڪجهه پيسا ڪڍي، اوٺار کي ڏنا ۽ ان کي چيو ته هي تنهنجي خرچي آهي. هو اوٺار کي اُٺ جو خيال رکڻ جون هدايتون ڏيندو رهيو. اوٺار جي هائوڪار ۾ ڪنڌ جي ڌوڻ پئي پئي. هي ٿورو پرڀرو ٿي بيٺو. اوٺار مهار ڇڪي اُٺ کي اٿاريو ۽ ڪاهي اڳيان نڪري ويو. هي اُٺ کي ويندي ڏسندو رهيو ۽ هٿ الوداع واري نموني لوڏيندو رهيو. جڏهن اُٺ هن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويو، ته هي مٿي فليٽ تي آيو. هن ڀيري به مٿي چڙهڻ لاءِ هن لفٽ ڪتب آندي.

هن جي زال پنهنجي ڌيءَ  کي اهو سڄو لقاءُاکر به اکر ٻڌايو. ٻئي ماءَ  ڌيءَ  ٽهڪ ڏينديون رهيون. هي به انهن کي ٽهڪ ڏيندي ڏسي خوش ٿيندو رهيو. هن جي ڌيءَ  انهن کي ٻڌايو ته اهي ان ڏينهن ئي اچن پيا ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هنن وٽ پهچي ويندا. ان خبر هنن کي خوشيءَ  جون ڀريون ڏئي ڇڏيون.

ان ڏينهن شام جو هن ڪاليج جي پنهنجن دوستن کي ڪالون ڪيون ۽ رات جي ماني جي دعوت ڏني. هو ورهين پڄاڻان پنهنجن دوستن کي گهرائي رهيو هو. اهي سڀ هن جيان کاري جا کيڙائو هئا. هن ڇوڪري کي سڀ بندوبست ڪرڻ جو چيو. ان ڏينهن ٻنپهرن جو هن فرمائش تي ڪريلن جي ڀاڄي ٺهرائي. هن کي هاڻي شام جو اوسيئڙو هو، جڏهن هن جا دوست هن وٽ اچڻا هئا. ان ڏينهن هن نئون ريزر گهرائي شيو ڪئي ۽ نئون وڳو پاتو. شام ٿي. سج لٿو. موذن اذان ڏني. ڪجهه دير کان پوءِ گهنٽي وڳي. هن جا دوست گڏجي آيا هئا. هي ڊرائنگ روم ۾ وڃي ويٺا. ڇوڪرو بوتلون، گلاس ۽ پاڻي رکي هليو ويو. ٻئي لمحي ۾ هو ڊراءِ فروٽ ۽ تازو ميوو کڻي آيو. بوتل کلي. دوست کِليا. ماضيءَ  تي پيل دز ڳالهين ۽ ٽهڪن ذريعي هٽندي وئي. زندگيءَ  جي ڇهين ڏهاڪي ۾ پهتل هي سڀ يار ٽئين ڏهاڪي ۾ موٽي ويا. ڪاليج جي ڇوڪرين جا قصا کُليا. ان رات هڪڙا ٽهڪ هئا. ٻيو نشا هئا ۽ ٽيون ڪٿي وڃائجي ويل پيار جون ڳالهيون هيون. هي پنهنجي پاڻ کي ريجهائيندا، پنهنجي پاڻ کي کوليندا ۽ ڳوليندا رهيا. ان ڊرائنگ روم ايترا گهڻا ٽهڪ هڪ ئي وقت زندگي ۾ پهريون ڀيرو ٻڌا هئا. هنن ڍئو ڪري پنهنجي پسند واري ماني کاڌي ۽ لڏندا، لمندا، ٿڙندا، هڪ ٻئي کي چميون ڏيندا رهيا. نيٺ اهو وقت به آيو جڏهن وقت جي خبر ئي ڪانه پئي ۽ موذن فجر جي اذان ڏني. ان لمحي، هنن وري ملڻ جا وعدا وچن وٺي هڪٻئي کان موڪلايو. هي جنهن وقت پنهنجي بيڊ روم ۾ آيو ته هن جي زال مصلي تي سلام ڦيري رهي هئي. هي پنهنجي بيڊ تي سمهڻ بدران زال جي بيڊ تي وڃي ليٽي پيو. هوءَ  مصلو ويڙهي رکي اچي هن جي پاسي ۾ ليٽي. ورهين پڄاڻان، انهن هڪٻئي کي ڀاڪر پاتو ۽ چميون ڏنيون. هن جي زال اٿي، ۽ ڪمري جو دروازو بند ڪري اچي هن سان گڏ ستي.

صبح جو نائين وڳي هو اٿي ۽ شاور روم ۾ وڃي فريش ٿي آئي، پر هي ڪمبل مٿان وجهيو گهري ننڊ ستو پيو هو. هن ڇوڪري کي نيرن ٺاهڻ جو چيو. ان دوران هن جو فون وڳو. پريان هن جي ڌيءَ  هئي، جيڪا هن کي چئي رهي هئي ته ڇوڪرو هيٺ موڪليو، سامان کڻي مٿي اچي. ان فون هن کي صفا جوان ڪري ڇڏيو. گئس بند ڪري، ڇوڪري سان گڏ هي به هيٺ لٿي. هو جڏهن ڪار پارڪ ۾ پهتا ته هن جي ڌيءَ  پنهنجي ور ۽ ٻارن سان گڏ ڪار ڀرسان بيٺي هئي. هي هڪٻئي کي ڀاڪر پائي مليا. ٻار پنهنجي ناني کي چنبڙي پيا. مٿي اچي هنن بيڊ روم جو دروازو کوليو، پر هو اڃا اٿيو ڪونه هو. هن اڳيان وڌي، مڙس جي منهن تان ڪمبل هٽايو، پر تڏهن به هو سجاڳ نه ٿيو. هن جي ڌيءَ  جڏهن پنهنجي پيءَ  کي ايئن ڏٺو ته هوءَ  اڳتي وڌي آئي ۽ اچي هن جي پيشاني تي هٿ رکيو، جيڪا بلڪل ٿڌي هئي. هن پريشاني منجهان ڪارائي ۾ هٿ وڌو. نبض بند هئي. هو نه جاڳڻ واري ننڊ ۾ هليو ويو هو.

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment