شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 18 - آگسٽ - 2019ع

دنيا ست رنگي


شام 07 لڳي 57 منٽ -آچر 28 اپريل 2019  134 
image-1

جيئن ئي عاطف جو آخري ٽرينگ سيشن پورو ٿيو، ھن ڪاري ڊريس پينٽ جي کيسي مان آءِ فون ڪڍي ان کي کوليو ۽ پوءِ ڪانٽيڪٽ لسٽ ۾ وڃي عديل جو نمبر ملايائين، ائين ڪرڻ کان پھرين ھن ڪجھ گھڙيون ان تي سوچيو پر پوءِ نمبر ملائي ويٺو. عديل سندس گھيرو دوست ھو، پر اھي پنجن سالن کان ھڪ ٻي سان نھ مليا ھئا. عاطف اڳ بھ ڪيترين ئي ٽرينگن تي ڪراچي آيو ھو، پر ڪڏھن بھ سندس دل ۾ عديل سان ملڻ جو خيال نھ آيو ھو. خبر نھ آھي ڪيئن ان ڏينھن ٽرينگ سيشن دوران کيس عديل ۽ عذرا ياد اچي ويا، جنھن کانپوءِ ھر پل ھن لاءِ عذاب مثل بڻجي ويو. سندس منھن تي بيچني جا آثار ظاھر ٿيڻ لڳا ۽ جيئن ئي سيشن پورو ٿيو تھ ھن ھال کان ٻاھر اچي موبائيل کولي عديل جو نمبر ملايو. فون جي گھنٽي وڃڻ لڳي، چوٿين رنگ تي ٻئي پاسي کان ڪال اٽينڊ ٿي.

”ھيلو...“

”عديل ڪھڙا حال آھن، مان عاطف پيو ڳالھايان.“ عاطف نرم لھجي ۾ چيس.

”اڙي پيارا ڪھڙا حال اٿئي، ڪٿي گم آھين؟“ ٻئي پاسي کان عديل پنھنجائپ مان چيس.

”مان ھتي صدر ۾ ھڪ ھوٽل ۾ ٽرينگ لاءِ آيل آھيان دل گھريو تون سان ملي وٺان.“ ھن ھوٽل جو نالو ٻڌائيندي نرم لھجي ۾ چيس.

بيچيني ڪارڻ ھوٽل جي ڳاڙھي ڪارپيٽ واري ڪاريڊور ۾ ھلڻ لڳو. ”ٺيڪ آھي مان اڌ ڪلاڪ اندر اچان ٿو اتي،“ ٻئي طرف کان عديل ساڳي جوش ۾ چيس. ھن فون ڪٽي ڇڏي. باقي ٽرينگ وارا بھ ھال مان نڪري ڪاريڊور ۾ اچڻ لڳا ۽ چانھ لاءِ ھوٽل جي ٽي روم ڏانھن وڃڻ لڳا. پنجٽيھ سالن جو ڊگھو، ويڪري سيني ۽ ڪڻڪائي رنگ وارو ڪلين شوءَ عاطف ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي اڪيلو اچي ويٺو، ان تي اڳواٽ ئي گلاس ۽ منرل واٽر جي ننڍڙي بوتل رکيل ھئي. ھن بوتل کولي پاڻي جو اڌ گلاس ڀريو. ايتري ۾ اڇي شرٽ تي ڪاري واسڪوٽ ۽ ڪاري پينٽ پھريل سانورو بيرو ھن جي اڳيان چانھ جو ڪپ ۽ بسڪٽ رکي ويو. عديل سان ڳالھائڻ کانپوءِ ويتر سندس من بيچين ٿي پيو، ھو ۽ عديل يونيورسٽي ۾ گڏ گڏ پيا گھمندا ھئا، سندن ڪلاس وارا تھ کين ھڪ ٻئي جو پاڇو سمجھندا ھئا، جيڪڏھن ڪنھن کي عاطف جي باري ڪا خبر وٺڻي ھجي تھ عديل کان وٺي ۽ عديل جي باري ۾ خبر لاءِ عاطف کان. شاگردي جي ڏينھن ۾ عديل عاطف جي مالي مدد بھ ڪندو ھو، عاطف ڪڏھن بھ ھن کان اھو نھ پڇيو تھ ھو اھي پيسا ڪٿان ٿو آڻي. ننڍپڻ ۾ ئي عاطف جو پيءَ گذاري ويو ھو، سندس ماءَ ھن کي حيدرآباد جي گھرن ۾ ٿانو ٻوھاري ڪري پڙھايو ھو، ھو ٽين سال ۾ آيو جو ماءَ بھ گذاري وئي ھوس، ان کان پوءِ ھن پڙھائي پوري ڪرڻ لاءِ ھڪ ادبي رسالي ۾ شام جو سب ايڊيٽر جي نوڪري شروع ڪئي ھئي.

عاطف چانھ جي سرڪ ڀري وري ڪپ اڇي ساسر تي رکيو ۽ سامھون در مٿان ڀت تي لڳل گول گھڙيال ڏانھن ڏٺائين، ان وقت سوا پنج ٿي ٿيا، ھن وري ھڪ سرڪ ڀري ۽ ماضي جي مزارن ۾ ھليو ويو. عديل کان وڌيڪ کيس عذرا جي ياد ستائڻ لڳي، ادب جي شاگرد طور ھن پڙھيو ھو تھ انسان ڪڏھن بھ پنھنجو پيار نھ وساري سگھندو آھي، ان پھرين پيار جي ياد وڇون بڻجي سندس سيني کي ڏنگھندي رھندي آھي. عاطف سان بھ ڪجھ اھڙو ئي ٿيو ھو، ھو بھ پنھنجي پھرين پيار کي نھ وساري سگھيو ھو، اڄ بھ کيس عذرا جي ياد ائين ئي ستائيندي ھئي جيئن کيس شروعاتي ڏينھن ۾ ستائيندي ھئي. عذرا حيدرآباد ۾ سندس ڪالوني جي ڪنھن حصي ۾ رھندي ھئي ۽ اھي يونيورسٽي لاءِ ساڳي ئي پوائينٽ ۾ چڙھندا ھئا. سندس نظرون ھر وقت عذرا ۾ ئي ھونديون ھيون، انڌي کي بھ خبر پئجيو وڃي تھ ھمراھ عذرا وٽ دل ھاري آيو آھي. عذرا بھ حسن ۽ جواني جو شاندار ميلاپ ھئي، گول ڀريل سينو، ڊگھي ڳيچي، وڏيون ڪاريون اکيون ۽ جڏھن ڪيمپس جي مست ھوائن ۾ ڪارا وار کولي گھمندي ھئي تھ گھڻن جا ئي وات گودا ٿي ويندا ھئا. عذرا جو پيءَ حيدرآباد جو ننڍڙو واپاري ھو، جڏھن تھ عذرا جو ڪامريڊ ڀاءَ جنيد بھ ساڳي يونيورسٽي ۾ ئي پڙھندو ھو، جڏھن ان مُڇو ڪامريڊ کي خبر پئي ھئي تھ عاطف سندس ڀيڻ ۾ نظرون وڌيون آھن تھ پوائينٽ ۾ ھن سان جھيڙو ڪيو ھئائين. جنھن ۾ عاطف جو نڪ ڦٽجي پيو ھو ۽ اک سُڄي وئي ھوس. ان جھيڙي کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينھن تائين کيس پنھنجي بيعزتي جو احساس رھيو ھو ۽ عذرا سان اکيون ملائڻ جي ھمت نھ رھي ھوس. پر عذرا کي ھن جي پرواھ ئي ڪونھ ھئي ۽ دوستن سان گڏ مستي ۾ پئي گھمندي ھئي. عذرا ڪڏھن بھ پاڻ لاءِ عاطف جي اکين مان ڇلڪندڙ پيار جي آبشار کي نھ پرکي سگھي ھئي نھ ئي وري اھو سمجھي سگھي ھئي تھ عاطف جي دل جي ھر ڌڙڪي ۾ ھوءَ ئي سمايل آھي، ھوءَ سندس روح ۾ لھي چڪي آھي.

”عاطف.“ ڪنھن سندس نالو کينو، ھو سوچن جي ساگر مان ٻاھر نڪري آيو ۽ پنھنجي سامھون عديل کي بيٺل ڏٺائين، ٻنھي جي منھن تي مرڪ اچي وئي، عديل جي منھن تي ھلڪڙي ڏاڙھي نظر آيس، پر پوءِ بھ ھو کيس ٺاھوڪو ئي لڳو. ھو اٿي عديل سان ڀاڪر پائي مليو.

”يار تو تھ صفا وساري ڇڏيو آھي.“ عديل مھڻو ڏيندي چيس.

”نھ اھڙي ڳالھ نھ آھي،“ ھن ھيڊي مرڪ مرڪندي جواب ڏنس.

”ڇا پروگرام آھي؟“ عديل پڇيس.

”اڄ ٽرينگ پوري ٿي آھي ھاڻي فارغ آھيان.“ عاطف کيس جواب ڏنو.

”تھ پوءِ اچ مون سان.“ عديل چيس. عاطف پاسي واري ڪرسيءَ تي رکيل ڪارو ٿيلھو کنيو ۽ عديل سان گڏ ھلڻ لڳو. شام جا پوڻا ڇھ ٿي ٿيا، سج پنھنجي طاقت وڃائي چڪو ھو، اھي ٻئي پارڪنگ لاٽ ۾ اچي عديل جي ڪاري وٽز گاڏي ۾ ويٺا. گاڏي ھلڻ لڳي، عاطف دريءَ مان ٻاھر شھر ڪراچي جو نظارو ڪرڻ لڳو، کيس ھر طرف ماڻھن جي ڀڄ ڊڪ نظر آئي. گاڏين جو گوڙ ۽ دونھون کيس ويتر بيقرار ڪرڻ لڳو.

”شادي ڪئي اٿئي؟“ عديل گيئر مٽائيندي پڇيس.

”نھ منھنجا ڀاڳ تو جھڙا ڪٿي.“ عاطف ھڪ ڀيرو ھن کي ڏسي چيو ۽ وري دريءَ کان ٻاھر ڏسڻ لڳو.

”معنيٰ سموري زندگي اڪيلو گذاريندين؟“ عديل طنزيھ انداز ۾ پڇيس.

”زندگيءَ جي جنگ جو اصل مزو اڪيلي سر وڙھڻ ۾ آھي.“ ھن آھ ڀري جواب ڏنس.

”ڇا ڪندو آھين؟“ عديل پڇيس.

”يو ايس ايڊ جي پراجيڪٽ ۾ آھيان.“ ھن چيس.

”ڀلا پيسي خرچ ڪرڻ جي موڊ ۾ آھين؟“ عديل سندس ران تي ھٿ ھڻندي چيو، سندس اھڙو عمل عاطف کي ڇرڪائي ويو، ھو عديل جي ڳالھ نھ سمجھي سگھيو ۽ وائڙن جيان پڇيائينس:

”مطلب؟“

”مطلب کائڻ پيئڻ تھ منھنجي پاران ھوندو، باقي ھن جو موڊ اٿئي تھ پنھنجا پيسا خرچ ڪرڻا پوندئي.“ عديل مرڪي نڪ تي آڱر ھڻندي چيس. ان وقت کيس عديل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. پر ڪجھ بھ نھ چيائنس.

”ھا يا نھ؟“ عديل سنجيدھ انداز ۾ پڇيس.

”جيڪا تنھنجي مرضي.“ عاطف دريءَ کان ٻاھر ڏسندي بيپرواھي مان چيس.

”فليٽ منھنجو ھوندو، ھا باقي ھڪ رات جا ڏھ ھزار ڏيڻا پوندئي.“ عديل وري چيس. ھن کي عديل جي وجود کان نفرت ٿيڻ لڳي. عديل ڊيش بورڊ تان موبائيل کڻي ڪو نمبر ملايو. فون کڄي تھ ھن ڳالھايو:

”اڄ اسان سان ھڪ خاص مھمان آھي ان جو آڌرڀاءُ بھ خاص انداز ۾ ڪرڻو آھي.“ اھو چئي ھن ڪال ڪٽي ڇڏي.

   گاڏي فليٽن جي ھڪ چوڏھن ماڙ عمارت ۾ اندر وئي، عديل بيسمنٽ ۾ گاڏي پارڪ ڪئي ۽ کيس لفٽ ڏانھن وٺي آيو. ٻئي لفٽ ۾ اندر بيٺا تھ عديل يارھين ماڙ جو بٽڻ دٻايو، لفٽ جھٽڪو ڏئي ھلڻ شروع ڪيو. يارھين ماڙ تي لفٽ بيٺي تھ اھي ان مان ٻاھر آيا، ونگ ۾ آمھون سامھون ٻھ فليٽ ھئا، جڏھن تي ونگ ۾ ماربل لڳل ھئا.

”ھي ٻئي فليٽ منھنجا آھن؟“ عديل فخريھ انداز ۾ چيس. ھن ڪجھ ڪونھ چيو، عديل انٽر لاڪ ۾ چاٻي ڦيري ڪاٺ جو آف وائيٽ در کوليو. ھي ٻن ڪمرن ۽ لائونج وارو خوبصورت فليٽ ھو، جنھن کي عديل سھڻي نموني سنگاريو ھو، لائونج ۾ ٻٽيھ انچن جي ايل سي ڊي لڳل ھئي، آرامدھ ڪارا صوفا پڻ ھئا، جڏھن تھ فرش تي ايراني قالين پڻ وڇايل ھو. جڏھن تھ ايل سي ڊي جي ڀرسان ڪارو ڊوائڊر رکيل ھو، جنھن ۾ انيڪ شو پيس ۽ فوٽو رکيل ھئا. عديل ھڪ بيڊ روم ۾ ويو ۽ اُتان شراب جي بوتل کڻي آيو، پاسي کان ڪيچن مان ٻھ گلاس ۽ برف کڻي آيو ۽ پيگ ٺاھڻ لڳو. ھڪ پيگ عاطف کي ڏيندي پيو پاڻ کڻندي مرڪ چيائين:

”چيرس.“ ٻنھي گلاس ٽڪرايا ۽ شراب پيئڻ لڳا ۽ ھتان ھوتان جون ڳالھيون ڪرڻ لڳا. ٻين پيگ کان پوءِ عديل اٿندي چيس:

”مان ماني وغيرھ جو بندوبست ڪرڻ وڃا ٿو، ايتري تائين تنھنجي لاءِ ھڪ خاص مھمان گھرايو اٿم اھو بھ اچي ويندو.“ عديل مرڪي اک ھنيس ۽ فليٽ کان ٻاھر ھليو ويو.

ان وقت رات جا ساڍا ٺ ٿي ٿيا، عاطف گلاس ۾ ٽيون پيگ ٿي ڀريو جو سندس نطر ڊوائڊر ۾ رکيل ھڪ فوٽو ڏانھن وئي. ھو جام کڻي اٿيو ۽ ڊوائڊر ڏانھن آيو، اھو عديل ۽ عذرا جو فوٽو ھو، عذرا جا وار کليل، منھن تي مرڪ ۽ سندس ھٿ عديل جي ڪلھي تي رکيل ھو. فوٽو کي ڏسندي عاطف کي پنج سال اڳ جي اھا منحوس رات ياد آئي، جنھن رات سندس زندگي جا سڀ آرمان ڀري پيا ھئا. اھا ھڪ ڪاري رات ھئي، ڏھين ڌاري ھو آفيس مان نڪري گھر پھتو ھو، آخري سال جي آخري سمسٽر جا امتحان بھ ڪجھ ڏينھن ۾ شروع ٿيڻ وارا ھئا، کيس گھر پھچڻ جي تڪڙ ھئي، ٻن ڪلاڪن ۾ لائيٽ وڃڻي ھئي ۽ انھن ٻن ڪلاڪن ۾ کيس پرھڻو ھو، ھو ٻن ڪمرن واري ننڍڙي گھر پھتو ھو، سندس ڪمري ۾ کٽ، ڪاٺ جي جھوني ميز جنھن تي ھن جا ڪتاب رکيل ھئا ۽ ڪرسي ھئي، گرمي ڪارڻ ھن شرٽ لاھي ڪليءَ ۾ ٽنگي ھئي، ڇت ۾ لڳل پنکي جا ٽئي پر مٽي ۽ مکين جي ويھڻ ڪري ڪارا ٿي ويا ھئا ۽ پنکو ھلڻ مھل ھڪ واھيات آواز بھ ڪڍندو ھو، ھاڻي تھ عاطف کي ان آواز کان ڪاوڙ اچڻ لڳي ھئي. ھو ساڍي ڏھين ڌاري ڪرسي ڇڪي ويٺو ھو ۽ ڪتاب کولڻ وارو ھو جو زور سان سندس گھر جو لوھو در وڄڻ لڳو ھو، ھن کان ڇرڪ نڪري ويو ھو، ڪتاب ميز تي رکي اٿيو ھو ۽ در ڏانھن آيو ھو، در کولي ٻاھر ڏٺو ھئائين تھ پوليس جي موبائيل گھٽيءَ ۾ بيٺل نظر آئي ھوس ۽ ٻھ سپاھي سامھون بيٺا ھوس.

”عاطف؟“ ھڪ ٿلھي ڪاري سپاھي سندس نالو کنيو ھو.

”جي!“ ھن وائڙن جيان پوليس وارن کي ڏسندي چيو ھو.

”ھل اسان سان ٿاڻي تي.“ ساڳي پوليس واري ڪڙڪ لھجي ۾ چيو ھوس.

”پر ڇو؟“ ھن وري بھ وائڙن جيان چيو ھو.

”ھل تھ ٻڌايونئي ٿا.“ ساڳي پوليس واري چيو ھوس.

ھو اندر آيو ھو ڪليءَ تان شرٽ لاھي ٻانھن ۾ وجھندو وري ٻاھر آيو ھو، پوليس وارن کيس موبائيل ويھاريو ھو ۽ ٿاڻي تي وٺي آيا ھئا. ٿاڻي تي ايس ايڇ او جي ڪمري ۾ عذرا جو پيءَ جنھن جي منھن تي ماتا جا نشان ھئا پر سندس اڇي چپٽي ڏاڙھي انھن کي لڪايو ٿي وئي ۽ سندس ڀاءُ جنيد اڳ ئي ويٺل ھئا.

”ھي ئي آھي؟“ ڪاري ايس ايڇ او سپاھي کان پڇيو ھو.

”جي صاحب.“ سپاھي جواب ڏنو ھوس.

”ٺيڪ آھي.“ ھن سپاھي کي چيو ھو، سپاھي سليوٽ ڪري سندس ڪمري کان ٻاھر ويو ھو، جنيد عاطف کي ڏسي خارون کائڻ لڳو ھو.

”نالو ڇا اٿئي؟“ ايس ايڇ او ڪڙڪ لھجي ۾ پڇيو ھوس.

”عاطف.“ ھن ٿڙڪندڙ چپن سان جواب ڏنو ھو، اھو پھريون ڀيرو ھو جو عاطف ڪنھن بھ معاملي لاءِ ٿاڻي تي آيو ھو، ان ڪري سندس وجود خوف ۾ وڪوڙيل ھو مٿان وري جنيد ۽ سندس پيءَ کي اتي ڏسي ويتر ھيسجي ويو ھو.

”ڇا ڪندو آھين.“ ايس ايڇ او ساڳي ڪڙڪ لھجي ۾ پڇيو ھوس.

”سر صبح جو يونيورسٽي ۾ پڙھندو آھيان ۽ شام جو ھڪ ادبي رسالي ۾ نوڪري ڪندو آھيان.“ ھن جواب ڏنو ھو، خوف ڪارڻ لفظ اٽڪي اٽڪي نڪتا ھوس.

”گھر ۾ ڪير ڪير اٿئي؟“ ايس ايڇ او وري ساڳي انداز ۾ سوال ڪيو ھوس.

”سر ڪير بھ نھ آھي مان اڪيلو آھيان، ڪجھ وقت پھريان امان گذاري وئي.“ ھن وري بھ ڏڪندڙ لھجي ۾ جواب ڏنو ھو.

”ھنن کي سڃاڻي؟“ ايس ايڇ او جنيد وارن ڏانھن اشارو ڪندي پڇيو ھوس، ھن ڀيري سندس لھجو ڪجھ نرم ھو.

”جي سر، ھي جنيد آھي ۽ اسان ساڳي يونيورسٽي ۾ پڙھندا آھيون، ھتان ساڳي پوائينٽ ۾ ڪيمپس ويندا آھيون.“ عاطف جيند کي ڏسندي چيو ھو، جنيد ڪاوڙ مان کيس ڏٺو ھو.

”۽؟“ ايس ايڇ او وري پڇيو ھوس.

”ھڪ ڀيرو پوائينٽ ۾ ھن مون سان جھيڙو بھ ڪيو ھو.“ عاطف وري بھ ٿڙڪندڙ چپن سان جواب ڏنو ھو، ھاڻي سندس لڱ بھ ٿڙڪڻ لڳا ھئا.

”ھنن تنھنجي خلاف پرچو ڪرايو آھي تھ تون اعجاز علي جي ڌيءَ عذرا کي ڀڄائي ويو آھين.“ ايس ايڇ او چيو ھوس، اھو ٻڌي عاطف جي پيرن ھيٺان زمين ئي کسڪي وئي ھئي، ھن پاڻ کي ڪنھن ڌٻڻ ۾ ڦاسندو محسوس ڪيو ھو، سندس سوچ سمجھ جا سڀ دروازا بند ٿي ويا ھئا.

”سر اھو ڪوڙ آھي سر مان يونيورسٽي کان پوءِ سڌو آفيس ھليو ويو ھوس، مون تھ اڄ سڄو ڏينھن عذرا کي ڏٺو ئي نھ آھي.“ ھن التجا ڪندي چيو ھو.

”سچ سچ ٻڌاءِ.“ ايس ايڇ او جو لھجو وري ڪڙڪ ٿي ويو ھو.

”سر مان سچ ٿو چوان.“ ھن وري ڳيت ڏئي التجا ڪندي چيو ھو: ”ڀلي اوھان منھنجي آفيس وارن کان پڇيو.“

”ان رسالي جو مالڪ ڪير آھي؟“ ايس ايڇ او ڪڙڪ لھجي ۾ پڇيو ھوس، عاطف کيس رسالي جي مالڪ جو نالو ٻڌايو ھو، ايس ايڇ او کيس غور سان ڏٺو ھو ۽ پوءِ موبائيل فون کڻي ڪمري کان ٻاھر ھليو ويو ھو. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ ايس ايڇ او رسالي جي مالڪ جي ضمانت تي عاطف کي ڇڏي ڏنو ھو. ھو گھر آيو ھو، ان وقت ھن کان سڀ ڪجھ وسري چڪو ھو، ھو کٽ تي سڌو ليٽيو ھو ۽ پنکي جي ميرن پرن کي تڪيندو سوچڻ لڳو ھو: عذرا گھران ڀڄي وئي.... پر ڪنھن سان....؟ اھو ڪير خوشنصيب ھوندو جنھن عذرا جھڙي حسن جي ديوي جي دل کٽي ھوندي...؟ سندس اکين آڏو عذرا جو کلندڙ چھرو اچي ويو ھو، ان تي ويتر سندس دل بيچين ٿي پئي ھئي، ھو کٽ تي پاسا ورائيندو رھيو ھو، ايتري تائين جو کيس ھاڻي پاسراٽين ۾ سور ٿيڻ لڳو ھو پر پوءِ بھ کيس ننڊ نٿي آئي. سندس من گھريو ھو تھ ھو اڇونگرون ڏئي روئي، رڙيون ڪري ۽ سينو چيري پنھنجي دل جي حالت دنيا وارن کي ڏيکاري، پر ھو ڪجھ بھ نھ ڪري سگھيو ھو، سندس اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيون ھيون، ھن گھڻو ئي قابو ڪيو ھو پر ڳوڙھا اکين جا بند ڀڃي ڳلن تي اچي ڪريا ھوس. رات جو ٻھ ٿيا ھئا ان وقت سموري علائقي جي لائيٽ بند ھئي، ھر پاسي گگھ اوندھ لڳي پئي ھئي، وري سندس گھر جو لوھو در تيزي سان وڄڻ لڳو ھو، ھن جو سمورو وجود ڏڪي ويو ھو، ويتر خوف گھيرو ڪري ويو ھوس، ھن ان ڀيري در نٿي کولڻ چاھيو، در ويتر تيزي سان وڳو ھو ڄڻ ڪو ان کي ڀڃي ڇڏيندو. عاطف کٽ تان اٿيو ھو ۽ موبائيل جي روشني ٻاري در ڏانھن آيو ھو، جيئن ئي ھن در کوليو ھو عديل ھڪدم اندر آيو ھو ۽ ھن سان گڏ ڪارو برقعو پھريل ھڪ ڇوڪري بھ اندر آئي ھئي. عديل جو رنگ ھيڊو لڳو پيو ھو ۽ پريشاني سندس منھن مان صاف ظاھر ٿي ٿي.

”عديل ڇا ٿيو ۽ ھي ڪير آھي؟“ عاطف حيراني مان ڇوڪريءَ ڏانھن ڏسندي پڇيو ھوس.

”يار ھي عذرا آھي، اسان ھڪ ٻئي سان بي انت محبت ٿا ڪريون، مان کيس گھران ڀڄائي آيو آھيان.“ عديل ھڪ ساھي ۾ چيو ھوس، عاطف جي دماغ مان ھڪ ٽڪاءُ نڪتو ھو، کيس پنھنجو ساھ منجھندو محسوس ٿيو ھو. کيس لڳو ھو تھ ڪنھن قيامت جو سور ڦوڪي ڇڏيو آھي، ڄاڻ آسمان اچي ڪريو يا ڌرتي ٻھ اڌ ٿي ڦاٽي پوندي.

”عذرا کي تو ڀڄايو آھي!!“ ھن حيراني مان عديل کي ڏسندي چيو ھو، عديل ھن سان نظرون نھ ملائي سگھيو ھو ۽ منھن ٻي پاسي ڪري ڇڏيو ھئائين.

”توکي خبر آھي ھن جي پيءَ مون تي پرچو ڪٽرايو آھي، مان ٻھ ڪلاڪ ٿاڻي تي گذاري آيو آھيان ۽ عذرا کي تون....“ ھن ڪاوڙ مان چيو ھو پر جملو اڌ ۾ ڇڏي ڏنو ھئائين، ويتر سندس اکين مان ڳوڙھا ويھڻ لڳا ھئا.

”اسان جي مدد ڪر.“ عديل ھن جي ٻانھن ۾ ھٿ وجھندي چيو ھوس.

”ڏس عديل ھن وقت منھنجي لاءِ حالتون ڪجھ اھڙيون ٿي پيون آھين جو مان چاھيندي بھ تنھنجي مدد نٿو ڪري سگھان.“ ھن پنھنجو ڏک لڪائيندي چيو ھوس: ”ڪنھن کي بھ رڳو اھا ٻڙڪ پئجي وئي تھ عذرا ھتي آھي تھ منھنجي زندگي تباھ ٿي ويندي.“

”مون توکي اڳ ئي چيو ھو نھ ھي اسان جي مدد نھ ڪندو، ھتان ھل.“ ھن ڀيري عذرا عاطف کي ڏسندي ڪاوڙ مان چيو ھو، اھي ٻئي عاطف جي گھران نڪري ويا ھئا. عاطف ھڪدم در بند ڪري ان کي ٽيڪ ڏئي پٽ تي ويھي رھيو ھو، کيس دنيا زھر لڳي ھئي. کيس پنھنجو روح ڏنگھجندو محسوس ٿيو ھو.

   اوچتو ڪنھن انٽر لاڪ ۾ چاٻي ڦري ۽ در کلي ويو، عاطف ڇرڪ ڀريو ۽ ڊوائڊر کان پري ٿي ويو، جيئن سندس نظر اندر وئي تھ کيس پنھنجي اکين تي ويساھ ئي نھ آيو، ناسي رنگ جي ريشمي لباس ۾ عذرا سندس سامھون اچي بيٺي، اھو ئي خوبصورت چھرو، منھن تي سدا بھار مرڪ، گول ڀريل سينو، عذرا کيس اڳ کان وڌيڪ حسين لڳي. جيئن ئي عذرا جون اکيون عاطف جي اکين سان مليون تھ ھن جي منھن تان مرڪ غائب ٿي وئي.

”عاطف تون.....“ ھن ٿڙڪندڙ لبن جن تي ڳاڙھي لپ اسٽڪ لڳل ھئي سان پڇيو، ھوءَ عاطف سان گھڻي دير نظرون نھ ملائي سگھي ۽ ھيٺ ايراني قالين کي تڪڻ لڳي، عاطف ھٿ ۾ جھليل اڌ ڀريل جام کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي چپ ٿي ويا، ڄڻ ھنن وٽ ٻڌڻ ۽ چوڻ لاءِ ڪجھ نھ ھجي.

”ڪيئن آھين عذرا؟“ عاطف ھوريان پڇيس.

”بس جئيان پئي.“ عذرا اداس لھجي ۾ جواب ڏنس ۽ پوءِ پڇيائينس. ”تون ھتي ڪيئن؟“

”عديل وٺي آيو آھي.“ عاطف بھ اداس لھجي ۾ جواب ڏنس.

”تھ اھو خاص مھمان تون آھين، ھن ڀڙوي توکان بھ پيسا ورتا آھن ڇا؟“ عذرا کيس پٺي ڏيندي چيو. اھو ٻڌي عاطف جي دماغ جون رڳون ڦاٽڻ لڳيون، ساھ کي منجھندو محسوس ڪيائين، سندس ھٿان گلاس ڇڏائجي ويو، ھڪ آواز ٿيو ڄڻ ڌرتي ڌماڪي سان ڦاٽي پئي ھجي، عاطف فرش تي ٽڪرا ٿي ويل گلاس کي ڏسي پنھنجي ھستيءَ جي ٽڪرن کي ڳولھڻ لڳو، عذرا بنا ھن کي ڏٺي فليٽ کان ٻاھر ھلي وئي.


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment