شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - جنوري - 2021ع

گمان


شام 09 لڳي 09 منٽ -جمعو 08 جنوري 2021  170 
image-1

اها ايڪويهين ڊسمبر جي سرد رات هئي...  

”منهنجو پاڇو...!“ پَٽَ تي ڏسندي، هُن ڄڻ ڇرڪندي پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو، شام جي ڳاڙهاڻ سليٽي ٿيندي پئي وئي، هن نظرون آسمان ڏانهن ڪيون، آسمان کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري، اک ڇنڀ ۾ وري زمين تي نِهاريائين. 

منهنجو پاڇو، هان... !؟” وري دل ئي دل ۾ ڳالهايائين، اُن احساس سندس هانءُ ڪڍي ڇڏيو، هانءُ مروٽجڻ واري ڪيفيت جي ڪري پير ڏڪڻ لڳس، ڄڻ اِجهو پٽ تي ڪِري، پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪيائين پر طبيعت ويتر قابو کان ٻاهر ٿي ويس، اکين ۾ پاڻي تري آيس، پنهنجي ئي اکين جي سيلاب ۾ ڄڻ ٻُڏڻ ترڻ لڳي، مٿو جنڊ جيان ڳرو ٿيڻ ۽ ڦِرڻ لڳس، ڀِت جو سهارو وٺندي وري دل ئي دل ۾ چيائين:

 منهنجو پاڇو... !؟” سندس منهن جا رنگ اُڏامڻ لڳا، ساڳيو احساس کيس کائڻ لڳو.

”منهنجو پاڇو.....منهنجو پاڇو.. !؟“ هُن هاڻي چپن ۾ پئي ڀُڻڪيو. 

”سج لهڻ سان منهنجو پاڇو به مونکي اڪيلو ڪري ويو آهي؟“ 

هُن گهر جي اڱڻ ۾ لڳل لائيٽ ٻارڻ جي ڪوشش ڪئي پر قدم نه پئي کڄيس

هي ڇا... قدم به زمين سان چنبڙي پيا آهن ،کڄن ئي نٿا...“ هن وري پاڻ سان ڳالهايو. پوري طاقت سان ساڄو پير کنيائين ۽ ٽن وکن جي پنڌ تي ورانڊي جي ٻاهرين ڀت ۾ لڳل  سونهري رنگ جي بورڊ جي ٽئين نمبر بٽڻ کي هيٺ ڪري بتي ٻارڻ جي ڪوشش ڪيائين ته سامهون دروازي جو چيڪاٽ ٿيو، سندس ڏير دروازي جو انٽرلاڪ کولي اندر داخل ٿيو، هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيائين ته 

ڀاڄائي لوڊشڊنگ جو شيڊول به وسري ويو اٿئي ڇا... لوڊشينگ آهي سو لائيٽ ڪٿان ٻرندي؟

کيس ياد آيو ته منهن هيٺ ڪري پنهنجي ڪمري ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر طبيعت خراب هجڻ ڪري، سندس وکون نه پي کڄيون، ڄڻ زمين تي ڪو چقمق هجي يا ڪا کنئور هاريل هجي، جنهن ڪري سندس پير زمين سان چمبڙي پيا هجن. هوءَ وڏي ڪوشش ۽ پيڙا کانپوءِ ڪمري ۾ آئي، ڊبل  بيڊ تي ويهندي پاڻ کي ڪِيرائي ڇڏيائين اُن حالت ۾ سندس ڄنگهون بيڊ کان لڙڪيل ئي رهيس.

اڄ  مونکي هي ڇا پيو ٿئي... روزانو سج لهڻ سان گهٻراهٽ ۽ خوف ته منهنجو معمول  بنجندو پيو  وڃي... پر اڄ ڪجھ وڌيڪ تڪليف محسوس پئي ٿئي.“ هوءَ ڇِت ۾ نهارڻ لڳي ۽ سوچيندي چوڻ لڳي:

پر اڄ لڳي ٿو اندر ۾ ڪنهن خوف به واسو ڪيو اٿم، ائين ڇو پيو لڳي ته ڪجھ ٿيڻو آهي....!“ 

ان ڪيفيت ۾ سندس چپ خشڪ ٿيڻ لڳا، هوءَ اٿي ويهي رهي، هُن چپن تي زبان ڦيرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُها ته چپن کان وڌيڪ خشڪ هئس، جنهن جي کهراڻ چپن تي محسوس ڪيائين. هُن اکيون بند ڪيون، سندس جسم ساڻو ساڻو ٿيندو وسامندو ويو ۽ دماغ سوچن جي وهڪ ۾ وهندو ويو، پوريل اکين جا بند ٽٽي پيس، لُڙڪن کي رستو مليو جيڪي ڳلن تان وهندا ڪِرندا ويا. هوءَ لڙڪن جي سيلاب ۾  ڄڻ ٻڏندي وئي. ايتري ۾ کيس، پيرن تي آلاڻ محسوس ٿيڻ لڳي، کيس ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ سندس ڪمرو سندس ئي ڳوڙهن سان ڀرجندو پيو وڃي.

گهڙيال جي ٽِڪ ٽِڪ سان کيس ڄڻ زندگيءَ جو احساس ٿي رهيو هئو، گهڙيال جي اسٽرائيڪ سائونڊ سان کيس گذرندڙ ڪلاڪن جو اندازو ٿي رهيو هو.

هوءَ اکيون پوري وري سمھڻ لڳي ۽ ڊسمبر جي ڀوائتي ۽ خوف ۾ ورتل رات گذرڻ ۽ صبح ٿيڻ جو انتظار ڪندي رهي. 

اوچتو گهڙيال ٻه اسٽرائيڪ ڏنا: 

”ٽَن... ٽَن.....“   هوءَ سمجهي وئي  ته رات جا ٻه ٿيا آهن، هُن هٿ وڌائي ويهاڻي ڏانهن موبائل فون ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هٿ چورڻ جي سگهه به نه هيس، سندس جسم اڃان ساڳئي طرح وزني هو ۽ عضوا جڪڙيا پيا هيس ڄڻ ڪنهن رسا ٻڌي ڇڏيا هُجنس. 

ساجد ته پورو هفتو موڪل تي آيو هو، اڃان موڪل پوري ٿيڻ ۾ ٽي ڏينهن باقي هيس، پوءِ اڳ ۾ ڇو هليو ويو. اڄوڪي رات ته رهي ها، کيس خبر به هئي ته اڄ ايڪھين ڊسمبر جي سرد رات آهي، سال جي وڏي ۾ وڏي رات...کيس اِهو احساس ڇو نه ٿيو ته هيءَ هيڏي ساري وڏي طويل رات مان اڪيلي ڪئين گُذارينديس!؟“ سندس اکين جا بند ٻيھر ٽٽي پيا.

گذريل سال ساجد ساڳئي رات مون سان وعدو ڪيو هو ته، ڊسمبر جي اِها رات هو سدائين مونسان گڏ گُذاريندو،ڪٿي به هجي موڪل وٺي ايندو. ساڳئي طرح اسين سموري رات جاڳنداسين، گرم گرم مڱيرا کائينداسين، ليپ ٽاپ تي ڪا فلم ويهي ڏسنداسين.

ساجد جي اوچتو سبب ٻڌائڻ وڃڻ ڪري مومل درد جي عجيب ڪيفيت ۾ لُڙهي وئي  هئي، لڇ پڇ ۾ ويتر ڄڻ سندس ساھ ٻوساٽجي رهيو هو.

ائين پئي محسوس ڪيائين ڄڻ ڪا غيبات سندس سيني تي چڙهي ويهي رهي آهي ۽ سندس ساهه ڪڍي رهي آهي، هوءَ پاڻ بچائڻ لاءِ دانهون ڪرڻ جي  ڪوشش ڪري رهي هئي پر آواز ٻاهر نه پئي نڪتو . اُن ڪيفيت ۾ سندس اک الائي ڪھڙي پھر لڳي وئي. 

ساجد سدائين نوڪريءِ تان موڪل ڪري واپس ايندو هئو ۽ موڪلڻ جا ڏينهن ساڻس گذاري، خيرخوبيءَ سان واپس ويندو ھو، پر هن ڀيري موڪل پوري ٿيڻ کان اڳ ائين ڇو اوچتو واپس هليو ويو. اهڙي ڪھڙي مجبوري هيس. ڇهن سالن کان  سامونڊي جهاز تي ميرائين انجنئيرنگ واري نوڪريءَ ۾ هُن ڪڏهن به ائين نه ڪيو هئو، هو ڊگهو وقت سامونڊي جهاز تي گذاري جڏھن گهر ايندو هو ته ڄڻ مومل جي مُک تي رونق موٽي ايندي هئي. ساجد جي اوچتو وڃڻ سان مومل جي اهڙي ڪيفيت ڇو ٿي وئي هئي، کيس عجيب خوف ڇو ورائي ويا هئا. رکي رکي سندس من اندر وهم ٿي جاڳيو ته اجهو سندس زندگي ۾ ڪو طوفان نه اچي. ساجد جي اچڻ کان اڳ هيءَ سندس نڻان سان ساجد لاء سالگرهه جو تحفو وٺڻ لاء شاپنگ مال وئي، هن اڃا مختلف شيون ڏٺيون ئي پئي جو ڪومل تڪڙ ۾ ڪفلنگ کڻي کيس ڏيکاري مرڪندي چيو هو:

"ڀاڄائي هي ته ڏس ڪيترا نه پيارا آھن، مان ته ادا کي هي ئي تحفي ۾ ڏينديس."

اوڻيھ سالن جي ڪومل ،جيڪا مومل جي  سٶٽ به هئي،  هڪ ٻئي جون ڄڻ ته گهڻ گهريون ساھيڙيون هيون، ٻئي پاڻ ۾ رٿائون رٿي رهيون هون، ته ساجد جي  سالگره جا ڏينهن ويجهو اچي رهيا آهن، ڪا سوکڙي خريد ڪري اچجي.

ٻئي نڻان ڀاڄائي کينچلي انداز ۾ هڪ ٻئي سان مستي مذاق ڪنديون رهيون .

 

صبح جو گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، اُڀ ڏاريندڙ رڙيون دانهون ڪوڪون، هانءُ ڦاڙيندڙ پار ۽ پِٽڪو.  

او منهنجي ڪونج امڙ تنهنجو  ....!!؟“ 

ساجد جي ماءُ جون دانهون پري پري تائين ٻڌجڻ لڳيون، مومل سس جي دانهُن تي ڇرڪ ڀري سُجاڳ ٿي پئي، تڪڙي ڪمري کان ڪومل جي  ڪمري ۾ آئي جتي روڄ راڙو پئي ٿيو. ڪومل جي ڪمري ۾ هڪڙو لاش اجرڪ سان ڍڪيو پيو هو، اجرڪ جو رنگ رت جي رنگ سان گِھرو ٿي ويو هو. مومل کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته ڇا ٿيو آهي، لاش ڪنهن جو آهي. ويتر جو مومل جي سس کيس ڪمري ۾ داخل ٿيندي ڏٺو ته زور زور سان پار ڪڍڻ لڳي، 

”ائي الا، منهنجي مومل ڌيءَ........قھر ٿي ويو.“ مومل جا هوش خطا ٿيڻ لڳا، هوءَ تڪڙي لاش ڀرسان آئي ۽ لاش تان اجرڪ هٽايو، اجرڪ ۾ ڪونج ڪٺل پئي هئي، جنهن جي چپن تي هڪڙي عجيب مُرڪ هئي، ڪومل جي اُگهاڙي مٿي جي وارن ۾ اُهو ڪف بٽڻ وچڙيل هو، جنهن جو سيٽ مومل سالگرهه تي پنهنجي ڀاء ساحل کي ڏنو هو. مومل کي ساجد ۽ ساحل جي چوٿون ڏينهن واري سُس پس ياد اچي وئي، هوءِ سمجهي وئي ته ساجد موڪل جا رهيل ڏينهن پورا ٿيڻ بنا ڪٿي آهي. هو فرش تي ڪِري پئي،سندس جسم وري وسامڻ لڳو ۽  دماغ ڪنهن وهڪري ۾ وهڻ بدران هميشه لاءِ وسامي ويس.

 


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment