شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 29 - نومبر - 2020ع

گلناز ولا


شام 10 لڳي 21 منٽ -ڇنڇر 07 نومبر 2020  107 
image-1

پنجاهه سالن جي گول منهن واري گلناز، جنهن جا وار زور ڪاري ميندي هڻڻ سبب اڃا به ڪوئلي جيان ڪارا هئا ۽ انهن ۾ گلاب جو گل به لڳل هو، ٽيهن سالن کان وارن ۾ گلاب جو گل رکڻ سندس عادت بڻجي پئي هئي، اها عادت کيس ماءُ کان ورثي ۾ ملي هئي، هن سدائين ماءُ کي ٺهي سنڀري وارن ۾ گل هڻڻ مهل مرڪندي ڏٺو هو ۽ هو به جيئن ئي وڏي ٿيڻ لڳي ته وارن ۾ گل رکڻ شروع ڪيائين، وارن جون ڪجهه چڳون سندس منهن تي لڙڪي رهيون هيون.ان وقت کيس گلابي رنگ جو بنارسي وڳو پهريل هو، وڏن پاچن واري شلوار،ان تي ذريءَ جو ڀرت ڀريل، ننڍين ٻانهن وارو چلو،سندس ٿلهين اڇين ٻانهن ۾ چنبڙيل ۽ ان جي پٺئين حصي مان ڪنڌ جو اڀريل ماس ظاهر پي ٿيو. ڪپڙن جي فيٽنگ اهڙي جو هن جي جسم جو هر حصو ڪر کنيو بيٺو هو، سندس اکين ۾ ڪارو مسڪارو لڳل هو ۽ کاڏي تي پاڻ ئي ٽي ڪارا ٽٻڪا ٺاهيا هئائين. گلناز شيفون جي گلابي رئي جنهن تي ذريءَ جي پٺي لڳل هئي،ان کي اڳيان ڪري ڳيچي ۾ وڌندڙ گهنجن کي لڪائي، هڪ آهه ڀري بيڊ روم جي دريءَ مان ڪاري آسمان کي تڪڻ لڳي،کيس لڳو سندس من به ڪاري آسمان جيان اونداهو ٿي پيو آهي. هن جيئن ئي دري جي لوهي گرل ۾ هٿ وڌو ته سندس ٿلهي ٻانهن ۾ پهريل ٽي سونا چوڙا هڪ ٻئي مٿان ڪريا، چوڙن جو اهو آواز به گلناز کي نه وڻيو، ائين ته هن زندگي ۾ نه رڳو عجيب غريب آواز ٻڌا هئا پر عجيب غريب ڳالهيون، گراهڪن جو گاريون ۽ حيرت ۾ وجهندڙ فرمائشون ٻڌيون هيون، پر سندس ڪن ان وقت ڪنهن به آواز ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا، کيس خاموشي ۽ سڪون گهرجو ٿي. هن آسمان مان نظرون ڪڍي ڊريسنگ ٽيبل ڏانهن ڏٺو سندس نظر انپورٽڊ پرفيوم جي گول ڪاري شيشي  ڏانهن وئي، وري کيس لڳو هن پرفيوم نه هنيو آهي ۽ تصديق ڪرڻ لا ساڄي ٻانهن مٿي ڪري ڪڇ وٽ نڪ آڻي سونگيائين، کيس پرفويم جي مهڪ جو احساس ٿيو، هو وري ڪاري آسمان ۾ ڏسي ان پرفيوم بابت سوچڻ لڳي. اهو پرفيوم کيس ڪبير سوناري سوکڙي طور ڏنو هو، جيڪو هو سينگاپور کان وٺي آيو، ڪبير سندس اهم گراهڪن مان هڪ هو ۽ پهريون ڀيرو جڏهن گلناز سان اکيون مليون هوس ته انهي وقت دل هٿن مان ترڪندي محسوس ڪئي هئائين ۽ ڪرسي تي رکيل ڪپڙي جي ٿيلهي مان پرفيوم جي بوتل ڪڍي بيڊ تي ليٽيل گلناز کي ڏيندي چيو هئائين::

”هن حسين جسم مان رڳو هن پرفيوم جي ئي مهڪ اچڻ گهرجي.“ ان تي گلناز وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳي هئي. ڪبير سوناري کي پهرين ڀيرو گلشن وٺي آئي، گلناز کي سوني جا چوڙا ٺهرائڻا هئا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪبير سونارو روز گلناز ولا جا چڪر هڻڻ لڳو، جڏهن به گلناز هن کان پرفيوم جي فرمائش ڪندي هئي ته هو کيس خاص آڊر تي گهرائي ڏيندو هو. گلناز ولا ننڍڙي شهر جو سڀني کان وڌيڪ خوبصورت گهر هو، جنهن جي پلرن تي سنگ مرمر لڳل هو، ان ٻه ماڙ بنگلي جنهن ۾ ٻارنهن کن ڪمرا هئا لا مشهور هو ته اتان جا در سدائين سڀني لا کليل هوندا آهن. جڏهن گلناز سندس جسم تي امپورٽڊ پرفيوم ڇڙڪي ڪمري کان نڪرندي هئي ته ان پرفيوم جي مهڪ سموري ولا ۾ پکڙجي ويندي هئي، ائين ته ولا جا ڪمرا خوبصورت انداز ۾ سينگاريل هئا، گلناز به زماني جي مائي هئي هن مختلف ڪمرا گرهاڪن جي مزاج موجب ئي سينگاريا هئا... شايد انهي ڪري ڪو زمانو هو جو گلناز ولا ۾ گرهاڪ ڇڪجي ايندا هئا، جيتوڻڪ وڏي وقت کان ولا ۾ ڪو نئون ڌاڻو به نه آيو هو.  گلناز  ڪمري ۾ اڪيلي سمهندي هئي ان ۾رڳو خوبصورت بيڊ ۽ ڊريسنگ ٽيبل ئي رکيل هئا.  جڏهن کان شهر ۾ رمسا سندس ٽن جوان ڌيئرن سان رهڻ لڳي ته گلناز جا گرهاڪ گهٽجڻ لڳا، ائين ته گلناز انهي ما ڌيئرن کان وڌيڪ سهڻي ۽ نفيس هئي، پر هر ڌندي جيان هن ڌندي ۾ به اهو ئي اصول ته نئين مال اچڻ سان پراڻي مال جي اهميت گهٽجي ويندي آهي.

 

 .ڪجهه ڏينهن کان گلناز کي ننڊ نه پئي آئي، پاسا ورائي ورائي رات ڪٽڻ لڳي، 15 ڏينهن کان هن ننڊ جون ٽڪيون واپرائڻ به شروع ڪيون هيون.

 بيڊ جي سائيڊ ٽيبل تي پيل ننڍڙي سونهري رنگ جي امپورٽيڊ گهڙيال ڏانهن ڏٺائين جنهن جون سيون هاڻي ڪسجي چڪيون هيون، ان ۾رات جا ساڍا ٽي ٿي رهيا هئا، هن بيڊ جي  سائيڊ ٽيبل وارو خانو کولي ننڊ جي ٽڪي ڪڍي اتي ئي رکيل شيشي جي جڳ مان گلاس ۾  پاڻي  ڀريو ۽ ٽڪي کائي بيڊ تي ليٽي.

.

ان ڏينهن هوء ڏاڍي اداس هئي، صبح سان ئي وهنجي سنهنجي ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون تيار ٿيڻ لڳي، هن گلابي رنگ جي لپ اسٽڪ مان آڱر ٻوڙي چپن تي گهمائي جيڪا هاڻي ختم ٿي چڪي هئي، سمورو ميڪ اپ جو سامان ختم ٿي چڪو هو، هن شاهي عطر واري شيشي ڏانهن هٿ وڌايو جنهن جون کيس تحفي طور ٻارنهن شيشون مليون هيون اڄ  آخري شيشي به خالي ٿي چڪي هئي. 

صبح سان گلناز جي کير واري سان منهن ماري ٿي، هن ڪاوڙ مان کير واري کي چيو:

”هفتي کان کير گهٽ پاڻي وڌيڪ پيو ڏين...“ اهو ٻڌي کير واري شامو کي ڪاوڙ آئي ۽ کري لهجي ۾ چيائينس:

”باجي منهنجو گذريل چيئن مهينن جو حساب سڌو ڪر ۽ کير جو ڪو ٻيو بلو ڪري...“ ان انداز ۾ گلناز سان اڳ ڪنهن به نه ڳالهايو هو، سڀني کي خبر هئي ته هن جا وڏن ماڻهن سان واسطا آهن، ٻيو ته هو وات جي کليل مائي آهي ڪنهن جو پٽڪو لاهيندي دير نه ڪندي، هڪ ڀيرو هن هڪ سياسي اڳواڻ جي پٽ کي ڌڪا ڏئي گلناز ولا مان ٻاهر ڪڍيو هو، ان همراهه تي اڃا تازي جواني مس آئي هئي، ان رات شراب به جام پيتو هئائين ۽ گلناز بدران گلشن سان سمهڻ جي فرمائش ڪئي هئائين. گلناز شروع ۾ ته لنوايو هو، پر هن ٻيڻن پيسن جي آڇ ڪئي هيس. گلناز پيسا وٺڻ کان اڳ گلشن جي ڪمري ۾ آئي هئي.

”باجي ڇا ٿيو، گرهاڪ جلدي هليو ويو ڇا؟“ گلشن حيراني مان هن کي ڏسندي پڇيو، هو گلشن جي پاسي کان ويٺي ۽ سندس ٽنگ تي هٿ رکندي چيائنس:

”گرهاڪ ته هتي ئي آهي، پر کيس مون بدران تون گهرجين.“

”باجي مان.....“ گلشن ڇرڪ ڀري چيس، گلناز سندس جملو اڌ ۾ ڪٽندي چيس:

”حرامي تنهنجي لا ٻيڻا پيسا ڏيڻ لا به تيار آهي، پر جيڪڏهن تون راضي هجين ته پيسا وٺانس.“ ان تي گلشن ڪجهه گهڙين لا سوچ ۾ ٻڏي وئي هئي ۽ پو هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيائين.

”پو جلدي تيار ٿي وٺ ته مان هن کان پيسا وٺي اچان.“ گلناز اٿندي چيس.

”جي باجي....“ گلشن به بيڊ تان اٿندي جواب ڏنس، هو ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي، گلشن ڏهن منٽن ۾ تيار ٿي گرهاڪ ڏانهن وئي. ڪجهه دير ۾ همراهه رڙيون ڪندو ٻاهر نڪتو هو:

”حرامزاديون پيسا ٻيڻا ٿيون وٺو ۽ مال وري ملاوٽي ٿيون رکو.“ ۽ ويتر گلناز ۽ گلشن کي گاريون ڏيڻ لڳو هو، اول ته گلناز معاملي کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر همراهه جي دماغ تي ولائتي شراب ٿي نچي ۽ گلناز کي گار ڏيندي چيائين:

”ڪڃري مان تنهنجو ڌندو بند ڪرائي ڇڏيندس.“ اهو ٻڌي گلناز آپي مان نڪري وئي هئي ۽ همراهه وارن کان پڪڙي ڌنڌوڙا ڏين لڳي، سندس منهن تي ٿڦڙن جا وسڪاري ڪري ڇڏيائين ۽ ڌڪا ڏئي در کان ٻاهر ڪڍي گهٽي ۾ رڙ ڪندي کيس ساڄو هٿ ڏيکاريندي چيائين:

”حرامي ڦر وري هتي وڏي آواز ۾ ڳالهايئي ته ڪاڪڙو ڪڍي ڇڏينديسائن.“ اهو همراهه گلناز جي اکين ۾ وحشت ڏسي ڏڪي ويو ۽ وري گلناز ولا جي ويهجي نه آيو، ان واقعي کانپو ته سفيد پوش ماڻهو گلناز کي ڏسي ڪنڌ جهڪي رستو ئي مٽائي ويندا هئا. گلناز گلشن وٽ آئي هئي، هو بيڊ تي ويهي منهن گوڏن ۾ ڏئي روئي رهي هئي، گلناز کيس آٿت ڏني هئي. ٻاويهه سالن جي ڪڻڪائي رنگ واري گلشن پيدائشي طور ڇوڪرو هئي. هڪ ڀيرو هن پاڻ ئي گلناز کي چيو هو:

”باجي منهنجو جسم ته ڇوڪرن وارو آهي پر روح ڇوڪرين وارو آهي.“ گلشن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ گهر وارن جي خوف کان ڀڄي شهر جو رخ ڪيو هو ۽ گلناز ولا جي در جي اوٽ ۾ ويهي روئي رهيو هو جو گلناز جي نظر پئي هيس. کيس ان وقت به ڇوڪرين وارا ڪپڙا پهريل هئا، جڏهن هن تي گلناز جي نظر پئي هئي ته هن کي به لڳو هو ڪا ڏکن جي ستايل ڇوڪري آهي، پر جڏهن هو گلشن کي اندر وٺي آئي ته خبر پيس هو ڇوڪرو آهي.

”باجي اهي مون کي ماري ڇڏيندا جيئن هنن بختاور کي ماري ڇڏيو.“ گل چيو هوس، سندس آواز توڙي اکين مان خوف ڇلڪيو ٿي.

”توکي ڪير ماريندو؟“ گلناز پريشاني مان پڇيو هوس.

”بابا ۽ چاچا وارا....“ گل وري به خوف مان چيو هوس.

”تون هتي محفوظ آهين هتي ڪير به توکي نه ماري سگهندو.“ گلناز کيس سيني سان لاهي آٿت ڏني هئي. هو سڏڪا ڀرڻ لڳو هو، گلناز هن لا کير جو گلاس کڻي آئي هئي ڪيتري دير کان پو هو ساونت ۾ آيو ته کيس سندس جاڙي ڀيڻ بختاور ياد آئي ۽ وري رڙ ڪندي چيائين:

”هنن منهنجي ڪري بختاور کي به ماري ڇڏيو.“

”ڪير بختاور...؟“ گلناز حيراني مان پڇيس.

”منهنجي جاڙي ڀيڻ.... هن ويچاري جو ڪوبه ڏوهه نه هو.....“ هن وري سڏڪن ۾ ڳالهايو، گلناز کيس وري سيني سان لاٿو، هن سڏڪن ۾ ئي ڳالهايو:

”امان جي پيٽ ۾ ئي بختاور کي ڇوڪرن وارو ۽ مون کي ڇوڪرين وارو روح مليو.... ننڍي هوندي کان ئي مون کي بختاور جا ڪپڙا پائڻ ۾ مزو ايندو هو، جڏهن ته بختاور کي وري ڇوڪرن جيان هر ڪنهن سان ڦڏو ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو، منهنجي اهڙي عادت تي امان دڙڪا ڏيندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ته مار به ڪڍندي هئي، پر پو به منهنجي اها عادت نه وئي، ٻه هفتا اڳ مون امان جي ڪپڙن ۾ ڪاري رنگ جو برا ڏٺو، من ۾ عجيب گدگد ٿيڻ لڳي، دل ۾ آيو ته مان به سيني تي برا ٻڌي ڏسان.... مون قميص لاهي سيني تي ڪارو برا ٻڌو ۽ آرسي اڳيان بيهي ڦري ڪري مختلف زاوين کان پاڻ کي ڏسڻ لڳس. ايتري ۾ امان ڪمري ۾ آئي... مون کي برا پاتل ڏسي سندس وات ڦاٽي پيو، ڀڄندي وڃي ڪپڙن ڌوئڻ واري سونٽي کڻي آئي ۽ مون کي ان سان مارڻ لڳي.... پر مون امان جي برا چورائي بختاور جي ڪپڙن ۾ لڪائي ڇڏي.... ڪلهه سج لٿي مهل برا جي مٿان بختاور جا ڪپڙا پائي ٻنين ڏانهن ويس ته ننڍي چاچا ڏسي ورتو، کيس لڳو ته بختاور ڪنهن سان کريل آهي ۽ بابا وارن سان گڏ اڌ ڪلاڪ کن ۾ گهر آيو ۽ بختاور کي ڪوهاڙي سان ماري ڇڏين... گهر ۾ قيامت اچي ڪڙڪي... مان  خوف ۾ گهر وڃڻ بدران شهر ڏانهن ڀڄي آيس.“       

 ان کانپو گلشن گلناز جي زندگي جو حصو بڻجي ويو، هن وڏي شهر مان سندس جنس مٽرائن واري آپريشن به ڪرائي.

 

پر هاڻي سندن زندگي ويتر ڏکي ٿيندي ٿي وئي، گلشن به گلناز جي ڇڙٻن کان تنگ اچي چڪي هئي،  هن جي هٿ وس به ته ڪجهه نه هو، ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪو گرهاڪ ئي ڪونه آيو هو،  ولا ۾ رهندڙ 16 سالن کان ويندي 40 سالن  جي ڇهن ماين جي لٽي ڪپڙي، ميڪ اپ، کاڌ خوراڪ جو سامان جو خرچ مٿان پوليس جو ڀتو ويتر گهران پئي ڏيڻو پيو .

عيد  کان هڪ ڏينهن اڳ گلشن، گلناز وٽ آئي ۽ چيائنس:

”باجي هڪ گرهاڪ هٿ آيو آهي، پر جيڪو مال گهري پيو اهو پاڻ وٽ نه آهي.... هاڻي ڇا ڪجي؟“ اهو ٻڌي گلناز جو من بيقرار ٿي پيو ۽ بيٺڪ ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلڻ لڳي

گلشن نيٺ سوچي سوچي گلناز جي ڪن ۾ سرٻاٽي ڪندي کيس سندس ئي ڪافور شهر واري سهيلي جو قصو ٻڌايو، جيڪا پڻ گرهاڪن کي ڌوڪي ۾ رکي  ڊمانڊ جي مال جو چئي ٻيو مال ڏيندي آئي ٿي.

 

 گلناز ڪافور شهر واري سهيلي جو نمبر ملايو. فون مان آواز آيو: ”آپ کا بيلنس اس ڪال ڪو ملاني کي ليي ناڪافي هي،“ گلناز کي ڏاڍي چڙ آئي ۽ فون ڪاوڙ ۾ بيڊ تي اڇلائي پاڻ کي به ڍرو ڇڏي بيڊ تي ليٽي. ايتري ۾ فون جي گهنٽي وڳي هن لاپرواهي مان فون ڏانهن ڏٺو، سندس سهيلي جي ڪال هئي. فون تي حال احوال ڪرڻ کانپوء گلناز جي منهن تي ڪجهه اطمنان ۽ خوشي جا آثار تري آيا ڄڻ ساهه پئجي ويس سندس سهيلي سرڪي وارو ٽوٽڪو ٻڌايو جنهن سان هوء آيل گراهڪن کي ڌوڪي سان مرضي جو مال مهيا ڪندي هئي۔

 

پر ٽن گراهڪن جي ملڻ کانپو به گلناز پهريون ڀيرو ملاوٽ وارو مال ڏيندي شرمسار هئي، کيس لڳو هن گرهاڪن جي احساسن ۽ جذبن جو قتل ڪيو آهي. پر هوء ڪري به ڇا پئي سگهي سندس پيٽ گذر هاڻي ڏکيو ٿي چڪو هو. اها گلناز جنهن وٽ رونق ئي رونق لڳل هوندي هئي، جنهن وٽ شهر جا مشهور ماڻهو مهمان ٿي ايندا هئا ۽ جنهن جي قربت تي ناز ڪندا هئا، ان گلناز جي گهر ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان ويراني ڇانيل هئي. هن گلشن کي سڏي خاطري ڏيندي چيو:

”گرهاڪ هٿيڪو ڪجان کيس مرضي وارو مال ملندو.“ اهو ٻڌي گلشن جي منهن تي به مرڪ اچي وئي. گلشن ڳالهه سمجهي ورتي. ٻي ڏينهن اهي گرهاڪ  جو انتظار ڪرڻ لڳيون. اڌ ڪلاڪ مٿي ٿي ويو، پر گرهاڪ نه آيو. گلشن ۽ گلناز لاچار ۽ مايوس هڪ ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳيون. سندن بي وسي  ڏسي گلشن گلنازکي هوريان چيو:

”باجي لڳي ٿو هتان جي ماڻهن ۾ وري شرافت موٽي آئي آهي ۽ هاڻي گلناز ولا ويران ئي رهندو.....“ ان جملي تي گلناز جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون ۽ هڪ آهه ڀريندي چيائين:

”گلشن لڳي ٿو شريف گهرن جي ماين اسان جو وس پائي مردن کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو  آهي.“ ۽ رئي جي پلو سان ڳاڙها اگهندي چيائين:

”مفت جو مال سڀني لا حلال...“

 

 گلناز جي من جي اڻتڻ ويتر وڌڻ لڳي، ننڊ جي ٽڪي به ڪو اثر نه ڏيکاريو، هن بيڊ جي سائيڊ ٽيبل جي خاني مان ٽڪين جو پتو ڪڍيو ۽ يارنهن ٽڪيون هڪ ئي ساهي ۾ کائي اکيون بند ڪري گهري ننڊ جو انتظار ڪرڻ لڳي.

 

 

 


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment