شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

ٻٽي قبر


شام 12 لڳي 34 منٽ -سومر 21 Sep 2020  80 
image-1

آخري حصو

ٻئي ڏينهن ڳوٺان ٽريڪٽر جي ٽرالي ڀرجي آئي، هٿيارن سان ليس ماڻهو پٽڪا گوڏن تي رکي اچي گهرجي پڌر ۾ ويهي رهيا، ممتاز جو ڪاڪڙو پئي لڏيو:

”اهڙي ستي اسان جي بُڻ کي ته پيل ڪونه هئي، تون ڪنهن تي وئين، پيئي دوستي مان فائدو،پيتئي امرت،اسان جي پٽڪن جا ور اکيليئي. تون بيغيرت ٿي ڀلي چپ ڪري ويهي رھه، پر اسان جو رت ٿو ٽهڪي، جيستائين انهن جون رنون کڻي ٻليون نه وجهنداسون، تيستائين چپ ڪري نه ويهنداسين. ٻنين ۽ ونين تي سر هليا وڃن ته هليا وڃن.“

جمال چانھه پاڻي پياري کين ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کين سمجهايو ته ادا هو ٻار آهن کين زماني جي ڪهڙي خبر؟

”جيڪا گهر ڇڏي ڇوري جي ڪڍ لڳي، سا ٻار ڪيئن ٿي؟“ ممتاز صفا مڇرجي پيو.

”ادا ڀلا ٻار ناهن ته بالغ ته آهن نه، سڀاڻي ڪورٽ ۾ وڃي بيان ڏئي، اسان جا هٿ ئي وڍي ڇڏين ته ڇا ڪنداسين، قانوني رستو وٺنداسين.“ جمال ٻيو رستو ورتو.

“قانون جو اسان جي ذاتي مامرن ۾ ڇا وڃي انهيءَ ڪري چوندا آهن ته پڙهيل لکيل ماڻهو، بزدل ٿيندو آهي سو تون به بيغيرت سان گڏ بزدل به آهين،“ ممتاز جي وات مان گڦ وھڻ لڳي.

 ”ممتاز تون ڪجهه به چئي سگهين ٿو، ڏڌل کير ٿڻين ناهي پوندو، تنهن ڪري اسان کي سوچي سمجهي قدم کڻڻو پوندو.“ جمال وري به کين اٻهرائپ وارو قدم کڻڻ کان منع ڪندي چيو.

هڪ ويجهي مائٽ شھپرن کي هٿ ھڻندي چيو: ”

ادا جمال ويچارو آھي مجبور سو هي توهان جي ڳالھه ڪونه سمجهندو، سو ٻيلي هن کان ڀت برادر ڇنو، نه هي اسانجو، نه ئي اسان هن جا، هروڀرو لسي ولوڙڻ مان ڪهڙو فائدو.“

جنهن تي وڏيري سڀني کي چپ ڪرائي چيو: ”

ادا ڳالهھ رڳو جمال جي عزت جي ڪونهي، سڄي راڄ جي عزت جو سوال آهي، سو جيڪڏهن اسان هٿ ٻڌي ويهي رهنداسين ته سڀاڻي هر ڪنهن سان اها حالت ٿيندي، اسان ڪڻو ڪڻو ٿي وينداسين، جي راڄ کي پاڻ سان کڻي هلڻو آهي ته ڇوڪري ۽ ڇوڪرو اسان کي ھٿ ڪرڻا پوندا، ڀل اهي زمين جي پاتال ۾ هليا ويا هجن، اٿو! هرڪو ڪوشش ڪري، ۽ مڙسي ڏيکاري.“

ان تي ممتاز صفا ڀڙڪو کاڌو:

”سردار اڃان ھنن کي هٿ ڪري  راڄ ۾ وٺي اينداسين. اڦٽ نه ماريندا سين.“

 ممتاز ٿڌو ٿي، راڄ جا به ڪي اصول ٿيندا آھن، مسئلو مارڻ جو ناهي، جي ماريئون ته ڳالهھ ختم،ته پوءِ محمد آرام سان ويهي رهي، برادري جو ڏنڊ ڏوھه ڪير ڀريندو، کيس فيصلي ۾ سوڙهو ڪبو، ٻين لاءِ مثال بڻائبو، سو منهنجي صلاح آهي ته ڪم اھڙو ڪجي جو نانگ به مري ۽ نانگ جا ٻچا به مرن، جيئن ھميشہ لاءِ جند ڇٽي پئي.“ وڏيري جمال جي منهن ڏسندي چيو.

سڀئي اٿي کڙا ٿيا، بنا موڪلائڻ جي هليا ويا.

وڏيري محمد تي زور رکيو هٿ پير لڳا، پر ڪا ٻاٻور نه پئجي سگهي ڏيڍ سال کانپوءِ ممتاز ھڻي وڃي هنڌ ڪيو،

وڏيري جي هٿ تي ٻانهن موٽڻ جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، هوڏانهن شبانا کي عذاب واري زندگي گذارڻ سبب ايبنارمل ڌيءَ ڄائي، ڏکيءَ کي ڏک به گهڻا.

مسئلي کي حل ڪرڻ جا آسرا ۽ دلاسا ڏيئي محمد کي وڪڙ ۾ آڻي کائنس ڏس پتو پڇيو ويو ۽ کنڀي ڳوٺ پهچايو ويو، شبانا وڏيري جي ڪوٽ ۾  پهتي.

جتان ڳالھه ماسي مھتيءَ جي وات مان ٿيندي، سڄي ڳوٺ ۾ پکڙجي وئي.

ڳوٺ جون مايون ڌوتيون آيون ۽ هر ڪنهن پنهنجا پنهنجا ويچار ونڊيا ٿي، اڙي مائي مائٽن جي لڄ لاٿائين،

جن پالي تاتي وڏو ڪيس انهن جي منهن ۾ ڌوڙ وجهي نڪري وئي، وري ڌيءَ ڄايس اها به چري اٿئي امان!! اهڙن ڪمن جو نتيجو به اهڙو ئي ملندو آهي.

هڪ ڳالھه کٽائي پئي ته ٻئي شروع پئي ڪئي، امان ڇو اچي جند ارن ۾ اڙايئي، نه کائڻ سک جو نه پهرڻ سک جو، مٿان وري موت جا لامارا، ڏسين نه ٿي هن ننڍڙيءَ جو حال صدمن ۽ سورن جي ڄڻيل ايئن نه هوندي ته ڪو منھن مان رت ٽمندس.

شبانا جيڪا موت جي خوف ۾ ورتل هئي، تنهن ماين جون ڳالهيون جو ٻڌيون ته ويتر هينءُ هاري ويٺي. زائفن جي اچڻ وڃڻ جي ڪري سردار حڪم ڪيو ته کيس ڪمري ۾ بند ڪيو وڃي، اونداهو ڪمرو اڪيلائي ۾ ننڍڙيءَ کي ڊهه پيل، ريلن ۽ رڙين ۾ رات، هڪڙو کير جو ڀريل فيڊر اهو به ختم ۽ نه وري شبانا جي صحت صحيح جو ننڍڙي کي پنهنجو کير پياري سگهي. صبح ٻانگن مهل ڪمري جي در جو ٻاهريون ڪڙو کڙڪيو، ته ساهه مٺ ۾ اچي ويس، در وٽ بيهي پڇيائين: ”ڪير؟“

ٻاهران آواز آيو: ”مان!“

هن وڏيري جو آواز سڃاتو

ھن وڌي در کوليو ته وڏيري کيس پٺيان اچڻ جو اشارو ڪيو.

شبانا ڪپڙن جو ٿيلهو ۽ فيڊر کڻڻ چاهيو ته، وڏيري کيس چيو:

”ننڍڙي کي سمھڻ ڏي رڳو تون ٻاهر اچ.“

شبانا ٻاهر نڪتي، سامهون کيس جيپ بيٺل نظر آئي، سندس قدم هلڻ کان انڪار ڪري بيهي رهيا ته وڏيري جيپ جو در کولي ٻانهن کان وٺي کيس جيپ ۾ ويهار جنهن ۾ ٻه ماڻهو ٻٽون ٻڌل ۽ هٿيارن سان ويٺل هئا. جيپ اسٽارٽ ٿي ته شبانا جي ساهه ۾ منجھه ٿي،کيس سمجهھ ۾ نه پئي آيو ته هوءَ ننڍڙي کي ڪيئن ڇڏي، ھڪ ڀيرو دل چيس  هلندڙ گاڏيءَ مان ٽپو ڏئي لهي پر وري ٻي دل چيس: زندهه رهنديس ته ڪجهه ڪري سگهنديس، تنهن ڪري هن اکيون بند ڪري ڇڏيون ذهن ۾ ڪيترائي وھم، وسوسا ٽانڊاڻن وانگر ٻرندا ۽ اُجهامندا رهيا. ٽن ڪلاڪن جي پنڌ کانپوءِ جيپ هڪ ڪچي گهر اڳيان بيٺي، صبح جي منظر کي هن اکيون کولي ڏٺو، ٻار جيپ کي ورائي ويا مايون دلا مٿن ۽ ڪڇ تي کنيون پاڻي ڀرڻ وڃي رهيون هيون، شبانا جي نڙي سڪل هئي، ھن ڳيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ڄڻ ته نڙي ڪنڊن سان پروڻ هيس.

هڪ مائي گاڏي ڏانهن وڌي آئي جنهن دروازو کلندي ئي شبانا کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ اچي هڪ ڪچي ڪوٺي ۾ کٽ تي وھاريو. ٿوري دير ۾ هڪ همراهه جنهن کي وڏو پٽڪو ٻڌل ۽ ڪلهي تي   ٻه نالي بندوق پيل اندر داخل ٿيو. شبانا جي ڀر ۾ بيهي رعبدار آواز سان کيس چوڻ لڳو:

”هاڻي سڀ ڪجهه وساري ڇڏ، تنهنجا پهريان گهر ڄڻ هيا ئي ڪونه، اسان توکي ساڍن ستن لکن ۾ خريد ڪيو آهي، اڻ ڏٺا سودا ان ڪري ٿيندا آهن، جو هت جيڪو هڪ ڀيرو ايندو آهي، ان جو لاش گهر مان نڪرندو آهي. تنهنڪري ماءُ پيءُ جي تانگھه ۽ رستن تي نيڻ وڇائڻ پڻ گناهه هوندو آهي.“ ايئن چئي هو تارا ڦرڪائي ڪمري مان ٻاهر هليو ويو. شبانا کان ڍڪر نڪري وئي. هن کي محسوس ٿيو ته هڪ دفعو گهر مان نڪرڻ کان پوءِ ماڻهو کي ڪيترائي گهر مٽائڻا ٿا پون.

ٿوري دير کان پوءِ وري ڪمري جو در ٻاهران کليو، ھڪ عورت جي ھٿ جي تريءَ تي ڪُٽَ جي ٿالهي رکيل هئي، جنهن ۾ بسري پيل هئي، جيڪا هن کٽ تي رکي ۽ ڀر ۾ بيٺل 13 سالن جي ڇوڪري کي اشارو ڪري چيائين:

 ”ويهھ اڄ کان هي تنهنجي زال آهي. ڍئو ڪري کاءُ، ھيءَ عمر ۾ توکان وڏي آهي...“

ڪمري ۾ وڏو ٽهڪ گونجڻ لڳو، ۽ ڇوڪرو مٿن کان چڙهي کٽ تي ٿي ويٺو، ۽ بسري جي پڙن کي شبانا جي نصيب جيان ڦاڙي، چيري گرهه پنهنجي وات ۾ وجهندو ويو.

شبانا کي ايئن محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ ته ان جي جسم جي ٽڪرن کي، ان جي ئي رت ۾ ملائي کائي رهيو آهي.

هوڏانهن وڏيري پئسا وٺي ھوڙ گرم ڪئي، ۽ محمد وارن تي ڌار ڏنڊ ڏوهه رکيو، وڏيري جون پنج ئي آڱريون گهه ۾، پئسا وٺڻ کانپوءِ کين ننڍڙي موٽائي ڏني، ته راشد مٿي تي هٿ رکي ويهي رهيو.

 ”ھي ڪھڙو ناحق ۽ هي ڪهڙو ڪلور، نڪاح مٿان نڪاح، نه داد نه فرياد،“ هن پي کي چيو. پڻھس کيس سمجهائيندي چيو:

 ”ڪني مڇي ڪيترو وقت کاري ۾ رکبي،کارو ئي ڍَپَ ڪندو.“

 ”ابا هي وري ڪِني مڇي ڪيئن هئي..... هوءَ ته منهنجي نڪاح وڌي زال هئي، ھن جو ڏوهه رڳو اهو هو ته هن پنهنجي مرضيءَ سان، مون سان نڪاح ڪيو هو.“ راشد چرين جيان ڳالهائيندي چيو. جڏهن پي ڪو به جواب نه ڏنس ته هن وري ڳالهايو:

”مون کان چُڪ ٿي وئي، جو مون توهان سان فون ڪري رابطو ڪيو، ۽ ڦاهو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو، مون کي ڪهڙي ڪَلَ تي پنهون واري ڪار مونسان به پنهنجا ڪندا!“

”اڙي شڪر ڪر، سر بچيو اٿئي، نه ته ڪنڌ واري ڪهاڙي ئي هڪ ھڻني ها.“ پي ڪاوڙ ڪندي چيس.

”بابا اهڙو ڪنڌ ڪهڙي ڪم جو، جيڪو محبت جو بار به نه کڻي سگهي.“ هن ويتر ڏک مان پي کي چيو.

”اڙي حرامي، اباڻي ٻني کپائي، تنهنجو سر بچايو آهي، اڃان به تنهنجي مٿي جي ڀئنوري نه وئي.“ پي ڪاوڙ ڪندي چيس.

 ڪجهه ڏينهن ۾ راشد سنگت ساٿ کان پيسا اوڌارا وٺي، وڪيل ڪيو ۽ نڪاح مٿان نڪاح ڪرائڻ جو ڪيس داخل ڪرايائين، هن وڏيري کي ڌر بڻايو، ڪورٽ جو نوٽيس ملڻ سان ئي وڏيري کي سر جي لڳي ۽ ممتاز کي اوطاق تي گهرايائين.

 ”جيڪڏهن ڇوري ڪورٽ  ۾ منهنجي خلاف بيان ڏنو ته توهان سڀني جا ٻچا ٻار نه هوندا.“ وڏيري  کي ڪاوڙ مان چيو، هن ڪنڌ جهڪائي وڏيري جي ڳالهه ٻڌي.

”اهڙيون رنون ڄڻيو ئي ڇو ٿا جيڪي اڳيان هلي پڳن ۾ هٿ وجهن.“ وڏيري پٽ تي ٿڪ اڇلائيندي چيس.

ممتاز دير ئي نه ڪئي ۽ وڃي شبانا وٽ پهتو، در کي لت هڻي ڪوٺي ۾ اندر آيو، شبانا مامي کي ڏسي ڇرڪجي وئي.

 ”ٻڌ اڙي جيڪو مان چوان ٿو، ڪورٽ ۾ اهو بيان ڏجانءِ، نه ته هڪڙو برسٽ تنهنجي ڪُکِ ۾ پلجندڙ ٻار ۽ تو لاءِ ڪافي هوندو، ۽ انهيءَ راشوءَ جو لاش ڪتا پٽيندا.“

هڪ ڌيءُ کان هوءَ هٿ ڌوئي ويٺي، ٻي ٻار جي آس ھئس ته هو جڏهن سندس جھوليءَ ۾ ايندو ته کيس پاڻ جيان پڙهائيندي، سائيڪل وٺي ڏيندي، پڌر تي گهمندو ته، ناسور ٿي ويل ڦَٽَ ٺري پوندا، ڏکيا ڏينهن گذري ويندا، سک وڻن جيان شاخون ڪڍندا، گل ٽڙندا، ٻج ڪندا، پر اهي خيال کيس سندس ئي وجود ۾ سانڍي رکڻا پئجي ويا.

ڪيس جي ٻڌڻي واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ ممتاز ڪار ڪرائي شبانا کي کڻي ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ اچي شهر پڦيءَ جي گهر پهتو. رات جي پهر ۾ شبانا پڦي جي مدد سان وري راشد سان نڪري وئي. رستي ۾ شبانا راشد کان پڇيو ته پنهنجي نشاني ڪٿي آهي؟ راشد جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۽ هو سڏڪندي کيس ٻڌائڻ لڳو، ته هوءَ سخت بيمار ٿي پئي هئي، ھن کير پيئڻ ڇڏي ڏنو هو، ۽ اکيون کولڻ بند ڪري ڇڏيون هئائين.

شبانا ڍنڍڪر ڏئي پار ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ته راشد چئو پچئو ٻڌي کيس وات تي هٿ رکيو ۽ موٽر سائيڪل تي ويهاري اڪسيليٽر کي گهمايو ته پٺيان ھڪل ٿي، نه ويندين، ھن پوئتي نهاريو ته ممتاز پسٽل جو فائر ڪيو جيڪو راشد کي ڄنگھه ۾ لڳو، ھن پوءِ به موٽر سائيڪل کي تيز ڀڃائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پير سلپ ٿيڻ ڪري، ٻئي ڄڻا ڪري پيا. شبانا راشد کي ڀاڪر ۾ ڀريو، ته وھندڙ رت کيس ڪپڙن تي لڳي، ھن اسڪارف لاهي،سندس ڄنگھه کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هڪ گولي اچي راشد جي مٿي ۾ لڳي،۽ ترڪي ڪري پيو، شبانا هن کي کڻي پنهنجي سٿر تي سمهاريو. راشد جون اکيون ڏائنجي ويون. شبانا جي وارن ۾ هٿ پيو، ته سامهون بيٺل شخص کي ٻانهون ٻڌيون....مٿي کڻي نهاريو،  سندس مامو ممتاز هو:

”ماما مونکي نه مار.... “.

پسٽل مان گولي نڪتي، جيڪا ٻنهي هٿن کي ڪراس ڪري، سندس مٿي ۾ لڳي. شبانا جو لاش جمال وارن وٺڻ کان انڪار ڪيو، محمد ٻنهي جا لاش کڻائي ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو. ۽ ٻنهي کي هڪ ئي قبر ۾ پوريو، اڄ به اها قبر ٻٽي قبر جي نالي سان مشهور آهي.....

مئخاني جي پڌر تي جڏهن ممتاز جا نشا ٽٽڻ شروع ٿيندا آهن ته سندس ڪنن ۾ هڪ رڙ گونجندي آهي:

 ”ماما مون کي نه مار...“

 


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment