شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

ٻٽي قبر


شام 01 لڳي 20 منٽ -آچر 20 Sep 2020  124 
image-1

حصو ٻيو

هڪ ڏينهن محمد سندس پُٽ کي وٺي اچي جمال جي گهر پهتو، محمد ڳوٺ ۾ جمال جو گهڻ گهرو ۽ ويجهو دوست هو، جنهن سان هن زندگي جا ڏکيا سکيا ڏينهن گڏ گذاريا هئا. هن حال اوريندي چيس:

”راشد مئٽرڪ پاس ڪئي آهي. ڳوٺ ۾ ڪاليج نه هجڻ ڪري هو ڏاڍو پريشان آهي. روز روز ڌڪن ٿاٻن سبب وقت تي ڪاليج نه ٿو پهچي سگهي، ھر روز کيس سزا ملي ٿي، جيڪڏهن تون راشد کي پاڻ وٽ رهائين ته سندس ڪاليج وارو مسئلو حل ٿي ويندو.“

جمال دل گهري دوست محمد جي مجبوري ڏسي کيس جواب نه ڏئي سگهيو ۽  ها ڪري ويٺو.

ٻئي ڏينهن ئي راشد سندس سامان سڌو جمال وارن وٽ اچي نڪتو ۽ اوطاق ۾ رھڻ لڳو.

 هڪ ڏينهن جمال پٽ جي موٽر سائيڪل ڪاهي ڳوٺ هليو ويو، جڏهن ته  پٺيان رڪشا وارو ماءُ جي بيماري سبب نه اچي سگهيو،  جنهن جي ڪري شبانا ڪاليج نه وڃي سگهي.  امجد سندس دوست سان اسڪول نڪري ويو.

شبانا سڄو گهر اچي مٿي تي کنيو ته هن جا پريڪٽيڪل ٿي رهيا آهن ۽ هوءَ ڪاليج وڃڻ کان رهجي وئي آهي. پيءُ جي موٽي اچڻ تي هن شڪايتن جا در کولي ڇڏيا. رڪشا وارو ٻي ڏينهن به نه آيو، ته جمال موٽر سائيڪل جي چاٻي راشد کي ڏيندي چيو:

 ”شبانا کي ڪاليج ڇڏي وري موڪل ۾ کيس گهر به کڻي اچي،“ ان تي راشد کي سندس شرميلي طبعيت ڪري من ئي من ۾ ڊڄي ويو.سندس زندگيرڳو ٻن ڪمن تي آڌاريل هئي ڪاليج وڃڻ ۽ اتان کان ٽيوشن سينٽر تي هليو وڃڻ، جتان هو شام جو گهر واپس ايندو هو.

راشد صبح جو تيار ٿي موٽر سائيڪل ڪڍي شبانا جو انتظار ڪرڻ لڳو، سندس من وهم ۽ وسوسن جنم وٺڻ شروع ڪيو: پاڙي واري ڇا سوچيندا.... اوچتو جيڪڏهن بابا ڏسي ورتو ته اهو ڇا چوندو...... اهڙن خيالن تي لڄ وچان سندس منهن ڳاڙهو ٿيڻ لڳو، پر ان هوندي به هو چاچا جمال کي منع نه ڪري سگهيو هو، شابانا ٻاهر آئي ۽ موٽر سائيڪل تي پٺيان چڙهي ويٺي، شبانا جي ويهڻ سان ويتر راشد جا جذبا آپي مان نڪرڻ لڳا. راشد گهڻو نه ڳالهائي سگهندو هو ۽ شروع وارن ڏينهن ۾ بنا ڪو اکر واتان ڪڍي شبانا کي ڪاليج ۽ ڪاليج کان گهر ڇڏي سينٽر تي هليو ويندو هو.

پر شبانا جي من ۾ ڳالهين جا خزانا لڪل هئا، کيس دل جا حال اورڻ لا ڪنهن دوست جي ضرورت هئي ۽ اهو دوست کيس راشد جي صورت ۾ ملي ويو، شروع شروع ۾ ته راشد سندس ڪيترين ئي ڳالهين جو جواب ئي نه ڏيندو هو، پو هون... هان... ڪري شبانا کي ٽاري وڃي. پر موٽر سائيڪل تي ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ھنن جي ويجھڙائي جو سبب بڻيو، هنن پاڻ کي حجاب جي قيد کان آزاد ڪري ڇڏيو. نه رڳو اهو پر شبانا ھر ويلي تي اوطاق وٽ اچي کيس ماني ڏئي وڃي، يا بازار مان هلڪو ڦلڪو سيڌو سامان آڻڻ لاءِ به چئي. هڪ ڀيرو ته شبانا شرارت ڪندي هن کان سيڌي جي ٿيلهي وٺندي راشد جي هٿ تي آڱريون ڦيري مرڪي، سندس اهڙي اوچتي عمل راشد ڇرڪجي ويو ۽ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي وٺي اوطاق ۾ اندر ڀڳو. ڳالھائڻ ٻولهائڻ جي ڪري اهي جلد هڪ ٻئي جي ويجهو اچي ويا، ايتري تائين جو هڪ ٻئي کي دليون ڏيئي ويٺا. شبانا کان هوريان هوريان اهو به وسرڻ لڳو ته ننڍي هوندي کان ئي ڳوٺاڻي ريتي رسمن موجب هو سندس پڦي جي پٽ ڪالوءَ جي نالي ٿيل هئي.

 ڪالو هيس ته پڦي جو پُٽ پر اڻ پڙهيل، ڳوٺاڻو، جنهن ۾ نه رشتن جو احترام هو، نه ئي ڳالھائڻ جو ڪو ڍنگ هو، شبانا هن کان وَئون ويندي هئي، هو کيس ٺپ نه وڻندو هو، ڳوٺان لڏي اچڻ وقت هن لکين شڪر ڪيا هئا، سندس من ۾ ان ڳالهه جي راحت هئي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪالو نالي بلا کان  فيلحال جان ڇٽي پئي آهي.

 هڪ ڏينهن هو ڪاليج کان موٽي ته  پڦي سان گڏ آيل ڳوٺ جي ٻين ماين کي ڏٺائين. کيس پڪ ٿي وئي ته پڦي سندس سڱ جي  ڳالهه ڪرڻ آئي آهي ، هنن سان خير آفيت ڪري ڪمري ۾ اچي لڪي ويٺي.

”هاڻي ڇوڪري جوان ٿي وئي آهي، گڏجي هلي ڪو شاديءَ جي خريداري به ڪجي ۽ جمال جي ڪنن تي اهڙي ڳالهه به وجهجي.“ سندس ڪنن تي پڦي جو آواز پيو، ان جملي تي هن جي من ۾ باهه لڳي وئي ۽ سندس شھه ڇڏائجي ويا، ڏڪڻي وٺي ويس،  هٿ پير ٺري ويس، رهندو چانهھ کڻي اچڻ وقت پڦي جيئن ئي نراڙ تي چمي ڏئي چيس:

”ھاڻ پنهنجي گهر اچي ڪم ڪار ڪجان.“  ان پل شبانا جي ھٿن منجهان چانهھ وارو ٽري ڪرڻ لڳو، هن پاڻ سنڀالي ورتو. وري جو مٿان اهي لفظ چيائينس:

”هل ته هلي تنهنجو ڏيب وٺون، تون پاڻ پنهنجي پسند جو ڏيب وٺ،“ ته شبانا ڳاڙهي ٿي وئي، چانهھ ٽيبل تي رکي ڪمري جو در بند ڪري سڏڪا ڀرڻ لڳي، سندس دماغ ڦيراٽيون کائڻ لڳو.

 هي سڀ ڇا آهي؟ هن آهه ڀري سوچيو.

اڃان منهنجي عمر ئي ڇا آهي!! اڃان ته پڙهائي به پوري نه ڪئي آھي، جيئري ئي باھه جي آڙاهه ۾ اڇلائڻ جا سانڀا ٿي رهيا آهن.... جنهن ڳوٺ کي ڇڏي هن خوبصورت زندگي جا خواب ڏٺا، اهي ساڀيان ٿيڻ کان اڳ ئي سوليءَ تي چڙهي رهيا آهن.... هو آهون ڀريندي سوچيندي رهي. هن کي زندگي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ سرنهن جي داڻن جيان لڳي. جن مان رڳو تيل ئي نڪرندو آهي، ۽ داڻا ڦوڳ ٿي، جانورن جي چاري طور ڪتب ايندا آهن.

هن جي جسم مان ساهه ڇڏائجڻ لڳو، روئي روئي پنهنجا حال ھيڻا ڪري ڇڏيئين، سڏڪن جي قطار لڳي وئي، جن ساھه ئي کڻڻ نه پئي ڏنس.

 زينب ماين سان گڏ سندس شادي جو سامان وٺڻ وئي ته کيس وري ٻيا خيال ورائي ويا، سوچي سوچي مرڪڻ لڳي حسين خيالن جي وادي ۾ هلي وئي جتي رڳو گل ئي گل ۽ پکين جون ٻوليون هيون، باغ جي وچ ۾ پاڻي جو تلاءُ هو جنهن ۾ پکي خوشي مان تڙڳي رهيا هئا ۽ مختلف ٻوليون ٻولي رهيا هئا. تلاءَ جي ڪناري تي کيس راشد بيٺل نظر آيو جنهن جون ٻانهون هن کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ کليل هيون ۽ هو کيس اکين جي اشارن سان سڏي رهيو هو. ڏينهن جو ڏٺل خواب سچي ڪرڻ لاءِ هن اکيون مهٽيون ۽ پاڻ سان گڏ ٻه وڳا کنيا، هن ڪاليج جي ٿيلهي کي کڻي چمي ڏيئي پاسي تي رکي ڇڏيو، پوئين پير ڪمري مان نڪتي ۽ سڌو اوطاق جي در تي پهتي، راشد ڪتاب  پڙهي رهيو هو. هوءَ اکين ۾ پاڻي آڻي سندس ڀر ۾ ويٺي ۽ ڪتاب ٺپي  چيائينس:

”زندگيءَ جو نئون ڪتاب مونسان گڏ پڙهڻ لاءِ هلندين؟“ اوچتي سوال جي پٺيان ڪابه سوچ جواب ڏئي نه سگهي ۽ راشد به بنا سوچي سمجهي هن سان  ڪمري کان نڪري آيو.

شام جي پهر جڏهن ماڻهنس نڻان سان گهر موٽي ته شبانا کي سڏيائين، ڪوبه جواب نه مليس، هو پريشاني ۾ ڌي کي ڪمرن ۾ ڳولهڻ لڳي، پر شبانا گهر ۾ نظر نه آيس، هن امجد کي اوطاق ڏانهن وڃي راشد کي سڏي اچڻ جو چيو، امجد موٽيو ۽ ما کي ٻڌايائين:

”اوطاق ۾ ڪير ڪونهي.“ شام رات جو ويس پاتو، شبانا جي ما جا وهم ۽ وسوسا وڌڻ لڳا، سندس نڻان به هن تي ڏمرجي پئي:

”ڇوري کي واهه جي تربيت ڏني اٿئي، الاهي ڪهڙي يار سان ڀڄي وئي.“ نڻان جي ان جملي تي هو ڪنڌ جهڪائي ندامت ۾ ٻڏي وئي. ڪجهه به ڪڇي ڪين سگهي، سندس نڻان سامان کڻائي ماين سان گڏ کيس پٽون پاراتا ڏيندي نڪتي ۽ ڳوٺ رواني ٿي.

خبر پاڙي مان ٿيندي ڳوٺ جي گهٽين تائين وڃي پهتي ۽ ڳوٺ جي رولو ڪتن به ان تي ڀونڪڻ شروع ڪيو. ممتاز جي ڪنن تائين به پهتي. 

جمال موٽر سائيڪل در کان اندر ڪئي ته پڌري جي پٽ تي ڳاڙهن، پيلن وکريل وڳن تي نظر پيس، موٽر سائيڪل کي اسٽينڊ تي بيهارڻ ڀلجي ويو، اھا ڪري پئي ۽ ممتاز کي ڌڪ لڳو، پر ان کان وڌيڪ اندر ۾ ڌَڪُ لڳو، ڀاڪرن ۾ ڀري کيس کٽ تي ليٽايو ويو، اها گهڙي قيامت جي گهڙي هئي، جنهن ۾ اسرافيل جي سور ڦوڪڻ جو آواز سڀني جي ڪنن ۾ اڀرڻ لڳو.

جيترا هئا وات اوتريون هيون ڳالھيون، ڪو چئي ته ڇوڪري پينگهي ۾ پڌري هئي، وتي پئي گهٽين ۾ سائيڪل هلائيندي، ڪهڙو ضرور هو جو هچاپيو گهر ۾ رهايائون، مئو ٽنگ ڀڳو، نيمڪ جي مار به نه پيس، ته ڪنهن وري پڻهس جمال کي پئي ست سريون ٻڌايون، دادلو ٻار ڪرائي راڄ ۾ خوار، ادا پٽڪو ڌوڙ ڪريائينس، عورت جي چوٽيءَ ۾ هٿ ڀلو، ڪڍرائڻ جي ڪري مڻڪو ٿڏي تي ڀڃي ڇڏجيس.... ته ڪنهن وري چيو نانگ گهر ۾ رهايو هئائين، کير پي ڏنگي ويس، جمال جو ڪنڌ جهڪي ويو. (هلندڙ)


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment