شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 19 - سيپٽمبر - 2021ع

ٻٽي قبر


صبح 10 لڳي 22 منٽ -جمعو 18 Sep 2020  344 
image-1

حصو پهريون

شهر ۾ نجم ڪالوني جي جيئن ئي پلاٽنگ شروع ٿي ته جمال پنهنجي لا  ايڪويهھ سو سٺ فوٽن تي ٻڌل ٻه پلاٽ بوڪ ڪرايا.  هن اهو فيصلو ڳوٺ واري ٻني کپائي ڪيو، کيس لڳو ڳوٺ جون هاڻي، اهي ساڳيون حالتون نه رهيون آهن، مٽي مائٽي ۾ هاڻي ويڇا اچڻ لڳا آهن، ماڻهن جي دلين مان قرب ائين نڪري ويو آهي جيئن خزان جي مند ۾ وڻن تان پن سڪي ۽ ڇڻي پوندا آهن. مٿان وري هر روز بدامني جو راڪاس آدم بو ،آدم بو ڪندو ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو. جنهن جي سٽ ۾ ڪيترا ئي ويڙها ويران ٿيڻ لڳا ۽ قبيلائي جهيڙن جي ڪري رت ڪهاڙين جي ڦر کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو ٿي. الزام بازيون ڪيترين ئي ماين جا سر ڪنهن گلاب جي قلم جيان وڍي ڇڏيا. انهي۔ صورتحال ۾ جمال سندس آئيندو محفوظ ڪرڻ لا  ٻني ٽڪر وڪرو ڪري پلاٽ ورتا ۽ ٻنهي پلاٽن جي مهڙ ۾ ڪجهه دڪان ٺهرائي، ان جي پٺيان ٽن ڪمرن ۽ پڌر واري گهر جي جڳهه کڻائي سک جو ساهه کنيو. ڪجهه ڏينهن ۾ هن گهر ڀاتين سڌو ٽريڪٽر ٽراليون سامان جون ڀرائي اچي شهر لڏو لاٿو. سندس زال کيس صلاح ڏني ته نيئن گهر کي ڪني نظر کان بچائڻ لا صدقو ڪڍي ڇڏجي، زال جي ڳالهه تي عمل ڪندي هن جمعي جي ڀلاري ڏينهن ڀت جون ٻه ديڳيون لاهرائي ڇٽو خير ڪري زندگي  جي ڄڻ نئين سري سان شروعات ڪئي.

هن ٻارن جي لاڏ ڪوڏ سان تربيت ڪئي ۽ اکين ۾ سندن آئيندي جا خواب ڏٺا، سندس وڏي ۾ وڏو ارمان اهو ٿي پيو ته کين پڙهائي جهالت جهڙي اوندهه سان مهاڏو اٽڪرائي ۽ مهڻي تي ماري وجھڻ واري روايت کي هارائيندو. انهن ڏينهن ۾ نجم ڪالوني ۾ ڪي گهڻا گهر ته ڪونه هئا، پر اتي  ھڪ اسڪول ۽ نماز پڙهڻ لا ھڪ مسجد به هئي جنهن جا منارا مٿي اڀي آسمان کي چمڻ جي ڪوشش ۾ هر ايندڙ ويندڙ کي بيٺل نظر ايندا هئا. ان جي  لائوڊ اسپيڪر مان ڏينهن ۾ پنج ڀيرا ڌڻي جو فرض پورو ڪرڻ لا سڏيو ويندو هو.  جمال جي گهر جي سامهون واري گهٽي پهريان سرن جي فرش سان پڪي ڪئي وئي، جيڪا اڳتي هلي سي سي بلاڪ ذريعي  سيمينٽ سان پڪي ٿي، جنهن ڏينهن فرش پي پيو انهي ڏينهن شام جو شبانا ما سان گڏ پڌر ۾ رکيل کٽ تي ويٺي هئي، کٽ تي ٽڪ جي رلي وڇايل هئي ۽ ماڻهس گرمي ڪري هر هر وجهڻو ٿي ڦيريو، شبانا جي من هڪ عجيب آس جنم ورتو ۽ سندس ما زينب جيڪا چوٽيهه سالن جي وچولي قد واري سهڻي ملوڪ مائي هئي، پر زندگي جي لاهن چاڙهن جيڪري سندس اصل عمر کان ڏهارو کن سالن وڏي نظر اچڻ لڳي هئي، هو سدائين وارن جي ڳت ۾ سڳي ٻڌندي هئي ۽ جڏهن به آرسي آڏو بيهي ڦڻي ڏيندي ان ۾ وار ڏسي ته ويتر کيس پڙهي ٿي وڃڻ جو احساس ٿئي، ان سان انگل ڪندي چيائين:

 ”امان مون کي سائيڪل وٺي ڏي.“

ماڻهس ڌي جي اهڙي نرالي انگل تي حيراني مان تي چپن آڱر رکي بيهي رهي ۽ کيس چيائين:

  ” ڇوري اهي وري ڪهڙا شوق پاليا اٿئي،ڇوڪريون به سائيڪل هلائينديون آھن ڇا؟“

 ما جي اهڙي جواب تي شبانا صفا پڙ ڪڍي بيهي رهي.

  ”ڇو ڇوڪرين کي ڄنگهون ٻانهون نه آهن ڇا  جو اهي سائيڪل نه هلائي سگهنديون.“ هن ما سان بحث ڪندي چيو. ”اڙي نڀاڳي مامهين کي خبر پئي ته اهڙا سٽڪا ڪڍندئي جو اهي ٻانهون ڄنگهون ڀڃي ڇڏيندئي.“ هن زينب ويتر رخي لهجي ۾ چيس.

” امان ماما هتي آسان وٽ آهي ڇا جو ائين ڪندو!“  شبانا منهن خراب ڪندي چيس.

”تون مون کان زور آهين ڇوري، پڻهين اچي ته ان سان اهڙو انگل ڪجان....“ ماڻهس منهن ٻئي پاسي ڪري ونجهڻو ڦيرندي چيس.

سج لٿي جي ٻانگ اچڻ لڳي ته ما مٿي تي پوتي سڌي ڪري الله جو نالو وٺي کٽ تان اٿي ۽ ڪنڊ ۾ ٺهيل رڌڻي ڏانهن وئي.

شبانا به ان نئين ٺهيلرڌڻي جو در جهليو هو ۽ وري ما کي منٿ ڪندي چيائين:

  ” تون ڪهڙي ما آهين.... مائرون ته ڌيئن لا سر به ڏئي ڇڏينديون  آهن، تون وري منهنجي اها خواهش به پوري نٿي ڪرين!“

ماڻهس منجهي پئي ۽ ڪو ٽهڪندڙ جواب ڳولهڻ لڳي. اهو بحث شبانا جو ڀا امجد به غور سان ٻڌندو رهيو ۽ سري اچي ڀيڻ جي ڀرسان بيٺو:

 ” شبو تون به سائيڪل هلائيندين ڇا؟“ هن معصوميت ۾ ڀيڻ کان پڇيو.

”جيڪڏهن تون هلائي سگهين ٿو ته مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو، لڳي شرط جيڪڏهن امان وارن موڪل ڏني ته توکي گهمائي لاهينديس.“  شبانا ڀا کي چيو، جنهن تي امجد ڦڪو ٿيڻ لڳو.

”مائي ڇوري زبان ته ڪري وئي آهي.....“ ماڻهيس کيس حيرت مان ڏسندي چيو.

 ايتري ۾ ٻاهريون در کوليو ۽ جمال  گهر ۾ اندر آيو، شبانا بڄندي وڃي کيس ڀاڪر پاتو،

شبانا پنهنجي بابا جي ڳچي ۾ ٻئي ٻانهون وجهي کيس ڳل تي چمي ڏني ۽ پڇيو:

”بابا ڀلا ٻڌا جيڪڏهن امجد مون سان ڪنهن ڳالهه ۾ مقابلو ڪري ته مان کيس ماري وينديس يا نه!“

”ها ها ڇو نه.“ پي کيس ڳراٽڙي پائيندي چيو. اهو ٻڌي امجد ما کي وڃي ڀاڪر وڌو. رات جو زينب جمال کي شبانا جي سائيڪل هلائڻ واري فرمائش جو ٻڌيو.

بحث انهي  تي ختم ٿيو ته هاڻي گهر ۾ ٻه سائيڪليون اينديون ،هڪ شبانا لا ته ٻي امجد لا....

ٻئي ڏينهن جمال ٻه سائيڪليون وٺي آيو، جيئن ٻارن جي نظر سائيڪلن تي پئي ته انهن خوشي ۾ هوڪرا هنيا. هاڻي روز شام جو جمال ٻنهي ٻارن کي سائيڪل سکارڻ لا گهر کان ٿورو پرڀرو کليل ميدان ڏانهن وٺي وڃڻ لڳو.  جمال سهارو  ڏئي کين پينڊل هڻڻ ۽ هينڊل پڪو ڪرڻ سکاريندو هو. اسڪول کان موٽڻ بعد اهي سائيڪلون ڪڍي گهر جي سامهون پڪي سيمنٽ واري روڊ تي پيا چڪر هڻندا هئا.

هڪ ڏينهن شام جو امجد اسڪول جو ڪم ڪري رهيو هو ۽ شبانا سائيڪل تي ويهي سامهون واري روڊ تي ڦيرا هڻي رهي هئي جو سندس مامو ممتاز اچي پهتو، هو قد جو ڊگهو، رنگ جو سانورو ۽ اکين سدائين ڪاوڙ ۾ ٻاهر نڪتل، منهن تي ڪاريون گهاٽيون مڇون جن جون وٽون سدائين وٽيل، هن جڏهن شبانا کي روڊ تي سائيڪل هلائيندي ڏٺو، سندس کليل وارن تي نظر پس ۽ رئو سندس ڳچي ۾ پيل ڏٺائين ته هن ڪاوڙ ۾ شبانا کي وارن کان وٺي در مان اندر ڌڪو ڏنو ۽ سائيڪل کڻي اچي پڌر ۾ اڇلائي دروازو ٽپندي ئي  ڀيڻ تي باهه جهڙا اولا ٿيل لفظ اڇلائڻ لڳو:

”شهر ۾ اچي مت ئي کسجي وئي اٿو، جوان جماڻ ڌي کي روڊن تي سائيڪل هلائڻ لا ڇڏي ڏنو اٿئي، زمانو ڪيڏو خراب ٿي پيو آهي، سڀاڻي ڪجهه ٿي پئي ته راڄ کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندا سين، ڇو اسان جو نڪ وڍرائڻ پٺيان لڳا آهيو.“  ڀا جا تير جهڙا تکا لفظ ٻڌي شبانا جي ما لڄي ٿي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، جڏهن ته شبانا ڀو ۾ شڏڪا ڀرڻ لڳي، سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون.

شبانا مسڪندي روئيندي ڪمري ۾ اچي پلنگ تي ويهي رهي، سندس ما پنهنجي ڀا اڳيان چپ جهڙي ڀت بيٺي هجي ممتاز رخي انداز ۾ زينب کي چيو:

 ”اڳتي جيڪڏهن ڇوڪري ٻاهر نظر آئي ته مون جهڙو  ڀڇڙو ٻيو ڪير نه هوندو.“

”ادا ويهه ته سهي.“ زينب سڪ مان چيس.

”هي ته مان ٻني لا ڀاڻ وٺڻ آيس ۽ سوچيم ته چڪر هڻندو وڃا ،پر اوهان ته ڪسرون ئي پوريون ڪري ڇڏيون ،هت اچي سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا اٿئو،  نه پنهنجي عزت جو خيال نڪو وري ڪنهن ٻئي جي عزت جو ڀرم، ٻيهر مان اهڙي ڪابه حرڪت برداشت نه ڪندس.“ سندس ڪاوڙ اڃا به جهڪي نٿي ۽ ڀيڻ کي اکيون ڏيکاريندي چيائين.

”ادا هي لٽو ميڙ اٿئي بس هاڻي پاڙو ڇا چوندو ،بس ڪر؟“ ڀيڻ منٿ ڪندي چيس. ممتاز ڦوڪيو گهر کان ٻاهر نڪري هليو ويو.  شبانا جي ما ڳوڙها اگهندي اندر آئي.

”امان ماما اسان کي هت به ڪونه ٿو سهي، هو هتي به اسان کي گهمڻ ۽ پنهنجي مرضي سان زندگي گذارڻ ڪونه ٿو ڏئي، پر مان وڏي ٿي گاڏي به هلائيندس.“ شبانا شڏڪا ڀريندي چيس.

اهو ٻڌي ماڻهس هٿ مٿي ڪيو پر پو پاڻ تي قابو ڪري ورتائين.هن سوچيو ته جمال جي اچڻ تي هو کيس سموري ڳالهه ڪري  ٻڌائندي.  وري اهو به خيال آيس ته ڪٿي ٻنهي خاندانن ۾ نفرت وڌي نه وڃي ۽ زهر جو ڍڪ ڀري  چپ ڪري ٻارن کي سمجهائڻ لڳي ته وڏن جو ڳالهيون سدائين ڀلائي لا هونديون آهن، اهي جيڪو  چوندا آهن اهو  ڀلي لا ئي هوندو آهي.

”هي ڳالهه پڻهين سان نه ڪجو.“ هن ٻارن کي سمجهائيندي چيو.

 جمال سچي نيت ۽ ايمانداري سان ڌندي ۾ هٿ وڌو ته هوريان هوريان ترقي ڪرڻ لڳو  ۽ ٻار پڙهندا رهيا. ڳوٺ جا ماڻهو سندس تڪڙي ترقي ۽ ٻارن جي سٺي پڙهائي تي عجيب قسم جا تبصرا ڪرڻ لڳا ۽ ننڍي ذهنيت موجب گند اڇلائيندا رهيا، انهن مان ڪجهه  ڳالهيون   ممتاز جي ڪنن تي به پونديو رهيون، هن ڀيڻ سان ناتو ئي ختم ڪري ڇڏيو.

   شبانا مئٽرڪ پاس ڪري ڪاليج پهتي ته کيس ڇڏڻ ۽ وٺڻ لا سواري جي  ضرورت پئي،  جمال ڌي جي سهولت لا پاڙي جي هڪ رڪشا واري سان ڳالهائي مهيني تي ڀاڙو ڏيڻ واري شرط تي شبانا کي رڪشو هڻائي ڏنو. امجد وري سائيڪل کانپوءِ موٽر سائيڪل وٺي اسڪول اچڻ وڃڻ لڳو. (هلندڙ)


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment