شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

والار


صبح 10 لڳي 40 منٽ -ڇنڇر 18 جولاءِ 2020  136 
image-1

اڃا سج ڪونه اڀريو هو، آئون پاڻيءَ جي واري تان موٽي رهيو هئس، منهنجي ڪجهه ايڪڙ زمين آهي، جنهن جو هارپو به آئون پاڻ ڪندو آهيان، پاڻيءَ جي واري لاءِ مون کي صبح سوير سج اڀرڻ کان اڳ ئي اٿڻو پوندو آهي. هڪ صبح جنهن تي مون سان عجيب لقاءُ ٿيو، اهو هڪ عام رواجي صبح هو، آئون جيئن ٻنا ۽ شاخون ٽپندو، گهر ڏانهن ويندڙ پيچري تي پهتس ته پريان گپ ۾ ڪا اڀريل شيءِ نظر آئي، ائين ته منهنجا انيڪ قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌل آهن جن ۾ ڪڏهن ڪنهن همراهه کي واٽ ويندي ڪا بوتل نظر ايندي آهي، جڏهن اهو همراهه ان بوتل کي کڻي کوليندو آهي ته ان مان هڪ جِن نڪرندو آهي ۽ ان همراهه کي رات پيٽ ۾ مالا مال ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن منهنجي نظر گپ ۾ پيل ان اڀريل شيءِ ڏانهن وئي ته ذهن ۾ پهريون خيال انهن ڏندڪٿائي قصن جو آيو ۽ ڀانيم اجهو منهنجي تقدير به بوتل جو ڍڪ لاهڻ سان بدلجي وئي، ساڳي ئي وقت من اندر اهو خوف به ٿيڻ لڳو ته ڪٿي ان ۾ ڪو شيطاني جِن بند ٿيل نه هجي. ان هوندي به منهنجو تجسس وڌڻ لڳو، ڪجهه گهڙيون بيهي ان مٽيءَ ۾ اڀريل شيءِ کي تڪڻ لڳس، اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو ته اڳيان وڌي ان اڀريل شيءِ کي کڻي وٺان يا نه..... جڏهن دماغ فيصلي ڪرڻ کان ٺپ جواب ڏئي ويو ته مون دل جي ڳالهه ٻڌندي ان اڀريل شيءِ ڏانهن وک وڌائي، سمورو جسم ڏڪڻ لڳو.

نيٺ ان اڀريل شيءِ وٽ اچي پهتس، منهنجي حيرت جي ڪابه حد نه رهي، اکين تي اصل ويساهه ئي نه آيو، سمجهي ويس هن جنم ۾ منهنجي حياتيءَ ۾ ڪوبه جادوئي بدلا نه ايندو ۽ منهنجا انيڪ نسل اها ئي ساڳي ذلت واري زندگي گذارڻ تي مجبور هوندا، مون کي گپ ۾ ٻڏل هڪ ڪاري رنگ جو بوٽ نظر آيو، تڪڙ ۾ اهو بوٽ ڇڪي ڪڍي ورتم، اهو سخت ۽ دٻدٻي وارو لڳو. مون پنهنجي پيرن ۾ پاتل جتيءَ کي ڏٺو جيڪا آخري پساهن ۾ هئي. ويتر عجب ان ڳالهه تي لڳم ته بوٽ جو رڳو هڪ پادر هٿ آيو، سو به ساڄي پاسي وارو، گپ ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسي کاٻي پير واري پادر کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪيم پر هن جوڙي جو ٻيو پادر نظر نه آيو. مون ويتر تجسس مان هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، هڪ ديويءَ جي وڻ جي هيٺان نهاريم، اتي به اهو نه هو. وري ٿورو پريان نهاريم جتي کليل ميدان هو سج جي روشني ۾ ڪجهه نظر آيو. آئون اڳيان وڌي ويس، هي بوٽ جو ٻيو پادر هو، جنهن کي مون ڳوليو پئي. آئون دل ئي دل ۾ خوش ٿي ويس. واهه جو ڪم ٿي ويو. مون ٻئي بوٽ کڻي ورتا. پر اهي بوٽ عام بوٽن کان ڪجهه الڳ هئا، ڊگها ۽ مضبوط ڏسڻ ۾ ٿي آيا، ان هوندي به انهن جي حالت بنهه خراب هئي. ٻنهي ۾ هنڌان هنڌان سوراخ هئا. مٿيون حصو به رڳڙيل هو ۽ اهي مٽيءَ ۾ صفا لٿ پت لڳا پيا هئا. اندران گپ ڀريل هئي. مٿئين پٻن وٽان جتي ڪاري چمڪدار چتي لڳل هئي، اتان هاڻ اڇاڻ به ظاهر پئي ٿي. اهي وزن ۾ به ڳرا هئا. هڪ بوٽ جي ڏوري به نه هئي ۽ ٻئي جي به ڇڳل هئي. پر مون ههڙا بوٽ اڳ ڪڏهن نه ڏٺا هئا. مون سوچيو ته اهي بوٽ موچيءَ کان مرمت ڪرائي آئون پائيندس.

مون بوٽ هٿيڪا ڪري ڪلهي تي رکيا، ان مهل احساس ٿيو ڄڻ ڪنهن ڪلهي تي جبل جيڏو بار رکي ڇڏيو هجي ۽ پنهنجو رستو وٺي گهر موٽي آيس. بوٽن کي اڱڻ ۾ رکيم. پر مون سوچيو ته هن حالت ۾ جيڪڏهن موچيءَ کي ڏيندس ته هو انهن جي مرمت ئي متان صحيح نموني نه ڪري، ان ڪري انهن بوٽن جي صفائي ضروري هئي. سو مون پهرين ته تري اندر ڀريل گپ ڪڍي، ان کان پوءِ پاڻيءَ سان ڌوئي، ٻنهي بوٽن کي صاف ڪيم. هاڻي بوٽ ڪجهه ڏسڻ جهڙا ٿي ويا. بوٽ مون سڪڻ لاءِ اس ۾ رکي ڇڏيا. ايتري دير ۾ مون چانهه سان ماني کائي نيرن ڪئي. اس ۾ سُڪڻ کان پوءِ بوٽ وڌيڪ سخت پئي لڳا. مون وري انهن کي جانچيو. ٻنهي بوٽن جون کڙيون ۽ ترا به گسيل هئا. ائين پئي لڳو ته اهي جنهن به پاتا هئا، ان ماڻهو جام پنڌ ڪيو هو يا اهو متان ڊوڙيو هجي.

پر مون کي اهي مرمت ڪرائي پائڻا هئا. آئون بوٽ کڻي ڳوٺ واري موچي رب ڏني ڏانهن هليو ويس. هو هر قسم جا جوتا مرمت ڪري ويندو آهي. هن کي اها به خبر هوندي آهي ته ڪهڙو بوٽ ڪير پائيندو آهي. هو جوتن جي دائي آهي. گهران نڪري آئون موچي رب ڏني ڏانهن هليو ويس. هو بڙ جي گهاٽي وڻ هيٺ جتيون ڳنڍڻ ۾لڳو پيو هو.

” ڪهڙا حال آهن،.......؟“ هن جتي ڳنڍندي ئي مون کان پڇيو.

” هاري جا حال ڪهڙا هوندا آهن رب ڏنا. ساڳيا ئي آهن.“ مون جواب ڏنو.

” اڙي ميان هي اهڙا سخت بوٽ تو وٽ ڪٿان آيا، اهي بوٽ عام ماڻهن لاءِعذاب مثل هوندا آهن؟“ رب ڏني تجسس ۾ سخت بوٽن کي ڏسندي پڇيو.

”اڙي رب ڏنا ڳالهه نه پڇ صبح دڳ تان لنگهيس پئي جو گپ ۾ انهن بوٽن تي نظر پئي، مون به کڻي ڪلهي تي رکيا، اڃا به ڪلهي تي ڄڻ ڪنهن بار جو احساس پيو ٿئي.“ مون بوٽ کيس ڏيندي چيو.

رب ڏني بوٽ وٺي، انهن کي چڱي ريت جاچيو. ٻنهي هٿن سان بوٽ جي چمڙي کي دٻائي ڏٺائين، انهن ۾ ٿيل سوراخن ۾آڱر وجهي اندازو لڳائين ته ڪيترا ويڪرا آهن.

” ته توکي خبر ڪانهي ته هي ڪهڙا بوٽ آهن؟“ رب ڏني مون ڏانهن نهاريندي پڇيو.

مون ڪنڌ نهڪار ۾ لوڏيو.

” چريا هي لانگ بوٽ آهن، جيڪي فوجي پائيندا آهن، ڏسين نٿو ڪيڏا مضبوط آهن. جنگ وڙهندڙ سپاهي پائيندا آهن. بوٽن جي حالت کي ڏسي ته لڳي ٿو، ڪنهن شڪست کاڌل فوجي جا آهن، پر هي توکي ڪٿان هٿ آيا؟“ هن مون کي بوٽن جي باري ۾ سمجهائيندي پڇيو.

”تون ڇڏ ان ڳالهه کي، مون کي اهي پائڻ جهڙا ڪري ڏي.“

”ها ٺيڪ آهي، ٿي ويندا ۽ هن ۾ ڏوريون به لڳنديون، توکي ٺاهي ٿو ڏيان، پر مون کي لڳي ٿو تون انهن بوٽن جي ڪري ڏچي ۾ پئجي ويندين.“ هن بوٽن جي مرمت ڪرڻ شروع ڪئي. ڪجهه دير ۾ هن بوٽن کي چتيون هنيون، سلائي ڪيائين، ڪوڪا هڻي، بوٽ جو ترو وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيائين ۽ نيون ڏوريون به وجهي ڏنائين. پالش ڪري هن بوٽن کي چمڪائي ڇڏيو.

”هان هي وٺ، هاڻي.“ هن مون بوٽ مون ڏانهن وڌائيندي چيو.

آئون بوٽ ڏسي حيران ٿي ويس، لڳو ئي ڪونه پئي ته ڪو هي اهي بوٽ آهن، جيڪي ڪجهه دير اڳ ۾ مون کي بنهه خراب حالت ۾ مليا هئا. بوٽن جي چمڪ ڏسي منهنجي اکين ۾ چمڪ وري آئي. اهي هاڻ صفا نوان پئي لڳا.

” يار واهه جو ڪم ٿي ويو، پر توسان وهنوار فصل لهڻ کان پوءِ ڪندس، هاڻي هلان ٿو.“

آئون رب ڏني کان موڪلي آيس. مون کي خوشي هئي ته مون وٽ هاڻي پنهنجي ڇڳل جتي بدران اهڙا ته مضبوط بوٽ هئا، جيڪي هاڻ نوان پئي لڳا ۽ انهن کي پائڻ لاءِ آئون بي چين هئس. مون پهرين هڪ پير بوٽ ۾ وڌو. ڪجهه عجيب محسوس ٿيو، منهجو پير ان بوٽ ۾ اچي ته ويو پر اوپرو اوپرو لڳي رهيو هو. بوٽ جي سختيءَ کي آئون محسوس پئي ڪري سگهيس. پر بوٽ مون کي پورو هو. مون ڏوري ڪسي مضبوطي سان ٻڌي ڇڏي. وري ٻئي پير ۾ ٻيو بوٽ پاتم ته اهو به پورو ٿي ويو ۽ ان جي ڏوري ڇڪي ٻڌي ڇڏيم. جڏهن آئون اهي بوٽ پائي هلڻ لڳس ته جام ڳرا محسوس ٿيا، ائين لڳو پيرن سان ڳرا زنجير ٻڌجي ويا هجن. آئون پنهنجي ئي اڱڻ ۾ بوٽ پائي هلڻ لڳس. آهستي آهستي مون کي لڳو ته اهي بوٽ پائي آئون هلي سگهان ٿو. مون فيصلو ڪيو ته هاڻي جڏهن به پاڻيءَ جي واري تي ويندس ته اهي بوٽ پائيندس.

ٻئي ڏينهن صبح جو وري منهنجي پاڻيءَ جو وارو هو، آئون صبح سوير اٿيس، مون کي ان ڳالهه جي خوشي هئي ته اڄ مون وٽ اهڙا بوٽ آهن، جيڪي پائي آئون ٻنيءَ ۾، گاهن واري رستي توڙي گپ مان مزي سان هلي سگهندس. مون جيئن ئي بوٽ پاتا ته مون کي محسوس ٿيو ته اهي بوٽ ڪالهه کان ڪجهه ويڪرا پيا لڳن. پر هونئن به جوتو پير ۾ پائڻ کان پوءِ کلندو آهي. آئون بوٽ پائي ٻنيءَ ڏانهن هليو ويس. مون مزي سان ڪم ڪيو ۽ بوٽ کي ڪا پرواهه ئي ڪانه هئي. آئون به زوري گپ واري پاسي کان هلڻ لڳس ۽ جاچيندو ويس ته ان جا نشان ڪيئن ٿا ٺهن. جوتو گپ ۾ ڀرجي ويو پر پيرن تائين نه پاڻي ويو ۽ نه ئي گپ جو اثر ٿيو. آئون ڪم ڪار ڪري موٽي آيس. مون بوٽ کي ڌوئي صاف ڪيو ۽ اس ۾ سڪائڻ لاءِ رکيم. ائين آئون ٻني ٻاري جي ڪم لاءِ توڙي ڪيڏانهن وڃڻ وقت به اهي ئي بوٽ پائيندو هئس.

هڪ ڏينهن مون کي ٻنيءَ مان گاهه ڪرڻو هو. مون وري اهي بوٽ پاتا، پر هن ڀيري مون کي لڳو ته بوٽ منهنجي پير کان وڏا ٿي ويا آهن. آئون جڏهن اهي پائي هلڻ لڳس ته منهنجي کڙي مٿي کڄي ٿي وئي. مون کي مزو نه پئي آيو. پر مون ڀانيو ته اهو منهنجو وهم آهي. ٻئي ڏينهن به مون سان ائين ئي ٿيو. هن ڀيري بوٽ اڃا به مون کي وڏا محسوس ٿيڻ لڳا.

مون جوتا لاٿا، ٻنهي کي هڪ پاسي رکي انهن جي سامهون پٻن ڀر ويهي رهيس. اها عجيب ڳالهه هئي ته جيڪي بوٽ مون کي پورا هئا، اهي هاڻ ڪيئن پورا نه پئي آيا. انهن بوٽن ۾ ڪو ته راز هو، انهن ۾ ڪا ته طلسماتي طاقت هئي جو رات پيٽ ۾ وڏا ٿيندا پئي ويا، ذهن ۾ عجيب خيال اچڻ لڳا ۽ هاڻي اهي خيال وهم ۽ وسوسن ۾ بدلجڻ لڳا. مون بوٽ کي اڱڻ ۾ ئي رکي ڇڏيو. جڏهن آئون صبح جو اٿيس ۽ پير بوٽ ۾ وڌم ته حيران ٿي ويس. هاڻ منهنجا پير بوٽن جي ماپ کان بنهه ننڍڙا لڳي رهيا هئا. مون پنهنجن پيرن کي غور سان جاچيو، ڪٿي منهنجا پير ننڍڙا ته ڪونه ٿي ويا هئا. مون اٿي بيهي ٻئي پير گڏائي ڏٺا. منهنجا پير ته سالن کان ايترا هئا جيترا هينئر نظر پئي آيا. منهنجي پيرن ۽ بوٽ وارو مسئلو مون کي سمجهه ۾ ڪونه پئي آيو. ڪٿي اهو منهنجو وهم ته ڪونه هو. پوءِ مون کي هڪ اٽڪل آئي. ڇو نه بوٽ هڪ گول دائري ۾ رکي ڇڏيان ۽ ٻئي ڏينهن ڏسان ته اهي ان دائري کان ٻاهر ته نه پيا نڪرن. مون ائين ئي ڪيو، بوٽن کي رکي انهن جي چوڌاري هڪ گول دائرو پائي ڇڏيم. مون کي وهم ختم ڪرڻو هو.

ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن آئون ننڊ مان اٿيس ۽ اڱڻ تي گول دائري ۾رکيل بوٽن جي جاچ لهڻ لاءِ ويس ته اهي بوٽ هر پاسي کان دائري کان ٻاهر هئا ۽ منهنجو ڪڍيل دائرو انهن بوٽن هيٺ اچي ويو هو. اهي بوٽ هئا يا ڪا غيبات؟ ائين بوٽ پنهنجو پاڻ ڪيئن ٿا وڏا ٿي سگهن، اهي ته بي جان هوندا آهن. پر هي ڪي جادو وارا بوٽ ته نه هئا. منهنجي ذهن ۾ ڪئين سوال ڦرڻ لڳا.

آئون پٻن ڀر ويهي انهن بوٽن کي نهارڻ لڳس، انهن مان هڪ کي هٿ ۾ کنيم، اهو مون کي اڳ کان وڌيڪ وزني لڳو. مون ٻيو بوٽ کنيو ته اهو به مون کي ساڳي وزن جيترو لڳو. ان هوندي به دل چيو ته هڪ ڀيرو وري بوٽ پائي ڏسان، مون وري بوٽ پاتا، هاڻ اهي منهنجي پير کان گهڻا وڏا ٿي ويا هئا. هاڻ اهي بوٽ منهنجي ڪم جا نه رهيا هئا. مون کي خيال آيو ته متان بوٽن جو چمڙو ڪو اهڙو هجي، جيڪو کلاسو ٿيندو ٿو وڃي. مون انهن بوٽن کي اتي ئي رهڻ ڏنو ۽ پنهنجي ڇڳل جتي پائي ڪم ڪار ڪرڻ لڳس. ڪجهه ڏينهن ٿي ويا مون انهن بوٽن جو خيال ئي نه ڪيو ۽ نه ئي انهن ڏانهن نهاريم.

هڪ شام جڏهن آئون ڪم ڪار لاهي گهر موٽيس ته اهي بوٽ اڃا به وڏا نظر اچي رهيا هئا. انهن جو ٽنگين کي ڍڪيندڙ حصو به وڏو ٿي ويو هو. مون انهن بوٽن کي پنهنجي ٽنگ سان گڏائي ڏٺو ته اهي ڊگها ۽ ويڪرا ٿي ويا هئا، انهن جو ٽنگين کي ڍڪيندڙ حصو ذري گهٽ منهنجي گوڏي کي ٿي لڳو. آئون وائڙو ٿي ويس. هي شڪست کاڌل بوٽ، ٽٽل ڦاٽل ۽ ڇڳل جوتا، جن کي مون سهڻو ڪرايو ته جيئن آئون پائي سگهان. اهي هاڻ پنهنجي منهن وڏا ڪيئن ٿي رهيا هئا. پر هنن جوتن مون کي ڪو نقصان نٿي رسايو. بس جنهن جاءِ تي هئا، اتي کي نظر ايندا هئا. پوءِ خيال آيو ته ڀلي اهي اُس ۾ سڙن ۽ ڪمزور ٿين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ انهن جوتن جي ماپ ۾اڃا به ڦيرو اچي ويو. اهي هاڻ اڳ کان به وڌيڪ وڏا پئي لڳا. هاڻ اهي منهنجي چيلهه تائين پهچي ويا هئا. مون کي ڊپ ٿيڻ لڳو ته اهي جوتا مون لاءِ ڪا مصيبت نه آڻين. مون سوچيو ته انهن کي هتان کڻي اتي ئي اڇلائي اچان جتان مون کي لڌا هئا.

جوتن کي هڪ ڪٽي ۾ وڌم، ڪلهي تي کڻي، انهن کي اتي ئي اڇلائي آيس، جتان مون اهي کنيا هئا. پر جڏهن به آئون رات جو پاڻيءَ جي واري تي ويندو هئس ته مون کي ڪجهه عجيب آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، اهي جوتن جي حرڪت جا آواز هوندا هئا، بلڪل اهڙا ئي آواز جيئن فوجي هلندا آهن، زور زور سان بوٽ کي زمين سان ٽڪرائيندا، اڳيان وڌندا ويندا آهن. خبر ناهي ڇو اهي جوتا منهنجي ذهن تي سوار ٿي ويا.

هڪ رات مون کي خيال آيو ڇو نه ان جاءِ تي وري وڃان، جتي مون اهي جوتا اڇلايا هئا. مون کي ڊپ به لڳو پئي، آئون سچ پچ ڊنل هئس. پر دل جهلي وري به ان جاءِ ڏانهن آهستي آهستي وکون کڻندو ويس. هڪ وڻ جي اوٽ وٺي بيٺس، چانڊوڪي رات هئي، سوجهرو گهڻو هو. مون انهن جوتن ڏانهن نهار ڪئي، منهنجي دل ڏڪي وئي، دل جو ڌڙڪو وڌي ويو ۽ اکين ۾ ڊپ لهي آيو. مون ڏٺو اهي بوٽ هيترن ڏينهن ۾ جام وڏا ٿي ويا هئا، بلڪل قدآور بوٽ. ڪنهن ماڻهو جيڏا بوٽ. مون کي لڳو اهي هاڻي ڪنهن فوجي وانگر هلندا هلندا مون تائين پهچندا ۽ مون کي لتاڙي ماري ڇڏيندا. مون اتان پير ڊاهڻ جي ڪئي ۽ وٺي ڀڳس، ڊپ وچان منهنجي دل ذري گهٽ سيني مان ٻاهر پئي نڪتي. پوءِ آئون ڪيترن ئي ڏينهن تائين ان پاسي نه ويس پر ساڳيا آواز منهنجي ڪنن تائين پهچندا رهندا هئا.

مون کي رب ڏني ٻڌايو هو ته اهي ڪنهن جنگ هارايل فوجي جا بوٽ ٿا لڳن پر هاڻ اهي بوٽ ڇا ٿا چاهين. انهن بوٽن جي مرضي ڪهڙي هئي ۽ انهن جي وڏو ٿيڻ جو ڪهڙُو سبب هو. جيڪڏهن آئون اها ڳالهه ڪنهن سان ڪريان ها ته اهو مون کي چريو ئي سمجهي ها يا مون کي ڪو وڏو وهمي چوي ها، ان ڪري ڪنهن سان به سلي نه سگهيس.

ڪجهه مهينن کان پوءِ منهنجو فصل تيار ٿي ويو، مون کي اهو لڻڻو هو. آئون صبح سوير گهران نڪري ٻني ٻاري ڏانهن ويس. ساڳيو پيچرو وٺي آئون ٻنيءَ ڏانهن وڃي رهيو هئس جو  پريشان ٿي ويس. مون کي پنهنجين اکين تي ويساهه ڪين پئي آيو، جيڪو نظارو منهنجين اکين ڏٺو، ڪجهه پلن لاءِ ته لڳو اهو خواب آهي. پر اهو منظر سچ هو. اهي بوٽ، جن کي مون ٺهرائي تيار ڪرايو هو، جن کي ڏسڻ لائق بڻايو هو ۽ جن جي ڇنڊ ڦوڪ پيو ڪندو هئس، اهي هاڻ ايترا وڏا ٿي ويا هئا، ايترا وڏا جو اهي اجگر بوٽ منهنجي تيار فصل جي مٿان پنهنجو قبضو ڄمائي چڪا هئا، مون کان منهنجي زمين کسجي لانگ بوٽن هيٺ اچي وئي .

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment