شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 12 - جولاءِ - 2020ع

سچنا نظام


شام 11 لڳي 25 منٽ -اربع 17 اپريل 2019  459 
image-1

ليپ ٽاپ جي اسڪرين جھٽڪو ڏئي بند ٿي وئي، ڪيتري ئي دير کان سميٿا ان کي ھٿ نھ ھنيو ھو، ھن پنھنجي گيم جي پروگرامنگ بابت سوچيندي سوچيندي ڪاري پوش واري پروگرامنگ جي ٿلھي ڪتاب تي ٺٺون رکي انھن جي وچ ۾ ڪنڌ رکيو تھ کيس ننڊ وٺي وئي. گذريل اٺيتاليھ ڪلاڪن ۾ اھا پھرين گھڙي ھئي جو سميٿا جي اک لڳي ھئي. انھن اٺيتاليھ ڪلاڪن دوران سندس من اندر جي ڪيفيت عجيب ٿي وئي ھئي. کيس ڪجھ بھ نٿي وڻيو، سندس ڪارين ڪجلين اکين ۾ ڏارا پئجي ويا ھئا. ھن ڪالھ شام جيڪو پيزا آڊر ڪيو ھو، ان مان رڳو ھڪ ٽڪرو ئي کاڌو ھئائين، پيزا جي ڳارھي دٻي ۾ پيزا جي ٽڪرن مٿان ٿلھيون تڏون ۽ ماڪوڙا ٿي گھميا. ننڍڙي ڪمري جي در جي چانٽ مٿان ڀت تي لڳل گول گھڙيل جون سويون ٽڪ ٽڪ ڪنديون ڦرنديون ٿي ويون.

ستاويھ سالن جي ڊگھي ڳيچي، ڪارن ريشمي وارن ۽ گول ڇاتين واري سميٿا جي من جي اھڙي ڪيفيت ماءُ جي ايميل پڙھڻ کانپوءِ ٿي ھئي جيڪا ھن اٺيتاليھ ڪلاڪ اڳ آفيس وڃڻ مھل پڙھي ھئي، کيس پنھنجي صبح سوير سماجي رابطن واري اڪائونٽن ۽ ايميل پڙھڻ واري عادت تي ڪاوڙ آئي ھئي ۽ ان مھل کان ھن پاڻ کي قبر جيتري ننڍڙي فليٽ جي ڪمري جيڪو کيس ڪمپني طرفان مليل ھو جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو. ھن جڏھن اڪائونٽ کولي ايميل جاچڻ جي ڪئي ھئي تھ اکين آڏو سندس ويڳي ماءُ سميرا جي اڍائي سٽن جي مختصر ايميل تي نظر پئي ھيس. ايميل کي ڪوبھ عنوان ڏنل نھ ھو، جيئن ئي ھن ايميل پڙھي تھ سندس من اندر ۾ باھ لڳي وئي ھئي ۽ اکين تان ٿلھن شيشن واري نظر جي عينڪ لاھي ميز تي سٽيندي ڪاري پلاسٽڪ جي ڪرسيءَ تي ويھي رھي ھئي، گول ڇاتين کان ٿورو ھيٺ ٻئي ھٿ ٻڌا ھئائين ۽ چپن ۾ ڀڻڪيو ھئائين:

”امي تو ڪڏھن منھنجي خواھشن جي پرواھ نھ ڪئي آھي، تو رڳو سدائين پنھنجي ذات جو فائدو ئي سوچيو آھي.“

سميٿا ٿڌو ساھ ڀري وري ليپ ٽاپ جي روشن اسڪرين کي ڏسي تڪڙ ۾ ٻيون ۽ ٽيون ڀيرو ايميل پڙھي ھئي:

”تنھنجو اھو بيوقوف گيم وارو پروجيڪٽ منھنجي سياست ۾ رنڊڪ وجھي رھيو آھي، منھنجا سياسي مخالف ان جو فائدو کڻي رھيا آھن ۽ تنھنجي خلاف غداري جا الزام پيا ھڻن. تون سدائين منھنجي لاءِ مصيبت جو ڪارڻ ئي رھي آھين.“

اھي سٽون پڙھي سميٿا جي دماغ جون رڳون ڦاٽڻ لڳيون ھيون. ھاڻي جڏھن ھوءَ پروجيڪٽ پورو ڪرڻ جي صفا ويجھو اچي پھتي ھئي تھ سندس ماءُ ان جي سڀ کان وڏي مخالف بڻجي پئي ھئي ۽ اھو بھ رڳو ان ڪري جو ھوءَ سياسي طور ڪمزور ٿي رھي ھئي. سندس سياسي مخالف ھر جلسي ۾ سميرا ۽ ھن تي جمھوريت دشمن ۽ غدار ھجڻ جو الزام ھڻي رھيا ھئا. جڏھن تھ سوشل ميڊيا تي بھ ھنن جي فوٽن کي بيگاڙي انھن ھيٺان گاريون ۽ غداري جا مھر ھڻي پوسٽ ٿي رھيا ھئا.

”ھن معاشري کي جمھوريت جھڙي دلفريب دوکي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو وقت ويجھو آھي، ڊڄ نھ سميٿا منزل ويجھي آھي.“ اوچتو سندس ذھن ۾ پڙاڏو ٿيو. ھوءَ ڇرڪ ڀري اٿي پئي، وائڙن جيان ڪمري ۾ ھيڏانھن ھوڏانھ ڏٺائين، اھو سندس ئي من اندر جو آواز ھو.

سميٿا بمبادنگر جي سڀ کان وڏي ٽيڪنالاجيڪل ڪمپني ”بائيڪس ٽيڪنالاجيڪل ڪمپني“ ۾ گيم ڊيولوپر ھئي ۽ ھن ھڪ اھڙي گيم ٺاھڻ جو پروجيڪٽ کنيو ھو جنھن ۾ ھڪ ڇوڪري جمھوري نظام کان بيزار ٿي حڪمراني جو ھڪ نئون نظام جوڙي ٿي جنھن ۾ عام چونڊون جھڙو واھيات مذاق بلڪل نھ ھوندو.

  اڄ کان سال اڳ جڏھن ھوءَ اٺ منزلن واري بائيڪس ڪمپني جي خوبصورت بيضوي ڪانفرنس ھال ۾ پنھنجي پرپوزل جي بچاءُ ۾ شيشي جي سائي پوڊيم تي بيٺي ھئي تھ نھ رڳو سندس دل پر سمورو جسم ٿڙڪي رھيو ھو، ھن ڳيت ڏئي ٻائتاليھ سالن جي جسم ۾ ڀريل پروجيڪٽ مينجر گاگا جنھن جا پيلا ڊاءِ ٿيل وار مردن جيان ڪٽيل ھئا، چپن تي واڱڻائي رنگ جي لپ اسٽڪ لڳل ھيس ۽ ڪنن ۾ چمڪندڙ وڏيون واليون پھريل ھيس، جنھن سندس گائيڊ ٿيڻ جي حامي ڀري ھئي ڏانھن ويران نظرن سان ڏٺو ھو. مس گاگا جيڪا ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ جي انداز بدران پنھنجي ڇاتين جي سائيز جي ڪري وڌيڪ مشھور ھئي ۽ کيس اڪثر ڪري سندس ساٿي ”مس اوور سائيز“ چوندا ھئا، مرڪي ھن ڏانھن ڏسي ھاڪاريءِ ۾ ڪنڌ لوڏيو ھو تھ ڪجھ پلن لاءِ سميٿا جي جسم ۾ جان پئي ھئي ۽ پروجيڪٽر تي پھرين سلائيڊ کي ڏسندي ، وڏو ساھ کڻي ھن ڪاري سنھڙي مائيڪ ۾ ڳالھايو ھو:

”بمبادنگر جي اسي سالن جي تاريخ ۾ جمھوريت جھڙو نظام بھ جنھن کي ھن وقت تائين جي انساني تاريخ جو بھترين حڪومتي نطام سمجھيو پيو وڃي بمبادنگر واسين کي پورو امن، سک ۽ شانتي ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آھي. تان جو جمھوريت ان کان اڳ آيل سڀني حڪموتي نظامن کان بھتر نظام آھي پر اھا بھ ھاڻي ڇھ سو سال پوراڻي ڳالھ ٿي چڪي آھي. جڏھن اسان جو معاشرو ان نظام مان گھربل فائدا حاصل نھ ڪري سگھيو آھي تھ ڇا ھاڻي اھو وقت نھ اچي ويو آھي تھ اسين ھڪ اھڙي حڪومتي نظام بابت ويچاريون، جنھن ۾ عام چونڊن جھڙو ناسور ختم ٿي ۽ عوامي حڪومت جھڙو واھيات نعرو نھ لڳي.“

ھن ھڪ پل لاءِ ساھي پٽي ھئي، سمورو ھال اونداھو ھو ۽ ان ۾ رڳو پروجيڪٽر جي اڇي روشني ۾ ھلندڙ سلائيڊون ئي نظر ٿي آيون، جنھن جي ڪري سميٿا کي ھال ۾ ويٺل ماڻھن جي تاثرن جو اندازو نٿي ٿيو، پر کيس پورو ويساھ ھو تھ ھن ھال ۾ ضرور اھڙا گيم ڊيولپنگ جا ماھر بھ ويٺل ھوندا جن جو جمھوريت سان بھ عشق ھوندو.

ھن وري ڳالھايو ھو، ھن ڀيري سندس آواز ۾ وڌيڪ اعتماد ھو: ”اھو سوال منھنجي ذھن پھريون ڀيرو تيرھن سالن جي عمر ۾ آيو جڏھن مون پنھنجي ماءُ جي چونڊ مھم دوران عوامي جلسي ۾ تقرير ٻڌي ھئي.“ ھن تي سموري ھال ۾ ٽھڪ لڳي ويو ھو، جنھن جي ڪري سميٿا جي منھن تي بھ مرڪ اچي وئي ھئي، ھن ڳالھايو ھو:

”ان وقت ئي مون کي احساس ٿيو ھو تھ ھاڻي بمبادنگر کي ھڪ نئين ۽ جديد حڪومتي نظام جي ضرورت آھي جيڪو سياست کان ھزارين ميلن جي فاصلي تي ھجي. جيئن تي ان دور ۾ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي تيزي سان وڌي رھي ھئي، ان ڪري اسڪول کان پوءِ منھنجو باقي وقت ڪمپيوٽر گيمون کيڏندي گذرندو ھو ۽ منھنجي ماءَ جو اڪثر وقت سياسي ميدان ۾ پنھنجن سياسي مخالفن کي ختم ڪرڻ جي تدبيرن ۾ گذرندو ھو. ان دوران منھنجي زندگي ۾ ”ايج آف ايمپائرز“ ۽ ”ريڊ الرٽ 2“ جھڙيون جنگي ۽ سياسي حڪمت عملي واريون گيمون آيون ھيون جن منھنجي سوچڻ جو انداز ئي مٽائي ڇڏيو ۽ مون سوچڻ شروع ڪيو تھ ھڪ اھڙي ڪمپيوٽر گيم ٺاھجي جنھن ۾ ھڪ ڇوڪري جمھوريت بدران نئون نظام ڏيڻ لاءِ ميدان ۾ لھي ٿي . شروع کان وٺي آخر تائين ھر مرحلي ۾ سندس ميشن اھو ھوندو تھ ھوءَ وڌ کان وڌ ماڻھن کي جمھوريت جي خلاف ڪري ۽ وڌ کان وڌ ماڻھن کي نئين حڪومتي نظام جنھن کي مون گيم ۾ ”سچنا نظام“ جو نالو ڏنو آھي لاءِ راضي ڪري.“

سميٿا ڳالھائڻ بس ڪيو ھو، پٺيان سلائيڊ مٽجي وئي ھئي، ھن سلائيڊ ڏانھن ڏسي وري ڳالھايو ھو:

”ھي گيم چار مرحلن ۾ ورھايل ھوندي: پھريون مرحلو: بمبادنگر مان ھر نظريئي ۽ فڪر جي تنظيم کي ختم ڪرڻ. جيئن تھ جمھوري نظام ۾ سياسي تنظيمن جي اھميت ھوندي آھي، جيڪي چونڊن ۾ ماڻھن کان ووٽ وٺن ٿيون، اڪثريتي پارٽي حڪومت ٺاھي ٿي ۽ اقليت واري مخالف ڌر ٿئي ٿي ۽ پوءِ ٻئي ڌريون ايندڙ پنجن سالن تائين رڳو ھڪ ٻئي جا لاھ ڪڍڻ ۾ لڳي وڃن ٿيون. ھن مرحلي ۾ سياسي تنظيمون ولن ھونديون ۽ ڇوڪري جي منزل تائين پھچڻ ۾ رنڊڪون وجھنديون. جيئن تھ بمبادنگر ۾ ھن وقت ٽي مک سياسي تنظيمون آھن، ان ڪري گيم ۾ بھ ٽي سياسي تنظيمون رکيون وينديون ۽ اھي سڀ ڇوڪري کي نقصان پھچائڻ گھرن ٿيون، ڇوڪريءَ کي انھن کان بچڻو آھي.

ٻيو مرحلو: چونڊون ۽ ووٽ ختم ڪرائڻ جو ھوندو، جمھوري نظام ۾ چونڊن دوران عوام جو ووٽ وجھڻ لازمي ھوندو آھي. پر بمبادنگر جي تاريخ ۾ جيتريون بھ چونڊون ٿيون آھن انھن ۾ ڪڏھن بھ عوام جي ووٽ جو احترام نھ ڪيو ويو آھي، چونڊن جي ٻئي ڏينھن تي ٽپا لڳل بليٽ پيپر گٽرن ۽ گند جي ڍيرن تان ملندا آھن پوءِ بھ انھن کي صاف ۽ شفاف چونڊون ئي قرار ڏنو ويندو آھي. اھڙي ريت پري پول ريگنگ کان وٺي ووٽ خريد ڪرڻ بھ بمبادنگر جي ھر چونڊ جو حصو رھيو آھي. ھن مرحلي ۾ ڇوڪري ان ووٽ ذريعي چونڊن خلاف ويڙھ ڪندي.

ٽيون مرحلو: ھن مرحلي ۾ ڇوڪريءَ جو حدف ھوندو ھر قسم جي سياستدان کي ختم ڪرڻ.

چوٿون مرحلو: مٿين ٽن مرحلن کانپوءِ ڇوڪري ”سچنا نظام“ جو ڍانچو ڏيندي ۽ پوءِ ان لاءِ مختلف ڪردارن کي استعمال ڪري سچنا نظام جو بنياد رکندي.“

سندس پريزنٽيشن پوري ٿي ھئي. ھال جون بتيون کليون ھيون. ھوءَ اچي مس گاگا جي پاسي کان اسٽيج تي ويٺي ھئي، سندس دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳي ھئي، ھن ھيڊي مرڪ مرڪي سانوري ميڊم گاگا ڏانھن ڏٺو ھو. ھڪ گنجو ڳاڙھو ڳٽول مينجر، جنھن کي نيري رنگ جو ٽو پيس سوٽ پھريل ھو ۽ ڳاڙھي رنگ جي ٽاءِ ڳيچي ۾ ٿي لڙڪيس. ھن ڪاوڙ مان سميٿا جي پروجيڪٽ کي بڪواس ۽ ردي چوندي مس گاگا کي ڏسي طنز ڀريءَ لھجي ۾ چيو ھو:

”مون کي ڪابھ حيرت نھ آھي تھ اھڙا ٻاراڻا پروجيڪٽ رڳو ميڊم گاگا ئي کڻندي آھي.“

ھال ۾ ويٺل ماڻھو مشڪڻ لڳا ھئا. ميڊم گاگا جھڪي سنھڙي ڪاري مائيڪ ۾ پراعتماد نموني ڳالھايو ھو:

”سانٽي صاحب اوھان اسپيس واري گيم لاءِ بھ اھو ئي چيو ھو، پر اڄ اھا گيم سموري دنيا ۾ مشھور ٿي چڪي آھي، جڏھن تھ اسپائيڊر جي ٽاپ ٽين لسٽ ۾ بھ شامل ٿي چڪي آھي.“

”ھا پر ڇا دنيا ۾ جمھوريت کان وڌيڪ بھتر بھ ڪو نظام ٿي سگھي ٿو!“ ھن ڀيري گنجي سانٽي ڪجھ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ھوس.

”اھو اسان جو مسئلو نھ آھي، ان تي سماجي، سياسي ماھرن ۽ فلسفين کي غور ويچار ڪرڻ ڏيو، منھنجي خيال ۾ اوھان کي ان ڳالھ تي بحث ڪرڻ گھرجي تھ اھڙي گيم جي پروگرامنگ ممڪن آھي يا نھ....!!“ گاگا مرڪي کيس اک ھڻندي چيو ھو، جنھن تي وري سمورو ھال مشڪڻ لڳو ھو، ميڊم گاگا وري اعتماد سان ڳالھايو ھو:

”منھنجي خيال ۾ اسان اھڙي پروگرامنگ ڪري سگھون ٿا.“

”ميڊم گاگا ھميشھ جيان اوور ڪانفيڊنٽ....!!“ سانٽي چيو ھو ۽ پنھنجي جاءِ تي ويھي رھيو ھو.  ان کانپوءِ پرپوزل جي لاءِ ماھرن کان ووٽنگ ڪرائي وئي ھئي ۽ پرپوزل ٻن ووٽن جي فرق سان منظور ٿي ويو ھو.

سميٿا ۽ گاگا ھال مان نڪري پارڪنگ لاٽ ڏانھن وڃڻ لڳيون ھيون.

”ڪڏھن ڪڏھن ووٽن مان چڱائي بھ ٿي ويندي آھي.“ گاگا مرڪي ھن کي ڏسندي چيو ھو.

    اوچتو موبائيل جي گھنٽي وڄڻ تي سميٿا ڇرڪ ڀري اٿي، ھن ھڪ پل ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي ڪمري جي جانچ ورتي ۽ پوِءِ اُٻاسي ڏيندي ڪاري ٽچ اسڪرين موبائيل کڻي ورتائين، اسڪرين تي ميڊم گاگا جو نمبر نظر آيس، ھن آڱر اسڪرين تي ڦري ڪال کڻي ورتي.

”ھيلو،“ ھن اُٻاسي ڏيندي ڳالھايو.

”سميٿا تون ڪٿي گم آھين، ڪالھ کان آفيس بھ نھ آئي آھين، پروجيڪٽ جي آخري ڏينھن ۾ اھڙي لاپرواھي...!“ ميڊم گاگا ھڪ ساھي ۾ ڳالھايو، سندس لھجي ۾ کيس ڪاوڙ جو احساس ٿيو.

”اصل ۾ ميڊم امي جي ايميل مون کي پريشان ڪري ڇڏيو آھي.“ ھن بيزاري واري انداز ۾ چيس.

”ڇو اھڙو ڇا آھي ايميل ۾؟“ گاگا پڇيس.

”ميڊم امي لکيو آھي تھ منھنجي پراجيڪٽ جي ڪري سندس سياست داءُ تي لڳي وئي آھي، ان پروجيڪٽ جي ڪري سندس سياسي مخالف امي تي ۽ مون تي عجيب الزام ھڻڻ لڳا آھن.“ سميٿا ساڳي بيزاري واري انداز ۾ ڳالھايو.

”سميٿا تون سچ چوندي آھين سياست ڏاڍي خراب آھي، خاص ڪري اھڙن معاشرن ۾ جٿي ڪئي بھ اخلاقي قدر نھ ھجن. جٿي ڪنھن ھڪ جي ڪمزوري جي سزا ڪنھن ٻئي کي ڏني وڃي.“ ميڊم گاگا آھ ڀري چيس.

”جي ميڊم.“ سميٿا وري اُٻاسي ڏيندي چيس.

”خير تون جلدي آفيس اچ، مان تنھنجو انتظار پئي ڪريان.“ ميڊم گاگا ڪجھ نرم لھجي ۾ چيس.

”ميڊم مون کي لڳي ٿو ھن پروجيڪٽ تي مان وڌيڪ ڪم نھ ڪري سگھنديس.“ ھن ڀيري سميٿا آھ ڀري چيس.

”تون فڪر نھ ڪر ۽ مون وٽ اچ،“ گاگا صفا نرم لھجي ۾ چيس ۽ ڪال ڪٽي ڇڏيائين.

سميٿا موبائيل ساڳي جاءِ تي رکي ڪجھ گھڙين لاءِ ڪاري پوش واري پروگرامنگ جي ڪتاب کي تڪيندي رھي ۽ پوءِ اٿي واش روم ڏانھن ھلي وئي. ھوءَ شاور جي ھيٺان بيھي ماءُ بابت سوچڻ لڳي، سميرا جي پروجيڪٽ کي اڌ ۾ ڇڏڻ واري ڳالھ سيني ۾ چوڀڻ لڳيس.

اھو آھي بمبادنگر جي جمھوري نظام جو تحفو...!! ھن چپن ۾ ڀڻڪيو: چون ٿا تھ اڄ جي دنيا جيڪا ترقي ڪئي آھي اھا جمھوريت جي ڪري ئي ڪئي آھي. اھو بھ چون ٿا تھ جمھوريت ۾ پنھنجي خيالن جي اظھار جي پوري پوري آزادي آھي، پر اھو مان ڪيئن مڃيا، جڏھن منھنجي ماءُ ئي جمھوريت جي نالي ۾ منھنجي اظھار جي آزاديءَ کي داءُ تي ھڻڻ ٿي چاھي... ھوءَ سوچيندي رھي، شاور مان پاڻي ھن جي مٿان ڪرندو رھيو.

منھنجي خيال ۾ تھ ھي جمھوريت بھ ھڪ قسم جو ڄار آھي.... ھڪ سھڻو ڄار... انسان ويچارو تھ ڪڏھن بھ آزاد نھ رھيو آھي. ھو تھ سدائين غلام رھيو آھي، ڪڏھن مذھبن جو تھ ڪڏھن انقلابن جو.... ڪڏھن بادشاھتن ۽ شھنشاھتن جو تھ ڪڏھن آمريتن جو.... معاشي نظام جو تھ ھاڻي وري جمھوريت جو.... ھوءَ سوچيندي رھي ۽ شاور مان پاڻي ڪرندو رھيو. ھن ھڪدم شاور بند ڪيو ۽ ريلنگ تي ٽنگيل نيري رنگ جو ٽوال کڻي جسم ۽ وارن کي اگھڻ لڳي.

سميٿا ۽ سندس ماءُ سميرا جي وچ ڪيترائي اختلاف ھئا، ھڪ تھ ھوءَ سندس ويڳي ماءُ ھئي، ٻيو جڏھن ھن سياست ۾ پير پاتو ھو تھ سميٿا ويتر ھن کان ڏور ٿي وئي ھئي. جڏھن بائيڪس ڪمپني ھن کي نوڪري سان گڏ رھڻ لاءِ ننڍڙو فليٽ بھ آڇيو ھو تھ ھن اھو ترت ئي قبولي ورتو ھو ۽ سميرا کان ڳچ فاصلي تي رھڻ لڳي ھئي.

    پنجاھ سالن جي ڊگھي قد، وڏن وارن، ڀريل سيني واري سميرا جنھن کي وڏين کڙين وارو ڳاڙھو سينڊل پھريل ھو، ڏاڪڻون لھي اچي وڏي ۽ خوبصورت ڊرائنگ ھال جي صوفا تي ويٺي، سندس صلاحڪار ۽ پارٽي جا عھديدار ڪيتري دير کان سندس انتظار ۾ ويٺل ھئا. ھوءَ جنھن صوفا تي ويٺي، ان جي بلڪل پٺيان ڀت تي ٽنگيل ڪپڙي تي ٺھيل سندس تصوير لڳل ھئي، جنھن ۾ ھوءَ ٻئي ھٿ جوڙيو بيٺي ھئي ۽ منھن تي مرڪ بھ ھيس. ڇت تي خوبصورت گول جھومر ٽنگيل ھو، جنھن جي بلبن جي روشني شيشي جي ٽيبل تي ٿي ڪري. ھوءَ ٽنگ ٽنگ تي چاڙھي ويٺي، کيس نيري رنگ جي ريشمي شلوار قميص پھريل ھئي ۽ ريشمي پوتي ھر ھر سندس ڪاٻي ڪلھي تان ترڪي ٿي وئي، جنھن جي ڪري ان پاسي کان سندس ڀريل سينو ظاھر ٿي ٿيو، ھن ھر ھر پوتي کي ڪلھي تي ٺاھي ٿي رکيو.

ھن ٻٽيھ سالن جي ابصار ڏانھن ڏسندي ڳالھايو: ”ڇا خبر آھي؟“

ابصار جنھن جي منھن تي ھلڪڙي ڏاڙھي ھئي، پارٽي جو پريس سيڪريٽري ھو، ھن ڪنڌ نفي ۾ ھلائيندي چيو:

”ميڊم ھي چاندال وارا ميڊيا کي پوري نموني اسان جي خلاف استعمال ڪري رھيا آھن، سميٿا جي جمھوريت مخالف گيم پروجيڪٽ جي ڪري اسان پنھنجو موقف صحيح نموني نھ پيا رکي سگھون، ائين تھ اسان کي وڏو نقصان پئجي ويندو، ھاڻي تھ چونڊون بھ مٿان اچڻ واريون آھن.“ ان تي سميرا گھري سوچ ۾ پئجي وئي.

”ميڊم اسان جا ڪافي حمايتي تھ ھاڻي چاندال جي پاسي وڃي رھيا آھن،“ ابصار ڳالھايو، سميرا کيس ويران نظرن سان ڏٺو، ھن وري ڳالھايو:

”ميڊم سوشل ميڊيا تي بھ اسان جي خلاف باھ ٻري پئي آھي.“ اھو ٻڌي سميرا ھڪ آھ ڀري ۽ پوءَ چيائين: ”لڳي ٿو ھي ڇوڪري مون کي ڪٿان جو بھ ڇڏيندي.“ اھي اڌ ڪلاڪ تائين اُتي ويٺا رھيا، پوءِ ھوريان ھوريان ابصار وارا اٿندا ويا، تان جو ڊرائينگ روم ۾ رڳو سميرا ۽ سندس خاص صلاحڪار اگھيم جيڪو پنجيتاليھ سالن جو ڳاڙھو ڳٽول ھمراھ ھو، کيس شيريون اکيون ۽ ھلڪيون ڪاريون مُڇيون ھيون، ئي وڃي بچيا. اھي ٻئي ڏھن منٽن تائين ھن تازي صورتحال تي غور ويچار ڪندا رھيا.

”جي ميڊم اھو صحيح رھندو،“ چئي اگھيم اٿيو ۽ ڊرائينگ روم کان ٻاھر ھليو ويو. سميرا بھ اٿي وري ڏاڪڻون چڙھندي سندس ڪمري ڏانھن ھلي وئي.

        چاندال سٺ سالن جو اچي ٿيو ھو، پر سندس ھٽي ڪاٺي مان ڪنھن کي بھ نٿي لڳو تھ ڪو ھن زندگيءَ جون سٺ بھارون پوريون ڪيون آھن، ھو جسم جو ڀريل ۽ صحتمند ھمراھ ھو، سندس اکين ھيٺان ڪارا نشان ھئا، اھي ائين ڦوڪيل ھئا ڄڻ انھن ۾ پاڻي ڀريل ھجي. سندس مٿو وچان گنجو ھو پر پٺيان کان وار وڏا ھوس، ھن زندگيءَ جو وڏو حصو سياست ۾ گذرايو ھو ۽ ھاڻي سندس پارٽي وارا ۽ حمائتي کيس ھر مسئلي کي منھن ڏيڻ ۾ ماھر سمجھڻ لڳا ھئا، ھن پنھنجي سياسي قابليت سان گذريل ٽن چونڊن ۾ سميرا ۽ سندس پارٽي کي بيھڻ ئي نھ ڏنو ھو. تان جو شاگردي واري زماني ۾ جڏھن چاندال سياست ۾ پير پاتا ھئا تھ ھو آدرشي ھو ۽ سدائين اصولن جي ڳالھ ڪندو ھو، پر پوءِ جڏھن کيس خبر پئي تھ سموري سياست جو جھڪاءُ سرماياداري نظام تي آھي ۽ سرمايادار ئي اصل ۾ ڪنگ ميڪر آھن تھ ھن بھ آدرشي سياست مان ھٿ ڪڍي پاور پاليٽڪس کي سجدو ڪيو ھو.

”پاور پاليٽڪس جو اصل مقصد ئي ڪنھن بھ نموني اقتدار حاصل ڪرڻ آھي،“ ھن اھا ڳالھ ھڪ ڀيرو پارٽي جي اجلاس ۾ ڪئي ھئي ۽ پوءِ اھڙين تدبيرن جوڙڻ جي صلاح ڏني ھئائين جنھن سان سندس پارٽي ھر حال ۾ پاور گيم جو حصو رھي، ان ڪري کيس سندس پارٽي وارا ”استاد“ چوندا ھئا. ھو سميرا ۽ سندس ڌيءَ سميٿا جي عملن تي گھري نظر رکيو ويٺو ھو ۽ سندن ڪمزورين مان چڱي ريت فائدو ٿي کنيائين. ھن پارٽي جي آفيس ۾ ويھي ٽي وي تي سميرا جي خلاف ھلاندڙ مھم کي ڏسي لطف ٿي ورتو، چينل مٽائي سميرا خلاف پنھنجو ڏنل تازو بيان ٻڌڻ لڳو. اوچتو آفيس ۾ پنجيتاليھ سالن جو سانورو ڪلين شوءَ ھمراھ اڀيم داخل ٿيو، چاندال ھن کي ڏٺو ۽ ريموٽ کڻي ٽي وي جو آواز بند ڪري ڇڏيائين.

”استاد اڄوڪي احتجاج جي سموري تياري پوري آھي.“ اڀيم چيس.

”خيال سان ڪم ڪجو ڪنھن کي ٻڙڪ پوڻ نھ گھرجي، سياست ۾ تاثر ئي سڀ ڪجھ ھوندو آھي، ڪٿي بھ ماڻھن ۾ اسان جي پارٽي جو تاثر خراب نھ وڃڻ گھرجي، سڀ ڪجھ ائين ٿيڻ گھرجي جيئن پاڻ رِٿيو آھي.“ ھن اڀيم کي سمجھائيندي چيو.

”جي استاد ائين ئي ٿيندو.“ اڀيم کيس خاطري ڏياريندي چيو.

”۽ ھا اھو تاثر قائم رھڻ گھرجي تھ سميٿا خلاف ھي احتجاج عوام پاڻمرادو ڪري رھيو آھي ۽ ان جو مقصد سياسي فائدو حاصل ڪرڻ نھ آھي.“ چاندال وري کيس ساڳي نوع ۾ چيو.

”جي استاد.“ اڀيم چئي آفيس کان ٻاھر ھليو ويو. ٻھ منٽ ترسي چاندال شيشي جي سائيڊ ٽيبل تان بليڪ بيري موبائيل کڻي نمبر ملائي فون ڪن تي رکي. ٻئي گھنٽي تي ئي ڪال کڄي وئي تھ ھن منھن تي مرڪ سجائيندي چيو:

”سميرا جي اوھان کي ھڪ دوستاڻي صلاح آھي تھ اڄ پنھنجي ڌيءَ کي گھران نڪرڻ کان روڪيو، ڪجھ بھ ٿي سگھي ٿو.“

”تون پنھنجي گندي سياست کان نھ مڙندين!!“ ٻئي پاسي کان سميرا خفا ٿيندي چيس، ان تي ھن وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ ڪال ڪٽي ڇڏيائين.

     سميٿا ميڊم گاگا جي آفيس کان ٻاھر نڪري آئي، ھوءَ اڃا بھ پريشان ٿي نظر آئي، بيقراري سندس سموري وجود مان ڇلڪڻ لڳي. ھوءَ لسن ٽائيلن واري فرش واري ونگ ۾ ھلڻ لڳي. سامھون کان کيس مدير مرڪندي ۽ ھن ڏانھن ايندي نظر آيو، مدير سندس ھم عمر ھو، جسم ۾ سنھڙو گول منھن ۽ ڪڻڪائي رنگ وارو جوان، سميٿا مدير جي منھن تي ڪڏھن بھ مُڇيون ڪونھ ڏٺيون ھيون ھا باقي ھن جي ھڏائن منھن تي ڏاڙھيءَ جا ڪيترا ئي نمونا ڏٺا ھئائين، ڪڏھن ھو ڏاڙھي جابلو ٻڪري جيان رکي ايندو ھو تھ ڪڏھن وري فرينچ ڪٽ، ڪڏھن وري سڄي کاڏي صاف پر ھيٺئين چپ ھيٺان ٽٻڪي جو ڏيک ڏيندڙ وار. ھو ڪمپني ۾ اھم پروگرامر ھو ۽ ڪيترين ئي گيمن تي سميٿا ھن سان گڏ ڪم ڪيو ھو، جڏھن تھ ھن گيم ۾ بھ ھو ئي سميٿا سان گڏ پروگرامر ھو، سميٿا کي شروع شروع ۾ سندس ڏاڙھي جي اھڙن نمونن تي کل ايندي ھئي، پر ھوءَ ھن جي ويجھو ٿي وئي ھئي. اڄ ھو ڪلين شوءَ ٿي آيو ھو. سميٿا کي مدير جي ويجھو رھي عجيب قسم جي تحفوظ جو احساس ٿيندو ھو، کيس اھو بھ لڳندو ھو تھ مدير ھر موڙ تي سندس ساٿ ڏيندو ۽ مدير بھ ھن جي حق ۾ مختلف وقتن تي انتظاميا آڏو ٿي بيٺو ھو، مدير سڌو سادو ۽ نفيس ماڻھو ھو. سال کن اڳ جڏھن مدير پھريون ڀيرو سندس گلابي چپن تي پنھنجا چپ رکيا ھئا تھ سميٿا کي احساس ٿيو ھو ھوءَ پيار جي ان پھرين چمي جي ڳولھا ۾ سالن کان ڪنھن رڻ پٽ ۾ رولندي رھي ھجي...!! کيس اھو بھ احساس ٿيو تھ اھو پل جنھن پل مدير جا چپ سندس چپن سان ٽڪرايا ھئا، اھو پل ھن جي تڪميل جو پل ھو. ان کانپوءِ ڇنڇر جي شام جو مدير سان گڏ سمنڊ ڪناري اچڻ لڳي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ھن جي ھٿ ۾ ھٿ ڏئي سمنڊ جي آلي واري تي پيرن اگھاڙي ھلندي ھلندي سج جي لھڻ وارو نظارو ڏسي خوش ٿيڻ لڳي. جڏھن سميٿا پھريون ڀيرو مدير کي پنھنجي ھن گيم بابت ٻڌايو ھو تھ مدير بھ حيرت ۾ پئجي ويو ھو ۽ سوچيو ھئائين: ھي تھ ڪا عجيب ڇوڪري آھي کيس جمھوريت کان بھ وڌيڪ بھتر نظام گھرجي...!!

پر ان جو اظھار نھ ڪري سگھيو ھو. ھو انھن ماڻھن مان آھي جيڪي ان ڳالھ جا قائل ھوندا آھن تھ ڪجھ ڳالھيون زبان تي اچڻ بدران سيني ۾ ئي دفن رھن تھ ان ۾ سڀني جو ڀلو ٿيندو. سميٿا ڪلھي ۾ ڪارو بيگ لڙڪائي تڪڙيون وکون کڻندي ونگ کان ٻاھر وڃڻ لڳي، مدير سندس پاسي کان آيو، کيس نيري رنگ جي ڊريس پينٽ ۽ آسماني رنگ جي شرٽ پھريل ھئي، جڏھن تھ اکيون سن گلاسز سان ڍڪيل ھوس، سندس مٿي جا وار ننڍڙا ۽ سھڻي نموني ڪوڙيل ھئا.

”سميٿا ڪٿي گم آھين؟“ ھن سميٿا سان گڏ ھلندي پڇيو.

”يار نھ پڇ، مان ھتان جي سياست مان بيزار ٿي چڪي آھيان، ھتي ماڻھو ساھ بھ سوچي سمجھي ٿا کڻڻ، ڪٿي غلط ساھ کڻڻ سان سندن ڪو سياسي نقصان نھ ٿي پئي...!!“ ھن آھ ڀيري چيس، سندس لھجي مان مدير ڪاوڙ ۽ بيزاري واري احساسن کي پرکي ورتو. ھڪ پل لاءِ مدير چپ ٿي ھن سان ھلندو رھيو، ٻئي ڄڻا ڪينٽين ڏانھن وڌڻ لڳا.

”وري بھ خبر تھ پئي ڇا ٿيو؟“ مدير ھن کي ڏسندي پڇيو.

”يار امي ايميل ڪئي آھي تھ مان پنھنجو پروجيڪٽ ڇڏي ڏيائين ان سان کيس سياسي نقصان ٿي رھيو آھي.“ ھن وري بھ آھ ڀري جواب ڏنس.

اھي لفٽ ۾ اچي بيٺا، مدير گرائونڊ فلور جو بٽڻ دٻايو، لفٽ جو در بند ٿيو ۽ جھٽڪي سان ھيٺ وڃڻ لڳي، سميٿا جي پاسي کان بيھي مدير کي ھن جي جسم مان عجيب مھڪ آئي، تان جو سميٿا گوچي جو پرفيوم استعمال ڪندي آھي، جيڪو ھڪ مشھور برانڊ آھي ۽ ان جي خوشبوءَ جو اثر چويھ ڪلاڪن تائين رھندو آھي، پر ان وقت مدير کي پروفيوم جي ھٿرادو خوشبوءَ بدران سميٿا جي جسم جي اصل مھڪ آئي، اھا مھڪ سندس حواسن تي حاوي ٿيڻ لڳي ۽ ھن کي محبت جي الڳ وادي ڏانھن ڇڪڻ لڳي، ھڪ اھڙي وادي جيڪا محبت ۽ عشق جي عام رواجي وادين کان بنھ الڳ ۽ وڌيڪ خوبصورت ھجي. کيس سميٿا جي جسم جي اھا مھڪ دنيا جي ھر خوشبوءَ کان وڌيڪ دل لڀائيندڙ لڳي. لفٽ گرائونڊ فلور تي پھتي، ان جو در کليو ۽ اھي ٻئي لفٽ مان نڪري ڪينٽين ڏانھن وڌڻ لڳا، ٻئي گڏ ئي ڪينٽين جي شيشي وارو در ٽپي اندر آيا، ان وقت ڪينٽين بلڪل خالي ملين. ڪيٽين ھڪ وڏي ھال تي ھئي جنھن جي ڀتين تي چئني پاسن کان برگر، سلاد ۽ فريش فروٽ جوسن جا پوسٽر لڳل ھئا. ساڄي پاسي ڪاٺ جو خوبصورت ڪائونٽر ھو جنھن تي ڪاري ايل سي ڊي رکيل ھئي ۽ ان جي پٺيان اسٽول تي ھڪ وڏين اکين واري خوبصورت ڇوڪري ويٺل ھئي، جڏھن تھ ان جي کاٻي ھٿ تي اڇي رنگ جو در ھو جيڪو رڌڻي ڏانھن ٿي ويو. ڪينٽين ۾ ناسي ماربل سان ٺھيل ميزون ھيون ۽ اتي پلاسٽڪ جون نيريون، پيليون، سائيون ۽ ڳاڙھيون ڪرسيون رکيل ھيون. مدير ۽ سميٿا کاٻي ھٿ واري قطار ۾ سائي رنگ جي ڪرسين تي اچي ويٺا، سميٿا سندس ٿيلھي کي ڪرسيءَ تي لڙڪايو. جڏھن مدير پھريون ڀيرو سميٿا سان گڏ ڪينٽين ۾ آيو ھو تھ ھن ڳاڙھي رنگ جي ڪرسيءَ تي ويھڻ جي ڪئي ھئي، پر سميٿا ڳاڙھي رنگ جي ڪرسيءَ تي ويھڻ کان نھ ڪري ڇڏي ھئي، جنھن تي مدير ويتر حيرت ۾ پئجي ويو ھو، کيس سميٿا جي شخصيت عجيب ۽ وھمن ۾ ورتل لڳي ھئي. ھن جڏھن سميٿا کان ان جو ڪارڻ پڇيو ھو تھ سميٿا جواب ۾ چيو ھيس:

”ڳاڙھو رنگ اسان جي خاندان ۾ برائي جي نشاني ليکيو ويندو آھي، اسان جي خاندان جا اڪثر مرد قتل ڪيا ويا آھن، منھنجي ويڳي ماءَ جي خيال موجب ڳاڙھو رنگ تباھي ۽ بربادي جي علامت آھي.“ اھو ٻڌي مدير ويتر ٻڏتر ۾ پئجي ويو ھو، ھن اڪثر سميٿا کي سائي رنگ جي ڪرسيءَ تي ويھندي ڏٺو ھو، ان پھرين ملاقات ۾ سميٿا کيس مرڪي ٻڌايو ھو:

”توکي خبر آھي ڳاڙھو، سائو، نيرو ۽ پيلو ئي چار بنيادي رنگ آھن، دنيا جو باقي ھر رنگ انھن چئين بنيادي رنگن جي ميلاپ مان ٺھندو آھي. انھن چئين رنگن دنيا کي ڪيڏا نھ خوبصورت رنگ ڏنا آھن.“

ھڪ خوبصورت ڇوڪري جنھن جا وار سھڻي نموني جھوڙي ۾ٻڌل ھئا، ھنن وٽ آئي ۽ ھنن جي اڳيان مينيو ڪارڊ رکيائين، ھن پنھنجو گول ڀريل سينو جست جي چمڪندڙ ٿالھي سان لڪائي ڇڏيو. سميٿا وارن بنا مينيو ڪارڊ کوليئي فروٽ جوس جو آڊر ڏنو.

”جي.“ ڇوڪريءَ مرڪي ھاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏي چيو ۽ ھلي وئي.

”ڏس سميٿا دنيا کي ھن جمھوري نظام کي لاڳو ڪرڻ ۾ لڳ ڀڳ ٻھ ھزار سال لڳا آھن، ان دوران دنيا فرعونن، سيزر، سائرس، سڪندر، چينگيز، ھالڪو، خلجي، عثماني ۽ رومي سلطنتن جي وحشيتن ۽ اذيتن کان ويندي ٽوٽو، ھٽلر ۽ ميسلوني جھڙن آمرن کي سٺو آھي، ٻئي پاسي وري مختلف مذھبن پنھنجي پنھنجي دونھوس ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، ڏاھن، سائنسدانن ۽ فلسفين جو رت پاڻي جيان وھايو ويو آھي، جنھن کانپوءِ وڃي ڪا ھي جمھوريت حاصل ٿي آھي ۽ تون ان کي ختم ڪرڻ جي ڳالھ ڪندين تھ دنيا ان تي پنھنجو ڀرپور ردعمل تھ ڏيکاريندي نھ...“ مدير سميٿا جي اکين ۾ ڏسندي چيو.

”ڪجھ بھ ٿي پئي پر مان ھن پروجيڪٽ تان ھٿ نھ کڻنديس.“ سميٿا پنھنجي ڳالھ تي زور ڏيندي چيس. ايتري ۾ اھا ساڳي ڇوڪري ھنن جي سامھون پلاسٽڪ جي ٻن گلاسن ۾ جوس رکي وئي.

”مان بھ اھو نٿو چاھيان تھ ھي اھم پراجيڪٽ سياست جي ور چڙھي وڃي،“ مدير وري بھ ھن جي اکين ۾ ڏسندي جواب ڏنس. اوچتو سميٿا جو موبائيل وڳو، ھن ڪرسيءَ تي ٽنگيل ٿيلھي جي کيسي مان موبائيل ڪڍي ڏٺو، ٽوئيٽر جي نوٽيفيڪيشن ھيس، ھن کولي ڏٺو.

”او شٽ....!!“ سميٿا ڇرڪ ڀريو ۽ سندس رڙ نڪري وئي.

”ڇا ٿيو؟“ مدير کيس حيرانيءَ مان ڏسندي پڇيو.

”ٽوئيٽر تي ٽرينڊ پيو ھلي تھ مان بمبادنگر جي جمھوريت خلاف ڪا وڏي سازش ڪري رھي آھيان، مون جمھوريت دشمن طاقتن کان پيسا ورتا آھن، ان ڪري منھنجي امي کي سياست تان ھٿ کڻڻ گھرجن.“ سميٿا ٽوئيٽر ٽرينڊ پڙھندي مدير کي ٻڌايو. ھوءَ جيئن جيئن ٽرينڊ ۾ ھيٺ وڃڻ لڳي سندس منھن ڪاوڙ سبب ڳاڙھو ٿيڻ لڳو، ڪنھن سندس ماءُ جو ھڪ نوجوان ڇوڪري سان نچڻ وارو فوٽو بھ ٽوئيٽر تي رکيو ھو، ان فوٽو ۾ سميرا جي ھٿ ۾ ھڪ گلاس بھ ھو جنھن ۾ ڪارو پاڻي ٿي نظر آيو، سميٿا ان ٽوئيٽ ڪرڻ واري جو نالو سرچ ڪيو:

"@lovebite_23"

”ڪو نقلي اڪائونٽن تان اسان جي ڪردارڪشي ڪري رھيو آھي، اھا آھي اوھان جي جمھوريت.“ ھن بنا موبائيل مان نظرون ڪڍندي ڪاوڙ مان مدير کي چيو ۽ پوءِ سندس واتان جمھوريت لاءِ ھڪ گار نڪتي.

”سميٿا ھي جيڪو بھ ٿي رھيو آھي مون کي ان تي ڏک آھي، پر منھنجي خيال ۾ اڄ اسان وٽ جيڪا بھ ٿوري گھڻي آزادي آھي، اسان ھي جيڪا خيالن جي ڏي وٺ ڪري رھيا آھيون اھي سڀ ھن جمھوريت جا ئي تحفا آھن.“ مدير ھوريان ڳالھائيندي چيس. ھن کيس ڪاوڙ مان ڏٺو، مدير اسٽرا مان جوس جو ڍڪ ڀريو.

”مان اھو نٿي چوان تھ جمھوريت ڪو خراب نظام آھي يا ان جي جاءِ تي آمريت، بادشاھت يا خلافت ھجي، پر انساني عقل ۽ عمل کي ڪنھن بھ ھڪ نقطي تي اچي بيھي رھڻ نھ گھرجي. اسان کي ان کان اڳيان جو سوچڻ گھرجي.“ ھن آھ ڀري ڪجھ ڌيمي لھجي ۾ چيو، مدير ھن کي ويران نظرن سان ڏٺو، سميٿا وري ھوريان چيس:

”سچ پڇين تھ اسان جنھن سماج ۾ رھون پيا، اُتي ھڪ خاص گروھ ذاتي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ جمھوريت کي ناجائيز طريقي سان استعمال ڪندو رھيو آھي. ان ڪري مون کي لڳي ٿو تھ اسان جي سياسي، سماجي، معاشي ماھرن ۽ فلسفين کي ھاڻي ھڪ نئين حڪومتي نظام بابت غور ويچار ڪرڻ گھرجي، جيڪو جمھوريت کان وڌيڪ بھتر ھجي ۽ ڪو بھ ان کي پنھنجي ذاتي مفاد لاءِ استعمال نھ ڪري سگھي.“

”ھا پر ان لاءِ اڃا اسان ذھني طور تيار نھ آھيون،“ مدير وري جوس جو ڍڪ ڀريندي چيس.

”مدير پاڻ ڪيتري ئي عرصي کان انسانيت پوڄاڻا (پوسٽ ھيومنزم) گيمون ٺاھيندا آيا آھيون،“ سميٿا چيس.

”ھا تھ....!!“ مدير حيرانيءَ مان ھن کي ڏسندي چيو.

”ڇا انسانيت پوڄاڻا (پوسٽ ھيومنزم) دور ۾ بھ ھي ئي جمھوري نظام رھندو يا حڪومت جو ڪو ٻيو نظام ھوندو، ڇا انسانيت پوڄاڻا دور جمھوريت پوڄاڻا دور نھ ھوندو؟“ سميٿا مدير کي ڏسندي پڇيو. ھن کي سميٿا جو سوال سمجھ ۾ نھ آيو ۽ وائڙن جيان چيائنس:

”ڪجھ چئي نٿو سگھجي.“ اھو ٻڌي سميٿا جي منھن تي ھيڊي ۽ بيجان مرڪ اچي وئي ۽ چيائين:

”ڇا اسان کي ھاڻي کان ئي ان انسانيت پوڄاڻا دور جي تياري نھ ڪرڻ گھرجي، ڇا اسان کي سماجي ۽ حڪومتي حوالي کان ھڪ وک اڳيان نھ وڌائڻ گھرجي؟“ مدير چپ ڪيو ويٺو رھيو، ايتري ۾ سميٿا جو موبائيل وڳو، موبائيل اسڪرين تي سميرا جو نمبر نظر آيس. ھوءَ موبائيل کڻي اتان اٿي ھڪ ڪنڊ ۾ آئي ۽ سائي گول کي آڱر سان ٽچ ڪري ڳالھايائين:

”جي امي!“

”او بيوقوف ڇوڪري ڪٿي آھين؟“ سميرا ڪاوڙ ۽ پريشاني مان پڇيس.

”آفيس.“ ھن مختصر جواب ڏنس.

”ڪجھ خبر بھ اٿئي تنھنجي ان بيوقوفي جي ڪري تنھنجي فليٽ جا سرچ وارنٽ نڪري چڪا آھن، اسان تي غداري جو ٺپو لڳي رھيو آھي، اھو بھ ٻڌڻ ۾ پيو اچي تھ تون گرفتار بھ ٿي سگھين ٿي.“ سميرا ويتر ڪاوڙ مان چيس، اھو ٻڌي سميٿا جي دل تيزي سان ڌڙڪڻ لڳي ۽ ٿڙڪندڙ چپن سان ماءُ کي چيائين:

”پر امي مون اھڙو ڇا ڪيو آھي؟“

”ڇا ڪيو آھي، تو تي جمھوري نظام خلاف سازش جو الزام پيو لڳي جيڪو بمبادنگر جي آئين موجب غداري آھي، تنھنجي ان گيم واري بيوقوف خواب جي ڪري منھنجي سياست ۽ تنھنجي زندگي داءُ تي لڳي وئي آھي.“ سميرا ويتر ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيس. سميٿا من اندر ۾ ڏڪي وئي، کيس ڪجھ بھ سمجھ ۾ نھ آيو، سميرا وري چيس:

”سوشل ميڊيا تي اسان جي خلاف مھم ھلي رھي آھي.“ ٻئي ڪجھ پلن لاءِ چپ ٿي ويون، سميٿا کي لڳو تھ سميرا ڪاوڙ ۾ ڪال ڪٽي ڇڏي آھي، ھن اڃا ڪن تان موبائيل ھٽائڻ جي ڪئي جو سميرا جو آواز آيس:

”سميٿا مون کي خبر ملي آھي تھ بمبادنگر جي مختلف حصن ۾ تنھنجي خلاف احتجاجي جلوس نڪري رھيا آھن، جلدي گھر اچ ڪٿي ھي جنوني ماڻھو تو کي ڪو نقصان نھ پھچائن.“ اھو ٻڌي سميٿا جي پوري بُت ۾ رڦڻي پئجي وئي، سندس اکين آڏو اوندھ اچي وئي، سميرا ڪال ڪٽي ڇڏي. سميٿا تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي ٽيبل ڏانھن آئي ۽ ڪرسيءَ تي لڙڪندڙ بيگ ڪلھي تي رکندي ٻاھر وڃڻ لڳي.

”ڇا ٿيو سميٿا؟“ مدير ڪرسيءَ تان اٿندي حيرانيءَ مان پڇيس.

”پوءِ ملون ٿا.“ سميٿا تڪڙ ۾ شيشي جي در کان ٻاھر ويندي چيس.

   ھوءَ جيئن ئي ڪمپني کان ٻاھر نڪتي تھ کيس روڊ تي ماڻھن جو ھجوم نظر آيو، انھن جي ھٿن ۾ بينر ۽ مختلف رنگن جون شيٽون ھيون، جن تي سميٿا، سندس ماءُ ۽ بائيڪس ٽيڪنالاجي جي خلاف ۽ جمھوري نظام جي حق نعرا لکيل ھئا، ھجوم ۾ اڪثريت نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ھئي. روڊ تان ٽريفڪ صفا گم ھئي. ھن ھجوم کي ڪاڪڙو ڦاڙي رڙيون ڪندي ٻڌو:

”سميٿا ھاءِ ھاءِ..... جمھوري نظام جي دشمنن جي ايجنٽ سميٿا غدار آھي..... سميٿا غدار آھي...“ اھي لفظ سندس سيني ۾ چڀڻ لڳا، سندس اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيون ھجوم ھوريان ھوريان ڪمپني جي آفيس ڏانھن وڌڻ لڳو. ايتري ۾ پوليس جون موبائيلون بھ اچي ويون. سميٿا منھن ھيٺ ڪري تڪڙيون وکون کڻندي روڊ جي ٻئي پاسي وڃڻ لڳي. سندس بُت پريشاني ۾ ٿڙڪيو ٿي، ھن ڀڄڻ شروع ڪيو. ھجوم مان ڪنھن جي نظر ھن تي پئجي وئي ۽ ھوا ۾ ھڪ رڙ ٿي:

”لڳي ٿو اھا غدار ۽ جمھوريت دشمن ڀڄي رھي آھي، اچو ھن کان حساب وٺون.“

اھا رڙ ٻڌي سميٿا ڇرڪي پٺيان ڏٺو، ڄڻ تھ سندس جسم جو رت ئي ڄمي ويو، وري ڪنھن رڙ ڪئي:

”ھا ھي اھا ئي غدار آھي، مون سوشل ميڊيا تي ھن جون تصويرون ڏٺيون آھن.“ سميٿا ويتر ڀڄڻ لڳي.

”پڪڙيو ھن ماءَ جي..... نھ وڃي حرامزادي......“

ڪجھ نوجوان جن جي ھٿن ۾ ڏنڊا ۽ باٺا ھئا، سميٿا جي پٺيان ڀڄڻ لڳا ڪجھ ئي گھڙين ۾ سميٿا ھجوم جي گھري ۾ اچي وئي.

”ٻڌاءِ حرامزادي توکي ھن جمھوري نظام مان ڪھڙي تڪليف آھي..“ ھڪ وڏن وارن واري ڇوڪري کيس ڌڪو ڏيندي چيو.

”جمھوريت جو سڀ کان وڏو ڏچو تون آھين جيڪو بنا سوچي سمجھي ھر ڳالھ تي احتجاج ڪرڻ نڪري پوندو آھي.“ سميٿا ھن کي ڪاوڙ ۾ اکيون ڏيکاريندي چيو.

”حرامزادي غدار....“ ان ھمراھ کيس ڳٽي تي ٿڦ ھڻندي چيو، سميٿا ھن سان اٽڪي پئي، ڪنھن کيس ڌڪو ڏنو، ھوءَ روڊ تي ڪري پئي، کيس لتون، مڪون ۽ لٺيون لڳڻ شروع ٿي ويون، ھجوم جڏھن کيس اڌ مُئو ڪري ورتو تھ پوليس وچ ۾ اچي پئي، ھجوم ٽڙي پکڙجي ويو، پوليس سميٿا کي موبائيل ۾ کڻي ھسپتال ڏانھن نڪتي، سندس سموري جسم مان رت ٿي وھيو. ھي خبر بمادننگر ۾ باھ جيان پکڙجي وئي، ٽي وي چينلن ۽ نيوز ويب سائٽن تي بريڪنگ نيوز ھلڻ لڳي.

پريس جو رخ جنرل ھسپتال ڏانھن ٿي ويو، جنھن جي آءِ سي يو ۾سميٿا جو علاج ٿي ھليو. ھسپتال جي در ٻاھران ڪاري رنگ جي دبل ڪيبن اچي بيٺي اڳئين در مان ھٿيار بند گارڊ لٿو ۽ اچي تڪڙ ۾ پٺيون در کوليائين، ان مان سميرا ھيٺ لٿي سندس پاسي کان ھن جو پي ايس بھ اچي ويو، سميرا جا وار کليل ھئا ۽ اکين تھ ڪارو چشمو ھيس. صحافي کيس ڏسي ھن ڏانھن ڀڳا. ھوءَ ھسپتال جا لسا ڏڪا چڙھڻ لڳي.

”ميڊم ھن سموري معاملي تي اوھان ڇا چونديون؟“ ڪنھن صحافي سوال ڪيس.

”نو ڪيمنٽ.“ ھوءَ چئي اڳيان وڌڻ لڳي، سندس گارڊ ۽ پي ايس صحافين کي پري ڪرڻ لڳا.

”ميڊم..... ميڊم.....“ ھڪ کان وڌيڪ صحافين ڳالھايو، ھوءَ ھسپتال جي اندر آئي. ٻاونجاھ سالن جي جسم ۾ ڀريل ڊيوٽي ڊاڪٽر ڪميس جان ھن وٽ آئي.

”ميڊم مريض جي ڏاڍي رت ويھي چڪي آھي، مٿي تي ڌڪ لڳڻ سبب ھوءَ ڪاما ۾ ھلي وئي آھي.“ سميرا اکين تان ڪارو چشمو لاھي ڊاڪٽر ڪميس کي ڏٺو، سندس چپ ٿڙڪڻ لڳا ۽ اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيون.

”ميڊم ھوءَ ھن وقت آءِ سي يو ۾ آھي.“ ڊاڪٽر ڪميس ھوريان نرم لھجي ۾ چيس.

”ڊاڪٽر ڇا مان ھن کي ڏسي سگھان ٿي؟“ سميرا آھ ڀيري چيو.

”جي ميڊم پليز ھن طرف اچو.“ ڊاڪٽر چئي ھن کي پاڻ سان گڏ آءِ سي يو ڏانھن وٺي وئي.

اڌ ڪلاڪ ۾ ئي سميٿا تي ٿيل حملي جي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، ھاڻي سميٿا ۽ سميرا جي مخالفت بدران سندن حق ۾ پوسٽون ٿي آيون، ھر پوسٽ ۾ اعلان ٿي ڪيو ويو:

”قوم اوھان سان گڏ آھي.... بمبادنگر اوھان سان گڏ آھي....“

ڪيتريون ئي پوسٽون اھڙيون بھ رکيون ويون جيڪي چاندال جي حڪومت خلاف ھيون.

”ھي تھ آمريت کان بھ بدترين حڪومت آھي، چاندال کي سميٿا ۽ سميرا کان معافي وٺڻ گھرجي.“

آءِ سي يو ۾ سميرا ڌيءَ کي اڇين چادرن واري بيڊ تي ليٽيل ڏٺو، سندس ھٿن، ٻانھن، ٽگن سان گڏ مٿي تي بھ پٽيون ٻڌل ھيون ، جن تي رت جا نشان صاف ظاھر ٿي ٿيا، ھن جي ساڄي ھٿ جي آڱر ۾ اڇي پِن لڳل ھئي، بيڊ جي پاسي کان پلس مشين ۾ لائينون ھيٺ مٿي ٿي ٿيون، مٿان گولائي ۾ لائٽون لڳل ھيون، جڏھن تھ سميٿا کي رت جي ٿيلھي بھ لڳائي وئي ھئي. سميرا کان سواءِ ڪمري ۾ ٻيو ڪير بھ نھ ھو، ھوءَ سميٿا جي ساڄي پاسي کان اسٽول رکي ويٺي، تان جو سميٿا ھن جي ويڳي ڌيءَ ھئي، پر پوءِ بھ ھن جي اھڙي حالت ڏسي اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيس. سميرا ھڪ آھ ڀري لاش نما ڌيءَ سان ھوريان ڳالھايو:

”مون تھ رڳو سياسي طور ماڻھن جي سمپٿي حاصل ڪرڻ ٿي گھري، ان ڪري ھي احتجاج ڪرايم، مون کي خبر نھ ھئي تھ اھي وحشي تنھنجي اھڙي حالت ڪري ڇڏيندا، سميٿا مون کي معاف ڪر... تون صحيح چوندي آھين ھي سياست ڏاڍي ڪني شيءَ آھي.“ بيڊ تي ليٽيل سميٿا جي کاٻي اک ۾ اٽڪيل ھڪ ڳوڙھو نڪري اچي سندس روح جيان چچريل ڳل تي ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment