شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 05 - آگسٽ - 2020ع

ڪراچي روپ اروپ


شام 12 لڳي 31 منٽ -خميس 02 جولاءِ 2020  122 
image-1

ناوليٽ

قسط پنج

   ٻئي ڏينهن اسلم وري جنيد سان گڏ زاهد جي گهر و يو ۽ ساڳي هال ۾ اچي ويٺو، ان ڏينهن زاهد مذاق جي موڊ ۾ ٿ ئي لڳو، سندس شاگرد هن جا هٿ چمندا هيٺ ويهندا ٿئي ويا، ان ڏينهن اسلم به ائين ئي ڪيو ھو، زاهد اسلم جي منهن ۾ مرڪندي ڏسي سندس هٿ تي ٿپڪي هڻندي چيو: اسان کي تنهنجي وجود مان هڪ مجاهد جي خوشبوءِ ٿي اچي، هڪ اهڙو مجاهد جيڪو اسانجي هن مقدس مقصد لاءِ کلندي شهادت جو جام ڀري وڃي، دوست حورون جنت جي در تي تنهنجو انتظار ڪري رهيون آهن.

ماشاالله...ماشاالله.....هيٺ ويٺلن وڏي واڪي هڪ آواز ۾ چيو. جنيد به انهن ۾ شامل هو، پر اسلم کي هن ڳالهه تي حيرت ٿي: مون ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟ اسلم حيراني مان سوچيو.

اسان کي تنهنجي وجود مان ايمان ۽ وفاداريءَ جي مهڪ ٿي اچي.زاهد اسلم کي مرڪي ڏسندي چيو ھو، ان موقعي تي اها ساڳي جوان اڀريل سيني واري ڇوڪري جنهن گذريل ليڪچر دوران زاهد جي ڪن ۾ اچي سس ڦس ڪئي. هٿ ۾ چانديءَ جي عرق ڇلڻي کنيل اسلم وٽ آئي۽ هن جي مٿان گلاب جو پاڻي ڇڻڪڻ لڳي، اسلم کي ائين لڳو ڄڻ هن جو بپتسما ٿي رهيو هجي، سندس زندگيءَ جا ڪيل سمورا گناهه ڌوپجي رهيا هجن، کيس لڳو ته هو ايمان جي هن نئين دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار آهي، جتي پاڪائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي ۽ هو پاڻ کي مجاهد تصور ڪرڻ لڳو.

خدا توکي هڪ خاص مقصد لاءِ چونڊيو آهي.زاهد اسلم کي مرڪي ڏسندي چيو. اسلم هن جي ڳارهي ٽوپي کي تڪيو.

ڇا تون ڄاڻي ٿو اهو مقصد ڪهڙو آهي؟زاهد وري مرڪي چيو، ڪجهه پلن لاءِ ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي وئي ۽ پوءِ زاهد ساڳي انداز ۾ چيس: اهو مقصد آهي ته تون خدا جي دين لاءِ وڙهين، خلافت جي قيام لاءِ جدوجهد ڪرين، دين جي هر دشمن کي نست ڪرين ۽ خليفي جي هٿ تي بيت ڪرين،جيڏي مهل هن خليفي جو ذڪر ڪيو ته سندس ڇاتي ڦونڊجي وئي ڄڻ هو پاڻ کي خليفو تصور ڪندو هجي، وري هڪ پل جي خاموشي اچي وئي ۽ پوءِ زاهد چيو:

ان کانپوءِ ڪافرن جي سرزمين خلاف جهاد ۾ حصو وٺين ۽ ان تي دين جي سربلندي لاءِ ڪم ڪرئين، اهو صديون اڳ اسان جي عالمن لکي ڇڏيو آهي ته غزوه هند ٿيڻي آهي ۽ جيڪو به ان جو حصو ٿيندو اهو پڪو جنتي آهي.

  پر انهن سڀني ڳالهين ۾ اسلم کي ڪابه دلچسپي نه هئي، هن رڳو اهو ٿي سوچيو ايڏو وڏو عالم سندس تعريف ڇو پيو ڪري...!! ان کانپوءِ باقي شاگرد اٿي هليا ويا ھئا، هاڻي هال ۾ رڳو زاهد، اسلم ۽ جنيد ئي موجود هئا.

اسان خارجين خلاف ڪراچيءَ ۾ جهاد جو اعلان ڪرڻ وارا آهيون.زاهد هنن ٻهني کي ڏسندي هوريان چيو ھو: ۽ ان لاءِ اسان کي نوجوانن جي ضرورت آهي، جيڪي اسان جي حڪم تي خدا جي راهه ۾ ڪم ڪري سگهن، زاهد ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ اسلم وٽ اچي بيٺو ھو، اھي ٻئي به بيٺل هئا، زاهد اسلم جي ڪلهي تي هٿ رکندي ڳالهايو:

جيئن تھ تو منهنجي هٿ تي بيعت ڪئي آهي، انڪري تو تي لازمي آهي ته منهنجي ڏنل هدايتن تي بنا سوال ڪئي عمل ڪرين، توکي منهنجي ليڪچرن ۾ موجود هجڻ جي ضرورت به نه آهي، اڄ رات توکي منهنجا ماڻهو هڪ لفافو ڏئي ويندا ۽ سڀاڻي کان تون ان لفافي ۾ ڄاڻايل پتي تي هليو وڃجان، اتي توکي ٽريننگ ڏني ويندي.

اسلم کان سوچڻ سمجهڻ جي قوت ئي کسجي وئي ھئي، کيس لڳو ڄڻ هو ڪنهن جادو جي خمار ۾ اچي ويو هجي.

  ٻئي ڏينهن تي اسلم ڊي ايڇ اي واري علائقي ۾ ڄاڻايل پتي تي سج لٿي جو پهتو، اها عمارت ڪنهن ڪلب جو ڏيک ڏئي رهي هئس. هن در تي بيٺل وردي واري چوڪيدار کي کيسي مان لفافو ڪڍي ڏيکاريو، چوڪيدار انٽرڪام تي ڳالهايو ۽ پوءِ کيس اندر ڇڏي ڏنو. هو اڃا ڏاڪڻيون چڙهي رهيو هو جو سندس نظر مٿي وئي ، مٿئين ڏاڪي تي لڳ ڀڳ چاليهن سالن جو ويڪري ڇاتي ۽ ڀريل ڏورن وارو ڪلين شيو ھمراه نظر آيس. هن مٿي چڙهي ان ماڻهو سان هٿ ملائيندي چيو:

اسلم.

عباسان ماڻهو هن جي هٿ کي لوڏو ڏيندي چيو. عباس اسلم کي هڪ بيسمنيٽ ۾ وٺي آيو جتي مختلف قسمن جا هٿيار موجود هئا، هن اسلم کي هٿيارن جا نالا، انهن کي کولڻ، بند ڪرڻ ۽ هلائڻ سکاريو. سندس اها تربيت هڪ مهيني تائين هلي. ان کانپوءِ اسلم کي مختلف قسمن جي بمن ۽ خودڪش جيڪٽن جي حوالي سان ڄاڻ ڏني وئي. جڏهن به اسلم 9ايم ايم پستول کڻي نشانو وٺندو هو ته سندس سامهون ان ھمراه جي شڪل اچي ويندي هئي جنهن هن سان تيرهن سالن جي ڄمار ۾ ڏاڍائي ڪئي هئي ۽ پوءِ پاڻمرادو هن کان گولي هلي ويندي هئي، جيڪا وڃي سڌو نشاني کي لڳندي هئي.

      اها ڇنڇر جي شام هئي، اسلم نشاني واري بورڊ تي گوليون هلائي رهيو هو، سندس اکين تي گوگل ۽ ڪنن تي هيڊ فون چڙهيل هئي، پٺيان کان ڪي نرم هٿ سندس سيني تي ڦرندي محسوس ٿيا ، هو من اندر ۾ ڏڪي ويو، هن بنا موڙي ئي پٺيان بيٺل ما ڻهو کي ٺونٺ هنئين هئي.

آ...سندس ڪنن سان هڪ عورتاڻو آواز ٽڪرايو ھو، هن هڪدم مڙي پٺيان ڏٺو هو ۽ ان تي پستول سڌو ڪيائين، هن جي سامهون فرش تي هڪ دلڪش عورت پيٽ کي هٿ ڏيو ويٺي هئي، هي اها ئي ساڳي خوبصورت عورت هئي، جنهن هن تي گلاب جو پاڻي ڇڙڪيو هو.

ٿڌو ٿي، مان ته بس توسان دوستي ڪرڻ ٿي چاهي.عورت هن کي ڏسندي چيو. اسلم هن ڏانهن پنهنجو هٿ وڌايو ، هوءَ هٿ پڪڙي مٿي اٿي بيٺي.

منهنجو نالو نتاشا آهي ۽ ڪمانڊر زاهد مونکي حڪم ڏنو ته توسان ڪجهه وقت گذاريان.هن اسلم جي ويجهو ايندي چيو.

معاف ڪجواسلم ٿڙڪندڙ چپن سان هن کي ڏسندي چيو ھو.

مان ڪمانڊر زاهد سان ٻن سالن کان گڏ آهيان.نتاشا مرڪي چيو ھوس.

اوهان سان ملي خوشي ٿي. اسلم هيڊي مرڪ مرڪندي چيو. ڪنهن عورت سان ايتري ويجهي کان ڳالهائڻ جو هن جو پهريون تجربو هو.

هل ته ڪنهن نويڪلائي واري جڳهه تي هلون.نتاشا مرڪي اک هڻندي چيس.

مان....مان.... اسلم ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس چپ ٿڙڪڻ لڳا ھئا، نتاشا هن جي چپن تي آڱر رکي کيس چپ ڪرائي ڇڏيو. اهي ٻئي بيسمينٽ مان نڪري ڏاڪڻيون چڙهي مٿي آيا، نتاشا هڪ ڪمري جو ناسي در کوليو، هي ڪمرو به خوب سينگاريل هو، ٻئي ڪمري ۾ داخل ٿيا ته نتاشا در بند ڪري ڪنڊي ڏني. ڪمري جي وچ ۾ هڪ ڊبل بيڊ رکيل هو، نتاشا پاڻ کي بيڊ تي ڇڏيندي هن کي مرڪي ڏٺو ۽ وري اک هڻندي چيائين: منهنجي پاسي کان اچ. اسلم سندس پاسي کان آيو هو، نتاشا کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي هن جي چپن کي چميو، اها هڪ طويل چمي هئي، جنهن اسلم جو مٿو ئي ڦيرائي ڇڏيو . وري سندن چپ مليا، اسلم کي پيٽ ۾ ڪتڪيتايون ٿيڻ لڳيون، پوءِ ڪيتري دير تائين هو نتاشا جي نرم نازڪ جسم سان کيڏندو رهيو، سندس اڀريل سيني کي مهٽيندو رهيو. آخر ٻئي هڪ ٻئي جي پاسي کان ليٽي وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳا. نتاشا جڏهن ٻيو ڀيرو اسلم جي مٿان اچڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن کيس پري ڪري ڇڏيو.

ڇا ٿيو؟نتاشا هن کان حيراني مان پڇيو.

مون کي لڳي ٿو تون مون کي راهه تان ڀٽڪائڻ آئي آهين.اسلم حيراني مان چيو. ان تي نتاشا کان کل نڪري وئي، پوءِ پاڻ سنڀاليندي چيائين:

توکي ذهني ۽ جسماني سڪون گهرجي ۽ مرد کي ذهني ۽ جسماني سڪون رڳو عورت مان ئي ملندو آهي.

پر....اسلم ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪئي پر نتاشا هن جي چپن تي وري آڱر رکي ڇڏي ۽ چيائين:

ڪمانڊر زاهد اسان کي عباسي خلافت جي دور جو هڪ قصو ٻڌائيندو آهي، عباسي دؤر ۾ ايمان وارن جي فوج جو هڪ اهڙو گروهه به هو جيڪو هڪ جنگ دوران پاڻ ۾ ٻانهين جي ورڇ تان وڙهي پيو هو. اهو ٻڌي اسلم هن کي حيرت مان ڏٺو. هن ڳالهه جاري رکي: اسان جي مذھبي تاريخ ۾ اُموي ۽ عباسي خلافتون به نراليون رهيون آهن، تان جو اسان جو مذهب مختلف قومن تي حملن کانپوءِ سموري دنيا تائين پهتو، پر هنن دورن ۾ عرب دين کان پري ٿيندا ٿي ويا. بنو هاشم وارا اُموي دؤر ۾ ماريا ويا، جڏهن ته عباسي دؤر ۾ اُموين جي قبرن کي به ٿڏا هنيا ويا ۽ سندن عورتن کي عباسين ٻانهيون ڪري رکيو. بنو عباس جو هڪ لشڪر عضاص حشري جي اڳواڻي ۾ روم ڏانهن نڪتو، هڪ هند کين اڻکوٽ شراب ۽ هزارين ٻانهيون مالِ غنيمت طور مليون، اٺيتالهن سالن جو عضاص حشري ڪمانڊر هو ۽ هن عورتن جي معاملي ۾ صحيح ورڇ نه ڪئي ۽ پنهنجي لاءِ حصي کان وڌيڪ ٻارنهن ٻانهيون رکيائين، جنهن تي سندس سئوٽ حاڪن حشري مڇرجي پيو ۽ پنهنجي اڳواڻ سان بغاوت ڪري وڌائين، ان رات جڏهن حاڪن حملي جو سوچيو ته عضاص انهن ئي ٻارنهن عورتن سان پنهنجي ڇني ۾ موج مستي ڪري رهيو هو، باغين حملو ڪيو هن کي ماري وڌو ۽ سندس عورتون پاڻ سان ڪري هليا ويا. هاڻي حاڪن هن مورکي جي اڳواڻي ڪرڻ لڳو پر عورتن جي معاملي ۾ هو به لالچي نڪتو، جنهن تي سندس ئي ننڍي ڀاءُ زبير هن سان بغاوت ڪئي ۽ حاڪن کي ماري وڌو ۽ هي لشڪر روم تي حملي کان اڳ ئي پاڻ ۾ وڙهي ختم ٿي ويو.نتاشا اسلم جي مٿان آئي هئي، هو سندس گول ڇاتيون مهٽڻ لڳو هو.

    اسلم اڃا به بنا چرڻ جي اونداهي ڪمري ۾ ليٽيو رهيو، ڄور اڃا به سندس جسم مان رت ٿي چوسيو، هاڻي هو پنهنجي پهرين مشن جي باري ۾ سوچڻ لڳو، جيڪو ٽي سال اڳ هن ڪاميابي سان پورو ڪيو هو. اها 2012ع جي سپٽمبر مهيني جي هڪ شام هئي، صدر جي رستن تي ماڻهن جي چر پر لڳي پئي هئي، ٽريفڪ جو گوڙ ۽ دونهون ماحول کي ويتر ئي بيچين ٿي ڪيو ويو، ڪيفي جيبيز وارو روڊ گاڏين، رڪشن ۽ موٽر سائيڪلن  سان ڀريل هو، هڪ گهاٽي وڻ جي پاسي کان پٺاڻن جي ٻاڪڙي هوٽل هئي، سندس گراهڪ روڊ جي پاسي کان ويهي چانهن جون چسڪيون وٺي رهيا هئا. اوچتو هوٽل ٻاهران هڪ موٽر سائيڪل بيٺي ھئي، ان تي ٻه ڄڻا سوار هئا، سندن چهرا ٻٽ ۾ ٻڌل، ٻنهي ڄڻن لهي، پستول ڪڍي ويٺلن تي سڌيون گوليون هلائڻ شروع ڪيون. ويٺلن مان ڪيترائي زخمي ٿي ويا، جڏهن ته هڪ پوڙهو همراه ٿڏي تي ئي مري ويو. اهي ٻئي همراه موٽر سائيڪل تي چڙهي تڪڙا نڪري ويا. ماڻهن جون رڙيون ۽ ڪيهون هيون، ڪجهه دير کانپوءِ پوليس ان هنڌ پهتي ۽ زخمين کي اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو، پر رات تائين هوٽل جي مالڪ سڌو ڇهه ڄڻا مارجي چڪا هئا، اها اسلم جي پهرين ڪاميابي هئي.

      اسلم جو رت چوسي آخر ڄورون سندس سيني تان هيٺ ڪريون، اسلم اٿي انھن کي شيشيءَ ۾ رکيو کيس هاڻي ڪجهه سڪون محسوس ٿيڻ لڳو، هن ابرار جو ڏنل لفافو کوليو ۽ ان مان خط ڪڍي نئين هدف بابت پڙهڻ لڳو، خط بند ڪري لفافي ۾ وجهي ان کي ويهاڻي هيٺان رکيائين. هو دريءَ وٽ آيو ۽ ٻاهر ڏٺائين، آسمان ڪارو ٿي چڪو هو ۽ هر طرف اوندهههئي.  (هلندڙ)


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment