شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

وبا جي ڏينهن ۾


شام 07 لڳي 23 منٽ -خميس 25 جون 2020  118 
image-1


سڄي دنيا ڪورونا جي ڪري پريشان هئي پر سڪندر کي ڪورونا جي ڪري مليل موڪلن جي ڏاڍي خوشي هئي، ڪافي عرصي کان هن جي خواهش هئي ته هو گهر ۾ رهي پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪري، جيڪا گذريل ڪجهه سالن کان بيماريءَ جي بستري تي هئي ۽ هن کي سدائين ميارون پئي ڏيندي هئي، نه فقط هن جي ماءُ پر هن جي ٻارن کي به هن کان اها شڪايت هوندي هئي ته هو انهن کي به وقت نه پيو ڏئي پر ڪالهه جڏهن لاڪ ڊائون جو اعلان ٿيو ته هن جي آفيس ۾ به work from home  (گهران ڪم ڪرڻ( واري اي ميل سرڪيوليٽ ٿي. ان ميل کانپوءِ عملي جا اهي ماڻهو جيڪي ٻين شهرن جا هئا، ان وقت ئي پنهنجن گهرن ڏانهن نڪري ويا، هن به گھر اچي سُک جو ساهه کنيو، پر هن جي خوشي گھڻا ڏينهن ڪانه رهي. ٻه ڏينهن گذرڻ کانپوءِ کيس مينئجر جي فون آئي جنهن سڪندر سان ڳالهائيندي چيو ”هي ايمرجنسيءَ واري صورتحال خبر ناهي ڪيترا ڏينهن رهي سو جيڪڏهن سڀ گھر ويهي رهنداسين ته اسان جو ادارو ئي بند ٿي ويندو، ان ڪري ڪورونا جي حوالي سان ڄاڻ ڏيڻ جي بهاني پنهنجي پروگرام کي سرگرم رک، جيئن ته آفيس جو ٻيو عملو ٻين شهرن جو آهي اهو اچي نٿو سگهي پر توهان ته مقامي آهيو، اتي رهي ڪجهه ڪريو.“ مينئجر هڪ ساهي ۾ سڀڪجهه چئي ڇڏيو.

”سر اسان ڪيئن ٿا سرگرم رهي سگهون لاڪ ڊائون جي ڪري سڄي موومينٽ بند آهي، گھر کان ٻاهر نڪرڻ ئي مشڪل لڳو پيو آهي. ٻاهر روڊن تي ته پوليس بيٺي آهي ته اهڙي حالت ۾ ڳوٺن تائين ڪيئن پهچنداسين.“ سڪندر کيس هٻڪندي چيو.

 ”اها ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي سڀ کان پهرين ته تون ڊپٽي ڪمشنر سان وڃي مل ۽ هن کي ٻڌائي ته اسان جو ادارو ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو آهي ۽ هن مشڪل وقت ۾ به اسين ماڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنداسين ۽ هن وبا جي حوالي سان عام ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪنداسين، بلڪه مان ان حوالي سان هڪ ليٽر ٺاهي توهان ڏانهن موڪليان ٿو، جڏهن ڊي سي آفيس کڻي وڃو ته ان ليٽر موجب نوٽيفيڪيشن جاري ڪرايو ته هن وبا واري ايمرجنسي ۾ اسان جو ادارو ڳوٺ ڳوٺ ۽ گھر گھر وڃي ماڻهن کي ان وبا کان بچڻ جي لاءِ احتياطي اپائن جي حوالي سان ڄاڻ ڏيندو.“ مينئجر حڪماڻي انداز ۾ ڳالهائيندو رهيو.

”پر سر ان بيماريءَ کان ته اسان کي به خطرو آهي نه؟“ سڪندر هٻڪندي چيو.

”اسان جو ادارو عام ماڻهن جي ڀلائي تي ڪم ڪندو آهي، تنهنڪري انهن جي ڀلائيءَ وارو مقصد اسان کي پنهنجي ذاتي مقصد کان وڌيڪ هجڻ کپي، ٻيو ته ان بيماريءَ کان بچاءُ جو آسان طريقو آهي ۽ اهو آهي احتياط. سو توهان به احتياط ضرور ڪجو، جڏهن ڳوٺن ۾ وڃو ته ماسڪ ۽ سينيٽائيز استعمال ڪجو،“ جميل وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ”توهان سان ڳالهائيندي منهنجي دماغ ۾ هڪ ٻي ڳالهه آئي آهي ته اسان جي اداري جو به ڪورونا جي حوالي سان ڪو خاص پيغام هجي، منهنجي خيال ۾ ‘ڪورونا سان وڙهڻو ناهي پر بچڻو آهي’ سٺو رهندو.“

”سر توهان جون سڀ ڳالهيون سٺيون پر اصل ۾ اسان جو شهر تمام ننڍو آهي ۽ هتي ماسڪ ۽ سينيٽائيزر ملن ئي ڪونه پيا.“ سڪندر وري سمجهائيندي ڊڄندي ڊڄندي چيو.

”اصل ڳالهه اها ته تنهنجي نيت ئي ڪانهي ڪم ڪرڻ جي، ان ڪري بهاني مٿان بهانو پيو ٺاهين، جڏهن ته انهن شين جو ڪو مسئلو ئي ڪونهي، ڪپڙي جا ماسڪ عام جام ملن پيا سينيٽائيز ناهي ته صابڻ ته موجود آهي نه، پر توهان کي ته ڪم ڪرڻو آهي ڪونه سو بهانا پيا ڪريو.“ جميل ڪاوڙ واري انداز ۾ ڳالهائيندي چيو.

 ”سر اهڙي ڳالهه ناهي مان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان مان ته صرف.....“ ”ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيو ته ڪم ڪريو، مون کي به رزلٽ کپي بهانا نه. “ ايترو چوندي جميل فون ڪاوڙ مان بند ڪري ڇڏي ۽ سڪندر سوچڻ لڳو ته سڀاڻي کان ڪم ڪٿان شروع ڪجي، ايتري ۾ هن جو ماسات اقبال آيو ۽ هن کي خاموش ڏسندي پڇيائين خيريت ته آهي پريشان ڇو آهين“

”ڪجهه خاص نه بس آفيس وارن اچي مٿو کاڌو آهي هنن ڏينهن ۾ به انهن کي ڪم کپي.“ سڪندر پنهنجي پريشاني ٻڌائيندي چيو.

”ڇڏ آفيس ۽ آفيس جي ڳالهين کي هل ته ٻاهر هلون.“

”ٻاهر، پر ڇا لاءِ؟“ سڪندر حيرت مان پڇيو.

”لاڪ ڊائون ڏسڻ لاءِ ٻيو وري ڇا لاءِ.“ اقبال کلندي چيس.

 ”تنهنجو دماغ ٺيڪ آهي لاڪ ڊائون به ڪا ڏسڻ جي شيءِ آهي“

 ”اسان جي زندگيءَ ۾ ته اهو ڀيرو ٿيو آهي سو ڏسڻ ته کپي نه آخر اهو ٿيندو ڪيئن آهي، ٻيو ٻڌو آهي ته پوليس ماڻهن کي ڏاڍا ڏنڊا پئي هڻي ۽ ڊوڙائي پئي، سو اهو رونشو به ڏسي اچون.“

”ٻين کي پوليس ڏنڊا پئي هڻي ۽ ڊوڙائي پئي باقي اسان کي ڇڏي ڏيندي“ سڪندر چڙ ۾ چيو

”اسان مان ڪو هڪ بيمار هجڻ جو مڪر ڪندو ۽ ٻيو چوندو ته مان ان کي اسپتال پيو وٺيو وڃان، اسپتالون ۽ ميڊيڪل اسٽور ته کليل آهن، اهو ئي بهانو ڪنداسين ته شهر جو چڪر لڳائي واپس اچي وينداسين.“

”فضول ڳالهيون نه ڪر مون کي ٻاهر هلڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي.“

”توکي ناهي هلڻو ته نه هل باقي مان ته وڃان ٿو، ماسي جي دوا واري پرچي کڻي اهو بهانو ڪندس ته ميڊيڪل اسٽور تي وڃان پيو دوا وٺڻ لاءِ.“ اقبال ائين چئي ٻاهر هليو ويو ۽ سڪندر وري آفيس جي حوالي سان سوچڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن صبح جو هو ڊي سي آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، منهن کي مفلر سان ڍڪي پنهنجي پراڻي بائيڪ کي اسٽارٽ ڪيائين ۽ ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر شهر ويران ۽ رستا سنسان لڳا پيا هئا، ٿورو ئي اڳتي نڪتو ته پوليس واري هن کي جهلي ورتو هن پوليس واري کي سمجهائيندي چيو ته ”مان اين جو اوز ۾ ڪم ڪندو آهيان ۽ هن وقت آفيس جي ڪم سان ڊي سي سان ملڻ پيو وڃان.“

”سڄي دنيا ڪورونا جي ڪري پئي مري ۽ توهان کي هن وقت به آفيس جو ڪم آهي.“ پوليس واري هن جي ڳالهه ٻڌندي ئي ڪاوڙ مان ڳالهايو.

”شرافت سان واپس هليو وڃ نه ته اهڙو حشر ڪندوسانءِ جو سڄي عمر واري آفيس جو نالو ڪونه کڻندي.“ پوليس واري جي ائين ڌمڪائڻ تي هو ماٺ ٿي واپس گهر هليو آيو ۽ گهر اچي ڪافي سوچڻ کانپوءِ هن جي دماغ ۾ هڪ ترڪيب آئي، هو ماءُ جي دوا واري پرچي کڻي ٻاهر نڪري آيو، هن ڀيري صبح وارو رستو وٺڻ بدران ٻيو رستو وٺي وڏي مشڪل سان ڊي سي آفيس پهتو پر اتي به هن جو ڪم ڪونه ٿيو. ڊي سي آفيس وارن به هن کي سڄو هفتو ائين چڪر لڳرايو پر آخر انهن به ڏٺو ته هي همراهه ائين ڪونه ڇڏيندو ته تنگ ٿي هن کي ڪم ڪرڻ جو نوٽيفيڪيشن ڏنو، جنهن جي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ خوشيءَ مان پنهنجي مينئجر کي ٻڌايائين ۽ ان کان آفيس جي گاڏيءَ جي گهر ڪيائين پر هن جي خوشي مايوسي ۾ بدلجي وئي. جڏهن مينئجر چيو ته ڪجهه وقت هو پنهنجي بائيڪ تي ئي فيلڊ ڪري ۽ انهن ئي ڳوٺن ۾ وڃي جيڪي شهر جي ويجھو آهن. سڪندر دل تي پٿر رکي مينئجر جي ها ۾ ها ملائي ۽ ٻئي ڏينهن ئي وڃي ڳوٺن ۾ ڪورونا جي حوالي سان پنهنجا سيششن شروع ڪري ڇڏيائين. ائين هفتو کن ته گذري ويو پر جڏهن به هي سيشن شروع ڪندو هو ته ٿوري دير کانپوءِ ماڻهو هن کان امداد جو پڇندا هئا. ان ڏينهن به جيئن ئي هن سيشن شروع ڪندي چيو ”هن وبا جي ڏينهن ۾ هر ماڻهو کي گهرجي ته هر ٻن ڪلاڪن کانپوءِ هٿ ڌوئي ۽ هٿ وڌ ۾ وڌ ويهه سيڪنڊن تائين ضرور ڌوئي ۽ هٿ ڌوئڻ لاءِ صابڻ ضرور استعمال ڪري .....“ سڪندر اڃا ڳالهائي هئا پر هڪ وڏي ڄمار جي ماڻهو هن جي ڳالهه ڪاٽيندي چيو ”اسان هتي بک پيا مرون ۽ توهان کي وري هٿ ڌوئڻ جي پئي آهي.“

”چاچا توهان ٺيڪ پيا چئو پر جيءُ آهي ته جهان آهي ۽ اسان هن بيماري کان ائين ئي بچي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن اسان هن وقت احتياط نه ڪيو ته اسان نه صرف پاڻ پر پنهنجي پيارن سان به دشمني ڪنداسين.“ سڪندر وڌيڪ سمجهائيندي چيو ته وچ ۾ وري هڪ ٻئي ڳوٺاڻي ساڳي ڳالهه ورجائيندي چيو ”ابا ڳالهيون ته سڀ تنهنجون ڀليون آهن پر اصل ۾ اسان لاءِ هٿ ڌوئڻ کان وڌيڪ ٻه ويلا ماني مسئلو ٿي وئي آهي، ڪورونا جي ڪري مرون يان نه مرون پر بک ۾ ضرور مرنداسين.“ ڳوٺاڻي جي ائين چوڻ تي هو وري انهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. ٽي چار ڳوٺن ۾ هر روز وڃڻ سندس معمول ٿي ويو هو ۽ اڄ به جڏهن هو ٽي چار ڳوٺن ۾ پنهنجا سيشن هلائي گهر پهتو ته شام ٿي وئي. هر روز وانگر شام جو اچڻ تي هن جي زال تنگ ٿيندي چيو ”سڄي دنيا ڪورونا جي ڪري گھر ۾ ويهي رهي آهي پر هڪ تون آهين جو هنن ڏينهن ۾ به پيو آفيس جو ڪم ڪرين ٽي وي، اخبار ۽ ريڊيو هر هنڌ صرف اها ڳالهه پئي هلي ته گهر کان ٻاهر نه نڪرو پر هڪ تون آهين جو هنن ڏينهن ۾ به گهر ۾ ڪونه پيو ويهين. تون ڪو ٻين ماڻهن کان الڳ آهين ڇا؟“

”او چري اسان جو ادارو انساني ڀلائي تي ڪم ڪندو آهي هن وقت اسان به ٻين ماڻهن وانگر ويهي رهنداسين ته عام ماڻهن تائين اها ڄاڻ ڪيئن پهچندي.“

 ”توکي ڇا ٿو لڳي ته هڪ تنهنجي ڳوٺ ڳوٺ وڃڻ سان ماڻهن ۾ ڄاڻ ايندي، باقي هي جا حڪومت سڄو ڏينهن ٽي وي ريڊيو ۽ اخبارن ذريعي ماڻهن کي خبردار پئي ڪري اهو ڪجهه به ناهي باقي تنهنجي....“ سڪندر جي گهر واري اڃا به ڳالهايو پئي پر جيئن ئي هن جي مينئجر جي فون آئي ته سڪندر ڪال اٽينڊ ڪري پاسي تي ٿي هن سان ڳالهائڻ لڳو.

” سڪندر تون هر دفعي راشن جي ڳالهه ڪندو آهين، سو مان هڪ سئو راشن جا پيڪيٽ منظور ڪيا آهن، توهان ضرورتمندن جي لسٽ ٺاهي ڊي سي کان انڊورس ڪرائي سامان پنهنجي علائقي ۾ ورهايو ۽ اهو ڪم اڪيلي سر مشڪل ٿيندو، تنهنڪري پاٻ سان ٻه ٽي والنٽير شامل ڪجو“ ميئنيجر پنهنجي ڳالهه پوري ڪري ڪال ڪٽي ڇڏي.

 سڪندر سندس ڳالهه ٻڌي ڪجهه خوش به ٿيو ته غريب ماڻهن کي ڪجهه ملندو ته سهي ۽ پريشان به ٿيو، هن جيڪو گهر وارن کي ٽائيم ڏيڻ ۽ انهن سان ٽائيم گذارڻ جو سوچيو هو اهو ته ٺهيو، رهندو هن جي مٿان سڄي ڪم جو بار اچي ويو هو. پوءِ به هو ڪم ڪندو رهيو پنهنجي ٻن دوستن ۽ ماسات اقبال کي والنٽير طور شامل ڪيائين ۽ انهن جي صلاح هئي ته ڳوٺن بدران پاڙي ۽ شهر جي ماڻهن جا نالا لکون، جيڪي لاڪ ڊائون جي ڪري بيروزگار ٿي ويا آهن، ڳوٺ وارن ماڻهن جو ته گذران ئي وري ٻني ٻاري تي آهي سو هن لاڪ ڊائون جي ڪري انهن کي ڪو خاص اثر نه پيو هوندو. سڪندر به انهن جي ڳالهه مڃي ۽ لسٽ تيار ڪري پنهنجي مينئجر سان شيئر ڪئي. هن ڪاوڙ ڪندي چيو ته راشن صرف پنهنجي پروجيٽ ايريا واري ماڻهن ورهايو وڃي ته جيئن ڪورونا کانپوءِ پروجيڪٽ جون سرگرميون ڪيون وڃن ته ڪو مسئلو پيدا نه ٿئي. هن وري لسٽ تيار ڪئي ۽ ڊي سي ڏانهن کڻي ويو ته ان وري اها شرط رکي ته جيستائين ان جا ڪجهه ماڻهو شامل نه ڪيا ويندا، تيستائين صحيح ڪري نه ڏيندو. سڪندر لسٽ ۾ تبديلي ڪئي ۽ ان ۾ ڪجهه ڊي سي جا ماڻهو به شامل ڪيائين ته لسٽ منظور ٿي ۽ سامان آفيس پهتو، هو سامان اچڻ کانپوءِ ورهائڻ واري ڪم ۾ لڳي ويو سامان ورهائڻ وقت هي ايترو ته ان ڪم ۾ مشغول ٿي ويو جو اهي احتياطي تدابيرون جن تي پاڻ ٻين کي سمجهائيندو هو، انهن تي پاڻ عمل ڪرڻ وساري ويٺو. جڏهن اڌ کان وڌيڪ ڊسٽريبيوشن ڪري ڇڏيائين ته مينئجر وري هن سان فون تي رابطو ڪيو ۽ ڪجهه هدايتون ڏيندي چيائين ته ”توهان سڄي ڊسٽريبيوشن ڪرائي ڇڏيو، باقي پنج يا ڇهه راشن جا پيڪيٽ آفيس ۾ رکجو جو اهي مان پاڻ آخر ۾ اچي ورهائيندس پر خيال رکجانءِ ته اهو راشن اهڙن ماڻهن جو هجي جيڪي آساني سان آفيس اچي سگھن، اهڙا نه هجن جنهن جو اچڻ ۽ وڃڻ ئي اسان لاءِ مسئلو ٿي وڃي.“

سڪندر صرف ايترو ئي چئي سگهيو ”سر مان هر ڳالهه جو خيال رکندس.“ اهو صرف هن چيو نه هو پر واقعي انهن سڀني ڳالهين جو خيال به رکيو هئائين، ڇو ته ڊسٽريبيوشن جي آخري ڏينهن تي جڏهن مينئجر آيو ته هن جو انتظام وغيره ڏسي ڏاڍو خوش ٿي ويو ۽ پنجن ماڻهن ۾ سامان ورهائڻ کانپوءِ انهن تصويرن کي سوشل ميڊيا تي رکڻ ۾ مصروف ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ئي دير ۾ هن کي فون اچڻ شروع ٿي ويا. هن پنهنجي تعريف ڪندي چيو ته ”سائين اسين ته انسانن جي عام ڀلائيءَ تي ڪم ڪندا آهيون. اسان ته هنن ڏينهن ۾ به گھر ڪونه ويٺا آهيون، ٻين جي ڀلائي ۾ ڏينهن رات لڳا پيا آهيون،“ سڪندر خاموشيءَ سان پنهنجي مينئجر جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، جيڪو ايترن ڏينهن ۾ صرف اڄ ڪلاڪ کن لاءِ آيو هو ۽ فون تي ان جي ابتڙ پئي ڳالهائين. فون تي ڳالهائڻ کانپوءِ مينئجر سڪندر سان مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻي ڀلي تون هڪ ٻه ڏينهن گهر رهجان ۽ رپورٽ تي ڪم ڪجان، سومر کان وري فيلڊ شروع ڪجان اهي هدايتن ڏيڻ کان پوءِ هو ترت ئي پنهنجي شهر هليو ويو ته سڪندر به گھر اچي سک جو ساهه کنيو ۽ اهو سوچي ئي خوش ٿي ويو ته هاڻي ڪجهه ڏينهن گهر ۾ آرام ڪندو پر ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن هن کي جاڳ ٿي ته هن کي هلڪو هلڪو بخار پئي محسوس ٿيو ۽ گلي ۾ به سور هو، کيس ساهه کڻڻ ۾ به تڪليف ٿي رهي هئي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment