شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

ڪراچي روپ اروپ


صبح 01 لڳي 10 منٽ -سومر 08 جون 2020  282 
image-1

ناوليٽ

قسط چار

”ڇا مان توکان هڪ سوال ڪريان؟“ جنيد ڳالهائڻ شروع ڪيو، اسلم کيس ويران نظرن سان ڏسي هاڪري ۾ ڪنڌ لوڏيو.

”تنهنجي اکين ۾ ايڏو ڏک ڇو سمايل آهي؟“ جنيد هن کان سوال ڪيو.

”مون کي خبر نه آهي،“ اسلم لاپرواهي مان ڪلها لوڏي جواب ڏنو.

”ڪجهه ته آهي..... ڪجهه ته ضرور آهي.....“ جنيد تجسس مان چيو، ڄڻ هو اسلم جي ذهن ۾ گهڙي ان کي پڙهڻ لڳو هجي، جنيد جي موجودگيءَ مان ئي اسلم کي ڪوفت ٿيڻ لڳي، کيس ائين لڳو ڄڻ اهو جنيد ئي هو جنهن تيرنهن سالن جي عمر ۾ هن سان ڏاڍائي ڪئي هئي. هن ڪيفي ۾ هلندڙ ٽي وي جي اسڪرين تي نظرون ڄمائي ڇڏيون، ڪنهن چينل تي  راتوڪو پروگرام جيڪو ٻيهر هلي رهيو هو ۾ هڪ عورت مهمان سندس راءِ ڏئي رهي هئي، هن چيو ٿي: 

”هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان جي ھن ملڪ کي هڪ سڪيولر رياست طور دنيا جي گولي تي نروار ٿيڻ گهرجي، اسان اڄ جن به مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون انهن جو ڪارڻ مذهبي جنونيت ۽ عدم برداشت آهن.....“ اهو ٻڌي جنيد جون اکيون ذري گهٽ ٻاهر نڪري آيون هيون ۽ چپن ۾ ڀڻڪيو هئائين:

”منافق...ڪتي......“ اسلم وري هڪ ڀيرو جنيد کي ويران نظرن سان ڏٺو ھو، جنيد وري ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو:

”اوهين مادر ذات هندوستاني ايجنٽ ئي هتان جو اصل مسئلو آهيو،“ جنيد هڪ پل لاءِ خاموش ٿي ويو  ۽ پوءِ وري چيائين: ” جيڪڏهن منهنجو وس پڄي ته هنن ڪڃرين ۽ دلالن کي قتل ڪري ڇڏيان،“ اسلم ماٺ ئي رهيو ، جنيد وري ڪاوڙ ۾ ڳالهايو:

”اسان جو هي پاڪ وطن مذھب جي نالي ۾ حاصل ڪيو ويو، مسلمان هندستان جهڙي ناپاڪ ملڪ کي ڇڏي هن پاڪ ڌرتي تي رڳو مذھب جي ڪري آيا.“ 

هڪ پل جي خاموشي کانپوءِ هن اسلم کي ڏسندي چيو:

”دوست هر محب وطن شهري تي فرض آهي ته هن ملڪ جي حفاظت ڪري ۽ مذھب جي جهنڊي کي اوچو ڪري، هر ايمان واري جي اها تقدير آهي ته هو دنيا فتح ڪري  شريت نافذ ڪري.“ ان کانپوءِ جنيد ڪاٺ جي گول ناسي دخل ڏانهن ڏٺو ھو، اتي ڪو به گاڪ نه هو، جنيد اٿي دخل ڏانهن ويو ۽ برياني جون ٻه پليٽون وٺي واپس ٽيبل ڏانهن آيو، اسلم جي اڳيان برياني جي پليٽ رکندي چيائين:

”مان هڪ مذهبي انقلابي گروهه پاڪ ڌرتي جي تڪميل جو ميمبر آهيان، اسان ان لاءِ ڪوشان آهيون ته هن پاڪ ڌرتيءَ کي ٻيو مدينو بڻائي سگهون ۽ هتي  شريت لاڳو ڪري سگهون ۽ ان عظيم مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي اڳواڻي هڪ عظيم اڳواڻ زاهد خان ڪري رهيو آهي، هر روز رات جو هن جي گهر تي سندس جيءَ جهنجوڻيندڙ ليڪچر ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهيون، منهنجا لفظ ياد رکجان جيڪڏهن انسانيت جي باقا ڪنهن ڳالهه ۾ آهي ته اهو اسان جي مذھبي قانون جو نافذ ٿيڻ ۽ هن پاڪ ڌرتيءَ ۾ ئي آهي.“ ڪجهه گهڙين لاءِ جنيد چپ ٿي ويو ھو، ٻئي برياني کائڻ لڳا، پوءِ جنيد اسلم کي هن سان گڏ ليڪچر تي هلڻ جو چيو. 

”نه.... مان.....“ اسلم انڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن سندس نظر جنيد جي ڳاڙهين اکين ڏانھن وئي ھئي ته لفظن جو ساهه نڙي ۾ ئي ٽٽي پيس ۽ جنيد موقعي جو فائدو کڻندي چيو:

”ٺيڪ آهي، اڄ رات اٺين لڳي مان بلوچ پل تي تنهنجو انتظار ڪندس.“ اسلم سندس نئين دوست اڳيان مجبور ٿي پيو. 

     ان رات ساڍي اٺين ڌاري اهي ٻئي پي آءِ بي ڪالوني ۾ هڪ شاندار گهر وٽ آيا هئا، هي زاهد خان جو ٻه ماڙ گهر هو، جنهن تي اڇو رنگ ٿيل هو، جنيد سندس موٽر سائڪل هڪ گنڊ ۾ بيهاري، سروس روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڏهه، ٻارهن گاڏيون بيٺل هيون، گهر جو ڪارو مک در کليل هو، اسلم جنيد سان گڏ گهر جي اندر آيو، در تي بيٺل نيري وردي واري گارڊ جنيد کي چڱي نموني سڃاتو ٿي ۽ کيس مرڪي سلام به ڪيو هئائين، اهي سائي ڇٻر کي پار ڪري ڪاٺ جي ٻن پڙن واري در مان داخل ٿي هڪ وڏي هال ۾ آيا، اتي اڳ واٽ ئي مختلف عمر جا ٽيهه کن ماڻهو ڪارپٽڊ فرش تي ويٺل هئا، جڏهن ته هڪ ڳاڙهي ٽوپي وارو پنجونجاهه سالن جو همراهه جنهن جي منهن تي ٻڪر جيان ٻوچي ڏاڙهي هئي، سندس وڏا اڇا ڪارا وار پٺيان هڪ ڳوت ۾ ٻڌل هئا، کيس سائي رنگ جي ريشمي شرٽ پهريل هئي، سندس چٻري جهڙيون اکيون نظر واري عينڪ سان ڍڪيل هيون، هو ڪرسيءَ تي ويٺل هو، جنيد سڌو هن ڏانهن ويو ۽ سندس ساڄو هٿ پڪڙي ان کي چميائين ۽ پوءِ اسلم سان اچي ڪارپٽ تي ويهي رهيو. 

”جنيد اسان جو سچو مجاهد آهي،“ زاهد مرڪي اسلم کي ڏسندي چيو: ”هو اسان لاءِ هڪ نئون ساٿي وٺي آيو آهي.“ سڀني مرڪي هاڪاريءَ ۾ ڪنڌ لوڏيو. اسلم جون نظرون زاهد جي ڪرسيءَ پٺيان ڀت تي ٽنگيل هڪ تصوير ڏانهن ويون ھيون، ان تصوير ۾ اڇي گهوڙي تي سوار هڪ ڪارن ڪپڙن وارو شخص ڏکاريل هو، جنهن جي هٿ ۾ تلوار هئي ۽ لکيل هوس: ”مذھبي مجاهد.“ تصوير تي زاهد جي ڳاڙهي ٽوپي جو پاڇولو ٿي ڪريو.  زاهد سندس مخصوص انداز ۾ ڳالهايو:

”اڄ اسان هڪ خاص موضوع تي ڳالهائڻ وارا آهيون، جيڪو اسان لاءِ هن دنيا ۾ زندهه رهڻ جو ڪارڻ آهي.“ زاهد اڪثر اها دعوا ڪندو هو ته هن روس خلاف جهاد ۾ حصو ورتو ھو ۽ اهو سندس زندگي جو رومانوي حصو هو ۽ ڌڻيءَ جي فضل سان روس کي ايمان وارن مجاهدن هٿان عبرتناڪ هار کي منهن ڏيڻو پيو هو، هو فخريا انداز ۾ چوندو هو ته خلقڻھار هر دور ۾ ايمان وارن جي مدد ڪندو آهي، سندس اهو به خيال هو ته 1965 واري جنگ دوران آسمان جا در کلي پيا ھئا ۽ فرشتن لهي اچي ڪافرن خلاف ايمان وارن  جي مدد ڪئي هئي ۽ هاڻي هو پاڻ کي مذھب جو مجاهد سڏرائڻ لڳو هو. هن  ڳالهه جاري رکي:

”هي مقدس ملڪ خلقڻھار اسان کي رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ ان ڪري ڏنو ته جيئن اسان هڪ خاص مشن پورو ڪري سگهون،“ ويٺل کيس غور سان ٻڌي رهيا هئا، هن ڳالهايو ھو: ”غزواِ هند ته ٿيڻي ئي آهي ۽ ان ڳالهه تي اسان مان ڪنهن کي به شڪ نه هجڻ گهرجي، ان جو ذڪر ته وڏن وڏن عالمن جي ڪتابن ۾ به ملي ٿو، ان ۾ ڄاڻيل آهي ته ايمان وارن جي فوج هندون جي بادشاهه جي ڳيچي ۾ زنجرون وجهندي ۽ ان ملڪ کي فتح ڪندي ۽ اهو ايمان وارو سپهه سالر جيڪو هي ڪارنامو سرانجام ڏيندو اهو جنت جي افضل درجي ۾ هوندو، 712 ۾ ان ڪارنامي جي پهرين ڪڙي محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ سان ٿي، پر اڃا ايمان وارن جي فوج کي هندستان فتح ڪرڻو آهي ۽ اسان جي پاڪ سپاهين کي ان ڪم لاءِ چونڊيو ويو آهي،“ هن هڪ لمحي لاءِ ڳالهائڻ بس ڪيو ھو ۽ پوءِ جوشيلي انداز ۾ چيائين:

”هندستان جهڙي غليظ ملڪ کي اسان کي فتح ڪرڻو ئي آهي ۽ پوءِ ننڍي کنڊ کي هڪ نئون نالو ملندو پاڪ ڌرتي، جڏهن ته اسان کي اهو به يقين آهي ته هن ڌرتيءَ جي گولي تي خلافت قائم ٿيندي ۽ اسان ايمان وارا ان تي حڪمراني به ڪنداسين.“

”انشاءَ الله.... انشاءَ الله.....“ هيٺ ويٺلن وڏي واڪي چيو.

”هميشه ياد رکو،“ زاهد ساڳي انداز ۾ ڳالهايو: ”اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، اسان کي اندرين ۽ ٻاهرين ٻنهي دشمنن کي مات ڪرڻو آهي، ٻيو اهو ته هندوستان سان ڪنهن به قسم جو سمجهتو نٿو ٿي سگهي ۽ جيڪو ان جي ڳالهه ڪندو سمجهو اهو غدار ۽ مذھب جي دائري کان ٻاهر ٿي ويو، اهڙي شخص جو انجام رڳو موت ئي آهي، منهنجا ساٿيو، دلي اسان جو انتظار پئي ڪري، اڄ نه سڀاڻي اسان ضرور لال قلعي تي مذھب جو سائو جهنڊو ڦڙڪائينداسين،“ زاهد پنهنجي پوري جوش ۾ هو جو هڪ خوبصورت جوان ڇوڪري هال ۾ داخل ٿي زاهد وٽ اچي سندس ڪن ۾ سس ڦس ڪئي، زاهد هڪ پل لاءِ خاموش ٿي ويو ھو، پوءِ هاڪاريءَ ۾ ڪنڌ لوڏيوھئائين، پوءِ ويٺلن سان مخاطب ٿيندي هوريان چيائين:

”اسان جا ڪجهه ضروري مهمان آيا آهن، پاڻ هن موضوع تي وڌيڪ سڀاڻي ڳالهائينداسين.“ هو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ان جوان سهڻي ڇوڪريءَ سان ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. زاهد ماربل جا ڏاڪا چڙهي هڪ شاندار نموني سنگاريل ڪمري ۾ آيو، اتي اڳواٽ ئي ٻه همراهه ويٺل هئا، هڪ سانورو گبرو جوان جنهن جي منهن تي ڪاريون مڇيون هيون، ٻيو ويڪري ڇاتي وارو ڪلين شوءَ همراهه هو، ٻئي پنجٽيهن کان اٺٽيهن سالن جي ڄمار جا ٿي لڳا، سانوري ھمراھه کي ڪاٽن جا اڇا ڪلف ٿيل ڪپڙا پهريل هئا، جڏهن ته ٻئي کي اڇي شرٽ ۽ ڪاري ڊريس پينٽ پهريل هئي. زاهد ڪمري ۾ اندر آيو ته ٻئي اٿي بيٺا، زاهد منهن تي مڪاري واري مرڪ سجائي ٻانهون کولي ٻنهي جو آڌرڀاءُ ڪيو  ۽ ڀاڪر پائي هنن سان مليو ھو. ٽئي ڄڻا آمهون سامهون ٿي ويٺا.

”زاهد صاحب اوهان ان حرامزاديءَ کي ٽي وي واري مناظري ۾ به نه هارائي سگهيا.“ سانوري ھمراھه کهري لهجي ۾ چيس:

”حضور اوهان فڪر ڇو ٿا ڪريو، اهي را جا اينجنٽ اسان کان ڪين کٽي سگهندا، اسان اڳواٽ ئي ايترو ڪم ڪري چڪا آهيون جو ڪوبه سچو مسلمان يا هن ملڪ جو رهواسي هنن حرامخورن جي ڳالهه تي اعتبار ئي نه ڪندو.“ زاهد ڌيمي لهجي ۾ هنن کي مکڻ هڻندي چيو.

”۽ اوهان ان حرامي صحافي جو ڇا ڪيو، هو اڃا به ماڻهن تائين بڪواس پيو پهچائي؟“ ساڳي همراهه وري کوري لهجي ۾ سوال ڪيس. اهو ٻڌي زاهد جو منهن هيڊو ٿي ويو، ان ھمراه وري ساڳي لهجي ۾ چيس: ”

ڇا اسان اوهان تي لکين رپيا اجايا خرچ پيا ڪريون؟“ هڪ پل جي خاموشي کانپوءِ وري هن چيس: ”باس کي نتيجا گهرجن، اوهان کي ڇا ٿو لڳي ته هنن بيوقوف سياستدانن ۾ ايتري اهليت آهي جو هي ملڪ هلائي سگهن.“

”نه حضور...هرگز نه.....“ زاهد نماڻي انداز ۾ جواب ڏنس.

”ته پوءِ اسان کي ڪي نتيجا ڏيکاريو،“ سانوري همراهه وري ساڳي لهجي ۾ چيس.

”جي حضور.....“ زاهد وري نماڻي انداز ۾ جواب ڏنو.

”هاڻي اسانکي ڪراچيءَ تي مڪمل دسترست گهرجي،  شهر ۾ افرا تفريح مچايو، ان شهري سياسي پارٽي تي لان تان ڪيو، پنهنجا سليپر سيل استعمال ڪريو، اسان وٽ وقت گهٽ آهي.“ هن ڀيري ڪلين شوءَ همراهه حڪم ڏيندي چيس.

”جيئن اوهان جو حڪم حضور،“ زاهد ساڳي انداز ۾ مرڪي چيس. 

”باس اوهان لاءِ هي ڏهه لک رپيا اماڻيا آهن ۽ ميشن ڪراچي جا تفصيل به،“ سانوري همراهه هڪ ڪارو بريف ڪيس زاهد ڏانهن وڌائيندي چيو ، زاهد صوفا تان ٿورو مٿي اٿي بريف ڪيس ۾ هٿ وجهي پنهنجي پاسي کان رکيو ھو.

”اسان خلاف هر اٿندڙ آواز کي دٻايو، ميڊيا کي چڱي نموني استعمال ڪريو، ڀلي ڪجهه عرصو شهر ڪراچي ۾ هل هنگامو ٿئي، ماڻهو مرن، اسان پاڻهي سنڀالي وٺنداسين.“ هن واري ڪلين شوءَ همراهه ڳالهايو، زاهد غور سان کيس ٻڌندو رهيو ھو، وري ڪمري  ۾ ماٺ اچي وئي ھئي، پوءِ ٻئي همراهه ساڳي وقت ئي اٿي ٻيٺا ھئا، زاهد به پنهنجي پيرن تي هو، اهي هن سان هٿ ملائي هليا ويا.

(هلندڙ)


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment