شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

ڪراچي روپ اروپ


صبح 01 لڳي 11 منٽ -جمعو 22 مئي 2020  73 
image-1


 ناوليٽ قسط پهرين   


(نوٽ: ھي ھڪ افسانوي ڪھاڻي آھي ۽ ان جا سڀ ڪردار بھ افسانوي آھن)

                 


    1

مون ڪراچيءَ جي هڪ نجي تعليمي اداري ۾ اينٿروپالاجي جي ڪلاس کي صوفيازم ۽ سيڪيولرزم ۾ فرق تي ليڪچر ڏيڻ شروع ڪيو، گذريل ٽن سالن کان آئون هتي ليڪچرار آهيان، عمر 32 سال، قد جو پورو، رنگ جو ڪڻڪائي ۽ ڪلين شي وَرهڻ پسند ڪندو آهيان. اينٿروپالاجي فرسٽ ائير ۾ هن سال 60 شاگرد آيا آهن، اڪثر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مذهبي گهرن سان واسطورکندڙ آهن، ان ڪري اينٿروپالاجيءَجي هر ٻئين ٽاپڪ کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا آهن، جڏهن مون پهريون ڀيرو ڪلاس ۾ کين ٻڌايو ھو:

”اينٿروپالاجي سچ بدران، حقيقت کي ڳولهڻ جو علم آهي. “اهو ٻڌي سڀئي مونکي حيرت سان ڏسڻ لڳا هئا، ناسي ريشمي برقي ۾ ڍڪيل سلميٰ، جنهنجو هڪ مذهبي تنظيم سان لاڳاپوپڻ آهي ۽ هر ڳالهه تي حديثن جا حوالا ڏيندي آهي، حيرانيءَ منجهان پڇيو هو:

”سر سچ ۽ حقيقت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“سوال ٻڌي منهنجي منهن تي مرڪ اچي وئي ھئي، پڪ هئي ته دير سوير ڪونه ڪو شاگرد اهو سوال ضرور ڪندو ۽ ان ڳالهه تي بلڪل حيرت نٿي ته اها سلميٰ ئي هئي.

”سچ ماڻهن جو مختلف شين کي ڏسڻ جو هڪ زاويو آهي، ائين کڻي چئجي ته هر ماڻهو جو پنهنجو سچ آهي، اهو ضروري نه آهي ته هڪ ماڻهو جو سچ ٻئي انسان جو سچ هجي. لفظ سچ کي پرکڻ جو ڪو اصول نه آهي، ٻئي پاسيحقيقت کي سائنسي اصولن  تي پرکي سگهجي ٿو.“مون آرامده ڪرسين تي ويٺل شاگردن جي چهرن ڏانهن نهاريو سندن چهرن تي تعجب جو تاثر صاف ظاهر هو. منهنجي منهن تي وري مرڪ اچي وئي.سمجهي ويو هئس ته ڪنهن کي به منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي، پڙهائڻ جو هي منهنجو پهريون تجربو هو، ڀانيم منهنجو طريقيڪار ئي غلط آهي ۽ سوچي ڇڏيو ته ڪجهه به ٿي پئي پر هنن جي مٿي ۾ اينٿروپالاجي جو اُٺ ضرور ويهرائبو. مون سلميٰ کي اشارو ڪندي چيو:

”پليز اٿي بيهو.“هوءَ 23سالن جي بُت ۾ ڀريل شيرين اکين واري ڇوڪري آهي، هر روز هڪ نئين رنگ جو ريشمي برقعو پائي ايندي آهي، ڪلاس کان نڪرڻ مهل اڪثر ڇوڪرن جي نظر هن جي پٺئين حصي جي لوڏ تي هوندي آهي، جيڪو حد کان وڌيڪ ٻاهر نڪتل آهي، سندس خيال موجب جيستائين ھن ملڪ ۾ خلافت وارو نظام لاڳونه ڪيو ويندو، تيستائين هن ملڪ جو ڪوبه مسئلو حل نه ٿيندو، کيس اينٿروپالاجي کان وڌيڪ پنھنجي مذھب ۾ دلچسپي آهي ۽ پاڻ کي منھنجي ڪلاس ۾ قيدي محسوس ڪندي آهي.

”اوهان کيخبر آهي ته اوهان جون ڪي خاص عادتون هونديون.“ مون سلميٰ کي ڏسندي چيو.

”جي ها“هن لاپرواهي منجهان جواب ڏنو.

”معنيٰ اهو سچ آهي؟“مون مرڪندي پڇيو.

”جي!“ هن جواب ڏنو.

”پر ڇااهو ضروري آهي ته دنيا جو هر ماڻهو انهن خاص عادتن جي ڪري اوهان کي پسند ڪندو هجي؟“کيس ڏسندي چيم. هن سوال تي باقي ڪلاس وارن جي دلچسپي وڌي وئي هئي.

”نهاهو ضروري نه آهي ته هر انسان مونکي انهن عادتن جي ڪري پسند ڪري.“ سلميٰ ڪلها لوڏيندي جواب ڏنو هو.

”جيڪڏهن اهي عادتون حقيقت آهن ته پوءِ ڇو ڪجهه ماڻهو انهن عادتن جي ڪري اوهان سان پيار ٿا ڪن ۽ ڪي وري انهن ئي عادتن جي ڪري اوهان سان نفرت ٿا ڪن؟“مون کيس چيو ھو. سلميٰ لاجواب ٿي وئي هئي، ڪلاس وارا اسان ٻنهي کي ڏسڻ لڳا ۽ ڪنهن هڪ جي ڳالهائڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا هئا.

”ڇو جوهر انسان وٽ سچ جو الڳ زاويو هوندو آهي، پليز ويهي رهو.“مون نرم لهجي ۾ ڳالهايو، شاگردن مون ڏانهن ڏٺو. سلميٰ ويهي رهي هئي. ان پهرئين ليڪچر کانپوءِ هوءَ اڪثر مونکي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. اسان جو هي ادارو لڳ ڀڳ ٻن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي آهي، ڪيمپس جديد طرز تي انگريزي نموني ٺهيل آهي، پڙهائڻ لاءِ اسان روايتي انداز سان گڏ موجوده دؤر جي جديد ٽيڪنالاجي پڻ استعمال ڪندا آهيون، ڪيمپس ۾ سهڻو باغ ۽ ڪينٽين پڻ آهي، جتي شاگرد حالت حاضرهکان وٺي دنياوي سياست تي دل کولي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ آمريڪا کي گاريون ڏئي، ان کي اسلام جي عظيم فتح سمجهي گهرن ڏانهن هليا ويندا آهن.صبح جو 9:00 لڳي کان شام 5:00 لڳي تائين شاگرد توڙي استاد چوديواري ۾ هوندا آهن ۽ ڪيمپس تي ذاتي مهمان گهرائڻ تي پابندي آهي، آچر ڏينهن خاص ڪلاس پڻ هلندا آهن.

”صوفيازم ۽ سڪيولرزم ۾ هڪ تند جو فرق آهي.“مون ڪلاس کي مخاطب ٿيندي چيو: ”جيڪڏهن اها تند ٽوڙجي ته هنن ٻنهي نظرين ۾ ڪوبه فرق نه رهندو.“

”سر ڇا اهي ٻئي نظريا ڪفر جي علامت نه آهن؟“گهاٽي ڏاڙهيءَ واري پٺاڻ اشفاق سوال اٿاريو.

”اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو ئي رهيو آهي ته اسان جلدي ئي هر ان ماڻهوءَتي ڪفر جي مهر هڻي ويهندا آهيون، جيڪو اسان جي راءِ سان اختلاف رکي ٿو.“مون آهه ڀري جواب ڏنو، جڏهن به ڪير مون کان ان قسم جو سوال ڪندو آهي ته پاڻمرادو آهه نڪري ويندي آهي.

ان پل مون کي منهنجي ڪلاس فيلو امبر ڏاڍي ياد آئي، هوءَ به جلدبازيءَ ۾ سڀني تي مهرون هڻي ويهي رهندي هئي. هوءَ لاهور جي هڪ بيوروڪريٽڪ خاندان جي ڇوڪري هئي، اسان تڏهن سنڌ جي يونيورسٽي ۾ پڙهندا هئاسين، خبر نه آهي ڪيئن کيس ميرپور خاص جي ڊوميسائل تي داخلا ملي هئي. آئون شاگردي جي دؤر ۾ سنڌ جي حقن جو تحفظ ڪندڙ هڪ قومپرست تنظيم جو اڳواڻ هئس. امبر اسان قومپرستن کي غدار ۽ ڪنهن دشمن ملڪ جو ايجنٽ سمجهندي هئي. آئون ماضي منجهان نڪري حال ۾ آيس ۽ ليڪچر جاري رکيم:

”صوفيازم ۽ سڪيولرزم ۾ اهم فرق هي آهي ته صوفي روحانيت پسند هوندو آهي، جڏهن ته سيڪيولر گهڻي ڀاڱي ماده پرست هوندو آهي. صوفي جيئن ته روحانيت جو پيروڪار هوندي هن دنيا جي آسائشن جو طالب نه هوندو آهي، ان ڪارڻ سندس ڪرپٽ ٿيڻ جو انديشو به گهٽ هوندو آهي.“

  مون ڳچيءَ ۾ لڙڪندڙ نيري رنگ جي ٽاءِ تي هٿ ڦيريندي ليڪچر جاري رکيو، پهريون جملو ٻڌي سلميٰ سوال ڪيو:

”سر آخر اوهان جهڙا ماڻهو خلافت واري نظام جي مخالفت ڇو ڪندا آهن؟“

”پر اهو ته اڄ جو موضوع ئي نه آهي.“مون حيرت منجهان سلميٰ کي ڏسندي چيو.

”سر ڇا اوهان نٿا سمجهو ته اسان جي ملڪ جي مسئلن جو بنيادي ڪارڻ انگريزن جو ڏنل هي باطل نظام آهي؟“هن ڳالهه تي زور ڏيندي چيو.

”نه اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته 1947ع کان اسان ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نه ٻڌو آهي ۽ منهنجي نظر ۾ حقيقي جمهوريت ئي هر مسئلي جو حل آهي.“ مون کيس ڏسندي نفيءَ ۾ ڪنڌ لوڏي جواب ڏنو.

”پر سر ان جمهوريت اسان کي ڇا ڏنو آهي؟“سلميٰ بحث ڪندي چيو.

”ڀلا خلافت ۾ وري ڪو يزيد جهڙو خليفو مٿي لڳي ويو ته ڇا ڪنداسين، ان جي مرڻ جو انتظار يا بغاوت؟جنهن ۾ ڪيترا ئي معصوم انسان قتل ٿي سگهن ٿا، دنيا ۾ لڳل جنگين جو 80 سي ڪڙو ڪارڻ مذهب رهيو آهي، جنهن منجهان مهذب دنيا مس جان ڇڏائي آهي. “ مون جواب ڏيڻ بدران هن کان سوال ڪيو، ڪلاس مرڪڻ لڳو، سلميٰ لاجواب ٿي وئي.

”مس سلميٰ ڇا اوهان مولانا مودوديءَ جو ڪتاب ’خلافت و ملوڪيت‘يا طارق فتح جو ڪتاب ’چيسنگ دي ميراج‘ پڙهيو آهي؟“مون سندس نالو کڻندي چيو.

”نه سر“هن هوريان جواب ڏنو، جنهن ۾ اهو اعتراف هو ته هوءَ ڪجهه ڪتاب نه پڙهي سگهي آهي.

”زندگيءَ۾ هڪ ڀيرو خالي ذهن سان اهي ٻئي ڪتاب ضرور پڙهي ڏسجو، اوهان جي سامهون تصوير جو ٻيو رخ به اچي ويندو.“ مون کيس ڏسندي چيو. ڪلاس جو ٽائيم پورو ٿي ويو، آئون پنج منٽ وڌيڪ وٺي ويس. هسٽري جو ليڪچرار آصف علي شيشي جي در ٻاهران بيهي منهنجي نڪرڻ جو بيصبري سان انتظار ڪندو رهيو، آئون نڪتس، مرڪي کيس سلام ڪري، ڪاريڊور ۾ هلندو ماربل جون ڏاڪڻون چڙهي آفيس ڏانهن آيس.شيشي جي در ۾ چاٻي ڦيري در کوليو.مونکي مليل آفيس ننڍڙي پر سهڻي آهي، ميز تي ۽ ڪٻٽن ۾ ڪتاب ۽ شاگردن جون اسائنمنٽون پيل آهن، درين تي پردا ۽ فرش تي ڪارپيٽ وڇايل آهي، جڏهن ته ليڪچر لاءِ ليپ ٽاپ ۽ انٽرنيٽ پڻ مليل آهن. (هلندڙ)


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment