شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

ڪهاڻين جي پڃري ۾ رهندڙ اداس ڪردار


شام 06 لڳي 03 منٽ -سومر 04 مئي 2020  72 
image-1


(هي ڪهاڻي سرور غزاليءَ جي آهي جنهن کي مجيب اوٺي سنڌي ويس ڏنو آهي)

بهترين ڪهاڻيڪار جو ايوارڊ ڏيڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي هئي. جنهن جي سامهون هرهڪ ڪهاڻيڪار پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي رهيو هو ۽ پوءِ پاڻ ئي پنهنجي ڪهاڻيءَ جي خاص پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي تقرير به ڪري رهيو هو.

 هڪڙي ڪهاڻيڪار چيو ته: ”مان پنهنجي ڪهاڻين کي صرف هڪ سو لفظن ۾ قيد ڪري، پيش ڪري سگهان ٿو.“

ٻئي ڪهاڻيڪار تفصيلي بحث ڪندي عجيب اظهار ڪيو ته: ”منهنجون ڪهاڻيون صرف ڏهن لفظن ۾ سميٽجي وينديون آهن ۽ هرروز مون تي نازل ٿينديون رهنديون آهن، مان جنهن وقت چاهيان انهن کي پنهنجي مرضيءَ سان پيش ڪري سگهان ٿو.“

ڪيترائي ڪهاڻيڪار پنهنجي پنهنجي فن - فڪر تي روشني وجهي رهيا هئا، گهڻي وقت گذري وڃڻ کان پوءِ ڪميٽيءَ جي سربراهه جي نظر پويان وييٺل هڪ اداس شخص تي پئي، سربراهه مخاطب ٿيندي چيس ته: ”اوهان به ڪجهه ٻڌايو، اوهان ڪهڙي قسم جون ڪهاڻيون لکندا آهيو؟“

پويان ويٺل شخص هڪدم گهٻرائجي ويو ۽ هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻڻ لڳو. جڏهن هن کي خاطري ٿي وئي ته، سربراهه ساڻس ئي مخاطب آهي ته، هن اداس لهجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”سائين! معذرت سان هتي ته هڙئي ڪهاڻيڪار پنهنجين پنهنجين ڪهاڻين کي لغام ڏئي قيد ڪيو ويٺا آهن. پر منهنجو معاملو هنن سڀني جي بنهه ابتڙ آهي.“

”درحقيقت مان ته پنهنجين ئي ڪهاڻين جو قيدي آهيان. ڪيترين ئي ڪهاڻين گڏجي مون کي قيد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن سندن مرضي ٿيندي آهي ته، مون تي مهربان ٿينديون آهن ڪڏهن فقط پنجن لفظن ۾ ته ڪڏهن پنج سو لفظن ۾.“

هن آخري جملو هي ڳالهايو ته: ”جڏهن منهنجون ڪهاڻيون مهربان ٿينديون آهن ته مون کي هڪ انوکي اذيت ڏيئي وينديون آهن ۽ جڏهن مهربان ناهن ٿينديون ته مان ڪتيري عرصي تائين اهڙي اذيت جي انتظار ۾ رهندو آهيان.“

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment