شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 23 - اپريل - 2019ع

سريلنڪا ۾ 7 بم ڌماڪا، 156 ماڻهو مارجي ويا

تازھ ترين

صابل


شام 03 لڳي 10 منٽ -آچر 14 اپريل 2019  39 
image-1


ننڍپڻ ۾ اسان جي راند کيڏڻ جا ٻه هنڌ هوندا هئا. هڪ نانيءَ جي گهر جو ڪشادو اڱڻ ۽ ٻيو اسان جي گهر جي اڳيان واري گهٽي.

جتي اسان جو ٽولو راند کيڏندو هو. جڏهن اسان گهٽيءُ ۾ راند کيڏندا هئاسين ته هوءَ به اسان سان راند ۾ ڪڏهن ڪڏهن شريڪ ٿيندي هئي. سندس نالو صاحب خاتون  هو پر سڀ هن کي صابل سڏيندا هئا.

ڪڏهن اسان ٺپي راند کيڏندا هئاسين، ڪڏهن بلور ته ڪڏهن ڏڪي ڏڪر، اهي ڇوڪرن واريون رانديون اسان شايد ان ڪري به کيڏندا هئاسين جو اسان جي ٽولي  ڇوڪرا به هوندا هئا.

ناني جي منھه ۾ پينگھه وجهي لڏڻ به اسان جو پسنديده مشغلو هوندو هو جتي وارو نه ملڻ هميشه ويڙهه پئي هلندي هئي.

ائين ئي راند روند ۾ ڏينهن گذرندا هئا هر ڪو پنهنجي ننڍپڻ جي موج مستي ۾ مست هيو ڪجھه ڏينهن کان صابل جو راند تي اڃڻ بند ٿي ويو. هن جي گهران معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته هوءَ پنهنجي ناني وٽ گهمڻ ويئي آهي.

اسان وري پنهنجي معصوم ۽ لاپرواهه زندگي ۾ مست ٿي وياسين. هڪڙي ڏينهن اوچتو خبر پئي ته صابل جي شادي ٿي ويئي. اسان سڀني حيراني مان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو.

”ائين واري ڪيئن...هوءَ ته اڃا ننڍي آهي“

شادي ته وڏي عمر وارين ڇوڪرين جي ٿيندي آهي، منهنجي ماروٽ پنهنجو تبصرو پيش ڪيو ان کي هٿي ڏيندي ٻي چيو ”ها جيڪي وڏيون ڇوڪريون گهر کان ٻاهر نه ڪرنديون آهن، انهن جي شادي ٿيندي آهي. پر صابل جي شادي ؟؟ ڪيئن ؟؟“

 سڀني جا چهرا سواليه نشان بڻجي ويا. ٻئي يا ٽئين ڏينهن  صابل جي ماءُ پنهنجي گهر جي در وٽ بيٺي هئي ته اسان سڀ ڊوڙندا وٽس وياسين.

”ماسي صابل ڪٿي آهي؟“ اسان سڀني هڪ آواز ٿي صابل جي ماءُ کان سوال ڪيو. هن جي چهري تي مرڪ اچي وئي.

هن پيار ڀرئي لهجي ۾ اسان کي ٻڌايو ته صابل جي شادي ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي هوءُ ٻاهر گهٽي ۾ توهان سان  ڪونه کيڏندي.

هن اسان کي ٻڌايو ته صابل شادي کان پوءِ پنهنجي ماءُ سان ملڻ آئي آهي.

اسان سڀني وري بيقراري مان پڇيو ته ”هوءَ ڪٿي آهي؟“ هن ورانڊي طرف اشارو ڪندي ڄڻ اسان کي هن سان ملڻ جي اجازت پئي ڏني اسين ڊوڙندا ان طرف  وياسين.

جتي وارنڊي ۾ ٿوري اوٽ ۾ هوءَ زرق برزق لباس ۾ هڪ کٽ تي ويٺي هئي ۽ بلڪل ان جي ڀرسان ويجهو هڪ چڱي پڪي عمر جو مرد ويٺو هو، اسان هن کي حيرانگي مان ڏسي رهيا هئاسين ۽ هوءَ بيزار ۽ گهٻرايل نظرن سان اسان کي ڏسي رهي هئي ۽ پوءِ هن پنهنجي نظرن جهڪائي ڇڏيو.

صابل جو مڙس ۽ هن جو ڀاءُ پاڻ ۾ ڳالهائي به رهيا هئا ۽ زور زور سان ٽهڪ ڏيئي کلي به رهيا هئا، اسان سڀني وري هڪٻئي طرف سواليه نظرن سان ڏٺو پر چيو ڪجھه به نه.

صابل جي مڙس جي عمر لڳ ڀڳ 45 سال هئي صابل مشڪل سان 13 يا 14 سالن جي هئي. گهر ۾ مون امان کان سوالن مٿان سوال پئي ڪيا ته ”امان هن جي شادي ڇو ٿي هوءَ ته ايتري ننڍي آهي.“ منهنجي سوالن جي ڀرمار امان کي بيزار ڪري چڏيو ۽ آخر ڪار هن مون کي دڙڪو ڏئي ماٺ ڪرائي چڏيو.

”امان صابل جو مڙس ته وڏو آهي هوءَ ان سان ڪيئن رهندي. وقت گذرندو رهيو، اسان وري سڀ ڪجهھ وساري پنهنجي دنيا ۾ مگن ٿي وياسين.

هڪ ڏينهن خبر ٻڌڻ ۾ آئي ته صابل جو گهروارو گذاري ويو.

هڪ ڀيرو وري صابل بحث جو موضوع بڻجي ويئي، سڀني جي همدردي جو محور صابل هئي پو ته هوءَ ڀيٽ سان پڻ هئي.

جڏهن صابل جي شادي ٿي هئي ته هن جي مڙس جي گهر ۾ هن جي پهرين زال به موجود هئي جيڪا ڪافي وڏي عمر جي عورت هئي، نشانن سان چچريل چهري ۽ اکين کان نابين هئي. اسان سڀ ان کي ماسي خاني (خانزادي) سڏيندا هئاسين پرِِ هوءَ ظاهري بدصورتي جي ابتڙ اندر جي تمام خوبصورت ۽ شفيق عورت هئي، جنهن صابل کي پهاج نه پر هڪ ڌيءُ ۽ ننهن جي روپ ۾ قبول ڪيو هو ۽ هن جو تمام گهڻو خيال رکيو. شايد اهوئي سبب هو جو صابل پنهنجي مڙس جي مرڻ کان پوءِ ماسي خاني کي پنهنجو مضبوط سهارو سمجهي رهي هئي يا ٻئي هڪٻئي جو مضبوط سهارو هيون.

وقت گذرندو رهيو ڪجھ مهينن کان پوءِ صابل هڪ پٽ جي ماءُ بڻجي ويئي، ان وچ ۾ صابل تي پنهنجي مائٽن طرفان ٻي شادي جو دٻاءُ وڌندو رهيو جنهن کي هن ڪڏهن به قبول نه ڪيو. آخر هڪ ڏينهن پنهنجي ماءُ پيءُ کي قرآن تي قسم کڻايو ته هاڻي ان کي ٻي شادي لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي.

صابل جو ننڍڙو پٽ صابل ۽ ماسي خاني لاءِ ڪل ڪائنات هو.

ڏينهن هفتن ۾ هفتا مهينن ۽ مهينا سال ۾ تبديل تي گذريندا رهيا، صابل جو پٽ جوان تي ويو ائين لڳندو هو ڄڻ هنن ٻنهي عورتن جو ساھ ان ڇوڪري ۾ هيو، محنت جفاڪشي صابل کي وقت  کان اڳ پوڙهو ڪري ڇڏيو هو.

صابل پنهنجي پٽ جي شادي پنهنجي ڀيڻ جي ڌيءُ سان ڪرائي.

عابد جي ٻنهي ماين جي خوشي جي ڪا حد نه هئي، هنن جي گهر ۾ هڪ ٻئي ڀاتي جو اضافو ٿيو. عابد جي زال ڏاڍي خوش هئي، مڙس سان گڏو گڏ ٻه نهون هن جو خيال رکي رهيون هيون.

وقت وري پنهنجي رفتار سان گذرندو رهيو. عابد  ٽن ٻارن جي پيءُ بڻجي ويو.

هر طرف خوشي ئي خوشي هئي ڪو ڏک ڪا پريشاني نه هئي گهر ۾ پيار ئي پيار ۽ سڪون ئي سڪون هو.

پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو زندگي جون سڀ خوبصورتيون ختم ٿيون سڀ ڪجھ تباھ ٿي ويو.

ڪجھ ڏينهن جي مسلسل برسات سڄي ماحول کي آلو ڪري چڏيو هو. هر شيءَِ آلي ۽ پسيل پئي محسوس ٿيو.

ان ڏينهن به هلڪي هلڪي برسات پئجي رهي هئي، آسمان بادلن سان ڍڪيل هو، گرمي جي موسم جي برسات ماحول کي خوشگوار ڪري ڇڏيو هو. مينهوگي جي موسم ۾ عابد  پنهنجي گهر جي بجلي ٺاهي رهيو هو ته اوچتو بي ڌياني ۾ پٽ تي پيل تار تي هن جو پير اچي ويو، زمين آلي کليل بجلي جي تار باهر برسات، کنوڻ، گجگوڙ. جنهن ۾ هن جي دانهن به نه نڪري سگهي جي نڪتي ته ڪنهن به ٻڌي  سواءِ صابل جي.

جنهن جي دانهن آسمان جي گجگوڙ کي به ماٺ ڪرائي ڇڏيو.

پاڙي وارن گڏجي عابد کي کڻي اسپتال ڀڳا پر هو ويچارو اتي دم ڌڻي حوالي ڪري چڪو هو.

پنهنجي گهر کان اسپتال تائين جو رستو صابل لاءِ هڪ اڻ کٽ سفر بڻجي چڪو هو، کيس نه پيرن ۾ جتي هئي نه مٿي تي پوٽي هئي، خالي ميدان ۾ صابل ڊوڙندي پئي ويئي ۽ ان سان گڏ آسمان رنو به پئي ۽ رڙيون به پئي صرف صابل جي رڙين جو آواز پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

ائين ڪجهه گهڙين ۾ صابل جي دنيا ختم ٿي ويئي هئي ڪجھ نه رهيو.

صابل جي ننهن به هن وانگر ڀري جواني ۾ بيواه ٿي ويئي صابل پنهنجي جوان ننهن کي ڏسي اندر ئي اندر ئي جهرندي هئي، هو هوءَ ايڏي وڏي صدمو سهي نه سگهي ۽ ڪجھه ئي عرصي ۾ وڃي پنهنجي پٽ سان ملي. پويان ماسي خاني، عابد جي بيواه ان جا ٻار ۽ زندگي جا لاها چاڙها رهجي ويا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment