شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

بيسنت ھال 1995


شام 05 لڳي 46 منٽ -اڱارو 11 فيبروري 2020  417 
image-1


شيرو چمڙي وارو ڪارو پٽو جنھن تي ننڍڙا ڪوڪا پڻ لڳل ھئا، لاھي سحرش کي سموري سگھه سان ھڻندي ڪاوڙ مان رڙ ڪئي:

”حرامزادي تو اسان کي ڇڏي ان ڏاھر جي ناجائز اولاد جو ساٿ ڏنو.“ سحرش جي واتان ھڪ آهه نڪتي ۽ اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيس، شيرو جي ٽانڊن جھڙين ڳاڙھين اکين مان رڳو ھن لاءِ نفرت ٿي ڳڙي، اشرف خاتون دريءَ کان بيھي سڏڪا ڀريندي رھي.

”پير صاحب سان غداري ڪئي اٿئي، وساري وٺين تھ اسان جي قوم ھن ملڪ لاءِ ڪيتريون قربانيون ڏنيون آھن ۽ ھي حرامي اسان کي ھتي ٻھ شھر بھ نٿا ڏين، تو وري انھن جو ساٿ ڏنو.“ شيرو ويتر ڪاوڙ مان سحرش کي چمڙي وارو پٽو وھائي ڪڍيو. ھن ڀيري سحرش جي ٽنگ مان رت وھڻ لڳو، ھوءَ سور ۾ پڄرندي وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳي. شيرو ٽي ويءَ جي پاسي ۾ رکيل سندس سياسي اڳواڻ مصطفيٰ مٽڪي جو فريم ٿيل فوٽو کڻي ورتو ۽ سحرش کي منھن ۾ ڏيندي رڙ ڪيائين:

”پير صاحب کان معافي گھر.“ سحرش مٽڪي جو سانورو منھن ڏسي حقارت ۾ منھن ٻئي پاسي ڪري ڇڏيو.

”حرامزادي پير صاحب جي بيحرمتي ٿي ڪرين.“ شيرو سحرش کي وارن مان پڪڙي وري رڙ ڪئي، ان تي اشرف خاتون جو ساهه اچي نڙيءَ ۾ اٽڪيو. شيرو سحرش کي سموري طاقت سان ٿڦ وھائي ڪڍي، سحرش جي وات مان رت وھڻ لڳو. شيرو ھٿ ۾ جھليل مٽڪي جي فوٽو کي وري ھن جي منھن ۾ ڏنو. لنڊن ۾ ويٺل مٽڪو لڏيلين جو سياسي اڳواڻ ٿي پيو ھو. ھن 80ع واري ڏھاڪي ۾ گڏيل لڏيلين پارٽي جو بنياد وڌو، شھرن تي قبضو ڪري ھڪ قيامت برپا ڪئي، جنھن ۾ شيرو جھڙا وحشي لساني بنيادن تي سنڌ ڌرتيءَ کي ورھائڻ لاءِ ڀرتي ڪيا ويا، اھي ڪارڪن مٽڪي کي ”پير صاحب....پير صاحب...“ چوڻ لڳا ۽ پارٽيءَ ۾ اچڻ وقت پنھنجو رت ڪڍي وچن ڏيندا ھئا:

”پير صاحب لاءِ جان بھ حاضر.... پير صاحب جي ھڪ اشاري تي سڀ ڪجهھ قربان.....“

   شيرو شروع کان ئي موقعي پرست رھيو ھو، مٽڪي جي پارٽيءَ ۾ ھو 1991ع ۾ آيو، ان وقت مٽڪو صوبائي حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ پٺيان لڳو پيو ھو. ان دور ۾ شيرو پيءَ سان گڏ ڪوهه نور چوڪ وٽ حليم جو گاڏو ھڻندو ھو، ھڪ ڏينھن شام جو بازار ۾ اوچتو ئي اوچتو گوليون ھلڻ شروع ٿي ويون ھيون، بازار اک ڇنڀ ۾ ويران ٿي وئي. ٻٽون ٻڌل موٽرسائيڪل سوار دڪانن کي باهه ڏيڻ لڳا ھئا، پيٽرول بم جي ڌماڪي سان شيرو وارن جو گاڏو بھ سڙي خاڪ ٿي ويو ھو، سندس پيءَ کي بھ باهه وڪوڙي وئي ھئي، شيرو شرٽ لاھي ان ۾ مٽي ڀري پيءَ مٿان اڇلائڻ لڳو ھو ۽ مدد لاءِ رڙيون ٿي ڪيائين. اوچتو پوليس موبائيل اتان گذري ھئي، ان مان سپاھي لٿا ھئا ۽ سندس پيءَ کي کڻي لال بتي تائين پھچايو ھو پر ھو بچي نھ سگھيو ھو. ان رات شيرو سان ٿلھو متارو چاليهھ سالن جو ديو جھڙو ھمراهه افضل ڀائي ملڻ آيو ھو، افضل ڀائي کيس پارٽيءَ جي آفيس تي وٺي آيو ھو ۽ کيس ٻڌايو ھئائين:

”ڏاھر جو حرامي اولاد اسان جي نسل ڪشي تي لھي پيو آھي.“ شيرو کيس ويران نظرن سان ڏٺو ھو.

”ان ڌٻڻ مان اسان کي رڳو پير صاحب ئي ٻاھر ڪڍي سگھي ٿو.“ ھن چيو ھئس، شيرو ويتر حيرت مان ان ھمراهه کي ڏٺو ھو.

”توکي ڇا ٿو لڳي ھي باهه ڪنھن ٻاري آھي؟“ شيرو من اندر ۾ ڪڙھڻ لڳو ھو.

”انھن ئي حرامين جيڪي پاڻ کي اسان جي ملڪ جو وارث ٿا سمجھن، اھو بھ اڄ کان نھ پر پنج ھزار سالن کان.“ افضل چيو ھئس، ايتري ۾ اعلان ٿيو ھو تھ مٽڪو ٽيليفون تي سندس پارٽي وارن کي خطاب ڪرڻ وارو آھي. آفيس جي مختلف ڪمرن مان ھمراهه نڪري وڏي ھال ۾ گڏ ٿيا ھئا. جنھن ۾ اڇي ڪپڙي سان ڍڪيل ٽيبل تي فون سيٽ پيل ھو، ان مان جيئن ئي مٽڪي جو آواز آيو ھو، جيڪو اڌ عورتاڻو ۽ اڌ مرداڻو آواز ھو، اڳيان ويٺل ڪجھه ھمراهه اٿي فون اڳيان ھٿ ٻڌي ھٿ سيني تي رکي ويٺا ھئا.

”ھنن ڪڏھن بھ اسان کي پنھنجو نھ ڪيو، اھي اسان کي حقير ٿا سمجھن، اسان ھن ملڪ لاءِ ڇا ڇا نھ ڪيو آھي، پنھنجو مال ملڪيت پٺيان ڇڏي آياسين، پنھنجا ٻار ٻچا قربان ڪيا ۽ ان جي بدلي ۾ اسان کي ڇا مليو آھي، نفرت، حقارت ۽ رت.... پر ھاڻي اسان بھ چپ نھ ويھنداسين، کين ٻڌائينداسين تھ اسان ڪير آھيون....

منھنجي پارٽي وارئو ڪن کولي ٻڌو..... ھاڻي منھنجي پارٽيءَ جي ھر نوجوان وٽ ھٿيار ھجي گھر جا ٿانوءَ وڪرو ڪري بھ ھٿيار وٺو.... ھاڻي اسان ھٿ تي ھٿ رکي ڪونھ وھنداسين.... بدلو وٺنداسين.....“

ان تي افضل زور سان نعرو ھنيو ھو:

”پير صاحب زندهه باد...... اسان کي منزل نھ رھبر گھرجي.....“

ھال ۾ ويٺلن ھڪ آواز ۾ رڙ ڪئي ھئي:

”پير صاحب زندهه باد..... اسان کي منزل نھ رھبر گھرجي.....“ فون مان وري آواز آيو ھو:

”ھاڻي اسان لاڏوڻن کي پنھنجو الڳ صوبو گھرجي.... شھر اسان جا ڳوٺ اوھان جا.....“

وري ھال ۾ ويٺلن ھڪ آواز ٿي نعرو ھنيو ھو:

”شھر اسان جا.... ڳوٺ اوھان جا....“

ان رات شيرو مٽڪي لاءِ سر ڏيڻ جو رت سان وچن ڪيو ھو. شروع وارن ڏينھن ۾ لاڏوڻن جي حفاظت لاءِ شيرو کي رات جي ٽولي ۾ رکيو ويو، جيڪي ھٿيارن سان علائقي ۾ پھرو ڏيندا ھئا.

 ڪجھه ڏينھن ۾ شيرو وارن کي خبر پئجي وئي ھئي تھ سنڌين جي ڪھڙي گھر ۾ گھڻيون نياڻيون آھن، سندن مرد ڪھڙي وقت گھر کان ٻاھر ھوندا آھن. ھڪ رات شيرو سندس وحشي ساٿين سان گڏ قلعي پٺيان ڪالونيءَ جي ھڪ گھر ۾ ھٿيارن جي زور تي ڪاھي پيو ھو ۽ سترھن سالن جي ھڪ نياڻي کي اغوا ڪري آيو ھو، کيس پارٽيءَ جي آفيس ۾ اچي بند ڪيو ھئن. ڇوڪريءَ نير ڳاڙي ھٿ جوڙيندي منٿون ڪيون ھئن تھ کيس وڃڻ ڏين. پر شيرو کيس دسي ھن جي مٿان آيو ھو، سندس نرم نازڪ گلن جھڙي جسم تي چڪ ۽ رانبوٽا پائڻ لڳو ھو. ڇوڪري اڀ کي ڏياريندڙ رڙيون ڪندي رھي ھئي ۽ جڏھن انھن وحشين ھڪ ھڪ ڪري سندس عزت لٽي ھئي تھ شيرو سندس چچريل جسم تي پارٽيءَ جي مھر ھنئي ھئي. گرم لوهه ان ڇوڪريءَ جي نرم نازڪ جسم سان لڳو ھو تھ ھن کان آسمان جيڏي اوچي رڙ نڪري وئي ھئي. پر شيرو وارن کي پوءِ بھ ان تي رحم نھ آيو ھو ۽ ھڪ تکي ڇريءَ سان سندس ڇاتيون ڪٽي ڇڏيون ھئن. جڏھن ان نياڻي تڙپي تڙپي دم ڏنو ھو تھ سندس لاش کي چوڪ تي اڇلائي آيا ھئا. اھڙي وحشي عمل جو ڪوبھ داد فرياد نھ ٿيوھو.

ان رات کانپوءِ شيرو وارا روز رات جو ڪنھن نھ ڪنھن جي گھر ۾ گھڙي پوندا ھئا، چار پنج ڀيرا تھ سندن ئي ٻولي ڳالھائيندڙ جي گھرن ۾ گھڙي ڇوڪريون کڻي آيا ھئا. شيرو ڏينھون ڏينھن وحشي ٿي ٿيندو ويو. ايتري تائين جو ڪيترائي ڀيرا ھو ساٿين سان ڇوڪريون اغوا ڪري پنھنجي ئي گھر بھ کڻي آيو ھو. سندس اھڙي عمل تي سحرش کي ھن کان ڪوفت ٿيندي هئي، ھن جي جسم مان کيس ڌپ ايندي ھئي، پر اشرف خاتون وحشي پٽ ۽ سحرش وحشي ڀاءُ اڳيان ڪڇي ڪونھ سگھنديون ھيون.

   شيرو سحرش کي ٻھ ٽي ٿڦون وھائي ڪڍيون ۽ وري رڙ ڪيائين:

”معافي گھر پير صاحب کان.“

سحرش وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳي ۽ چچريل آواز ۾ سندس واتان رڳو ٻھ لفظ نڪتا:

”جي....ئي......سن.....ڌ.......“ سحرش واتان اھي لفظ ٻڌي شيرو جي لڱ لڱ ۾ باهه لڳي وئي سندس اکين ۾ رت لھي آيو، ھو ڪنھن جنوني جيان سحرش ڏانھن ٻئي ھٿ وڌائڻ لڳو. اوچتو ٽي وي مٿان رکيل فون جي گھنٽي وڳي، ھو سحرش کي اتي ڪنڊ ۾ ڇڏي فون ڏانھن ويو ۽ ريسور کڻي: ”ھيلو،“ ڪيائين.

”شيرو ڀائي ڏاھر جو اولاد پير صاحب جي چوڪ واري تصور کي گوليون ھڻي ويو آھي.“

”ڇا......“ اھو ٻڌي شيرو جون وايون بتال ٿي ويون.

”انھن حرامين ۾ واري ايتري ھمت ڪٿان آئي.“ شيرو ڪاوڙ ۽ حقارت مان چيو: ”مان اچان ٿو....“ اھو چئي ھن فون بند ڪيائين ۽ ٽي ويءَ جي ٽيبل جو خانو کولي ان مان ٽي ٽي پستول ڪڍي ور ۾ ھڻي گھران نڪري ويو. سحرش وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳي، اشرف خاتون ڀڄندي وڃي ھن لاءِ پاڻيءَ جو گلاس ڀري آئي.

            ٻه ڏينھن اڳ ڇٽيھه سالن جو شيرو، جنھن جا وڏا وار ڳوت ۾ ٻڌل ۽ منھن تي ڪاري ڏاڙھي ھئس، کيس ميري ٽي شرٽ ۽ نيري جينز پھريل ھئي جيڪا ھن پنجن ڏينھن کان نھ مٽائي ھئي. ٻن ڪمرن واري گھر ۾ آيو تھ ان وقت سندس ڪلھي تي ھڪ ڳوڻ بھ ھئي، ھو سيمنٽ جي فرش تي پان جي ڳاڙھي ٿڪ اڇلائيندو ڪمري ڏانھن وڃڻ لڳو. ٻئي ڪمري ۾ سندس پنجاهه سالن جي جسم ۾ ڀريل ماءُ اشرف خاتون ۽ ننڍي ڀيڻ سحرش اٺين بجي وارو ڊرامي ٿي ڏٺو، اشرف خاتون جا چپ بھ پان جي کتي جي ڪري ڳاڙھا ھئا ۽ سندس پاسي ۾ چانديءَ جي پان واري پيتي بھ رکيل ھئي، جنھن مان ھن وقفي وقفي سان پان ڪڍي مٽ ۾ ٿي رکيو. شيرو جيئن ئي ٻئي ڪمري ڏانھن ويو تھ اشرف خاتون ۽ سحرش کيس حيرت ڀري نظرن سان ڏٺو.

”او ڇورا ان ٻوري ۾ وري ڪھڙي ماءُ جو لاش آندو اٿئي.“ اشرف خاتون پان کائيندي چيس، ھن کي سنڌ جي ٻين نمبر وڏي شھر حيدرآباد ۾ رھندي پنجيتاليھه سال ٿي ويا ھئا پر اڃا بھ سندس زبان مان بِھاري لھجو نھ نڪتو ھو.

”پوڙھي ماٺ ڪري پنھنجو ڪم ڪر.“ شيرو بھ ساڳي ئي انداز ۾ ماءُ کي ورندي ڏني. سحرش ڀاءُ کي نفرت ڀريل نظرن سان ڏسي وري ڌيان ٽي ويءَ ۾ ڌريو. شيرو ٻئي ڪمري ۾ ڳوڻ رکي ماءُ ۽ ڀيڻ واري ڪمري ۾ آيو ۽ رعبدار لھجي ۾ ڀيڻ کي چيائين:

”سحرش پاڻيءَ جو گلاس ڀري اچ.“ سحرش نھ چاھيندي بھ بيڊ تان اٿي رڌڻي ڏانھن وئي.

شيرو ٽي ويءَ جو آواز بند ڪري ان جي مٿان رکيل سائي لينڊ لائين فون جو ريسور کڻي ڪن تي رکيو ۽ کيسي مان ھڪ بندي ڪڍي ان مان نمبر ڏسي گول ڊائيل تي ملائڻ لڳو، ڪن ۾ ٽون....ٽون جو آواز آيس ۽ پوءِ ٻئي پاسي کان ”ھيلو،“ جو آواز.

”ھا بابو شيرو پيو ڳالھايان.“ ھن چيو.

”جي شيرو ڀائي،“ ٻئي پاسي کان آواز آيس ايتري ۾ سحرش پاڻيءَ جو گلاس کڻي ڪمري ۾ آئي.

”بابو بيسنت ھال کي اڏائڻ جو مواد اچي ويو آھي.“ شيرو ٻئي ھٿ سان پاڻيءَ جو گلاس وٺندي فون تي ڳالھايو. اھو جملو ٻڌي سحرش جو من وسامي ويو، ھن پنھنجي روح کي ان ريشمي ڪپڙي جيان ڀانيو جيڪو تيز ھوا ۾ رسيءَ تان اڏري ڪنڊن ۾ وڃي ڦاسي ۽ ڪو سٽون ڏئي ان کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري وجھي.

 گذريل ڇھن مھينن کان سحرش کي تاريخي بيسنت ھال سان چاهه ٿي ويو ھو. ھوءَ ھڪ ڏينھن ڪاليج مان موٽندي جبين سان گڏ بيسنت ھال ۾ آئي ھئي، جيئن ھن ان شاندار ھال جي ڏاڪڻن تي پير رکيو ھو ته کيس لڳو، ھوءَ ڪنھن ٻئي جھان ۾ اچي وئي آھي.

”ھي ھال انگريز دور ۾ ٿيوسافيڪل سوسائيٽي وارن اڏرايو ھو، ھي ھال ٿيوسافيڪل سوسائٽي جي صدر عيني بيسنت جي نالي پٺيان کوليو ويو. ھتي سئو سالن کان امن ۽ محبت جو درس ھلندو پيو اچي.“ سانوري ڊگھي جبين جنھن جي ڪلھي تي ٿيلھو لڙڪيل ھو، ھن کي ٻڌايو ھو، اھڙي شاندار عمارت کي ڏسي سحرش جو وات حيرت ۾ پٽجي ويو ھو.

”ڪجھه عرصي کان سيٺ رجب نالي ھڪ بلڊر جون نظرون ھن ھال ۾ اچي اٽڪيون آھن، اھا بلڊر مافيا ھر تاريخي عمارت کي پٽ ڪري ان تي ڪمرشل پلازا اڏڻ ٿي گھري، ھنن جو تھ پيٽ ئي نٿو ڀرجي.“ جبين چيو ھيس. اھي ٻئي مک ھال ۾ اچي ويون، ان جي پاسي ۾ لائبريري ھئي، جنھن ۾ سٺ سالن جو ھڪڙو ٻڍڙو جنھن کي اکين تي وڏي فريم واري عينڪ پھريل ھئي ۽ ڪو ڪتاب پڙھي رھيو ھو، سندس مٿي جي اڌ حصي تي وار نھ ھئا، جڏھن تھ پٺئين حصي جا وار اڇا ۽ ڇڊا ھئس. ھال ۾ ڏھارو کن ڪاليج جا شاگرد اسٽيج تي بيھي ناٽڪ جي ريھرسل ڪرڻ ۾ رڌل ھئا.

”سجاد جھنڊي کي اڃا ٿورو مٿي ڪر.“ جبين اسٽيج جي وچ ۾ بيٺل ھڪ ڪلين شيو نوجوان کي چيو، ھن ھٿ ۾ جھليل ڳاڙھي جھنڊي کي مٿي ڪيو.

”اھو منھنجو وڏو ڀاءَ سجاد آھي، اڄ شام شيخ اياز جي منظوم ڊرامي ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ ۾ مک ڪردار ڪندو.“ جبين سحرش کي ڏسندي ٻڌايو ھو، ھن ھڪ ڀيرو سجاد کي ڏسي جبين کي ڏٺو ھو ۽ مرڪي ھئي. ٻئي ڄڻيون ٻئي ڪمري ۾ آيون ھيون.

”مايا صاحب.“ جبين اندر ويٺل ھمراهه کي چيو، ھن ڪتاب مان نظرون ڪڍي ڇوڪرين ڏانھن ڏٺو، اھي ٻئي ميز جي ٻئي پاسي ڪرسين تي ويھي رھيون. ھن سحرش کي غور سان ڏسندي چيو:

”ٻاگھي ملي وئي.“ سحرش کي ان پوڙھي جا لفظ تھ سمجھه ۾ نھ آيا پر حيرت ۾ کيس تڪيائين.

”سچ مايا صاحب!“ جبين تجسس مان پڇيس.

”ھا.“ مايا صاحب ھاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيندي کيس جواب ڏنو، پر ھڪ پل لاءِ بھ سحرش مان نطرون نھ ڪڍيائين.

”ڪير؟“ جبين ويتر تجسس مان پڇيس.

”ھي ڇوڪريءَ ئي شيخ اياز جي ٻاگھي ٿيندي.“ مايا صاحب ھوريان چيس.

”پر مايا صاحب ھي اسان جي ھم زبان نھ آھي.“ جبين حيرت مان سحرش کي ڏسندي جواب ڏنس.

”ڇوڪري توکي گھڻا ڀيرا سمجھايو اٿم تھ ڪلا جي ڪابھ زبان، ڪوبھ دين ڌرم نھ ٿيندو آھي، ڪلا ھر زبان، ھر دين ڌرم ۽ عقيدي کان مٿانهين آھي.“ مايا صاحب ھن ڀيري جبين کي ڏسندي چيو.

”ھن کي تياري ڪرائي، اسان باقي پنڌرھن ڏينھن آھن.“ مايا صاحب جبين کي چيو.

”جي مايا صاحب!“ جبين آهه ڀري ھمراهه کي چيو ۽ ڪرسيءَ تان اٿي، ھن سان گڏ سحرش بھ اٿي. اھي وري ھال ۾ آيون. مايا صاحب غور سان ٻنھي ڇوڪرين کي ويندي ڏٺو. مايا صاحب گذريل چاليھه سالن کان سنڌ ۾ عجيب تماشا ٿيندي ڏٺا ھئا، ھن صدين کان گڏ رھندڙ انسانن کي راتو رات ھڪ ٻئي جو ويري ٿيندي ڏٺو ھو، ھن سندس ٻالڪپڻي جون ڪيتريون ئي راتيون خوف ۾ گذاريون ھيون، اڌ عمر زندگيءَ کي موت جي پاڇولي کان لڪائيندي گذري وئي ھئس. جڏھن ورھاڱو ٿيو ھو تھ مايا ڏھن يا ٻاھرن سالن جو ڇوڪرو ھو، ھن ان عمر ۾ پنھنجي ويجھن کي ڪسجندي ڏٺو ھو. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ھڪ عجيب مخلوق کي ماڻھو ماريندي ۽ مال ملڪيت تي قبضو ڪندي ڏٺو ھئائين، اھا مخلوق سنڌ جي شھرن تي ماڪڙ جيان ڪڙڪي ھئي. انھن ڏينھن ۾ سج لٿي جي نماز کانپوءِ جڏھن لائوڊ اسپيڪرن تي اعلان ڪيو ويندو ھو تھ ڪير بھ گھرن مان نھ نڪري، ڪوبھ ٻاھر نظر آيو تھ ان وڳوڙائي سمجھي گولي ھڻي ماريو ويندو. اھو اعلان ٻڌي مايا جو روح ئي ڏڪي ويندو ھو ۽ کٽ جي ھيٺان لڪي ويندو ھو. ٻھ چار ڀيرا تھ سندس ماءُ لاجونتي کيس اعلان ٿيڻ کانپوءِ ڪٻٽ ۾ لڪايو ھو. ان اونداھي سوڙھي ڪٻٽ ۾ سندس ساهه ٻوساٽبو ھو، پر ماءُ جي ھدايت تي ھو اکر بھ نھ ڪڇندو ھو. انھن ڏينھن ۾ ھن گھروارن رات جو گڏ ويھي ھتان نڪري سرحد جي ٻئي پار وڃڻ جا منصوبا ٺاھيندي ڏٺو، ھن گھر جي جوان ماين ۽ ڇوڪرين کي اھو چوندي بھ ٻڌو ھو تھ جيڪڏھن ان عجيب مخلوق سندن گھر تي ڪاهه ڪيو تھ ڇوڪريون سندن وحشت جي ور چڙھڻ بدران بجليءَ جي سوئچن ۾ آڱريون وجھي پاڻ ئي پنھنجو انت آڻي ڇڏينديون. ان دور ۾ سندس گھر لجپت روڊ تي ھوندو ھو، اھو ٻن ماڙن وارو خوبصورت گھر ھو ۽ پوءِ ھڪ رات گھر جي اڳڻ ۾ باهه جا گولا ڪرڻ لڳا ھئا، ڪاٺ جي مضبوط در کي ڪنھن ٻاھران کان ڪٽڻ شروع ڪيو ھو، ٻاھران کان رڙيون اچڻ لڳيون ھيون:

”ماريو ڪافرن کي.... اڃا بھ اسان جي مليل مال غنيمت تي قبضو ڪريو ويٺا آھن....“ وري ٻاھران ھڪ ھڪ رڙ آئي ھئي.

”ھن گھر ۾ ٽي حسينائون آھن اھي منھنجيون ٻانھيون ٿينديون....“ ھن پٺيان ھڪ ٻئي رڙ آئي ھئي جيڪا ٺٺولي ھئي:

”نھ نھ مال غنيمت ۾ سڀني جي حصي پتي ھڪ جيتري ھوندي....“ ٻاھران وڏا ٽھڪ ۽ ان پٺيان ھڪ ٻھ مڪروهه رڙ:

”ھلو ڀلا جيڪا سڀني مان ننڍي آھي، اھا پھريون ھفتو مون وٽ ھوندي.“ گھر ڀاتين جو ساهه مُٺ ۾ اچي ويو ھو، ھر اک ڳوڙھن سان ڀرجي وئي ھئي، پوءِ مايا کي رڌڻي ۾ باهه نظر آئي ھئي، سندس ٽنھي ڀيڻن پاڻ تي گاسليٽ ھاري باههڏئي ڇڏي ھئي. مايا لاجونتي جي سيني ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، اک ڇنڀ ۾ مايا پيءَ گوپو سندس ونيءَ ۽ پٽ کي پٺئين رستي کان ٻاھر ڪڍي ويو ھو، اھي ٽي لڪندا لڪندا ٻن ڏينھن ۾ شھر جي سنڌي وسندي کان اچي نڪتا ھئا، جتي کين ماستر جمن مليو ھو. ماستر جمن پرائمري ماستر سان گڏ ٿيوسافيڪل سوسائٽيءَ جو ميمبر پڻ ھو، ھو پنجاهه سالن جو جسم ۾ ڀريل ھمراهه جنھن جي منھن تي ھلڪڙي ڏاڙھي ھئي. ماستر جمن کين ڪجھه ڏينھن لاءِ سندس ننڍڙي گھر ۾ پناهه ڏني ھئي ۽ پوءِ ٿيوسافيڪل سوسائٽي جي عھديدارن جي صلاح سان گوپو وارن کي بيسنت ھال ۾ رھايو ھئائينئ ان ڏينھن کان مايا کي بيسنت ھال سان عشق ٿي ويو. اڳيان ھلي مايا وڪالت ڪئي.1971ع ۾ وري ملڪ ۾ ڏڦير شروع ٿيا تھ مايا سندس ٻارن کي مامن ڏانھن ھندوستان اماڻي ڇڏيو، ھن بھ فيصلو ڪيو ھو تھ ھو ھي شھر ۽ ملڪ ڇڏي سرحد جي ھن پار ھليو ويندو، پر بيسنت ھال جي عشق سبب نه شھر ڇڏي سگھيو نڪو ئي وري ملڪ ڇڏي سگھيو. ھن وڪالت سان گڏ ھڪ ناٽڪ منڊلي بھ ٺاھي ۽ بيسنت ھال جي لائبريري ۾ رھڻ لڳو.

جبين واريون وري ريهرسل واري جاءِ تي پهتيون. جبين تاڙي وڄائي ڳالھايو:

”ھي منھنجي سھيلي سحرش آھي ۽ ايندڙ ناٽڪ ۾ ٻاگھي جو ڪردار ڪندي.“ اھو ٻڌي ھال ۾ بيٺل نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ھنن وٽ آيا ۽ سحرش سان ملڻ لڳا. ڪلاڪ کن کانپوءِ سحرش بيسنت ھال جا ڏاڪا لھندي جبين کي چيو:

”يار ھي سڀ مان نھ ڪري سگھنديس.“

”ڇو؟“ جبين حيرت مان کانئس پڇيو.

”توکي تھ خبر آھي.“ ھن کيس چيو.

”ڇا خبر آھي!“ جبين حيرانيءَ مان ھن کي ڏسندي پڇيو.

”مان اوھان جي ھم زبان نھ آھيان.“ سحرش ھوريان چيو.

”تو مايا صاحب جي ڳالھه نھ ٻڌي، ڪلا جي ڪابھ زبان نھ ھوندي آھي.“ جبين کيس سنجيدگيءَ مان چيو. سحرش چپ ٿي وئي، ان تي جبين چيس:

”تون گھر وڃ ۽ ان تي سوچ، توکي رڳو پرفارم ڪرڻو آھي، وائيس بيڪ اسٽيج تان مان ڪنديس.“

”پر يار مون کي اھو سڀ ڪرڻ جي اجازت نھ ملندي.“ سحرش منٿ ڪندي چيس.

”ڏس تون گھر وڃي ٿڌي دماغ سان سوچ، شام جو ھتي اچي اسان جو ڊرامو ڏسجانءِ، پوءِ بھ جيڪڏھن توکي ڳالھه سمجهھ ۾ نھ اچي تھ ڪابھ زبردستي نھ آھي.“ جبين کيس آٿت ڏيندي چيو. اھي ٻئي بيسنت ھال کان ٻاھر اچي ويون. سحرش جبين کان موڪلائي پنڌ گھر وڃڻ لڳي، سندس ذھن ۾ عجيب خيال اچي رھيا ھئا.

  ان ڏينھن شام جو جڏھن سحرش ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ تي ڪيل پرفارمنس ڏٺي ھئي تھ ھن تي ھڪ سحر تاري ٿي ويو. جيتوڻيڪ کيس ٻولي سمجهھ ۾ نھ آئي ھئي، پر پوءِ ادڪاري ڏسي ڊرامي جي تت تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪئي ھئائين. پرفارمنس کانپوءِ جبين کيس ڊرامي جا ڪيترائي مقالما سندس ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايا.

اھي ماڻھن کان پرڀرو ٿي ھال جي ھڪ ڪنڊ ۾ اچي بيٺون ھيون. سجاد چانھن جا ٻھ ڪپ ھٿ ۾ ڪري ھنن وٽ آيو ھو، ھڪ ڪپ سحرش کي ڏنائين، جبين سندس ھٿ ۾ جھليل ٻيو ڪپ بنا دير جي کانئس ڦري ورتو ھو، ھو وري پنھنجي لاءِ چانھن جو ڪپ کڻڻ ويو ۽ ڪجھه ئي دير ۾ چانھن سان گڏ وريوھو.

”اوھان کي ڪنھن ٻڌايو آھي تھ اوھان جون اکيون زندگيءَ سان ڀريل آھن.“ سجاد مرڪندي سحرش کي ڏٺو، ان تي سحرش شرم ٻوٽيءَ جيان ٿي پئي ھئي. جبين سندس بچاءَ لاءِ آئي ھئي ۽ ڀاءَ کي چيو ھئائين:

”موقعي جو اجايو فائدو نھ کڻ.“

”مون کي تھ حيرت آھي اوھان جي ھن ڏائڻ سان لڳي ڪيئن ٿي؟“ سجاد مذاق ڪندي چيو ھئس، ان تي ٽئي ڄڻا کلڻ لڳا ھئا.

”سڀاڻي کان اسين دودي ’سومري جو موت‘ جي تياري شروع ڪنداسين، اوھان کي ضرور اچڻو پوندو.“ سجاد چيس.

”جي.“ سحرش ھوريان جواب ڏنس. ان رات ھوءَ خيالن جي ھڪ الڳ دنيا ۾ ھلي وئي ھئي، رات دير تائين بھ ننڊ نھ آئي ھيس، دل ۾ نئين اُمنگن جنم ورتو ھيس. سندس اھو خيال تھ ھي دنيا رڳو شيرو جھڙن وحشي دريندن سان ڀريل آھي پھريون ڀيرو غلط ثابت ٿيڻ لڳو ھو ۽ پوءِ انھي رات ھن پاڻ کي بيابان ۾ بيٺل ڄاتو ھو. کيس لڳو ھو ڪي بدروح سندس پيڇو ڪري رھيا آھن، کيس لڳو ھو ھوءَ امن ۽ انسانيت جي اميد من اندر ۾ کڻي مري ويندي. ٻئي ڏينھن جڏھن ھوءَ ريھرسل لاءِ بيسنت ھال جون لسيون ڏاڪڻون چڙھڻ لڳي ھئي تھ سجاد ھن جي سامھون اچي ويو ھو. ھوءَ ھن کي ڏسي ڇرڪي وئي ھئي.

”اسان کي اوھان جو ئي انتظار ھو، ڀلي ڪري آيا.“ سجاد مرڪي چيو ھئس، ھن بھ مرڪي ڏنو ھو، سجاد کيس گلاب جو گل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي.

”سحرش.“ ھال وٽان جبين کيس سڏ ڪيو ھو، ھوءَ سجاد کي اتي ئي ڇڏي تڪڙيون وکون کڻندي ھال ڏانھن ھلي وئي ھئي. ان کانپوءِ ھوءَ سجاد جي ويجھو ايندي وئي، شام جو ھال ٻاھران ٿلھي تي ويھي، ايندڙ زندگي سجاد سان گڏ گذارڻ جا خواب ڏسڻ لڳي.

   سحرش جڏھن شيرو واتان بيسنت ھال تي حملي جو ٻڌو تھ سندس من اندر وسامڻ لڳو، ھوءَ شيرو جي گھران نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي، جيئن شيرو گھران نڪتو، ھوءَ بھ جسم تي ڪاري شال اوڍي گھران نڪتي، ان تي اشرف خاتون رڙ ڪندي چيو ھيس:

”تون وري ھن مھل ڪھڙي يار سان ملڻ پئي وڃين.“ پر ھوءَ ماءُ جي سڏ تي ڪونھ بيٺي ھئي ۽ سوڙھي گھٽيءَ مان نظرون بچائيندي مک روڊ تي آئي ۽ اتان رڪشي ڪرائي بيسنت ھال وٽ اچي پھتي ھئي، سندس سمورو جسم ڏڪيو ٿي. تڪڙ ۾ ھال جا ڏاڪا چڙھندي ھوءَ مايا صاحب وٽ آئي ھئي، جيڪو اتي ھال ۾ ئي رھندو ھو، ھو ان وقت لائبريري ۾ ويٺل ھو.

”مايا صاحب....“ سحرش خوف وچان کيس سڏيو ھو، مايا صاحب بھ ھن جي اوچتي آواز تي ڇرڪي ويو ھو.

”سحرش تون ھن وقت ھتي ڇا پئي ڪرين؟“

”مايا صاحب گڏيل لاڏاڻي پارٽيءَ وارا بيسنت ھال تي حملو ڪري ان کينقصان پھچائڻ جو منصوبو جوڙي رھيا آھن، جلدي ڪجهھ ڪريو.“ اھو ٻڌي مايا صاحب جو منھن ھيڊو ٿي ويو ھو، ھن ترت ئي پوليس اسٽيشن تي فون ڪري مدد لاءِ چيو ھو.

انچارج ڪاوڙ مان فون بند ڪندي پنھنجي سر چيو ھو:

”اسان کي ٻيون پريشانيون گھٽ آھن جو ھاڻي ان ڪٻاڙ خاني جي چوڪيداري ڪريون.“

 شيرو سندس ساٿين سان گڏ بيسنت ھال تي حملي ڪرڻ کان اڳ آس پاس جو جائزو ٿي ورتو، سندس نظر ھال جي ڏاڪڻ ڏانھن وئي، کيس ڏاڪن تان ڪو لھندي محسوس ٿيو. ھو ساٿين سان گڏ ان پاسي ويو، ڪاري شال اوڍيل ھڪ ڇوڪري تڪڙين وکن سان ھال کان ٻاھر ٿي وئي.

”اي رُڪ....“ شيرو رڙ ڪئي، اھا ڇوڪري ڏڪي وئي، شيرو وارا ھن وٽ آيا ھئا. جڏھن شيرو ان ڇوڪريءَ جي منھن ۾ تڪيو ھو تھ ھو باهه ٿي ويو. ھن جي سامھون سندس ڀيڻ سحرش بيٺل ھئي. ھن کيس موٽرسائيڪل تي ويھاري گھر ڇڏيو. شيرو آپي مان نڪتل ھو، ھن ماءُ ۽ ڀيڻ کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون. ايتري ۾ فون جي گھنٽي وڳي ، شيرو فون کڻي ”ھيلو،“ ڪيو. ٻئي پاسي کان ڪنھن کري لھجي ۾ کيس چيس:

”مٿان نياپو آھي تھ بيسنت ھال تي ڪابھ في الحال ڪابھ ڪارروائي نھ ڪريو اتي پوليس پھرو ڏيڻ شروع ڪيو آھي، اسان جو پلان ليڪ ٿي ويو آھي.“ ان کانپوءِ فون بند ٿي ويو. شيرو سمجھي ويو ته سحرش ئي مخبر آھي. ايتري ۾ کيس وري فون آيو ۽ آفيس پھچڻ جو چيو ويو.

   ٻن ڏينھن کانپوءِ گھر ورڻ شرط ئي شيرو ڀيڻ کي ڪٽڻ شروع ڪيو، جو وري کيس فون تي ٻڌايو ويو تھ پير صاحب جي فوٽو تي گوليون ھنيون ويون آھن، ھو ماءُ ۽ ڀيڻ کي گھر ۾ ڇڏي ٻاھر ويو. اشرف خاتون اچي سحرش کي اٿاريو ۽ کيس پاڻي پياري سيني سان لاٿو، پوءِ ڪاري شال کڻي اچي کيس پاريائين ۽ روئڻھارڪي لھجي ۾ ڌيءَ کي چيائين:

”ان کان اڳ جو ھي وحشي موٽي اچي، ھتان نڪري ھل.“ سحرش ماءُ جي سيني ۾ منھن لڪائي روئڻ لڳي. اشرف خاتون ڌيءَ کي ساڻ ڪري سوھڙي گھٽيءَ مان نڪتي، روڊ رستا ويران لڳا پيا ھئا، چوڪ وٽ ٽائرن کي باهه ڏني وئي ھئي، ماحول ۾ اداسي ڇانيل ھئي، کين ڪابھ سواري ڏسڻ ۾ نھ آئي تھ اھي تڪڙيون وکون کڻنديون بيسنت ھال ڏانھن نڪري پيون.

    شيرو ھڪ پيٽرول پمپ تائين ڪنسترن ۾ پيٽرول ڀرايو ۽ ساٿين سميت بيسنت ھال کي ساڙڻ لاءِ نڪري پيو، سموري شھر پوليس جون گاڏيون گشت ڪرڻ لڳيون، انتظاميا ڪرفيو جو اعلان ڪري ڇڏيو، ھر دل خوف ۾ ڌڙڪندي رھي. شيرو سندس چار ساٿين سان بيسنت ھال ۾ گھڙيو، انھن وٽ پيٽرول سان ڀريل ڪنستر پڻ ھئا، ھال ۾ داخل ٿي ھنن ڪاٺين کي پيٽرول ۾ ٻوڙي باهه ڏني ۽ اڳيان وڌيا، سندس ٽي ساٿي لائبرري ڏانھن ويا ۽ ڪتابن کي باهه ڏيڻ لڳا. مايا صاحب جيئن تيئن ڪري پاڻ بچائي ڪمري مان نڪتو، پر ٽن ھمراھن کيس پڪڙي ورتو ۽ مک ھال ۾ جتي شيرو ڀتين تي ڪنستر مان پيٽرول ٿي ھاريو ۾ گھليندا آيا.

”ھن حرامي کي بھ ھال سان گڏ ئي ساڙيون ٿا.“ شيرو مايا صاحب جي منھن نفرت ۽ حقارت مان تڪيندي چيو، مايا صاحب وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳو. شيرو جا ساٿي ان پوڙھي جي بيوسي ڏسي مرڪڻ لڳا. ھال ۾ ڪنھن جي پيرن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، شيرو وارن ڌر ڏانھن نيھاريو، شيرو کي اشرف خاتون ۽ سحرش بيٺل نظر آيون، ھو ويتر آپي مان نڪري ويو. مايا صاحب کي ڇڏي ھو ور مان پستول ڪڍي ماءُ ۽ ڀيڻ ڏانھن وڌڻ لڳو، سندس ساٿي وائڙن جيان ھن کي ڏسڻ لڳا. ٻاھران کان پوليس موبائيل جو سائرن ٻڌڻ ۾ آيو، شيرو جا ٽئي ساٿي خوف ۾ ٻڏي ويا، لائبريري ۾ لڳل باهه جا الا ٻاھر تائين ٿي ويا.

”ھل شيرو نڪر ھتان پوليس اچي وئي آهي.“ ھڪ ساٿي چيس. پر شيرو سندس ساٿي جي ڳالهھ کي نظرانداز ڪري اشرف خاتون ۽ سحرش ڏانھن وڌڻ لڳو، سندس ٽئي ساٿي کيس اڪيلو ڇڏي ڀڄي ويا. شيرو پستول جو گھوڙو چاڙھي پھرين ڀيڻ جو نشانو ورتو، ان کان اڳ جو ھو گولي ھلائي ھا، کيس پٺيان ڪياڙي وٽ زور سان بانٺو لڳو ۽ ھو اچي فرش تي ڪريو، پستول ھن جي ھٿ مان ڇڏائجي ويو. مايا صاحب سموري طاقت سان ھن کيبانٺو ھنيو. ايتري ۾ پوليس بھ ھال اندر اچي وئي، ٻن سپاھين شيرو کي جھلي پريان پيل پستول کڻي ھن کي ھٿڪڙيون ٻڌي موبائيل اچي ويھاريو، ڪجهھ پوليس وارا مايا صاحب سان گڏ لڳل باه وسائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.

 

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment