شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 02 - اپريل - 2020ع

منھنجي يار منڌيڙي مون کي فيسبڪ تان ڇو بلاڪ ڪيو؟


شام 10 لڳي 26 منٽ -خميس 30 جنوري 2020  175 
image-1

اڄ جيئن ھڪ سياسي پوسٽ رکڻ لاءِ پنھنجي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ دوست منڌيڙي کي فيسبڪ تي ٽيگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم تھ ھو دوستن واري فھرست ۾ ظاھر نھ ٿيو، ان تي منھنجيون وايون بتال ٿي ويون، کيس سرچ ڪيم تھ خبر پئي منڌيڙي اسان جي دوستيءَ منڌيڙو ڦيري مون کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آھي، ويتر ڏندين آڱريون اچي ويون ۽ سوچڻ لڳس، آخر مون کان اھڙي ڪھڙي سياسي سماجي چُڪ ٿي آھي، جو منڌيڙي جھڙي يار مون کي سندس فيسبڪي دنيا مان اصل خارج ئي ڪري ڇڏيو آھي، اھو بھ سوچڻ لڳس تھ ھن اسان جي ڏھن سالن جي ياري بابت ھڪ ڀيرو بھ نھ سوچيو ڇا؟

ھڪدم موبائيل کڻي منڌيڙي جو نمبر ملايم، ھن نمبر بزي ڪري ڇڏيو، ان تي مون کي ويتر بُڇان لڳي ۽ کيس فل ٿرو گارين وارو ايس ايم ايس ٽڪاءُ ڪرايم ۽ سندس جواب جو انتظار ڪرڻ لڳس، ائين تھ ٽيڪنالاجي جي ڪري انتظار ڪرڻ جي ڪابھ ضرورت نھ رھي آھي، پر پوءِ بھ منڌيڙو مون کي انتظار ڪرائيندو رھيو، نيٺ پاڻ تي قابو نھ رکي سگھيس ۽ ٻيو ميسج ڪيومانس:

”يار منڌيڙا آخر ڇا ٿيو آھي ڪجھ ٻڌائي تھ سھي؟“

”تون واھيات قسم جو سطحي ليکڪ ۽ روايتي قومپرست آھين، جڏھن تھ مان ھن ڌرتيءَ جو اھو اڳواڻ آھيان جيڪو جديد انداز ۾ ماڻھن جي تقدير مٺائڻ جا خواب ڏسي رھيو آھي.“ ھن ميسج ۾ جواب ڏنو، وري ٻيو ميسج ڪيائين: ”جيئن تھ تو ڪجھ ڏينھن پھريان منھنجي اسٽيٽس تي ھڪ واھيات قسم جي حرڪت ڪئي آھي، جنھن تي منھنجي چاھيندڙن جو ھلڪو تو تي ناراض ٿي پيو آھي ان ڪري ھاڻي مان وڌيڪ توکي پنھنجي دوستيءَ جي لائق نٿو سمجھان.“

ان تي مون جواب ڏنومانس: ”پر يار منڌيڙا، مون تھ رڳو پنھنجي اظھار جي آزاديءَ جو حق استعمال ڪيو آھي.“

”اسان جي سياست ۾ سڀني کي پارٽيءَ اڳيان سر تسليم خم ڪرڻو پوندو آھي، اسان جي مرحوم اڳواڻ جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو فلسفي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو وڪيل، دنيا جو مھا دانشور، دنيا جو سڀ کان وڏو اديب ۽ نقاد ھو، ان اسان کي اھو ئي سيکاريو آھي.“

”منڌيڙا جيئن تھ منھنجي ابن ڏاڏن جو بھ تو واري سياسي پارٽيءَ سان ڪڏھن ڪو واسطو نھ رھيو آھي ان ڪري اھو قانون مون تي ڪيئن ٿو لاڳو ڪرين؟“ مون ميسج ڪيومانس، ھن ڪوبھ جواب نھ ڏنو.

مان منڌيڙي جي ڳالھ سمجھي ويس تھ منڌيڙي ۾ ھن وقت سندس سياسي ليڊر جي روح رقص ڪرڻ لڳي آھي، ان ڪري ھو ڪنھن جي بھ نھ ٻڌوندو. اسان جي دوستيءَ جي شروع وارن ڏينھن ۾ منڌيڙو جڏھن سندس اڳواڻ کي دنيا جو مھا اڳواڻ ڪري ڪا ڳالھ ڪندو ھو تھ مان مرڪندي کيس چوندو ھوس:

”اوھين آھيو ٿاليءَ جا واڳڻ ڪنھن مھل ٿاليءَ جي ھن پاسي بيٺا آھيو تھ ڪنھن مھل ھن پاسي، اوھان کي پاڻ کي ئي خبر نھ آھي تھ ڪرڻو ڇا آھي، اوھان پنھنجي اڳواڻ جي ساراھ ۾ شعر ۽ ليک لکي ان کي انقلابي ۽ مزاحمتي ادب ٿا سمجھو، مون کي تھ لڳندو آھي ڏي جواب ۽ وٺ جواب کانسواءِ اوھان جي منشور ۾ ٻيو ڪجھ بھ نھ آھي.“

اھو ٻڌي منڌيڙي جو منھن دانگيءَ جھڙو ٿي ويو ھو ۽ ٽن ڏينھن تائين مون کي منھن ڏئي ھٿ بھ ڪونھ ڏنو ھئائين. منڌيڙي سان منھنجي ملاقات اڄ کان ڏھ سال اڳ بوائز ھاسٽل جي ھڪ ڪمري ۾ عجيب نموني ٿي ھئي، ھو منھنجي ڪلاسي دادن لاڙڪاڻائي جو روم ميٽ ھو، اھا ھڪ سياري جي رات ھئي، اسان جيئن ئي روم تي داخل ٿياسين تھ ھڪ کٽ تي سوڙھ ۾ ويڙھيل ھمراھ نظر آيو ھو، اسان جي ڳالھائڻ تي ھن ڄاھي جھڙي منڊي ٻاھر ڪڍي ھئي، مون مرڪي ھن ڏانھن ھٿ وڌايو ھو.

ھن مون کي ٽن آڱرين جو ھٿ ڏيندي چيو ھو: ”معاف ڪجو اوھان مون کان اپانٽمنٽ نھ ورتي آھي.“

سندس ان پھرين جملي تي ڏاڍي حيرت ٿي ھئي ۽ ڪاوڙ بھ ڏاڍي آئي ھئي. پر ٻن سببن جي ڪري ڪجھ ڪڇي ڪين سگھيو ھوس، ھڪ تھ لاڙڪاڻائي جي ڪري، ٻيو سندس لھجو لاڙي ھو، ان دور ۾ منھنجي محبوبھ جنھن جي پٺيان ڏاڍو خراب ٿيس ۽ آخر ۾ ملي بھ ڪين، سا بھ لاڙ جي ھئي.

منڌيڙي جي اھڙي روش مان پنھنجي محبوبھ جي سڪ لاٿي ھيم. منڌيڙي سان ٻي ملاقت ڪجھ ئي ڏينھن کان پوءِ ساڳي ئي روم تي ٿي ھئي ۽ ھن ڀيري منڌيڙي بنا منھنجي چوڻ جي ئي اپانٽمنٽ ڏني ھئي، سندس اپانٽمنٽ جو مطلب ھوندو ھو ”اوھين ٿيندا ڪن ۽ منڌيڙو ٿيندو وات.“

ان وقت ھو سندس ھر دلعزيز اڳواڻ جي ساراھ ۾ شعر لکي رھيو ھو ۽ اسان کي ڏسي چيو ھئائين:

”معاف ڪجو سڀاڻي منھنجي مھا اڳواڻ جي صدارت ۾ ادبي ويھڪ آھي، سو ھي نظم پورو ڪري وٺان تھ پاڻ ڳالھايون ٿا.“ اڳيان ھلي مون کي خبر پئي تھ منڌيڙي جو جنھن سياسي پارٽيءَ سان واسطو ھو ان جو اڳواڻ جيئن تھ دنيا جو مھا اديب ۽ نقاد پڻ ھو ۽ ھر ادبي ويھڪ ۾ پاڻ ئي صدارت ڪندو ھو، ڇو جو پارٽيءَ اڳيان ڪنھن کي بھ ڪڇڻ جي اجازت نھ ھئي.

ان ڪري سندس ڪارڪون کيس خوش ڪرڻ لاءِ سندس ساراھ ۾ ڪھاڻيون، مضمون ۽ شاعري لکي ويندا ھئا. ان اڳواڻ جو خيال ھو تھ ھو اھڙا اديب پيدا ڪري رھيو آھي جن جي لکڻين ۾ بم گولن وارو اثر ھوندو، ان روش جي ڪري ٻيو تھ ڪجھ نھ ٿيو پر پاڻ واري ويچاري ادب جو ٻيڙو ٻڏي ويو. ان اڳواڻ ۾ ايتري تھ برداشت ھئي جو ڪير ھن تي تنقيد ڪندو ھو تھ ڪارڪنن لاءِ حڪم جاري ڪيو ويندو ھو تھ ان اديب جي ماءُ ڀيڻ ھڪ ڪري ڇڏيو، وري نھ وات کولي ۽ پوءِ صبح کان وٺي رات تائين ان اديب جي گھر فون ايندا ھئا، جنھن ۾ کيس گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون وينديون ھيون.

ھڪ ڀيرو مون پنھنجن ڪنن سان منڌيڙي کي سندس اڳواڻ لاءِ ڪنھن کي فون تي گاريون ڏيندي ٻڌو ھو. ھڪ ڀيرو منڌيڙو مون کي ۽ لاڙڪاڻائي کي سندس پارٽيءَ جي ڪنھن جلسي ۾ وٺي ھليو ھو، جيئن ئي سندس اڳواڻ تقرير شروع ڪئي ھئي تھ منڌيڙي ترت ئي کيسي مان پين ۽ پنو ڪڍي ورتو ۽ اڳواڻ جي تقرير مان رڳو ڪتابن جا نالا لکي ورتا ھئائين. ھن کانپوءِ منڌيڙو ٽي ڏينھن اسان سان گڏ ھو، ان دوران ھن ڪتاب تھ ڇا اخبار بھ نھ پڙھي ھئي، پر چوٿين ڏينھن تي جڏھن ڪنھن ڊمي اخبار ۾ منڌيڙي جو مضمون لڳو تھ ان ۾ تقرير وارن سڀني ڪتابن جو ذڪر ھو، ان وقت مون کي ڳالھ سمجھ ۾ آئي تھ منڌيڙي ۽ سندس پارٽيءَ وارا بھ ڪتاب پڙھڻ کان ايترو ئي پري آھن جيترا کڙتالي ڪامريڊ، پر منڌيڙي وارن جي واردات الڳ آھي اھي سندن اڳواڻ جي تقريرن مان ڪتابن جا نالا ياد ڪري پاڻ کي پڙھيل لکيل ۽ روشن خيال سڏرائي ٻانھون ڇنڊي گھمندا آھن.

خير ويو وقت سڀني کي پيو ياد ايندو آھي، پر مون کي اھو سمجھ ۾ نٿو اچي تھ منڌيڙي ڇو ڏھن سالن جو واسطو اک ڇنڀ ۾ ختم ڪري ڇڏيو.

اڙي! ياد آيو، اجھو ڪجھ ڏينھن اڳ منڌيڙي فيسبڪ تي ڪجھ ڪتابن جا عڪس رکيا ھئا ۽ ڪيپشن ۾ لکيو ھئائين: ”ھن سال ڪتابن جو انگ سو ٿيو آھي، ايندڙ سال انگ ٻيڻو ھوندو.“ ان تي مون ڪمنٽ ڪيومانس تھ: ”ڏي خبر منڌيڙا ڀلا ھاڻي ڪتاب پڙھڻ بھ شروع ڪيا اٿئي يا اڃا بھ پنھنجي ليڊر جون تقريرون يوٽيوب تان ٻڌي انھن مان ڪتابن جا نالا ڪڍي اسان تي دونس پيو ڄمائين.“

 ھن جن بھ ڪتابن جا عڪس رکيا انھن مان ڪو بھ نئون ڪتاب ڪونھي سڀ ويھن صديءَ جا ڪتاب ھئا. پڪ ھمراھ کي منھنجي اھا ڳالھ ڪونھ وڻي آ ۽ مون کي بلاڪ ڪري ڇڏيو اٿائين ۽ اھو بھ چئي رھيو آھي تھ مان سطحي قسم جو ليکڪ آھيان.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment