شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

 درد ھڪ دل جو


صبح 02 لڳي 23 منٽ -ڇنڇر 16 مارچ 2019  157 
image-1

سائرا:

جيئن منھنجي اک کُلي تھ من اندر بيقراري جو احساس ٿيو، مون کي سموري جسم ۾ ٿڪاوٽ پڻ محسوس ٿي، ھڪ اُُٻاسي ڏئي کاٻي ھٿ سان اکيون مھٽڻ لڳيس، ڪلهھ رات مان جيئن فليٽ تي پھتيس تي دل خوف وچان سيني جي ڀيتن سان احتجاج ڪري رھي ھئي، منھنجين ڪارين ڪجلين اکين ۾ موتي جھڙا ڳوڙھا ھئا. مان ڪائوچ تان اٿي ننڍڙي رڌڻي ڏانھن آيس ۽ پنھنجي لاءِ ڪافي تيار ڪرڻ لڳيس. ھڪ پل لاءِ رڌڻي جي دريءَ مان نظر ٻاھر آسمان ڏانھن وئي، نيويارڪ جو آسمان ڪارو ۽ جُھڙالو نظر آيو، آسمان جو ڪارو رنگ ڏسي منھنجي ذھن تي وري اھو شيدي تري آيو جنھن ڪلھه بھ نشي جي حالت ۾ منھنجو پيڇو ڪيو ھو ۽ مون کي ان ڳالهھ جو احساس ڏياريو تھ آمريڪا جھڙي ترقي يافته ملڪ ۾ بھ اڪيلي عورت محفوظ نھ آھي. ڪلھه رات جڏھن مان سر اويس جي فليٽ کان پنھنجي فليٽ ڏانھن وريس پئي تھ ھڪ ڀيرو وري ان بدمعاش منھنجو پيڇو ڪيو ۽ جڏھن مان تڪڙيون وکون کڻڻ لڳيس تھ ھو رڙيون ڪري مون سان گار گند ڪرڻ لڳو، نيو يارڪ ۾ ھڪ اوباش اڌ ننگي ھمراهه جي اھڙي واهيات حرڪت مون کي ان ڳالهھ تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو تھ ڇا ھي اھا ئي آمريڪا آھي جيڪا سموري دنيا کي جدت پسندي، روشن خيالي، برداشت ۽ فرد جي آزاديءَ جو درس ڏيندي آھي. مون خوف مان ھڪ ڀيرو مڙي ھن ڏانھن ڏٺو ھو تھ ھن ھٿ ۾ جھليل شراب جي بوتل زور سان فٽ پاٿ تي اڇلائي ھئي، ھڪ ٺڪاءُ سان شيشي جي بوتل پرزا پرزا ٿي وئي ھئي. ان وقت مون کي ائين لڳو ھو ڄڻ ان بوتل بدران ڪنھن منھنجي روح کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آھي، مون تي خوف طاري ٿي ويو، ھن اڃا ئي ھڪ غليظ حرڪت ڪئي ھئي، پنھنجي نيري جينز جو بٽڻ ۽ زپ کولي ھئي تھ پينٽ ھن جي پيرن ۾ اچي ڪري ھئي ۽ ڪنھن وحشي درندي جيان رڙ ڪندي چيو ھئائين:

ان سور جي ھٿيار کان وڌيڪ طاقتور منھنجو ھٿيار آھي، مون کي ھڪ موقعو ڏئي ڏس. منھنجي اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳا ھئا ۽ ان وقت مون کي پنھنجو شھر حيدرآباد ڏاڍو ياد آيو ھو.

مان سائرا شيخ ٽيٽيھه سالن جي سنڌياڻي آھيان، جنھن جي زندگيءَ جو گھڻو حصو حيدرآباد ۾ گذريو آھي. مان ھتي آمريڪا جي ھڪ يونيورسٽي ۾ فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ آئي آھيان. ڪلاسن کان پوءِ سر اويس جي گاڏي تي چڙھي سندس گھر ايندي آھيان، جيئن اسان فلسفي تي ڳالھائي سگھون، سر اويس بھ سنڌي آھي ۽ ان ساڳي يونيورسٽي ۾ فلسفي جو پروفيسر آھي. ڇا تھ ڪمال جي شخصيت اٿس، ڊگھو قد، ويڪري ڇاتي، ڪڻڪائو رنگ، ڪڏھن ڪڏھن سر اويس مون کي فلسفي گھٽ فلمي ھيرو وڌيڪ لڳندو آھي، ڪير کيس پھريون ڀيرو ڏسندو تھ يقين ئي نھ ڪندو تھ ڪو ھو ھاڻي سٺ سالن کي ويجھو ٿيڻ وارو آھي. ھن ھڪ ڀيرو يونورسٽي کان موٽندي مرڪي مون کي ٻڌايو ھو:

سائرا توکي خبر گذريل ٽيھه سالن ۾ اھڙو ھڪ بھ ڏينھن نھ آھي جنھن ڏينھن مون پنھنجي کاڏي تي بليڊ نھ ڦيرايو ھجي. مون سندس ڪلين شيو منھن ڏانھن ڏٺو ھو، منھنجي نظر ھڪ پل لاءِ سندس کاٻي اک وٽ موھيڙي تي رکجي وئي ھئي.

 ھو ويهھ سالن کان ھتي رھيل آھي، سندس زال بينا ھڪ مشھور صحافڻ آھي ۽ سر اويس جي زندگيءَ ۾ ھڪ اھم حيثيت رکي ٿي. پر مون کي بينا ھڪ عجيب عورت لڳندي آھي، عجيب کان وڌيڪ جيڪڏھن مان اھو چوان تھ ھوءَ مون کي نفسياتي مريض لڳندي آھي تھ بھ اھو وڌاءُ نھ ھوندو. مان ڪافي مگ ۾ لاھي ٽوسٽر ۾ ٻھ سلائس وجھي انھن کي گرم ڪرڻ لڳيس ۽ مگ ھٿ ۾ جهلي رڌڻي جي دريءَ مان ٻاھر جو نظارو ڪرڻ لڳيس. رات واري واقعي کانپوءِ دل نٿي مڃيو تھ ڪو فليٽ کان ٻاھر نڪرجي. پر ڪئمپس وڃڻ بھ ضروري آھي. ھڪ تھ سر اويس جو تصوف جي حوالي سان اھم ليڪچر آھي، ٻيو ڀلا ھڪ موالي جي حرڪتن جي ڪري ڪو پاڻ کي ئي سزا ڏيندو ڇا؟ تصوف تان ياد آيو، ھڪ ڏينھن مان سر اويس جي فليٽ تي ھيس. اھا نيو يارڪ ۾ منھنجي شروعاتي ڏينھن جي ڳالھه آھي، سر اويس زيپو لائيٽر سان مالبرو جو اڇو سگريٽ دکائيندي ڳالھائڻ شروع ڪيو ھو. سندس سگريٽ دکائڻ جو انداز بھ لاجواب آھي، مون شروع ۾ سر اويس کان اجازت وٺي ڇڏي ھئي تھ فلسفي جي حوالي سان اسان جي جيڪا بھ ڪچھري ٿيندي اھا مان ريڪارڊ ڪنديس.

ھن ڪش ھڻي چيو ھو: اسان سنڌي رڳو عشق ۽ تصوف کي ئي فلسفو سمجھندا آھيون، جڏھن تھ ٻين نظرين کي ڪابھ اھميت نھ ڏيندا آھيون. ان جي ابتڙ ترقي يافته ملڪن ۾ انفراديت، قوميت، مذھبيت، لادينت، ماديت، روحانيت، جديديت، جديديت پڄاڻا ۽ رومانيت وغيره سڀ فلسفي ۾ ئي شمار ٿيندا آھن.

پر سر عشق ۽ تصوف کي فلسفي کان الڳ بھ تھ نٿو ڪري سگھجي نھ؟ مون سر اويس کي ھن موضوع تي وڌيڪ کولڻ ٿئي چاھيو ۽ اھو سوال ڪيو ھيم.

ھا پر سمورو فلسفو رڳو اھو بھ تھ نھ آھي نھ، اسان جا ماڻھو فلسفي جي حوالي سان بھ قدامت پسند آھن. مثال ھتي آمريڪا ۾ايل جي بي ٽي (LGBT) نالي ھڪ تحريڪ ھلندڙ آھي جنھن جو خيال آھي تھ ھر انسان بنيادي طور تي ھم جنس پرست آھي ۽ زندگي جي ڪنھن نھ ڪنھن حصي ۾ ھر انسان ھم جنس پرستي ڏانھن مائل ضرور ٿيندو آھي، پر ڇا اسان جي سماج ۾ ڪو ان فلسفي کي قبوليندو؟ سر اويس ڳالھائڻ بس ڪري سگريٽ مان ڪش ھنيو ھو، شايد ھو منھنجي جواب جي انتظار ۾ ھو ۽ مان ان انتظار ۾ تھ ھو ڳالھه اڳيان وڌائيندو. پر ايتري ۾ فليٽ جو ٻاھريون در کليو ھو ۽ بينا جنھن کي ان وقت پيلي جرسي، جينز پينٽ ۽ ڳچيءَ ۾ ناسي مفلر ھو، فليٽ اندر داخل ٿي ھئي، ھن اسان کي ھال ۾ ويٺو ڏٺو ھو، مون مرڪي کياريو ھومانس، پر ھوءَ بنا ڪو جواب ڏيڻ بيڊروم ڏانھن ھلي وئي ھئي. مون کي حيرت ٿي ھئي، مون کي بلڪل بھ اھڙي رويي جي اميد نھ ھئي، مون سر اويس ڏانھن ڏٺو ھو، زال جي اھڙي ورتاءُ تي سندس اکين ۾ڪاوڙ ۽ افسوس جا پاڇا نظر آيا ھيم. اسين اڃا بھ چپ ڪيو ويٺا ھئاسين، وري بيڊ روم جو در کليو ھو ۽ بينا رڌڻي ۾ آئي ھئي ۽ اوچتو رڌڻي ۾ ٿانون کي ھيٺ مٿي اڇلائڻ شروع ڪيو، مان ھڪ پل لاءِ اندران ڏڪي ويس، سر اويس جو منھن ويتر لھي ويو ھو، مون پنھنجو سامان سنڀاليندي سر کي چيو ھو:

سر مون کي ھاڻي ھلڻ گھرجي. سر اويس بنا ڪو جواب ڏيڻ جي ڪنڌ جھڪايو ويٺو رھيو، مان فليٽ کان ٻاھر نڪري آئي ھيس، ڏاڪڻيون لھندي سوچيو ھيم: لڳي ئي نٿو تھ ھوءَ ڪا پڙھيل لکيل مائي آھي، هن بلڪل ڪنھن ڳوٺاڻي مائي جيان ٿي ورتاءُ ڪيو، پر ڳوٺاڻيون بھ ائين ورتاءُ نھ ڪنديون....پنھنجي آزادي جو ان نموني غلط فائدو کڻڻ ڪٿان جي انسانيت آھي؟ ان شام جو پھريون ڀيرو ھيٺ گھٽيءَ ۾ ان شيدي سان ٽڪرائي ھيس، اھو مرون ان وقت چرس جي سگريٽ جا سوٽا ھڻي رهيو ھو، مان ھن جي پاسي کان گذري ھيس تھ ناسن مان دونھون ڪڍندي چيو ھئائين:

ھاڻي اھا ڪتي گھر پھچي وئي آھي، وري ھنن حرامين جو ناٽڪ شروع ٿي ويندو، اوھان جھڙي اڻ سڌريل قومن جا ماڻھو آخر اسان جي تھذيبِ يافته ملڪن ۾ ڇو ايندا آھن؟ ھن منھنجي ويجھو ايندي چيو ھو، مون کي سندس وجود مان خوف جو احساس ٿيڻ لڳو ھو. ھن ھڪ وڏو ٽھڪ ڏنو ھو ۽ پوءِ گدڙ واريون ڪيھون ڪرڻ لڳو ھو، مون کي ان گنجي شيديءَ جيڪو ديوقامت ھو ۽ منھن تي گھنڊي ڏاڙھي پڻ ھيس، جي موجودگي مان ڀئو جو احساس ٿيو ھو، مان ھن کي بنا ڪو جواب ڏيڻ جي تڪڙا قدم کڻندي ٽيوب اسٽيشن ڏانھن وڌي وئي ھيس.   

اوچتو ئي اوچتو ٽوسٽر مان سلائيس ٻاھر آيا، آئون انھن کي چيني جي اڇي پليٽ تي رکي فرج مان ماجرين ڪڍي ٽوسٽن تي ھڻڻ لڳيس ۽ ڪافي جو مزو وٺندي رھيس. نيرن ڪري ڪمري ۾ آيس ۽ تيار ٿي ڪئمپس لاءِ نڪري آيس.مون من ئي من اھو فيصلو ڪري ڇڏيو تھ يونيورسٽي کانپوءِ جڏھن سر اويس سان سندس گھر وينديس تھ کيس ان شيديءَ جي باري ۾ ضرور ٻڌائينديس، پر پوءِ خيال آيو تھ سر اويس خبر نھ آھي ڪھڙين مسئلن ۾ منڌل آھي، ان کي وري پنھنجي ھن خسيس مسئلي سان ٽنبي سندس مسئلا ڇو وڌايان. ھون بھ مان فلسفي جي شاگرياڻي آھيان، ڇو ھڪ موالي جي ڳالھين تي ايترو ردعمل ڏيکاريان؟ پر ذھن جي پردن سان اھو بھ خيال ٽڪرائجڻ لڳو تھ انسان ڀلي ڪيتري بھ ترقي ڪري ويو ھجي، ڪيترائي فلسفا ڏئي ويو ھجي، پر پنھنجي بنيادي جذبن ۽ جبلتن مان اڃا تائين جان نھ ڇڏائي سگھيو آھي. انسان جا بنيادي جذبا جھڙوڪ عشق، خوشي، ڏک، ساڙ ۽ بدلو وغيره صدين جي سفر کانپوءِ بھ ساڳيا آھن، خاص ڪري پنھنجي ساڙ ۽ بدلي جي باه ۾ ھو سڀ ڪجھه ساڙي ڇڏيندو آھي. سنڌ يونيورسٽي جي ايم اي فلسفي جي شروعاتي ڏينھن دوران ھڪ ٽاپڪ ۾ اسان کي اھو پڙھايو ويو ھو تھ:


انسان بنيادي طور چار يا پنج آرز جي پورائي لاءِ سيڪس ڪندو آھي ۽ انھن مان ھڪڙي آر ريونيج يعنيٰ بدلو وٺڻ آھي. خبر ناھي اھو ان شيديءَ جي حرڪتن جو خوف ھو يا ٻيو ڪجھه پر منھنجي دل ڪئمپس ڏانھن وڃڻ لاءِ نٿي مڃيو، ان ھوندي بھ بي دلي سان تيار ٿيس، مون پولو جي آسماني رنگ واري پورين ٻانھن واري شرٽ ۽ نيري رنگ جي جينز پاتي، اھو ڊريس ڪوڊ پاڪستان ۾ اڪثر مرد جو سمجھيو ويندو آھي ۽ وري ٽيوب اسٽيشن تي اچي بيٺيس. ان وقت احساس ٿيڻ لڳو تھ منھنجي زندگي يڪسانيت جو شڪار ٿيندي پئي وڃي، اھو احساس ڪراچي ۾ رھندي بھ ٿيندو ھو ۽ ھتي اچڻ کانپوءِ بھ ساڳيو ئي احساس ٿي رھيو آھي. اسٽيشن تي ھر رنگ ۽ نسل جو انسان نظر ٿي آيم، انھن ۾ گھڻائي انھن جي ھئي جن کي يونيورسٽي يا آفيس پھچڻو ھو، خبر نھ آھي ذھن جي ڪھڙي ڪنڊ ۾ سر اويس جي ڏنل آئڊنٽيٽي ڪرائسس تي ڏنل پھرين اسائنمنٽ پاسا ورائڻ لڳي. اھا لڳ ڀڳ ٽي مھينا اڳ جي ڳالھه آھي، جيئن اسان جو ڪورس ورڪ شروع ٿيو ھو تھ سر اويس ان موضوع تي مقالو لکڻ جو چيو ھو، مون سان گڏ ٽيھه شاگرد انرول آھن، جن مان اسان پنج ساڳئي ملڪ جا آھيون. ان اسائنمنٽ مان مون اھو اندازو لڳايو تھ انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو ان جي پنھنجي ئي سڃاڻپ  رھي آھي، باقي ھر نظريو ثانوي آھي، بنيادي طور انسان دنيا جي شروعات کان ھيل تائين پاڻ کي ئي سڃاڻڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل رھيو آھي. خدا، سچ، قوم، حق، رنگ، نسل، ثقافت، تھذيب، ٻولي، صوفي مت، عشق، چاھت، جنسي تسڪين انھن مڙني ڳالھين ۾ انسان رڳو پنھنجي ئي ڳولا ڪئي آھي ۽ اڃا تائين بھ انسان پاڻ کي ڳولي نھ سگھيو آھي، ان ڪري ڳولا جي لاڳيتي ۽ ڊگھي سفر تي ئي آھي. مان بھ انھي ڳولا جي سفر جي پانڌيڙي آھيان، ڪڏھن عشق تھ ڪڏھن رواداري، ڪڏھن يوگا تھ ڪڏھن وري صوفي مت واري موڙ تي اچي بيھندي آھيان، ڪجھ وقت اتي بيھي وري اڳيان وڌڻ لڳندي آھيان ۽ ھاڻي جنھن موڙ تي اچي بيٺي آھيان اھو اويس سڏجي ٿو.

(هلندڙ)

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment