شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

گدلو سينور


صبح 02 لڳي 05 منٽ -خميس 14 مارچ 2019  131 
image-1

 

صُبح جڏهن سندس اک کُلي ته هن جو ڪنڌ ميز تي رکيل ان ڪتاب مٿان لڙيل هو، جتي هوءَ رات يونيورسٽيءَ جي آخري پرچي جي تياري ڪري رهي هئي. رات ڪتاب پڙهندي پڙهندي کيس ننڊ پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو هو. هن ڪنڌ مٿي کنيو، آرس ڀڳو ته سندس ڇاتيون اڀري آيون. هن ڀرسان رکيل موبائيل ۾ وقت ڏٺو ته ست ٿي رهيا هئا. ميز جي مٿان بي ترتيب ڪتاب ۽ نوٽس وکريل هئا. هن جيئن ئي ڪمري جي دريءَ جا پردا کوليا ته روشني شيشي مان ڪمري ۾ بي دعوتي مهمان جيان گهڙي آئي. سڄي رات ڪنڌ ميز تي لڙيل هجڻ ڪري کيس ڪجهه سُور محسوس ٿي رهيو هو. هن ڪنڌ کي ٻنهي هٿن سان ڪجهه دٻايو ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڪري سور جي شدت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس اندازو هو ته اهو سُور ڪجهه دير ۾ ختم ٿي ويندو.

هوءَ يونيورسٽيءَ جي ٻئي سال ۾ باٽنيءَ جي شاگردياڻي هئي ۽ اڄ سندس ٻئي سال جي آخري سيمسٽر جو آخري پيپر هو. ڪجهه دير ۾ ئي هوءَ تيار ٿي وئي، هن اڄ آسماني رنگ جو ڪرتو ۽ پجامو پاتو هو، وارن کي ڪيچر هڻي، روز جيان پنهنجي ڳچيءَ ۾ چُني مفلر جيان ور ڏئي ويڙهي ڇڏي. نيرن ڪري هن پنهنجي ڪلاس فيلو کي بس اسٽاپ تي اچڻ لاءِ چيو ۽ ٻئي اتي پهچي ويون، جتان يونيورسٽيءَ لاءِ روانيون ٿيون.

جيئن ئي هنن جو پيپر ختم ٿيو ته گهر ڏانهن روانيون ٿيڻ لڳيون، جڏهن اهي ٻئي يونيورسٽيءَ کان ٻاهر نڪري بس ۾چڙهڻ لاءِ ڪجهه پنڌ ڪرڻ لڳيون ته کين اندازو ٿيو ته شهر ۾ اڄ ڪجهه غيرمعمولي واقعو پيش آيو آهي. اوچتو ئي اوچتو روڊن تان ٽريفڪ غائب ٿي رهي هئي يا اها معمول کان بنهه گهٽجي وئي هئي. ڪجهه پنڌ ڪري اهي ٻئي اڳيان وڌيون ته کين دونهن جا ڪارا ڪڪر نظر آيا، ائين محسوس ٿيو ته سڄو شهر دونهاٽجي رهيو آهي. ٻئي اڃا فوٽ پاٿ تي ئي هيون ته ماڻهو پنهنجن دڪانن جا شٽر تڪڙ تڪڙ ۾ بند ڪري انهن کي تالا هڻي ڀڄ ڀڄان ۾ لڳي ويا. ڏسندي ڏسندي اها سموري بازار ويران ٿي وئي، جتان اهي گذري پنهنجي گهر ڏانهن وڃي رهيون هيون.

”اڄ وري اهڙو ڇا ٿيو آهي جو ماڻهو ائين دڪان بند ڪري ڀڄي رهيا آهن.“ هن پنهنجي دوست کان ڀڇيو.

”ڇا وري ڇا ٿيو هوندو، ڪنهن سياستدان کي گولي لڳي هوندي يا وري ڪنهن پنهنجي ڪارڪن کي حڪم ڪيو هوندو ته دڪان بند ڪرايو.“ سندس دوست جواب ڏنو.

”ها پر صبح تائين ته سڀڪجهه ٺيڪ هو، هي اوچتو ئي اوچتو ڇا ٿي ويو آهي، جو ماڻهن جي اکين ۾ ڊپ لهي آيو آهي.“ هن وري ڳالهايو.

”چري! هتي سڀ اوچتو ئي اوچتو ته ٿيندو آهي، ماڻهو اوچتو مرندو آهي، هڙتال جو سڏ اوچتو ايندو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته حڪومت به اوچتي هلي ويندي آهي.“ سندس دوست کِل ڀوڳ واري انداز ۾ جواب ڏنو.

ان وقت ڪجهه ڏنڊا کنيل ماڻهو هڪ دڪاندار جي دڪان جا شيشا ٽوڙڻ لڳي ويا ۽ ان ۾ پيل سامان جي ڦرلٽ ڪرڻ لڳا، هو اڃا دڪان بند ڪرڻ ئي وارو هو ته ڏنڊن وارا همراهه پهچي ويا ۽ کيس ڏنڊا هڻي ڦٽي ڇڏيائون. ڪجهه دير لاءِ ٻئي هڪٻئي جو هٿ جهلي جتي هيون اتي سُڪ ٿي بيهي رهيون. جڏهن انهن سموري دڪان مان ڦرلٽ ڪري ورتي ته نعرا هڻندا پريان هڪ گهٽيءَ ۾ غائب ٿي ويا. سندن چهرن تي آيل وحشت کي هنن ٻنهي پسي ورتو هو. اڇين ڪارين ڏاڙهين وارا ڪنهن طوفان جيان آيا ۽ گم ٿي ويا. زخمي ٿيل دڪاندار سورن جي سٽن سبب دانهون ڪري رهيو هو پر ڪير به هن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، ڇو ته هر ڪنهن کي پنهنجي سِرِ جي اچي لڳي هئي.

جڏهن اهي سندن نظرن کان اوجهل ٿيا ته هنن جي پيرن به حرڪت ڪئي ۽ ٻئي وري فٽ پاٿ تان سُرڻ لڳيون.

”جيڪڏهن تو وٽ انٽرنيٽ جو پيڪيج آهي ته ڏس ڇا ٿيو آهي، خبر ته پئي هي وحشي آخر ڪنهن جي ڪاوڙ سڄي شهر مان ڪڍي رهيا آهن.“ هن پنهنجي دوست کي چيو.

هنن کي پريان دڪان واري قطار ۾ هڪ اهڙي جاءِ نظر آئي، جتي ٻئي بيهي ڪجهه دير لاءِ نيٽ هلائي سگهيون پئي، اهي اوڏانهن ويون. هنن موبائيل فون تي انٽرنيٽ کوليو، جتي فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر توهين مذهب ۾ ڪجهه سال اڳ گرفتار ٿيل آسيه بي بيءَ جي آزادي واري فيصلي سان ڀريا پيا هئا. عدالت کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. هي سڀڪجهه ان فيصلي جو ئي ردعمل هو.

”پوءِ هاڻي ڇا ڪريون؟“ سندس دوست پريشاني ۾ پڇيو.

”ڏس هاڻي جلدي سان رڪشا ڪرائي هلون ٿا، ڪيئن به ڪري گهر پهچون ته چڱو آهي.“ هن صلاح ڏني.

”ها تون صحيح ٿي چوين، هتان نڪرڻ کپي. پر هاڻي ته نه رڪشا وارو آهي هتي ۽ نه ئي ڪا ٻي گاڏي.“

هنن روڊ جي ٻنهي پاسي نهاريو، پري پري تائين روڊ خالي هو، هر پاسي ويراني بَکي رهي هئي. هنن فيصلو ڪيو ته هڪ ٻه گهٽيون پار ڪري اهي ان کان اڳيان نڪرندڙ مين روڊ تي وينديون، جتان کين ڪو رڪشا ملي سگهي ٿو.

اهي دڪانن جي قطار جي پوئين پاسي کان ويندڙ گهٽين مان نڪرڻ لڳيون. خوف، مايوسي ۽ غير محفوظ هجڻ جو احساس ٻنهي جي وجودن تي طاري هو. اهي گهٽيون ٽپي روڊ واري پاسي اچي ڪناري تي بيهي رهيون، جتي ٿوري گهڻي ٽريفڪ هلي رهي هئي، پر ڄڻ ته نه هئڻ برابر هئي. ڪنهن ڪنهن مهل نعرن جو آواز هنن جي ڪنن تائين پهچي رهيو هو. ايتري ۾ هڪ رڪشا پريان کان روڊ تي ظاهر ٿيو. هنن رڪشا واري کي هٿ ڏئي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ڪا سواري ويٺل هئي ۽ اهو زوڪاٽ ڪندو، هن کان پريان نڪري ويو. ان کان پوءِ روڊ تي گاڏين جي اچ وڃ به بيهي رهي.

”ٻڌ گهر فون ڪري ٻڌائي ڇڏيون، گهر وارا به پريشان هوندا.“ سندس دوست صلاح ڏنس.

”ها صحيح تي چوين، هتي الائي ڪيترو وقت لڳي وڃي.“ هن فون ڪڍي گهر جو نمبر ڊائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته فون مان سگنل ئي گم لڳا پيا هئا.

”منهنجي فون جا سگنل ئي نه پيا اچن، تون پنهنجي فون ۾ڏس ڀلا.“

سندس دوست فون ڪڍي ڏٺو ته ان ۾ به سنگل نه اچي رهيا هئا. ”ڪهڙي مصيبت آهي، هاڻي ته فون ئي ڪم نٿا ڪن. هاڻي ڇا ڪجي.“

”ڏس پنهنجو گهر ايترو پري ناهي، جيڪڏهن پاڻ هتان پنڌ به هلون ٿا ته ويهه کان پنجويهه منٽن ۾ پهچي وينداسين پر ان لاءِ ضروري آهي ته اسين اهڙين گهٽين مان هلون جيڪي وڌيڪ محفوظ هجن.“

سندس دوست ڪنڌ هاڪار ۾ لوڏيو. ٻئي ان روڊ تان نڪري گهٽين مان ٿينديون هڪٻئي علائقي ۾ پهچي ويون، جتي اڃا به حالت خراب لڳي پئي هئي. ماڻهن جو هڪ وڏو انبوهه هو، ان ميڙ ۾ موجود ماڻهن جي هٿن ۾ پٿر، خنجر، لٺيون ۽ سائيڪل جون چئنون هيون ۽ هڪ ڏاڙهي وارو پٽڪو ٻڌل همراهه  ڄڻ ته صديون پراڻي تلوار هٿ ۾ جهليو بيٺو هو، هن جي صدين کان ستل غيرت اڄ جاڳي پئي هئي. ڪٽ چڙهيل ان تلوار کي هو هوا ۾ هر نعري تي لوڏي رهيو هو. اُهي ان ميڙ کان ڪجهه پرڀريون هيون.

ان ئي ميڙ ۾ هڪ اڇي ڏاڙهيءَ سان پٽڪو پاتل ماڻهو هڪ ڪرسيءَ تي چڙهي مائيڪ تي تقرير ڪري رهيو هو.

”ان گستاخ..... ڀيڻ جي.... کي اسان جي حوالي ڪريو ته خبر پويس ته اسان جي مذهب جي توهين ڪرڻ جي سزا ڪهڙي هوندي آهي، ان جي ..... ۾ جڏهن ڪاٺي ويندي ته خبر پئجي ويندي ته اسان جي دل آزاريءَ ڪرڻ تي ڪهڙي سزا ڏني ويندي آهي. ڇا اوهين سڀ ان آسيه گستاخ کي جيئرو ڇڏي ڏيندا؟“ هن ميڙ کان سوال ڪيو.

سڄي ميڙ هڪ آواز ٿي چيو ”نه ڪڏهن به نه“ ۽ وڏي واڪي نعرا لڳڻ شروع ٿي ويا.

”اها مائي جتي به اوهان کي نظر اچي ته نه ڇڏجوس، اسان جي قوم جا ماڻهو ننڌڻڪا نه آهن، اسين سڄي دنيا ۾ انهن جي سنڀال ڪنداسين، ان گستاخ کي جيستائين ڦاهي نه چاڙهيو ويندو، تيستائين ڪنهن کي به سُک سان ويهڻ نه ڏينداسين.“ وري ميڙ وڏي واڪي نعرا هڻڻ لڳو.

ان ئي وقت روڊ تان ڪارن شيشن واري هڪ وڏي ڪار گذرڻ لڳي. ان ميڙ مان ڪيترائي ماڻهو ان ڪار ڏانهن وڌيا، جن لٺين ۽ پٿرن جو وسڪارو لائي ڏنو. ڪار وارو ڪار ريورس ڪندو پاڻ کي بچائڻ لاءِ وٺي ڀڳو. ڪار ۾ ويٺل عورت جي هنج ۾ معصوم ٻارڙي هراسجي وئي. هڪ همراهه ڪار جي پوئين در جي شيشي تي هاڪيون وسايون. جتان هڪ شيشي جو ٽڪرو ٻارڙيءَ جي ساڄي اک ۾ گهڙي ويو ۽ سندس اک روتو رت ٿي وئي.

هنن ٻنهي پاڻ کي ڀت سان چهٽائي ڇڏيو، جيڪڏهن ڀت ۾ جاءِ ملي ها ته اهي ٻئي ان ۾ گهڙي وڃن ها.

”هاڻي ڇا ڪريون، هي ته ڪنهن کي به گذرڻ نٿا ڏين ۽ نه هتان چُرن ٿا.“ سندس دوست پريشانيءَ واري حالت ۾ چيو

هن جي نڙيءَ سڪي وئي هئي، جيئن ٻئي يونيورسٽيءَ مان نڪتيون هيون، پاڻي ڍڪ نه پيتو هو. هن هڪ وڏي ڳيت ڏني ۽ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان اڳ ۾ پنهنجي دوست جو هٿ جهلي دل تي رکيو.

”منهنجي دل جو ڌڙڪو محسوس ڪر، ڪيڏي نه زور سان ڌڙڪي رهي آهي.“ سندس دوست ڪجهه لمحن لاءِ هن جي دل جو ڌڙڪو ٻڌندي رهي.

”اڙي منهنجي حالت به ڪجهه اهڙي ئي آهي.“ سندس دوست هن جي ڇاتيءَ تان هٿ هٽائيندي چيو.

هنن ڏٺو ته ڇڙواڳ جانورن جهڙي ميڙ ۾ اڃا به ماڻهو وڌي رهيا هئا. هوا ۾ ٽائر سڙڻ جي بوءِ اڃا به وڌي رهي هئي. خاموش شهر ۾ رڳو هر روڊ ۽ هر گهٽيءَ ۾ انهن ماڻهن جو آواز گونجي رهيو هو، جن کي هڪ اهڙي عورت جي ڳولا هئي، جيڪا ڪورٽ جي حڪم تي آزاد ٿي هئي. اهي سڀ انهن بگهڙن وانگر لڳي رهيا هئا، جيڪي ان عورت جي وجود کي ٻوٽي ٻوٽي ڪرڻ لاءِ تيار هئا، جنهن تي ڪو گناهه ثابت نه ٿيو هو، پر اها وحشت صدين جي وحشت هئي، جيڪا اڄ هن شهر تي نازل ٿي هئي. هنن وري پنهنجا موبائيل فون ڏٺا پر اڃا تائين سگنل نه آيا هئا. هنن ميڙ ٽڙ پکڙ ٿيڻ جو انتظار ڪيو. ان گهٽيءَ ۾ اهي ڳچ دير ويٺيون رهيون. کين لڳو ته ڪتي جيان ڀوڪندڙ ميڙ هاڻي ماٺ ٿي ويو آهي، آهستي آهستي اتان ماڻهو وڃڻ لڳا. هنن کي ڪجهه آٿت ملي. ڪجهه ئي دير ۾ ميڙ ان رستي تان هٽي ويو. هنن کي بس هڪ گهٽي پار ڪرڻي هئي، جنهن کان پوءِ گهر پهچڻ آسان هو.

ٻئي هڪٻئي جو هٿ جهلي پاڻ کي سنڀالينديون. روڊ پار ڪري هڪ ٻي گهٽيءَ ۾ پهچي ويون ۽ اتي وڃي ٻنهي هڪ وڏو شوڪارو ڀريو. سندن اکين جي چمڪ موٽي آئي ۽ چپن تي هلڪي مرڪ ظاهر ٿيڻ لڳي. ٻئي لمحي هنن جي ڀرپاسي وري گوڙ مچي ويو. اهي ساڳيا نعرا ۽ گاريون..... ان ئي مهل ڇهه ڄڻا ان ساڳي گهٽيءَ ۾ گهڙي آيا، جتي اهي بيٺيون هيون.

”اوهين هتي ڇا پيون ڪريو؟“ هڪ ڪاري ڏاڙهي واري سنهڙي نوجوان پڇيو، جنهن جي هٿ ۾ بيٽ هئي. ان کانسواءِ ٻين ماڻهن وٽ خنجر ۽ هاڪيون به هيون.

هنن کان ڄڻ ته ڇرڪ نڪري ويو، ٻئي هڪٻئي کي چنبڙي ويون ۽ پاڻ ۾ ئي گهڙي رهيون هيون.

”ڪ .... ڪ ..... ڪجهه به نه ..... ا... ا.... اسين پنهنجي گهر پيا وڃون.“ هن جي چپن کي ڏڪڻي وٺي وئي.

گهٽيءَ ۾ موجود ٻارهن اکيون هنن جي جسمن کي تڪڻ لڳيون، کين ائين لڳو ڄڻ اهي هنن جي اڳيان اگهاڙيون بيٺيون هجن. سندن اکيون ڪپڙن جي آر پار ڏسي رهيون هجن. اهي سڀ ڪجهه لمحن لاءِ هنن کي بُت بڻجي ڏسندا رهيا.

”ٺيڪ آهي، هاڻ هتي نه بيهو، وڃو هتان، نڪرو جلدي.“ ان ساڳي بيٽ جهليل همراهه چيو.

انهن نوجوانن پٺي ڏني ئي مس ته هن جي دوست کيس ٻانهن کان جهلي چيو ”هل آسيه ڏسين ڇا ٿي. جلدي ڪر، نڪر هتان.“

آسيه نالو اتي موجود سمورن ماڻهن جي ڪنن تي جيئن ئي پيو ته سڀئي وڌندڙن وکون بيهي رهيون،

هڪ همراهه رڙ ڪري چيو،”اڙي هي آهي اها آسيه گستاخ، جنهن جو ذڪر مولوي صاحب پنهنجي تقرير ۾ ڪري رهيو هو.“

هنن سڀني هڪ ئي وقت گڏجي پنهنجا ڪنڌ ورايا ۽ وري انهن ڏانهن وڌڻ لڳا.

هڪ ٺوڙهو گهاٽي ڏاڙهي وارو همراهه هنن جي سامهون اچي بيٺو. هن جي ناسن مان نڪرندڙ ساهه کي به اهي محسوس ڪري رهيون آهيون.

”تنهنجو نالو آسيه آهي؟“ هن سندس ڳل تي هٿ لائيندي پڇيو. ڳالهائڻ وقت سندس وات جي ڌپ هن جي نڪ ۾ گهڙي وئي.

” ها.... “ هن جي نڙيءَ مان اهو لفظ ڄڻ ته ميلن جو پنڌ ڪري نڪتو هو.

هن هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو، سندس ٻاهر نڪتل دوڏا اڃا به وڌيڪ وحشي ٿي ويا. ٽولي جي چهرن تي سرهائي نظر اچڻ لڳي.

”جنهن گستاخ کي سڄو ملڪ ڳولي رهيو آهي، اها ته اسان جي اکين جي آڏو آهي، اسين هروڀرو پريشان ٿي رهيا هئاسين. ياد آهي، مولوي صاحب ڇا چيو هو ته جتي به آسيه ملي ان سان ڇا ڪرڻو آهي؟“ هن پنهنجي ٽولي کان سوال ڪيو.

سموري ٽولي هڪٻئي ڏانهن اهڙين نظرن سان نهاريو، ڄڻ ته هن سوال نه پر فيصلو ٻڌايو هجي.

”پر آئون اها آسيه نه آهيان.... توهان....توهان کي ڀُل ٿي آهي.“ هن ڊڄندي ڊڄندي جواب ڏنو.

”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، تون اها ئي آسيه آهين، الائي ڪٿي لڪي ويٺي هئينءَ ۽ هاڻي آزاد ٿي آئي آهين ته ائين آرام سان گهر وڃي رهي آهين.“

هن سندس ڇاتين ۾ هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪي هن جهلي ورتا ۽ سندس دوست به مزاحمت ڪرڻ لڳي. ڏسندي ڏسندي اهو ٽولو ڪتن وانگر ٻنهي ڇوڪرين تي چڙهي ويو، ڪپڙا ڪلهن کان ۽ ڇاتين کان ليڙون ليڙون ٿي ويا. هنن ٻنهي جون اُڀ ڏاريندڙ رڙيون وحشي ٽولي جي نعرن جي پڙاڏي ۾ دٻجي ويون ۽ ٽولي جو هر ماڻهو واري واري سان ٻنهي جوان وجودن کي پٽيندو رهيو.

سندن رانبوٽن ۽ ڏندن سان زخمي ٿيل ٻئي بي سُت وجود ڪپڙن کان آجا گهٽيءَ ۾ بيوس حالت ۾ پيا هئا. ان ئي لمحي ٽولي جي ڪجهه همراهن آسيه کي اٿاري بيهاريو ۽ هڪ تِکي ڌار وارو خنجر هن جي پيٽ ۾ لهي ويو. هن جي واتان هڪ رڙ نڪتي، هن ٻيو وار اڃا به زورائتو ڪيو، هن ڀيري هن کان رڙ به نه نڪري سگهي. هنن سندس جسم مان هٿ ڍرا ڪيا، رت ۾ ٻڏل خنجر ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ سندس جسم ڀرندڙ بُرج جيان ڊهي پيو. هن آخري سُڏڪو ڀريو ۽ سندس جسم ٺري ويو.

واندو ٿيڻ کان پوءِ هنن پنهنجا هٿيار سنڀاليا، سلوارون پاتيون ۽ مذهب لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندڙ نعرا هڻندا گهٽيءَ مان گم ٿي ويا.

 


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment