شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

مھا جادوگر جي وارن واري دل


شام 04 لڳي 20 منٽ -اربع 02 آڪٽوبر 2019  71 
image-1

ڪنھن زماني ۾ ھڪ خوبصورت، امير ۽ وڏين صلاحيتن وارو جوان مھا جادوگر رھندو ھو، جيڪو سندس مشاھدي مان ان نتجي تي پھتو ھو تھ عشق ۾ ڦاسڻ کانپوءِ سندس دوست بيوقوف، ڇسا ۽ مان مرتبو وڃائي ويھي رھندا آھن. ان ڪري جوان مھاجادوگر فيصلو ڪري ڇڏيو تھ ھو ڪڏھن بھ اھڙي ڪمزور جذبي جو شڪار نھ ٿيندو ۽ پنھنجي ارادي کي پڪو ڪرڻ لاءِ ھن ڪاري جادوءَ جو استعمال ڪري سيني مان دل ڪڍي ڇڏي.

سندس اھڙي راز کان اڻواقف سندس گھروارا ھن جي اھڙي عجيب طبعيت تي کلندا ھئا ۽ اڳڪٿي ڪيائون تھ:

”جڏھن ڪا جوان سھڻي ڪنواري ڇوڪري ھن جي حواسن تي حاوي ٿي تھ ھن لاءِ سڀ ڪجھ بدلجي ويندو.“

پر جوان مھاجادوگر جا حواس ڪنھن جي بھ قابو ۾ نھ آيا، جيتوڻڪي ڪيترين ئي جوان ۽ سھڻين ڇوڪرين کيس سندن حُسن جي ڄار ۾ ڦاسائي ھن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪا بھ سندس دل تائين پھچڻ ۾ ڪامياب نھ وئي. مھا جادوگر پنھنجي ھن نئين ۽ نرالي طاقت تي پڏائڻ لڳو.

اڃا مھا جادوگر جي يارن دوستن تان نوجواني جي بھار مس گذري ھئي جو ھنن شاديون ڪري ڇڏيون ۽ ٻار بھ ڄڻي ڇڏيا. ”ھن روئيندڙ اولاد جون خواھشون پوريون ڪندي ڪندي سندن دليون سُڪل ڇوڏا ٿي ويون ھونديون .“ ھن يارن کي ٻارن پٺيان ڀڄندو ڏسي پاڻ کي من اندر ۾ چيو ۽ ھڪ ڀيرو وري پاڻ کي پنھنجي ڏاھپ تي شاباسي ڏيڻ لڳو.

ان دوران مھا جادوگر جا پوڙھا ماءُ پيءَ مري ويا، سندن پٽ کي انھن جو ٿورڙو بھ ڏک ڪونھ ٿيو، ان جي ابتڙ سندن موت تي ھو پاڻ کي خوشنصيب سمجھڻ لڳو. ھاڻي ھو سندن قعلي جو اڪيلو وارث بڻجي ويو، ھن پنھنجو سمورو خزانو ھڪ ڏوراھين تھخاني ۾ رکي ڇڏيو ۽ آرام ۽ سکن سان ڀريل زندگي گذارڻ لڳو.

جڏھن تھ ھن جي خوشي ۽ سک ئي سندس سڀني نوڪرن جو مقصد ٿي پيو. مھا جادوگر کي پوري پڪ ھئي تھ اھي ماڻھو جيڪي سندس ڏکن کان عاري اڪيلائي کان بيزار ھئا، ھن تھ ترس کائيندا آھن. ان ڪري ھڪ ڏينھن ھو ڪاوڙ ۾ آپي کان نڪري ويو جڏھن ٻن نوڪرن کي پنھنجي باري ۾ ڳالھائيندي ٻڌائين. پھرين نوڪر مالڪ تي ترس کائيندي اھو اظھار ڪيو تھ: اھڙي دولت ۽ طاقت جو ڪھڙو فائدو جو سڀڪجھ ھوندي بھ ڪو پيار ڪرڻ وارو نھ ھجي.

وري سندس ساٿي ان ڳالھ جو اظھار ڪيو تھ: آخر ڇو ايتري دولت ۽ اھڙو عاليشان قعلو ھوندي بھ ھو ڪنھن عورت جي دل ۾ گھر نھ ڪري سگھيو آھي.

سندن اھڙن لفظن مھا جادوگر جي ڀرم کي زبردست ڌڪ ھنيو. ھن ھڪدم فيصلو ڪري ورتو تھ ھو شادي ڪندو ۽ سندس زال سڀني کان اعليٰ ھوندي. ھوءَ ڏاڍي سھڻي ھوندي، جنھن کي ڏسي ھر مرد جي دل ۾ کيس حاصل ڪرڻ جي آس ٿيندي، ھوءَ جادوگرن جي نسل مان ھوندي جيئن سندن اولاد کي اعليٰ جادو واريون صلاحيتون ورثي ۾ ملي سگھن، ۽ ھوءَ گھٽ ۾ گھٽ ھن جيتري ئي امير ھوندي جيئن سندس آرام واري زندگيءَ تي ڪو فرق نھ پئي.

جيتوڻڪي اھڙي عورت کي ڳولھيندي مھا جادوگر کي پنجاھ سال لڳا ھوندا، پر جنھن ڏينھن ھن اھڙي عورت ڳولھڻ جو فيصلو ڪيو، انھيءَ ڏينھن سندس پاڙي ۾ ھڪ ڪنواري ڇوڪري مائٽن سان ملڻ آئي، جنھن ۾ اھي سڀ خوبيون ھيون. ھوءَ وڏين صلاحيتن واري جادوگرياڻي ھئي، جنھن وٽ وڏي انگ ۾ سون ھو، سندس سونھن اھڙي جو جيڪو بھ ھن کي ڏسي سندس ديوانو ٿي وڃي، سواءِ ان ھڪ جي، مھا جادوگر جي دل تي ھن جو ڪوبھ اثر نھ ٿيو. ھوءَ اھا ئي ھئي، جنھن کي ھن ڳولھيو ٿي ان ڪري ھن کي دعوتون ڏيڻ شروع ڪيائين.

مھا جادوگر جي شخصيت ۾ اھڙو بدلاءُ ڏسي سڀ ماڻھو ٻڏتر ۾ اچي ويا ۽ ڇوڪريءَ کي ٻڌائڻ لڳا: جتي سوين ڇوڪريون ناڪام ٿيون اُتي ھوءَ ئي آھي جيڪا ڪامياب ٿي آھي. اھا ڇوڪري پاڻ بھ مھا جادوگر جي ھن لاءِ اھڙي ڪشش تي حيرت ۾ اچي خفي ٿيڻ لڳي، کيس لڳو سندس اھڙي گرمجوشي پٺيان ضرور ڪو ڳجھ آھي ۽ ھوءَ سندس سموري زندگي ۾ اھڙي عجيب ۽ اڪيلائي پسند ماڻھو سان نھ ملي ھئي.

ٻئي پاسي ڇوڪريءَ جي مائٽن کيس ان ڳالھ تي راضي ڪيو تھ سندن جوڙي مثالي ھوندي ۽ ڳالھين کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ھنن مھا جادوگر جي ان ڪنواري ڇوڪريءَ جي مان ۾ ڏنل وڏي ميڙاکي جي دعوت قبول ڪري ورتي. کاڌي جي ميز کي سوني ۽ چانديءَ سان سينگاريو ويو، جڏھن تھ ان تي اعليٰ قسم جا طعام ۽ شراب رکيا ويا. موسيقارن ريشمي تارن واري سازن تي پيار جون اھي ڌنون وڄايون جيڪي سندن مالڪ اڳ ڪڏھن نھ ٻڌيون ھيون، اھا ڪنواري ڇوڪري مھا جادوگر جي پاسي کان تخت تي ويٺي، ھو ھن کي شاعرن کان چوري ڪيل لفظ جن جي اصل معنيٰ جي بھ کيس خبر نھ ھئي، نرم لھجي ۾ ٻڌائي رھيو ھو.

ڇوڪري کيس حيرت سان ٻڌندي رھي ۽ نيٺ چيائنس:

”اي مھا جادوگر! تون ڳالھين جو تھ مور آھين، پر مون کي خوشي تڏھن ٿيندي جڏھن مان تنھنجي دل ڏسنديس.“

اھو ٻڌي مھا جادوگر مرڪيو ۽ کيس ان حوالي سان ڪا بھ فڪر نھ ڪرڻ جو چئي کيس ميڙاکو ڇڏي پٺيان اچڻ جو چيائين ۽ ھن کي ان تھخاني ۾ وٺي آيو جتي سندس خزانو رکيل ھو. اُتي ھيري جي ھڪ طلسماتي پيٽيءَ ۾ مھا جادوگر جي ڌڙڪندڙ دل رکيل ھئي. سندس دل وڏي وقت کان اکين، ڪنن ۽ آڱرين کان پري رھي، نھ ڪنھن سونھن، نڪو وري ڪنھن سريلي آواز ھٿان شڪار ٿي ھئي. ڇوڪري ان جي ھڪ جھلڪ ڏسي ڊڄي وئي، اھا دل ڀوائتي ۽ وارن سان ڀريل ھئي.

”ھي تو ڇا ڪيو آھي؟“ ھن حيرانيءَ مان چيو: ”مان چوان ٿي ھن کي اصل جاءِ ڏانھن موٽائي.“ اھو ڏسندي تھ کيس خوش ڪرڻ لاءِ ائين ڪرڻ ضروري ھو، مھا جادوگر سندس جادو واري ڏنڊي (وانڊ) ڪڍي ھيرن سان ٺھيل پيٽي کولي ۽ سينو چاڪ ڪري ان وارن واري دل کي ان جاءِ تي رکيو جتي اھا ڪڏھن ڌڙڪي ھئي. ”ھاڻي تون چڱو چوکو ٿي وئين ۽ ھاڻي توکي حقيقي عشق جي خبر پوندي.“

ان ڇوڪري چئي کيس ڀاڪر پاتو، لسين اڇين ٻانھن جي ڇھاءُ، ڪنن تي پوندڙ ساھن جي آواز ۽ سنھري وارن مان ايندڙ مھڪ، انھن سڀني شين ان تازي جاڳيل دل کي ڀوري ڇڏيو، پر وڏي وقت جي جلاوطنيءَ جي ڪري اھا عجيب ٿي چڪي ھئي، اوندھ ۾ رھي رھي انڌي ۽ وحشي ٿي چڪي ھئي.

ميڙاکي ۾ آيل مھمانن سندن ميزبان ۽ ان سھڻي ڇوڪريءَ جي کوٽ محسوس ڪئي، پھريان تھ کين ڪو شڪ نھ ٿيو، پر جيئن جيئن وقت گذرڻ لڳو سندن بيقراري وڌڻ لڳي، نيٺ اھي قلعي ۾ ھنن کي ڳولھڻ لڳا. آخر کين تھخانو مليو ۽ اُتي ھڪ منحوس منظر سندن انتظار ۾ ھو.

ڪنواري ڇوڪري فرش تي مُئي پئي ھئي، سندس سينو ڪٽيل، سندس پاسي کان گوڏن تي ويٺل جنوني مھا جادوگر جنھن جي ھڪ رت ۾ ٻڏل ھٿ ۾ لسي، صاف سٿري ۽ چمڪندڙ دل ھئي، جنھن کي ھن چٽيو ٿي ۽ پاڻ کي وچن ٿي ڏنائين تھ ان کي پنھنجي دل جي جاءِ تي رکندو. سندس ٻئي ھٿ ۾ جادو واري ڏنڊي (وانڊ) ھئي، جنھن جي مدد سان ھو پنھنجو سينو چيري ان مان وارن واري دل ڪڍي، ھي دل رکڻ وارو ھو، پر وارن واري دل ھن کان وڌيڪ طاقتور ھئي، ان سندس چئيو نھ مڃيو ۽ نڪو وري سندس قابو ۾ آئي، وارن واري دل ان پيٽي جنھن ۾ اھا وڏو وقت بند رھي ھئي ڏانھن واپس وڃڻ کان بھ انڪار ڪري ڇڏيو.

ان کان اڳ جو سندس مھمانن جي نظرن سامھون ويتر ڀوائتا منظر اچن، مھا جادوگر سندس جادو واري ڏنڊي (وانڊ) ھڪ پاسي اڇلائي، چاندئي جو ڇرو کڻي ورتو ۽ اھو وچن ڪندي تھ ھو وري ڪڏھن بھ سندس دل کي پاڻ مٿان حڪم ھلائڻ نھ ڏيندو، ان کي ڇري سان سيني مان ڪڍي ڇڏيو. ھڪ پل لاءِ مھا جادوگر ڪنھن فاتح جيان ٻنھي ھٿن ۾ دليون پڪڙي گوڏن تي ويٺو رھيو، پوءِ ان ڇوڪريءَ جي جسم وٽ ڪريو ۽ مري ويو.

              مھا جادوگر جي وارن واري دل تي البس ڊمبلڊور جو تبصرو:


اسان اھو ڏسي آيا آھيون تھ ٻيجل جي پھرين ٻن آکاڻين کي سندن پيار، محبت ۽ برداشت ڪرڻ واري موضوعن جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پر اھڙي ڪا تنقيد مھا جادوگر جي وارن واري دل تي سوين سال گذرڻ کانپوءِ بھ ڏسڻ ۾ نھ آئي آھي.

ھي ڪھاڻي اصلي مخطوطن ۾ بھ جن کي اتفاق طور مون کي پڙھڻ جو موقعو مليو بلڪل ائين آھي جيئن مون کي منھنجي امان ٻڌائي ھئي. اھو چوڻ کانپوءِ ”مھا جادوگر جي وارن واري دل“ ٻيجل جي سڀني آکاڻين کان وڌيڪ ڀوائتي آکاڻي آھي ۽ ڪيترا ئي والدين سندن ٻارن کي ھي آکاڻي ايتري تائين نھ ٻڌائيندا آھن جيتري تائين کين اھا پڪ نھ ٿئي تھ سندن ٻار صحيح عمر کي رسي چڪا آھن ۽ اھي رات جو ننڊ ۾ نھ ڊڄندا. (1) پوءِ ڇو ھي ايتري ڀوائتي آکاڻي بچي وئي؟

ان لاءِ مان اھو دليل ڏسندس تھ ھي آکاڻي صدين کان ان ڪري بچندي آئي آھي جو اھا اسان سڀني جي اندر موجود گھرين اوناھين جي ڳالھ ڪري ٿي. اھا جادو جي سڀ کان نھ پسند ڪندڙ خواھش موت تي فتح ڪرڻ واري ھرس جي ڳالھ ڪري ٿي. ان ۾ ڪو شڪ نھ آھي تھ اھڙي خواھش ھڪڙي بيوقوف خيال (فينٽسي) کانسواءِ ڪجھ بھ نھ آھي. ڪو بھ زندھ مرد يا عورت، ڀلي جادوگر ھجي يا نھ ھجي، اھڙو نھ آھي جيڪو جسماني، ذھني يا جذبن (ايموشن) جي ڌڪن کان بڇيل ھجي.

سور جو احساس ايترو ئي انساني عمل آھي جيترو ساھ کڻڻ. ان ھوندي بھ اسان جادوگر اھو سوچيندا آھيون تھ اسان فطرت کي پنھنجي مرضي موجب موڙي سگھون ٿا. مثال طور ھن آکاڻي ۾ نوجوان مھا جادوگر (2) اھو فيصلو ڪري ويٺو تھ پيار سندس آرام ۽ تحفوظ تي اثرانداز ٿيندو، ھن پيار کي ماڻھو جي بي عزتي، ڪمزوري ۽ جذبن ۽ مادي وسيلن کان ڪنگلو ڪندڙ جذبو سمجھيو.

سچ تھ صدين کان ھلندڙ پيار وارن شربتن (لو پوشنس) جو ڪاروبار اھو ٿو ظاھر ڪري تھ اسان وارو ھي افسانوي جادوگر ان حوالي سان ڪو اڪيلو نھ آھي جيڪو تمام گھڻي پيار کي قابو ۾ رکي سگھي، ان سچي پيار واري شربت (لو پوشن) (3) جي ڳولھا اڄ ڏينھن تائين ھلندي پئي اچي ۽ وڏن حڪيمن کي ان ڳالھ تي شڪ آھي تھ ڪو اھڙو شربت ٺاھي سگھجي ٿو. پر ھن آکاڻي جو مک ڪردار پيار جي ڪنھن اھڙي خاڪي ۾ بھ دلچسپي نٿو ڏيکاري جنھن کي ھو پنھنجي مرضي سان ٺاھي يا ختم ڪري سگھي. ھو پيار جنھن کي ھڪ بيماري ٿو سمجھي، جي وچڻڻ کان پاسيرو رھڻ ٿو چاھي ۽ ان ڪري ھڪ اھڙو ڪارو جادو، جيڪو ھن ڪھاڻين جي ڪتاب کان ٻاھر ڪرڻ ناممڪن ھوندو، ٿو ڪري يعنيٰ پنھنجي دل ڪڍي ان کي ھڪ پيٽي ۾ بند ٿو ڪري. گھڻن ليکڪن ان عمل جي ڀيٽ ھارڪاس ٺاھڻ سان ڪئي آھي، جيتوڻڪي ٻيجل جو مک ڪردار موت کان ڀڄڻ جي ڪوشش نٿو ڪري، ھو انھن کي ڌار ٿو ڪري جيڪي ڌار ٿيڻ لاءِ نھ ٺاھيا آھن: روح بدران جسم ۽ دل، ۽ ائين ڪرڻ سان ھو اڊلبرٽ ويفلنگ جي جادو جي بنيادي اصولن مان پھرين اصول جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري.

”گھرن ڳجھن جھڙوڪر زندگيءَ ڏيڻ وارو وسيلو ۽ روح سان ھٿچراند ڪرڻ سان خطرناڪ نتيجن کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رھجي.“ ۽ ھڪ اعليٰ انسان ٿيڻ جي ٻاراڻي خواھش جي ڪري ھي جوان انسانيت مان نڪري وڃي ٿو، اھا دل جيڪا ھن بند ڪري رکي سخت ٿيڻ لڳي ٿي ۽ ان تي وار ڦٽڻ شروع ٿا ٿين، جيڪو ان جي حيوانيت ڏانھن اشارو ڪري ٿو. آخر ۾ ھو ھڪ خطرناڪ جانور ٿي پئي ٿو جيڪو زبردستي اھو حاصل ڪرڻ گھري ٿو جيڪو کيس وڻي ۽ ان جيڪا ھاڻي سندس وس کان ٻاھر ___ انساني دل کي حاصل ڪرڻ جي ھڪ ڪمزور ڪوشش ۾ مري وڃي ٿو.

اڄ ڏينھن تائين بھ ھي اصلاح ”وارن واري دل“ جادوگري جي زبان ۾ ڪنھن جادوگر يا جادوگرياڻي جي ناڪاري ڳالھ کي ظاھر ڪرڻ لاءِ ھلندي اچي. منھنجي ڪنواري پڦي ھونوريا سدائين اھو الزام ھڻندي ھئي تھ ھن خراب طريقي سان جادو ڪندڙ آفيس ۾ پنھنجي مڱڻي ان ڪري ختم ڪئي جو کيس وقت سر خبر پئجي وئي تھ سندس مڱيندي جي دل وارن واري آھي (ان لاءِ اھي افواھ بھ ھليا تھ ھن کيس ھارڪ لمپس (4) کي مھٽا ڏيڻ واري عمل دوران پڪڙي ورتو ھو، جنھن تي سندس دل ڏکي ھئي).

ويجھڙ ۾ دي ھئري ھارٽ: اي گائيڊ ٽو وزرڊز ھو وونٽ ڪمنٽ (5) نالي مددي ڪتاب بيسٽ سيلر فھرست ۾ مٿي مٿي آھي.


حاشا:

1_ بيٽرڪ بلازم جي پنھنجي ڊائري موجب سندس ماسي ھي آکاڻي سندس ماساتن کي ٻڌائي رھي ھئي، ھوءَ در کي ڪن ڏئي اھا آکاڻي ٻڌڻ لڳي ۽ وڏي اثر تائين ڪھاڻي جي ڊپ کان ٻاھر نھ نڪري سگھي. ”حادثاتي طور منھنجو ننڍڙو ڪن در وٽ ڪري پيو. مان رڳو اھو ٿي تصور ڪيو تھ خوف جي ڪري مان سُن ٿي چڪي آھيان، ڇو جو ھي ڪرڀ ڏياريندڙ آکاڻي مون سڄي ٻڌي. جيڪڏھن مون واري ماسڙ بوبي جيڪو مقامي ڪلب بائونسنگ بلبس ۾ ڪم ڪندو ھو جي ڇرڪائيندڙ معاملي کي ھڪ پاسي رکجي تھ ھن آکاڻي مان پھتل جھٽڪي ذري گھٽ مون کي مرڻيگ ڪري وڌو. ھڪ ھفتي تائين مان ھنڌ ۾ بيمار پئي رھيس، مان ايتري ذھني پريشان ٿي ويس جو ننڊ ۾ ھلڻ شروع ڪري ڏنم ۽ ھر رات جو ان در وٽ اچي بيھندي ھيس، نيٺ منھنجو پيارو پيءَ منھنجي خواھش تي منھنجي ڪمري جو در ھڪ منتر سان بند ڪري ويندو ھو. بيٽرڪس ڪڏھن بھ مھا جادوگر جي وارن واري دل کي ٻارن جي معصوم ڪنن لاءِ مناسب نھ سمجھيو ۽ ڪڏھن بھ ان کي ٻيھر لکي دي توڊ اسٽول ٽيلز ۾ شامل نھ ڪيو.

2_ ھي لفظ مھا جادوگر، ھڪ پوراڻو لفظ آھي، ھي ان قسم جي جادوگر لاءِ استعمال ڪبو آھي جنھن وٽ جادو جا سڀئي گُر ھجن، ھي انھن جادوگرن کي لقب طور بھ ڏنو ويندو ھو جن بھادري جا وڏا ڪارناما ڪيا، جيئن ڪڏھن ڪڏھن عام ماڻھن (مگلس) کي ڏکي وقت ۾ بھادري جو ڪو ڪم ڪرڻ تي نائيٽ ھوڊ ملندو آھي. ان آکاڻي ۾ نوجوان کي مھاجادوگر سڏي ٻيجل ان ڳالھ جو اشارو ڪري رھيو آھي تھ کيس اڳواٽ ئي ڪاري جادو تي عبور ھجڻ واري مڃتا ملي چڪي آھي. اڄ ڪلھ جادوگرن وٽ ھي لفظ ٻن حوالن سان ڪتب ايندو آھي، ھڪ اھڙو جادوگر جيڪو ڏسڻ ۾ روعبدار ھجي يا وري جنھن وٽ ڪا خاص خوبي يا صلاحيت ھجي. ان حوالي سان ڊمبلڊور وٽزيگاموٽ جي مھا جادوگرن جو سردار ھو. (جي ڪي آر)

3_ حڪمت جي حيرت انگيز دنيا جي باني ھيڪٽر ڊيگورٿ گرنجر جي سمجھاڻي آھي تھ: ھڪ سچو حڪيم ئي اھڙو طاقتور شربت ٺاھي سگھي ٿو ، پر اڄ تائين ڪنھن بھ اھڙو شربت نھ ٺاھيو آھي جنھن جو اثر ڪڏھن بھ ختم نھ ٿئي ۽ جنھن کي حقيقي پيار سڏجي.

4_ ھارڪ لمپس کُنڀيءَ جھڙي گلابي ۽ ڪنڊن واري مخلوق آھي، اھو تھ ڪير ھارڪ لمپس کي مھٽا ڏيندو، قبول ڪرڻ ڏکيو ھو، وڌيڪ ڄاڻ لاءِ فينٽيسٽڪ بيسٽس اينڊ ويئر ٽو فائينڊ ديم ڏسو.

5_ ھن ڪتاب کي ھئري اسپائوٽ، ھيومن ھارٽ سان نھ ڳنڍجي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment