شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

سرمدِ گيٿي


صبح 10 لڳي 40 منٽ -آچر 29 Sep 2019  87 
image-1

ناٽڪ

ڪردار:

سرمد (ٽيھ سالن جو انقلابي نوجوان، سنھڙو، سانورو، منھن تي ھلڪڙي ڏاڙھي، وار وکريل، اکيون ڳاڙھيون، وات ۽ ناسن مان رت وھيس ٿو، سندس انگ انگ ڦٽيل)

آفتاب (پنج ٽيھ سالن جو ھڪ فوجي افسر ويڪرو سينو، منھن تي تلوار جھڙيون مُڇيون، وارن کي پٺيان ۽ پاسن کان مشين لڳل، خاڪي وردي ۽ ڪارا بوٽ پھريل).

ڪجھ سپاھي

جلاد (ٿلھو متارو ڪارو ھمراھ)

موت جو فرشتو (ڪارو لباس، وڏا ڪارا پر)

زندگيءَ جو فرشتو (روشنيءَ جيان چمڪندڙ،وڏا اڇا پر)

ھجوم (مرد، عورتون ۽ ٻار، سڀ بد حال، سندن ڪنڌ شرمساري ۾ جھڪيل، منھن تي پڇتاءُ)

سين پھريون:

ھڪ اونداھي ننڍڙي ڪوٺڙيءَ جو در چيڪاٽ ڪري کلي ٿو، فوجي افسر آفتاب ان ۾ اندر اچي ٿو، ھن جي ھٿ ۾ ھڪ ڏنڊي آھي، سندس پٺيان ٻھ سپاھي بھ اندر اچن ٿا.

آفتاب (خاڪي پتلون تي ڏنڊي ھڻندي ڪڙڪ لھجي ۾): ھن کي اٿاريو...

سپاھي گوڏن ۾ منھن ڏئي ويٺل سرمد کي ٻانھن مان پڪڙي اٿارين ٿا. سرمد آفتاب جي اکين ۾ اکيون وجھي ڏسي مرڪي ٿو.

آفتاب (سرمد جي ڳيچي تي ڏنڊي رکي ھوريان پر چٽي آواز ۾): اڃا بھ وقت اٿئي، جيڪڏھن ھن عذاب مان بچڻ چاھين ٿو تھ اسان جي ڳالھ مڃ.

سرمد (منھن تي پرسڪون مرڪ، وڏا ساھ کڻندي چچريل لھجي ۾): آفيسر اھي ڪنڌ جيڪي اڀا ٿي پون سي ڪنھن بھ للڪار سان نھ جھڪندا آھن.

آفتاب (سندس اکين ۾ وحشت جو درياھ لھي ٿو اچي): تو کي ھن سڀ مان ڇا ملندو، اھي جن لاءِ تون وڙھي رھيو آھن تنھنجي مرڻ کانپوءِ توکي ياد بھ نھ ڪندا، ھي زندگي خوبصورت دوشيزا جيان آھي، جيڪا اسان جي لونڊي آھي.

سرمد (منھن تي ساڳي پرسڪون مرڪ): ۽ آفيسر موت منھنجي محبوب جيان آھي.

آفتاب (ڪاوڙ ۾ سپاھين کي): وٺي ھلو ھن کي.

پردو ڪري ٿو

سين ٻيو:

رڻ ۽ بيابان ۾ کليل ميدان آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل، ميدان ۾ ماڻھن جو ھجوم بيٺل، مرد، عورتون ۽ ٻار، شرمساري ۾ سندن ڪنڌ جھڪيل، سندن منھن تي پڇتاءُ. ميدان جي وچ ۾ ڦاھي ڳاٽ ٺھيل.

اھي خاقي ورديءَ وارن کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ھڪ ڦٽيل ھمراھ کي ڏڪا ڏيندا ٿا اچن.... ھجوم سس ڦس ڪري ٿو (بيڪ اسٽيج کان حليم باغيءَ جي نظم سرمدِ گيٿي جي پھرين سٽ جو آواز اچي ٿو، سرمد جيئن جيئن ھجوم جي ويجھو اچي ٿو ان سٽ جو آواز تيز ٿيندو وڃي ٿو).

سرمد جي جسم مان رت ۽ پگھر ويھي رھيو آھي. سرمد (ٿڙڪندڙ چپن سان حليم باغي جو نظم جھونگاري ٿو): سرمدِ گيٿي ۽ منصور جو ھم نشان،

جنھن جي نالي کان ڏڪندڙ منات و عزا،

هن سان راڪش زماني جا ڪيئي لڙيا،

هن چيو مون لاءِ ڪافي آ منهنجو خدا.

 ھڪ سپاھي سرمد کي زور سان پيٽ ۾ مُڪ وھائي ٿو ڪڍي، سرمد سور سھندي اکيون بند ٿو ڪري، ھجوم جي چپن مان ھڪ دٻيل آھ نڪري ٿي. سپاھي سرمد کي اڳيان ڌڪين ٿا.

سرمد (وڏا ساھ کڻندي):

هن زماني جي کوٽي روايت ڀڳي،

هن چيو ماڻهو ،ماڻهو آ،يزدان نه آ،

هڪ خدا جي اڳيان سر جهڪي سو جهڪي،

ٻيو پرستش جي لائق ڪو انسان نه آ.

وري سپاھي کيس زور سان لت وھائي ڪڍي ٿو، سرمد سخت بوٽ جو ڌڪ برداشت نٿو ڪري سگھي ۽ پٽ وڃي ڪري ٿو، سندس لڙون ٿيل ڪپڙا ڌوڙ سان ڀرجي وڃن ٿا، منھن ۾ بھ مٽي لڳي اٿس. سندس ساڄي ناس مان رت وھڻ لڳي ٿو. ان سڀ دوران ھجوم جو وات ڦاٽل ھوندو ۽ اھو حسرت مان سرمد کي ڏسندو رھندو.

سپاھي سرمد کي وارن مان پڪڙي وري اڀو ڪري بيھاري ٿو ۽ کيس ڌڪو ڏئي ھلڻ لاءِ چئي ٿو.

سرمد (وڏا ساھ کڻندي وڏي رڙ ڪندي):

هن جي ڏينهن ۾ سفيد پڳڙيون ٻڌل،

اهلِ منصب به هئا، اهلِ تقويٰ به هئا،

بُت پرستيءَ سان اٽڪڻ جي جرئت به هُئي،

اهلِ منصب به هئا، رِڻَ جا جوڌا به هُئا.

سرمد (ڏک ڀرئي انداز ۾) :

هڪڙو مردِ قلندر سفا نا توان،

جنهن جي دستار ڦاٽل ۽ ليڙون به هُئيِ،

هن جي ڪپڙن تي چتيون ۽ پيوند لڳل،

جان تعنن جي تيرن سان سيرون به هُئيِ،

هن جي للڪارَ سان لرزشيا بُت ڪده،

چند خانن جي چائنٺ به ڌڏڪڻ لڳي،

ڪن ته سجاد پوشن جا پَٽڪا ڏريا،

دِل فقيرن جي،پيِرن جي ڌڙڪڻ لڳي،

اي مسند نشينؤ گهڻو ئي ٿيو،

هاڻي درگاهون تڪيه به خالي ڪريو،

ٿو ملائڪ جو مسجوُد انسان اچي،

ان جي ڀيڄي ۾ گانجا نھ آفيم ڀرويو.

سرمد اکيون بند ٿو ڪري (اسٽيج تي سنڌ جي درگاھن تي ڌمالون ھڻندڙن جو ڏيک، ھڪ ڪنڊ ۾ ويٺل موالي سُلفيءَ مان سوٽا ڀري رھيو آھي). ھڪ منٽ کان پوءِ سرمد وري اکيون کولي ٿو (اسٽيج تان ڌمالن وارا ۽ موالي عائب ٿا ٿي وڃن).

سرمد (وڏي واکي): هڪڙو يثرب جي مِٽيءَ کي چُمندڙ ملنگ،

تخت تختا اُکيڙي ويو تابوُت جا،

"ڪُم ب اِزنيِ" چيائين زمانو لُڏيو،

جلوه هاڻي ڪِٿي ساڳيا جبوت جا.

سرمد اکيون بند ٿو ڪري (ھاڻي اسٽيج تي ووٽن جو تماشو ۽ سنڌ جي حقن جي ڦرلُٽ، اھو سڀ ھڪ منٽ اندر غائب ٿي وڃي ٿو)، سرمد جي اکين مان ڳوڙھا نڪري اچي ڳلن تي ڪرن ٿا.

سرمد وري اکيون کولي ٿو.

سرمد (سڏڪن ۾):

پوءِ رِڍن جو ڪَٽَڪ ڇا وريو،

پنهنجي واِڙن وٿاڻن تي ڌاڙا لڳا،

سنڌ تُنهنجي لُٽيل سينڌ لُٽبي رَهي،

هوُ ڪالھ جليو ٺٽو،اڄ ڪلاچي به وئي.

سرمد وري اکيون بند ڪري ٿو سڏڪا ۽ ڳوڙھا (اسٽيج تي ھڪ ڪاھ ڪري آيل فوجي لشڪر ھڪ شھر کي باھ ڏئي رھيو آھي، ان کانپوءِ اھي سياستدان اچي وڃن ٿا جيڪي ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جي ڳالھ ڪندا رھندا آھن، سندن ھٿن ۾ شراب جا گلاس ۽ منھن تي مڪاري وري مرڪ، اھو سڀ بھ ھڪ منٽ اندر غائب ٿي ويندو).

سرمد (اکيون کولي سڏڪن ۾):

هوُ تماچي جي تَڙ تان مُهاڻا تڙيا.

سرمد وري اکيون بند ڪري ٿو (اسٽيج تي مھا ٻوڏ ۾ سٽيل ۽ دربدر ٿيل ڌرتي ڌڻين جو ڏيک، اھو بھ ھڪ منٽ غائب ٿي ويندو).

سرمد (وري اکيون کولي سڏڪن ۾، ڳوڙھا سندس ڳلن تي ڪرندڙ):

پوءِ آميِ ۽ ڦاپي جي ميت اُٿيِ.

سرمد اکيون بند ڪري ٿو (اسٽيج تي نمرتا جو لاش، ڀوري ڀيل جي لاش جي تذليل، مندرن تي حملو، ھڪ منٽ اندر غائب ٿي وڃي ٿو).

اھي ڦاھي ڳاٽ جي ويجھو اچي رھيا آھن.

سرمد (سڏڪن ۾): پو۽ لَڪيءَ جي چَشمن ۾ لاؤ ٻريو،

هڪڙي چيتي جي چنگهار چؤ ڦير ٿي،

شينهن پوڙهي جون سن ۾ اکيون ڇا کُليون،

پوءِ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ نئين ڇير ٿي.

اھا سٽ ٻڌي آفتاب سرمد کي زور سان سٿر تي ڏنڊي وھائي ٿو ڪڍي، سرمد پٽ تي ڪري ٿو، ھجوم شرمساري ۾ ڪنڌ جھڪائي ڇڏي ٿو.

ھڪ سپاھي سرمد کي وارن مان پڪڙي اڀو ڪري کيس ھلڻ لاءِ ڌڪو ڏئي ٿو.

سرمد (وڏي واکي):

مقتلن جي ڀتين تي پڙهين ٿو ته پَڙهه،

شهيدن جي رت جي ٻي ڪهاڻي نه آ،

هڪ بلاول هو گهاڻي ۾ ڪٽجي ويو،

هڪڙو سيد آ جنهن جي پُڄاڻي نه آ.

اھا آخري سٽ ٻڌي آفتاب ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ٿو وڃي ۽ سرمد کي ڳياڙي واري زوردار ٿڦ وھائي ٿو ڪڍي.

سرمد (ڦاھي گاٽ ڏانھن وڌندي وڏي واکي): اي زمانه! اسانجو قبيلو ڪُٺئي،

خونِ عاشق ۾ ليڪن حرارت نه آَ،

پاڻ چاهيون ٿا پنهجي ڀلي ڀاڳ ۾،

پنهنجي حاجت پنهنجي حڪمراني هجي،

ڪنهن به فرعون جي ڇالاءِ پُڄا ڪجي،

هڪ خدا جي نِرڙ تي نِشاني هُجي.

لال تنهنجي لُٽيل سينڌ لُٽبي رهي،

سِر ڀتين سان هنيو ٿا سدائون ڪيون،

هاڻ جاڳو مِٺا سنڌ لُٽجي پَئي، هاڻ جاڳو مِٺا سنڌ لُٽجي پَئي۔

اھو ٻڌي ھجوم ندامت ۽ شرمسار ۾ ڪنڌ جھڪائي ٿو ڇڏي، پر ڪجھ ڪُڇي ڪونھ ٿو. اھي سرمد کي ڦاھي ڳاٽ وٽ آڻي چڪا آھن، ٻھ سپاھي کيس زنجيرن مان آزاد ڪن ٿا ۽ سندس ھٿ رسيءَ سان پٺيان ٻڌن ٿا.

سرمد کي ڦاھي جي تختي تي رسيءَ جي بلڪل ھيٺان بيھاريو ٿو وڃي. سرمد ھڪ نظر ھجوم تي ويجھي ٿو، سندس منھن تي پرسڪون مرڪ اچي وڃي ٿي. ھجوم جو ڪنڌ اڃا بھ شرمساري ۾ جھڪيل.

سرمد جي منھن کي ڪاري ڪپڙي سان ڍڪيو ٿو وڃي ۽ ڦاھيءَ وارو رسو سندس ڳيچي ۾ وڌو ٿو وڃي.

جلاد ڳنڍ کي مضبوط ٿو ڪري.

آفتاب پنھنجي ڪلائي ۾ ٻڌل گھڙي ۾ ڏسي ٿو ۽ ٻي پل ڏنڊي سان اشارو ڪري ٿو.

جلاد ھاڪري ۾ ڪنڌ لوڏي رسي ڇڪي ٿو ۽ سرمد جي پيرن ھيٺان تختو نڪري وڃي ٿو.

ڪاري آسمان ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي، پوءِ کنوڻ ڪڙڪي ٿي، ھوريان ھوريان آسمان مان پاڻي جا ڦڙا نڪرڻ لڳن ٿا ڄڻ، ھن ڦاھي تي ماتم ڪندو ھجي.

آسمان کولي پئي ٿو، ھر پاسي ڪارڻ پکڙجي وڃي ٿي موت جو ڪارن پرن وارو فرشتو ھيٺ لھي سرمد جو ھٿ پڪڙي کيس پاڻ سان وٺي وڃڻ لڳي ٿو.

(بيڪ گرائونڊ ۾ ھلڪڙي آواز ۾ سرمدِ گيٿي ۽ منصور جو ھم نشان ھلي ٿو).

موت جو فرشتو سرمد سان آسمان ۾ گم ٿي وڃي ٿو، اڃا بھ ھر پاسي ڪارڻ آھي.

پوءِ وري کنوڻ جو ڪڙڪاٽ ٿئي ٿو، ھڪ ڀيرو وري آسمان کولي پئي ٿو، ھن ڀيري روشني موت جي اوندھ کي ڳڙڪائيندي ٿي وڃي.

وڏن اڇن پرن وارو زندگيءَ جو فرشتو ميدان ڏانھن لھي رھيو آھي، سندس ھٿ ۾ ڪا ننڍڙي شيءَ آھي. زندگيءَ جو فرشتو ھجوم جي وچ ۾ ڌرتي تي لھي ٿو، ھجوم خوف ۾ ھڪ پاسي ٿي وڃي ٿو.

آفتاب ۽ سندس ساٿي حيرانيءَ ۾ ھي سمورو لقاءُ ڏسي رھيا آھن. زندگيءَ جو فرشتو سندس ھٿ ۾ جھليل ننڍڙي شيءَ زمين تي رکي وري آسمان ڏانھن اڏام ڀري ٿو.

آفتاب وارا ان تائين اچن ٿا، اھو اڇي چادر ۾ وھڙيل تازو ڄاول ٻار آھي.

سڀ ان ٻار کي حسرت مان ڏسي رھيا آھن.

بيڪ گرائونڊ مان ھڪ چٽو ۽ تيز آواز اچي ٿو:

تون ڪنھن کي مارڻ چاھين ٿو،

مان توکان مول نھ مرڻو آن

ھن ڌرتيءَ تي مان ورڻو آن، مان ورڻو آن...

روشنيءَ ھر شيءَ کي ڳڙڪائيندي وڃي ٿي. پردو ڪري ٿو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment