شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

ڊَائـــريءَ جَــــو ورق


صبح 01 لڳي 54 منٽ -خميس 05 Sep 2019  55 
image-1

پنهنجي محبوب جي نانءُ اي پرين جڏهن پنهنجي پيار جي ڪَٿا لِکڻ شروع ڪندو آهيان. ته قلم به اهو سوال ڪندو آهي، ته ڪير آهي اهو؟ ۽ ڪيڏو نه خوشنصيب آهي اهو شخص! جنهن جي پيارجي ڪَٿا تون لِکين ٿو! مُنهنجا مٺا تنهنجي اَکين جي ڪجَّل جو قسمُ، تنهنجي چَپَنِ جِي مُسڪراهٽ جو قسم! توکان پهريان مُنهنجي زندگي بي  رنگ، بي معنيٰ ۽ اُونداهي هئي. پر جڏهن کان تو مُنهنجي اُونداهِي زندگي ۾ پنهنجي پيارَ جي ميڻ بتي ٻاري، ته مُنهنجي بي رنگ، بي معنيٰ ۽ اُونداهي زندگي، تُنهنجي پيارَ جِي چَاهَتَ ۽ مُحبَّتَ جي ٻاريل ميڻُ بتيءَ سان روشَن ٿي وئي.

ائين محسوس ٿيو، ڄڻ صَدين کان سفر ڪندڙ ڪنهن مسافر کي پنهنجي منزل ملي وئي. ُمنهنجي دل جي آئيني ۾ صرف تنهنجو ئي عڪس ميٽجي ويو. توکان دُورصَحيح، پر تُنهنجا خَـط ۽ تُـنهنجون يادون مُنهنجي جِيوَّنَ جو سَهَارو بَڻجِي چُڪا آهن. او پرين هن ساڙولي دنيا جي ڳالهين تي نه لڳجان. مُحبَّتَ کي تماشو نه سمجهجان! ڇو جو تو ڪڏهن ڪنهن کلندڙ عاشق کي روئندي ڪونه ڏٺو آ؟

تو ڪنهن گلُاب جي گُل کي مُرجهائجندي نه ڏٺو آ؟ ڇو جو تو ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ مان ڪرندڙ پن کي پيرن جي هيٺيان چيڀاٽجندي نه ڏٺو آ؟ ها تو ڪنهن مُحبَّتَ جي مريض کي موت جي بستري تي ڦـٿـڪندي ڪو نه ڏٺو آ. ڪٿي ائين نه ٿئي جو تنهنجي مُحبَّتَ جي ميڻ بتيءَ سان روشن ٿيل منهنجي هيءَ خوبصورت دنيا، هڪ دفعو وري اُونداهي نه ٿي وڃي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment