شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

خوشگوار موت


شام 10 لڳي 29 منٽ -اربع 04 Sep 2019  73 
image-1

(ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ البرٽ ڪاميو جي ناول A Happy Death جو سنڌي ترجمو)

قسط: پھرين

تعارف:

ڇا موت جي خوشي ممڪن آھي؟

ھي سوال جڳ مشھور فرانسيسي ناول نگار البرٽ ڪاميو جي ناول خوشگوار موت (A Happy Death) جو مرڪزي نقطو آھي. ھن ناول جي ڪھاڻي موت جي فلسفي جي چوڦير ڦري ٿي. ھي ناول 1971 ۾ ڪاميو جي موت جي ڏھن سالن کانپوءِ ڇپيو ۽ 1972 ۾ ريچرڊ ھاورڊ (Richard Howard) ان جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو.

ھن ناول لاءِ اھا ڳالھ بھ مشھور ٿي تھ ھي ڪاميو جي مشھور ناول ”دي اسٽرنجر“ جو پھريون خاڪو آھي يا ھن ناول جي بنياد تي ئي ڪاميو اھو ناول لکيو. ھن ناول جو مرڪزي ڪردار مرسالٽ نالي ھمراھ آھي، جيڪو زندگيءَ کان بيزار آھي کيس خوشيءَ جي ڳولھا آھي. ھو سندس محبوبا مارٿا سان ھوندي بھ خوش نھ آھي. ھي مختصر ناول ٻن حصن نيچرل ڊيٿ (قدرتي موت) ۽ ڪانشس ڊيٿ (سوچيل سمجھيل موت) ۾ ورھايل آھي.

وجودي فلسفي البرٽ ڪاميو کي 1957 ۾ ادب جو نوبل انعام ڏنو ويو، سندس ناول دي فال، دي اسٽرنجر، دي مٿ آف سيسفس ۽ دي پليگ سموري دنيا ۾ مشھور ٿيا. ڪاميو فرانس جي ھڪ ٻئي وجودي فلسفي جين پال سارتر جو ويجھو دوست بھ ھو، پر سارتر جي ڪميونسٽ نظرئي جي ويجھڙائي جي ڪري ٻنھي ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا. 1960 ۾ ھڪ روڊ حادثي ۾ ڪاميو مري ويو.

حصو پھريون:

قدرتي موت (نيچرل ڊيٿ)


باب پھريون:

صبح جا ڏھ ٿيا ھئا، پيٽرس مرسالٽ پختيون وکون کڻندو زيرگيوس ولا ڏانھن ھلندو ٿي ويو، کيس خبر ھئي تھ ھي اھو وقت آھي جڏھن گھر جو نوڪر سودو سامان وٺڻ لاءِ بازار وڃي چڪو ھوندو ۽ زيرگيوس ولا خالي ھوندو.

اھا اپريل جي مھيني جي ھڪ خوشگوار صبح ھئي، ٿڌ ھوندي بھ سج سندس چمڪندڙ اُس سان آسمان ۾ پوري جوڀن سان بيٺل، پر اُس ۾ گرمي نھ ھئي، روڊ خالي ۽ سنسان، روڊ جي ٻئي پاسي زيرگيوس ولا ھو، پريان جبل تي صنوبر جي وڻن مان سج جي جرڪندڙ روشني ڇڻندي ڇڻندي ٿي آئي. پيٽرس مرسالٽ ھيڪلو ئي روڊ تي ھلندو ٿي ويو، سندس ھٿ ۾ ھڪ سوٽ ڪيس ھو، صبح جي ماٺار ۾ رڳو کيس سندس پيرن جي ڇاپ ئي ٻڌڻ ۾ ٿي آئي. ولا جي ويجھو وچ روڊ تي ھڪ خوبصورت چورنگي ھئي، جنھن جي چوڌاري وڻندڙ گلڪاري وارا تختا ھئا ۽ ويھڻ لاءِ ڪاٺ جون بئنچون لڳل. کليل آسمان ھيٺان رنگا رنگي گل اھڙو دل لڀائيندڙ ڏيک ڏئي رھيا ھئا جو مرسالٽ ڪنھن ٻار جيان ان ڏيک ۾ وڃائجي ويو ۽ ڪجھ پلن لاءِ اُتي بيھي رھيو. پر پوءِ ھڪدم ڪجھ ياد ڪري روڊ جي ٻئي پاسي کان لھڻ لڳو.

     ولا جي ويجھو پھچي گيٽ وٽ ڪجھ پلن لاءِ بيٺو ۽ ھٿن تي گلوز پاتائين. ھن دروازو کوليو، جيڪو لنگڙو زيرگيوس ڪڏھن بھ بند نھ ڪندو ھو، اندر اچي ھن احتحاط سان ان کي بند ڪيو، ھاڻي ھو وچ واري وڏي ھال کان ٿيندو ساڄي ھٿ تي در وٽ آيو. پيٽرس مرسالٽ ھوريان در کڙڪايو ۽ بنا جواب جو انتظار ڪئي اندر ھليو ويو. اندر زيرگيوس انھيءَ نموني باھ جي سگريءَ ويجھو ويٺل ھو، جيئن ٻھ ڏينھن اڳ مرسالٽ کيس ڇڏي ويو ھو، پيرن تي ڪمبل ۽ جھولي ۾ کليل ڪتاب رکيل. ھن نظرون کڻي مرسالٽ ڏانھن ڏٺو، پر ڪو بھ تاثر نھ ڏنائين، درين جا پڙدا سرڪيل ھئا، وڻن مان ڇڻجي ايندڙ سج جي روشني جلترنگي ٿي پيدا ڪئي.

     ڪمري ۾ عجيب ماٺ ڇانيل ھئي. مرسالٽ بنا ڪا چر پر ڪئي سندس جاءِ تي ئي بيٺو رھيو، پر کيس سندس دل تيزي سان ڌڙڪندي محسوس ٿي، زيرگيوس جون نظرون ھن تي پر ڪجھ بھ نھ ڳالھايائنس. ھاڻي مرسالٽ ڪمري جي ٻئي پاسي ويو ۽ ھڪ ميز تي سوٽ ڪيس رکيائين، ھن بھ زيرگيوس سان نھ ڳالھايو، کيس پنھنجيون ٽنگون ڏڪندي محسوس ٿيون، مرسالٽ سگريٽ دکايو، زيرگيوس جون نظرون ھن تي ئي ڄميل ھيون، ھن ڪتاب بند ڪري ڇڏيو.

مرسالٽ کي لڳو سندس ٽنگن ۾ جان نھ آھي ۽ ويجھي رکيل خانن واري ميز تي جھڪي ان جو سھارو وٺڻ جي ڪوشش ڪيائين. پوءِ ھن ميز جو خانو کوليو، ان ۾ ھڪ اڇي لفافي مٿان پستول رکيل ھو. ھن ساڄي ھٿ سان پستول ھيٺان رکيل لفافو کڻي ورتو ۽ کاٻي ھٿ سان پستول کنيائين. ڪجھ پلن کانپوءِ ھن پستول بغل ۾ لڪائي لفافو کوليو، ان مان اڇي ڪاغذ جو چورس ٽڪرو نڪتو جنھن تي ڪجھ سٺون لکيل ھيون، اھي زيرگيوس جا ھٿ اکر ھئا، ھن لکيو ھو: ”مان رڳو انھن ماڻھن جن ھن وقت تائين منھنجو خيال رکيو آھي، کي ڏيڻ لاءِ ڪجھ ڪري رھيو آھيان، ان کانپوءِ جيڪڏھن ڪجھ بچي وڃي تھ اھو انھن ماڻھن جي ڪم آڻجي جيڪي قيد ۾ آھن، پر مون کي لڳي ٿو مان ڪجھ وڌيڪ ئي آس ھڻي ويٺو آھيان.“

مرسالٽ اھي سٽون پڙھي بنا ڪو تاثر ڏيکاري ڪاغذ جو ٽڪرو مروڙي وري لفافي ۾ وجھي ڇڏيو، سندس چپن جي وچ جھليل سگريٽ جي رک ڇڻي اچي لفافي تي ڪري، لفافو لوڏي اھا پري ڪري مرسالٽ اھو ميز جي ظاھري حصي تي رکيو. ھن مڙي زيرگيوس ڏانھن ڏٺو، ھن جون نظرون اڃا بھ مرسالٽ تي ئي ھيون ۽ ھٿ ۾ ڪتاب ھوس. مرسالٽ جھڪي چاٻي ھڻي ميز جي ھيٺين خاني کي کوليو. ھن ھٿ ھڻي اخبار ۾ ويڙھيل نوٽن جو بنڊل ڪڍي ورتو، پستول ھڪ ھٿ ۾ ڪري نوٽن وارو بنڊل سوٽ ڪيس ۾ رکيائين. ان ۾ سو سو جي نوٽن جون ويھ بنديون ھيون، کيس لڳو ھو ٿورو وڏو سوٽ ڪيس کڻي آيو آھي، ھن نوٽن جي ھڪ بندي خاني ۾ واپس رکي ڇڏي ۽ سڪون سان خانو بند ڪري ڇڏيائين. اڌ پيتل سگريٽ وسائي، پستول ساڄي ھٿ ۾ ڪري لنگڙي زيرگيوس ڏانھن آيو.

ڪرسيءَ تي ويٺل زيرگيوس ڪنڌ کڻي دريءَ کان ٻاھر ڏسڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، روڊ تي ھاڻي ھاڻي ڪا گاڏي گذري ھئي. اپريل جي ان ماٺاري ۽ ڏکايل صبح ۾ ھن دريءَ کان ٻاھر ٿي ڏٺو جو کيس سندس لوندڙيءَ تي پستول جي نلي لڳڻ جو احساس ٿيو، ھن ڪنڌ نھ ڦيرايو. پر پيٽرس، جنھن جون نظرون زيرگيوس جي منھن تي ڄميل ھيون ڏٺو تھ ھن جون اکيون ڳوڙھن سان ڀريل آھن. ھاڻي پيٽرس پنھنجيون اکيون بند ڪري ھڪ وک پٺيان کنئين ۽ پستول جو ٽرگر دٻايو، ھو ڪجھ پلن تائين ڀت کي ٽيڪ ڏيو بيٺو رھيو، سندس اکيون اڃا بھ بند، کيس لڳو ڄڻ سندس جسم جو سمورو رت سندس ڪنن ۾ اچي ويو ھجي. ھن اکيون کوليون، زيرگيوس جو مٿو سندس ساڄي ڪلھي ڏانھن لڙڪيل ۽ ڌڙ ڪرسيءَ تي ھيٺ سرڪي ويو ھوس.

   ھاڻي ڪرسيءَ تي زندھ زيرگيوس بدران رت ۾ ٻڏل ھڪ بي جان جسم پيل ھو. مرسالٽ کي ڏڪڻي وٺي وئي، ھو ھمت ڪري ڪرسيءَ جي ٻئي پاسي آيو ۽ پستول زيرگيوس جي بي جان ساڄي ھٿ ۾ پڪڙايائين، پستول اچي ھن جي جھولي ۾ ڪريو. پيٽرس زيرگيوس جي منھن ۾ غور سان تڪيو. سندس منھن تي اھا ئي بردباري ۽ ڏک ھو جيڪو دريءَ کان ٻاھر ڏسڻ مھل ھوس. بلڪل انھيءَ وقت ٻاھرين گيٽ وٽ ڪنھن گاڏيءَ جي ھارن جو آواز آيو. روڊ تي گاڏيءَ جي ٽائرن جي رڳڙجڻ جي آواز اھو ثابت ڪيو تھ ٽپال واري گاڏي ھئي، جيڪا وڃي چڪي آھي. ھڪ پل جي انتظار کانپوءِ مرسالٽ سندس سوٽ ڪيس کڻي در جو ھٿيو گھمائي ڪمري کان ٻاھر آيو، ولا جي مک گيٽ کان نڪري تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو ھلڻ لڳو. ڪجھ ٻار، جيڪي چوڪ تي کيڏي رھيا ھئا کانسواءِ اوسي پاسي ڪير بھ نھ ھو. ھو چوڪ کان ٿيندو اڳيان وڌڻ لڳو، اوچتو کيس ٿڌ جو احساس ٿيو، سندس سنھڙي جيڪٽ کيس ٿڌي ھوا کان بچائي نھ سگھي، کيس وري نڇ آئي، کيس لڳو ڄڻ سندس نڇ جو آواز سموري واديءَ ٻڌو ھجي، ھن وڏو ساھ کنيو. ھلڪڙي مينھن ۾ ويجھن گھرن جو ڳاڙھيون ڇتون ڌوپجي ويتر ڳاڙھيون ٿي پيون ھيون، ھڪ فوڪر جھاز مٿان اڏامي ويو.

   مرسالٽ عجيب خيالن ۾ ٻڏل. کيس لڳو انسان کي رڳو خوش رھڻ گھرجي، پوءِ ڀلي ان کان ھن جو وجود لاتعلق ۽ بي حس ئي ڇو نھ ھجي، کيس وري زور سان نڇ آئي ۽ ڏڪڻي شروع ٿي ويس. ھاڻي ھو بنا ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺي تڪڙين وکن سان ھلڻ لڳو. کيس رڳو سندس وکن جو آواز ئي ٿي ٻڌڻ ۾ آيو. سوٽ ڪيس کي مضبوطيءَ سان پڪڙي ھو سندس ڪمري ۾ آيو، سوٽ ڪيس کي ھڪ ڪنڊ ۾ رکي ھو بيڊ تي اڌ مئو ٿي ڪريو ۽ منجھند تائين ننڊ ۾ ٻڏل رھيو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment