شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 13 - جولاءِ - 2020ع

اجتماعي لڄالٽ


صبح 02 لڳي 31 منٽ -آچر 10 مارچ 2019  169 
image-1

**اجتماعي لڄالٽ **ڊنر ڪري، وسڪيءَ جي بوتل کڻي، شهر مشهور جي چڪلي تان هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي ساڻ ڪري رحمت جي روم تي ويا.. چئني ڄڻن سڄي رات نشي ۾ ڌُت ٿِي ڇوڪريءَ جي جسم تان ماس روڙي لاٿو.. صبح جو هرڪو پنهنجي آفيس هليو ويو..رحمت فيسبڪ کوليو، اسڪرول ڊائون ڪندي هڪ لاچار ۽ بيوس ڇوڪريءَ جي تصوير سندس نظر وٽان گذري، جنهن جو ڪالھ رات چئن ڄڻن ماس پٽيو هو.. رحمت تصوير شيئر ڪندي ڪيپش لکيو ”آخر ڪيستائين سنڌي نياڻين سان هِي ظلم ٿيندو رهندو؟ حڪومت خاموش ڇو آهي؟“۽ سندس ٻين ساٿين So Sad ۽ ”لعنت اهڙن درندن تي“ لکي تصوير شيئر ڪئي..

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment