شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 15 - ڊسمبر - 2019ع

ڪمپلين


شام 07 لڳي 21 منٽ -جمعو 02 آگسٽ 2019  251 
image-1


نوشين جي حراسمينٽ واري شڪايت لکرائڻ کانپوءِ اها ڳالهه آفيس ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي هئي، هر ڪنهن جي وات ۾ اها ڳالهه هئي ته ان کان اڳ ڪنهن کي خبر ئي نه هئي ته ڪا نوشين به هتي ڪم ڪندي آهي پر هي ٽيون ڏينهن هو جو هڪ ته هر ڪو ان جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هو، ٻيو ته هر ڪنهن کي تجسس هو کيس ڏسڻ جو. نوشين کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته هر ماڻهو هن کي ڇو ڊسڪس ڪري پيو، جڏهن ته اهو چيو ويندو آهي ته هر ماڻهو جي شڪايت کي رازداري ۾ رکيو ويندو آهي ۽ اها ڪهڙي رازداري هئي جو هر عام ۽ خاص ان ئي معاملي تي ڳالهائي رهيو هو. اهو سوچيندي سوچيندي نوشين کي صبح کان شام ٿي وئي هئي. موڪل مهل جڏهن هوءَ گھر وڃڻ لاءِ نڪرڻ لڳي ته اتي ڪجهه اسٽاف جا ماڻهو هن جي باري ۾ ئي ڳالهائي رهيا هئا، پنهنجو نالو ٻڌي هوءَ اتي ئي بيهي رهي. اتي موجود ٽي اسٽاف وارا ماڻهو هن جي حوالي سان ئي  ڳالهائي رهيا هئا

”يار اها نوشين ڪهڙي آهي مون ته ڏٺي به ناهي “ اتي موجود هڪ ڪليگ ٻئي کان پڇيو.

”يار اها ڇوڪري جيڪا هر شيءِ ميچنگ سان پائي ايندي آهي “

ڀلا ايڏي سهڻي آهي ڇا؟“

”سهڻي وري ڪٿي سڄو ميڪ اپ جو ڪمال آهي“ هڪ ڄڻي ڪجهه ناگواري واري اندازمان ڳالهايو.

”پر لڳي ٿو ڇوڪري بهادر آهي ڇو جو اهو پهريون ڀيرو آهي جو ڪنهن ايڇ آر جي مينئجر جي خلاف حراسمينٽ جي شڪايت ڪئي آهي“

”مون کي ته لڳي ٿو اهو سڀ ڇوڪري ان ڪري ڪيو آهي ته جيئن سينٽر ۾ اٽينشن حاصل ڪري سگهي، گھڻين ڇوڪرين سان اهو مسئلو هوندو آهي، جيڪي چاهينديون آهن ته آس پاس جا رهندڙ سڀ انهن جي باري ۾ ڳالهائين انهن کي اٽينشن ڏين.“ ٻئي ڪليگ پهرين واري جي ڳالهه سان سهمت نه ٿيندي پنهنجي راءِ ڏني.

”جيڪڏهن اهڙي ڳالهه آهي، ته شايد ان ڇوڪريءَ کي خبر ناهي ته ايڇ آر مينئجر جي پهچ ڪيتري آهي، ايستائين جو ڪاميٽي ۾ موجود سڀ ميمبر ان مينئجر جا دوست آهن، اها ڪاميٽي ان ڇوڪريءَ کي ڪافي ٽف ٽائيم ڏيڻ واري آهي.“

”پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر لڳي ٿو اها ڇوڪري پنهنجي نوڪري به وڃائيندي“

”صرف نوڪري ئي نه پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ نوڪري ٿيڻي هونديس ته اهي هتان جي مينئجر کان ريفرينس وٺندا ۽ هي اهڙو ريفرنس ڏيندس جو ڪٿي نوڪري ئي ڪانه ٿينديس“

”اٽينشن حاصل ٿيس ته ٿيس، پر هي پنهنجي لاءِ مصيبتون پئي پيدا ڪري “

”منهنجي خيال ۾ ان لاءِ بهتر ٿيندو ته ڪمپلين ئي واپس وٺي.“ هڪڙي ڄڻ حتمي فيصلو ڏنو.

آفيس جي اڱڻ طرف کلندڙ در جي اوٽ ۾ نوشين بيٺي انهن جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي ته ماهين ان کي اتي بيٺل ڏسي ان ڏانهن هلي آئي ۽ ايندي ئي چيائين ”ڇا پئي ڪرين هتي؟“

”ڪجهه به نه بس گھر لاءِ پئي نڪتيس“

”پريشان آهين“ نوشين جو منهن لٿل ڏسي ماهين هن کان سوال ڪيو.

 ”پريشان ناهيان بس ڪجهه سوچيان پئي ۽ فيصلو ڪرڻ مشڪل پيو لڳي“

”فيصلو؟ ڇا جي حوالي سان؟“ ماهين ٻيهر سوال ڪيو.

”مون کي لڳي ٿو ته مون کي شڪايت واپس وٺڻ گهرجي“ نوشين ڄڻ فيصلو ڪندي چيو.

”تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آهي جو شڪايت واپس پئي وٺين اڄ تائين مينئجر گهڻن کي تنگ ڪيو آهي، هاڻي مينئجر کي به خبر پئي ته غلط ڪم ڪرڻ جي سزا ڇا ٿيندي آهي“ ماهين سمجهائيندي چيو.

”ٻيون به ته ايتريون ڇوڪريون آهن ڪمپني ۾ اهي اگر شڪايت نه ٿيون ڪن انهن سان به ته اهي مسئلا ٿيا هوندا، جڏهن اهي سڀ چپ آهن ته منهنجي لاءِ به اهو بهتر ٿيندو ته چپ رهان ۽ مون کي خبر آهي ته منهنجي شڪايت ڪرڻ سان ڪجهه خاص ٿيندو به ڪونه، رهندو منهنجي لاءِ مسئلا وڌندا ۽ نوڪري به ويندي ۽ اها هڪ سماجي برائي آهي جنهن کي ڪير به ختم ڪري نه ٿو سگهي.“

 ”اها هڪ سماجي برائي نه پر هڪ ڏوهه آهي جنهن جي سزا به آهي. هاڻي ته انهي ته قانون به پاس ٿي ويو آهي پوءِ ڊ ڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.“

”ڀلي قانون موجود هجي پر شڪايت ڪرڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي آهي ته ڪجهه به ٿي وڃي، آخر ۾ ڏوهاري عورت کي ئي قرار ڏنو ويندو آهي.“ ٽن ڏينهن کان مسلسل ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ هن  پنهنجي راءِ ڏيندي چيو.

”عجيب ڳالهه آهي ڪالهه تائين ته تو ائين ڪونه پئي چيو ۽ ٻيو ته سڀ چپ رهندا ته اهي مسئلا حل ڪيئن ٿيندا ۽ جيڪڏهن اهو مسئلو حل ڪرڻو  آهي ته آخر ڪنهن نه ڪنهن کي پهريون قدم ته کڻڻو پوندو۽ ڪنهن هڪ جي ڪري ٻين لاءِ به رستو نڪري ايندو.“

”پر اهو مشڪل آهي منهنجي لاءِ“ نوشين پنهنجي بيوسي ڏيکاريندين چيو.

”اهو تنهنجي لاءِ نه پر حق لاءِ آواز اٿاريندڙ هر ماڻهو جي لاءِ مشڪل هوندو آهي.“

”پر پوءِ به خبر ناهي ڇو مون کي هي سڀ عجيب پيو لڳي سڀني ماڻهن جو رويو ئي بدلجي ويو آهي ڪجهه ماڻهو ته مون کي ائين ڏسندا آهن ڄڻ مون ڪو گناه ڪيو هجي.“

”توکي ڪنهن چيو آهي ته هر ماڻهو جي باري ۾ سوچ، تون صرف پنهنجي ڪم سان ڪم رک باقي هاڻي جو ڪرڻو آهي ڪاميٽي پاڻ ڪندي ۽ جڏهن ثبوت طور توکي ڏيکارڻ لاءِ چون ته اهي ايس ايم ايس  ڏيکارجانءِ تنهنجو ته ڪيس به مضبوط آهي.“

”مون کي ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته مون شڪايت ڪري بهتر ڪيو آهي يا پنهنجو پاڻ کي اڃان ٻيڻي مشڪل ۾ وجهي ڇڏيو آهي. مون کي ته لڳي ٿو ته هٿ کڻڻ وڌيڪ بهتر رهندو.“

”گھڻي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي مان توسان گڏ آهيان، ڪافي دير ٿي وئي آهي، هاڻي گھر هلڻ گهرجي، گھر رليڪس ٿي ان مسئلي تي آرام سان سوچجانءِ ۽ پوءِ وري ان مسئلي تي وڌيڪ فون تي ڊسڪس ڪريون ٿا.“ ماهين سمجهائيندي چيس.

 نوشين ٿڪل ٿڪل گهر پڳي ۽ ماءُ جي ڀرسان اچي ويهي رهي، سندس ماءُ ۽ ڀاڄائي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ۾لڳيون پيون هيون، نوشين کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هو پاڻ ۾ ڇا تي ڳالهائي رهيون هيون. نوشين کي ائين گم سم ڏسي ماءُ نوشين کان سوال ڪندي پڇيو: ”ڇا ٿيو آهي نوشين ايتري پريشان ڇو آهين ۽ ڇا پئي سوچين.“

”امان مان سوچيان پئي ته جاب ڪرڻ ڇڏي ڏيان، جاب ڪرڻ مون کي ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي.“ نوشين چيو

”تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي ، تو کي خبر آهي هن وقت تنهنجي ڀاءُ جي جاب به ڪونهي، هن وقت گھر جو خرچ تنهنجي پگهار تي پيو هلي.“ نوشين جي چيل ڳالهه جو جواب ان جي ماءُ ڏئي ان جي ڀاڄائي جواب ڏيندي چيو.

”پر ڀاڄائي آفيس ۾ عجيب ماحول ٿي ويو آهي، ماڻهو منهنجي لاءِ عجيب عجيب ڳالهيون پيا ڪن.“ نوشين اصل ڳالهه ڪندي چيو

”ته ڪنهن چيو هو توکي ته مينيجر جي لاءِ شڪايت ڪر؟“ نوشين جي ڀاڄائي کيس غلط قرار ڏيندي چيو.

”ڀاڄائي هو عجيب قسم جو ماڻهو آهي هر وقت عجيب نطرن سان ڏسندو هو.“

”ته پوءِ ايڏو تيار ٿي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي روز روز تيار ٿي وڃڻ جي نوڪري ڪرڻ جي لاءِ ضروري ٿورئي آهي،نه تيار ٿي وڃي ها شروع کان ئي پردو ڪري وڃين ها ته اهو مسئلو ئي نه ٿئي ها، منهنجي ته هينئر به اها صلاح اٿئي ته شڪايت واپس وٺي معافي وٺي وٺ ته جيئن سڀني خفن کان آجي ٿي ويندين.“

ڀاڄائي جي چيل ڳالهه تي هن سواليه نظرن سان ماءُ کي ڏٺو ”ڏس ڌيءَ مردن جي اها فطرت آهي جيڪا تبديل ڪري نه ٿي سگهجي ۽ عورت جيستائين پاڻ نه ٿي چاهي ڪوبه مرد  ان جو ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي.“ نوشين کي اڃا  ماءُ سمجهائي ئي رهي هئي ته وچ ۾ ان جي ڀاڄائي ڳالهائيندي چيو ”اهي مسئلا ته زندگي سان گڏ هلندا رهندا ۽  اها ته آفيس  آهي پر گهٽي بازار جتي ڪٿي اهي حرڪتون ڪندڙ ماڻهون آهن، هاڻي انهن ماڻهن جي ڪري اسان سڀ ڪجهه ڇڏي گھر ته ڪونه ويهي رهنداسين نه ئي سڀني ماڻهن کي پنهنجي موجب هلائي سگهون ٿا، جيڪڏهن انهي ماحول ۾ رهڻو ئي آهي ته پوءِ برداشت ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجا طور طريقا مٽائڻا پوندا، باقي صبح جو تيار ٿي نڪرون ۽ وري مٿان چئون ته مرد اسان  کي نه ڏسن ته اهو ائين ته ڪونه ٿيندو نه، جيڪڏهن واقعي اسان اهو چئون ٿا ته مرد اسان کي نه ڏسن ته پوءِ عورت پاڻ  پردو ڪري نڪري ته جيئن ڪير غير مرد ان کي ڏسي ئي نه.“ نوشين جي ڀاڄائي ڳالهه پوري ڪندي چيو ته نوشين وڏيڪ ڳالهائڻ بدران مختصر جواب ڏيندي چيو” ڀاڄائي  توهان ٺيڪ ٿا چئو، مون کي پنهنجا ئي طور طريقا مٽائڻا پوندا.“ ايترو چوندي نوشين اتان اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هلي وئي ۽ ڪجهه سوچيندي فون کڻي ڪنهن کي فون ڪيائين.

”ميڊم مان اصل ۾ ان لاءِ فون ڪئي آهي ته مون جيڪا ڪمپلين ڪئي هئي، اها واپس وٺڻ ٿي چاهيان.......سر جو ڪوبه ڏوهه نه آهي اصل ۾ مون کان سمجهڻ۾ غلطي ٿي آهي........ اصل ۾ سر ايس ايم ايس ته ڪيا آهن پر اهي فقط مارننگ ميسيج آهن، بس مون کي ئي سمجھڻ ۾ غلطي ٿي آهي. ان لاءِ مان سر کا معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان بس توهان ان ڪمپلين کي وٿڊرا ڪيو...اوڪي، الله حافظ.“

فون ڪٽجڻ کان پوءِ نوشين موبائيل کي ڏسندي رهي ۽ ان جي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا.

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment