شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 15 - ڊسمبر - 2019ع

حويلي جا راز


شام 07 لڳي 55 منٽ -سومر 15 جولاءِ 2019  187 
image-1


ٻنپهرن جي مهل هئي، آئون حڪيم خير محمد جي حيدري شفاخاني ڏانهن وڃي رهيو هوس. پري کان ئي ڏٺم ته حڪيم صاحب پراڻي ڪاٺ جي صندل تي پلٿي ماريو، کرل ۾ ڪنهن دوا جو سفوف ڪري رهيو هو. معمول پٽاندر سندس مٿيون چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙيل ۽ هيٺيون چپ ٻاهر ڊولو ٿي نڪتل هو. مونکي پري کان ئي ڏسي، کرل کي پري ريڙهي هٿ گوڏ سان اگهيائين. جڏهن حيدري شفاخاني جي چانئٺ اڪري، پير اندر رکيم ته حڪيم اٿي، اڳتي وڌي، اڪير مان ڀاڪر پائي، پنهنجو وات منهنجي ساڄي ڪن تي آڻي چيو، “ڪجهه ٻڌو اٿئي؟” مون اتي ئي ڪنڌ سان ناڪار ڪري چيو، “نه.” پو هندن جي زماني واري هڪ ڇڳل موڙي کي ريڙهي مون کي ويهڻ جو اشارو ڪيو. آئون ويهي رهيس. هن چوڌاري رازدارانه نموني نظر ڦيرائي ۽ منهنجي ويجهو اچي آواز کي تمام هلڪو ڪري چيائين، “ڪجهه به نه ٻڌو اٿئي؟”

“نڪي، پر ڇا جي باري ۾؟”

حڪيم جواب نه ڏنو، پٺ واري دري مان چورن وانگر ليئو پائي وري مون ڏي ڏٺائين ۽ پنهنجا ڳاڙها گول گول دوڏا ڦاڙي چيائين. “اڙي حيف ٿئي، ههڙي خوشخبري به نه ٻڌئي ته پو ڄڻ ڄائو ئي ناهين ٻيو، جهل ته ڏسيان ٿو، ٻاهر ڏسان ته ڪا پهر ته ڪانهي.” ائين چئي حڪيم ٻاهر جو سما ڪري نڪري ويو. مون کي سمجهه ۾ ئي نه پئي آيو ته آخر اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي، جو حڪيم اهڙي رازداري پيو رکي ۽ ٻڌائڻ لا جبل جيڏا سانباها پيو ڪري. ڪافي سوچ بعد به مان ڪنهن نتيجي تي پهچي نه سگهيس. نيٺ حڪيم پنهنجي چمپلي سان ڦر ڦر ڪندو اندر آيو. اچڻ شرط پنهنجو منهن منهنجي ڪن جي ويجهو آڻي چيائين، “هيڏي ٻڌ.”

“ها.”

“سائين ڏنل شاهه جي ننڍي نينگري ڀڄي وئي...”

“هان! ڇا چيئه!؟”

“اڙي آهستي، حويلي ڀر ۾ آهي، ميان ڀتين کي به ڪن آهن.”

“سائين ڏنل شاهه جي ننڍي ۾ ننڍي نينگر....”

“..... جيڪا هاڻ سامائي هئي ۽ اڃا تازو هفتو اڳ قرآن شريف کي بخشائي هئائون.”

“ڪنهن سان ڀڳي؟”

“جمعي شيدي سان.”

“جمعو شيدي! ڪهڙو جمعو شيدي؟”

“اڙي اهو ئي جمعو شيدي، جيڪو حويلي جو پاڻي ڀريندو هو. جنهن کي ڏاڏو، ڏاڏو ڪري ڪونه چوندا هئاسين.”

“اڙي اهو! دانگي جهڙو روڏو دک!”

“هائو، هائو،” حڪيم وڏي رازدانه نموني ۽ انتهائي آهستي آهستي ڳالهائي به رهيو هو ته پنهنجا ڳاڙهي گول گول دوڏا به ڦرڙائي رهيو هو. آئون سن وچان حڪيم جو منهن تڪي رهيو هوس.

“اڙي واڇ گودو ٿي وئي اٿئي، سمجهين ڇا ٿو ٻچا. زمانو ترقي تي آهي. ماڻهو چنڊ تي پيا پهچن......؟

ساهه روڪي لاڳيتو ڳالهائڻ ڪري، حڪيم جو سينو ڀرجي آيو ۽ وات سان ڊگهو ساهه ڪڍي اڳتي چوڻ لڳو، “آخر هي ڪيستائين قهر جا ڪوٽ رهندا، نيٺ ته ڪرندا. ڌين سان ظلم ته ڏسو، انسان جي قرآن سان شادي! سا به زائفان! حڪيم جالينوس جو قول آهي ته عورت کي مرد کان چاليهه دفعا وڌيڪ نفسياتي خواهش ٿيندي آهي. چڱو ڪيائين. نه ته حويلي ۾ عمر ڳري وڃيس ها، عمر. جيئن ٻين بيبين جون عمريون پيون ڳرن. هون! قرآن سان ٿي عورت پرڻجي. واهه ڙي سنڌ جا سيد.....”

حڪيم پنهنجي منهن ڳالهائيندو رهيو.

حڪيم جون اهي ڳالهيون ٻڌي، منهنجي ذهن ۾ هڪ ٽاٽ ڏيندڙ ڪرنٽ اڀريو، “سائين ڏنل شاهه جي ننڍي ۾ ننڍي نينگر؟ اڙي ان جو نالو شاهه بانو هو. وڏي بيبي کيس پيار مان شاهو ڪري ڪوٺيندي هئي. شاهو؟ ڏاڏي شيدي سان ڀڄي ويئي! ڏاڏي شيدي سان!! هڪ روڏو، بنو ۽ دک جهڙو بن مانس، ان سان!!” مون بي خيالي ۾ ڀڻڪيو ۽ حڪيم ڏي نهاريم ته ڪٿي هن ٻڌو ته ڪونه. پر هو وري پنهنجي ڌن ۾ محو، کرل ۾ دوا کرڙي رهيو هو ته پنهنجي منهن ڳالهائي به رهيو هو.

خيالن جو سيلاب ڄڻ، ذهن جي وسيع وادي ۾ پلٽجي پيو ۽ لاشعور جي کنڊرن ۾ تهه ٿيل ننڍپڻ جي ماضي جون يادگيريون ميڻ وانگر وڃي شعور جي سطح تي اچڻ لڳيون.

“مان جڏهن ننڍو هوس، اٺن-نون سالن جو. سيدن جي حويلي مان ڏڌ وٺڻ ويندو هوس. مائي ساران جيڪا سيدن جي سڀني کان جهوني ٻانهي هئي، سا ڏڌ ولوڙيندي هئي. آئون هر روز صبح جو خالي ٽڀو کڻي مائي ساران جي ڀر ۾ وڃي رکندو هوس. ٻيا به ڪيترا ڳوٺ جا ننڍا نينگر ۽ نينگريون، ڏڌ وٺڻ لا ٽڀا، جست جا لوٽا ۽ چونئريون کڻي اچي مائي ساران جي ڀر ۾ رکندا هئا. ڏڌ ولوڙجڻ تي مائي ساران سڀني کي ونڊي ڏيندي هئي. مان عمر ۾ سڀني نينگرن کان وڏو هوس. حويلي ۾ ٻيون ٻانهيون به هونديون هيون. جوان جماڻ، اڌڙوٽ ۽ پوڙهيون. سڀ سڄو ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ رڌل رهنديون هيون. وڏي بيبي سڄو ڏينهن هندوري ۾ پيئي هوندي هئي، جو ڪا بيماري هيس، جنهن ڪري گهڻو هلي ڦري ڪانه سگهندي هئي. سائين ڏنل شاهه ڪڏهن ڪڏهن حويلي ۾ ايندو هو. نه ته اڪثر ڪري نئين ٺهرايل بنگلي ۾ رهندو هو، يا وري ڪراچي يا لاهور ۾. حويلي ۾ سڀني جي لاڏ ڪوڏ ۽ پيار جو مرڪز سائين ڏنل شاهه بادشاهه جي سڀ کان ننڍي نياڻي شاهه بانو هئي. بيبي وڏي کيس پيار وچان شاهو ڪري ڪوٺيندي هئي. شاهو سڄو ڏينهن حويلي ۾ پئي ڪڏندي ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندي هئي. ڪڏهن اڱڻ ۾ ته ڪڏهن اندر هجرن ۾. سائين کي پٽيلو اولاد ته هو ئي ڪونه، سوا ٻن نياڻين جي. شاهو ننڍي هئي، انڪري سڀ هن کي گهڻو ڀائيندا هئا. شاهو! جيڪا رات ڏاڏي شيدي سان ڀڄي وئي. تنهن جي ڄمار ان وقت شايد نو-ڏهه سال کن هئي. سندس منهن گول مٽورڙو هو ۽ رنگ ڳاڙهاڻ مائل اڇو. اڳڙين جي گڏي جي ڪارن ڌاڳن سان ٺهيل اکين وانگر سندس اکيون به چيريل ڪاريون ڪٽاريون هيون. تنهن مٿان ترار وانگر جڙيل ڪارا گهاٽا ۽ جڙوان ڀرون ڏاڍا ٺهندا هيس. بس، سوني تي سهاڳ. جڏهن ٻانهي وچان سينڌ ڏئي، سندس چوٽي ڇڪي ٻڌندي هئي، ته سندس ويٺل پيشاني اڌ چنڊ وانگر جرڪندي نظر ايندي هئي. حويلي ۾ شاهو جي وڏي ڀيڻ رهندي هئي. بيبي جنت، سائين ڏنل شاهه جي وڏي نياڻي بيبي جئان شاهو کان اٽڪل ٽي چار سال کن وڏي هئي. ان جا مهانڊا به هوبهو شاهو جهڙا هئا. شاهو اڃا ٽڙندڙ مکڙي هئي ته بيبي جنان بهار ۾ جوڀن تي رسندڙ ٽڙيل گل. جنهن جيون، نازڪ، نرم ۽ لسيون پنکڙيون چڱي طرح کليل هونديون آهن ۽ ڀونئري لا مقناطيسي ڇڪ رکنديون آهن، هن جي سڳنڌ موسم بهار جي صبح صادق ۾ ٽڙيل گلن وانگر پري کان ئي محسوس ٿيندي آهي ۽ پاڻ ڏانهن بي ساختگي ڪشش ڪندي آهي.”

ننڍپڻ جي يادگيرين جو سلسلو هلندو هيو. سنڌو جي وهڪري جيان:

“مان سيدن جي حويلي مان ڏڌ وٺڻ ويندو هوس. شاهو اڃا ننڍي هئي، تن ڏينهن بيبي جنان به. شاهو وانگر قرآن شريف کي بخشائي هئائون. جو سيدن جو ڪو اهڙو نينگر ڪونه هو. تنهن کانسوا چون پيا ته اصل ڳالهه ملڪيتي حصي جي ورهاڱي جي هئي. ڏاڏي، جيڪا بخشائڻ جي ريت تي ويئي هئي، تنهن ڳالهه ٿي ڪئي ته، “بيبي کي ڪنوار وانگر سينگاريو هئائون. کيس ريشمي ڳاڙهو وڳو پهريو ويو هو. سندس هٿن تي ميندي لاتي وئي هئي. قرآن پاسي کان رحل تي پيو هو ۽ بيبي گهونگهٽ ۾ شرمايو (يا پو ڊڄيو) منهن هيٺ ڪيو ويٺي هئي.”

سندس دل ٻڏي رهي هئي، سهاڳ رات جي باري ۾، خيالن ئي خيالن ۾، اڻ ڄاتل خوف، گهري پر لطف درد ۽ اڻ چکيل بي انتها خوشي جي نازڪ ڌاڳن سان اڻيل سهڻن خوابن، سڄڻ سان ملي هڪ ٿي وڃڻ جي اونهي تڙپ ۽ جواني جي سيانڍيل جوان، ڪنوارن امنگن جي اٿاهه ساگر ۾ ٻڏڻ بجا، ڀر ۾ ريشمي پوتين ۾ ويڙهيل قرآن شريف جي ڊپ ۾ ٻڏي رهي هئي. قرآن شريف جي ڀرسان، هڪ ڪائي جي پيالي ۾ ڪافور جلي رهيو هو. جنهن جي خوشبو سڄي ڪوٺي ۾ پکڙجي وئي هئي. اتي موجود هڪ البيلي جوان نينگر کي لڳو ته، ان پيالي ۾ ڄڻ بيبي جا جوان امنگ ۽ ڪنوارا خواب جلي رهيا آهن، جي جلي جلي رک ٿي ويندا.

قرآن شريف سان شادي ڪرڻ کانپو بيبي جنان کي دورا پوڻ لڳا هئا. حويلي ۾ سڀ چوندا هئا ته قرآن شريف شادي ڪرڻ ڪري، بيبي ۾ سيد خاندان جو ڪو نيڪ روح اچي واسو ٿو ڪري. پر ڳوٺ جي مسيت جو مولوي صاحب چوندو هو ته روح ڪڏهن به هن گنهگار دنيا ۾ اچي نٿو سگهي. باقي بيبي کي جن ٿو اچي. جن به ڍيڍ جن، جيڪو جنن جو سردار آهي ۽ خاص سيدن جي گهرن جو مهمان ٿيندو آهي. جڏهن بيبي جنان ۾ جن اچي واسو ڪندو هو ته هو سڄي ڳاڙهي ٿي ويندي هئي. ڄنڊا کولي ڪنڌ ڌوڻيندي هئي. سندس سڄو بدن گرم ٿي ڦڙڪڻ لڳندو هو ۽ جيڪو به سندس ڀر ۾ ويندو هو، ان کي ڀاڪر پائي چڪ هڻندي هئي، رانڀوٽا پائيندي هئي، ان جي چمڙي چوسي رت ڪڍي ڇڏيندي هئي. جيستائين منجهس جن هوندو هو، تيستائين جنهن ماڻهو يا شي ۾ ڀاڪر هوندو هوس، ان کي زوري پاڻ ۾ ڀڪوڙي، پاڻ کي لوڏيندي رهندي هئي. گهڙي ساعت ائين ڪرڻ کانپو، ساڻي ۽ بي حال ٿي ڪري پوندي هئي. بيبي جنان جي اها حالت ڏسي مائي ساران، پنهنجي اشهد آڱر هيٺين چپ تي رکي، عجب ۾ پئجي چوندي هئي. “رب منهنجي جو سان! هڪ ته سيد جو ٻار، وري قرآن جي امان، مٿان سون تي سهاڳو هو جو. مٿس رب جو پيار.” ۽ پو ٿڌو شوڪارو ڀري آڱر آسمان ڏانهن کڻي چوندي “ٻڙي، رب جو راز رب ڄاڻي، بندي کي ڪا سگهه ڪا جوڙ.”

مان بيبي جنان کان ڊڄندو هوس. ڏڌ وٺڻ ويندي مهل سدائين اهو ئي سوچيندو ويندو هوس ته شل نه هينئر بيبي کي جن اچي. متان ان وقت مون کي ڀاڪر پائي چڪ هڻي رت ڪڍي. وري مولوي صاحب جي هي ڳالهه، “ڍيڍ جن وڏو حرامي ۽ بيمان آهي. جڏهن ڪنهن عورت ذات وٽ ايندو آهي ۽ ان مهل جيڪو به مرد ذات، انهي عورت جي ڀرسان ويندو آهي ته ڍيڍ جن جو جهڪي ۾ اچي، ان مرد جو ڪڏهن ڪڏهن ڳاٽو ڀڃي ڇڏيندو آهي.” ياد ڪري ڏڪي ويندو هوس ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ آيت الڪرسي پڙهي، قميص جي گلي جي پن کولي، سيني جي اندر شوڪاري، الله سائين کان دعا گهرندو هوس ته مولا! پيران پير دستگير ۽ محمد مٺي جي صدقي بيبي جي جن کان بچائجان.

سوچ جي عميق سمنڊ جي اونهين گهراين ۾ لڙهندي. ڄڻ منهنجي آڏو حويلي جي هر شي اچڻ لڳي. پڌري ۽ چٽي. هڪ ڏينهن، جيڪو منهنجي ڄمار جو نئون ۽ عجيب تر ڏينهن هو. انهي ڏينهن مان سيدن جي حويلي تان روز وانگر ڏڌ وٺڻ ويس. پنهنجو ٽڀو پوڙهي ٻانهي مائي ساران جي ڀر ۾ رکي، ڀرسان پيل کٽ تي واڏڻ کان ويهي رهيس. اڃا ڪو ٻار ڪونه آيو هو. مائي ساران پنهنجي ئي ڌن ۾ ڏڌ ولوڙي رهي هئي. بيبي وڏي مٿان سائي شال ڍڪيو ننڍ پئي هئي. شاهو به، جنهن جا ٺينگ ٽپا هيڏي ساري ويران لڳندڙ اڱڻ کي ڪجهه زندگي بخشيندا هئا، سا به شايد اندر، هجري ۾ هئي. سڄي اڱڻ ۾ چپ چپات لڳي پئي هئي. عجيب خاموش ماحول ڇانيل هو. رڳو ڏڌ ولوڙڻ ڪري، چاڏي اندر ڦرندڙ مانڌاڻي جو ڍنگائتو آواز پئي آيو، اهو آواز چپ چپات جي ماحول ۾ اڃا وڌيڪ عجيب پئي لڳو. مان چاڏي اندر لڇندڙ ڏهي جي آواز ۾ ڪن لڳايو، پنهنجي خيالن ۾ گم سم ويٺو هوس اوڏي مهل، بيبي اندران نڪتي، سندس اکيون خمار ۾ اڌ پوريل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ اها اڃا هاڻ هنڌ مان اٿي آئي آهي ۽ سڄي رات ننڊ ڪرڻ بجا، لڇندي پڇندي رهي آهي. پر سندس منهن ۾ نئين قسم جي وڻندڙ ٻهڪ هئي ۽ اڌ پوريل اکين ۾ پرڪشش چمڪ. سندس هلڻ جي لوڏ ۾ هڪ نئون انداز ۽ لچڪ هئي. هن منهنجي ڀرسان اچي، مون کي ڳراٽڙي پائي چيو، “ڪڪا شي کائيندين؟” مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو ۽ ڪنڌ هيٺ ڪري، قميص جو اڳ آڱرين ۾ ويڙهڻ لڳس. ان وقت مون کي اها ڳالهه ياد اچي ويئي ته، جڏهن بيبي جنت کي جن ايندو آهي، تڏهن سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويندو آهي ۽ ساهه تيز تيز هلڻ لڳندو اٿس. مون ان وقت سندس اهڙي حالت ڏٺي، هن منهن جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته منهنجو دل ڊپ ۾ سسندي وئي. آئون سندس منهن ۾ نماڻائي منجهان، ڊنل ۽ هيسيل نظرن سان ڏسڻ لڳس. “ڊڄ نه ڪڪا، هل ته شي ڏيان.” ائين هن پيار منجهان. ڪنڌ لوڏي پنهنجا ڳاڙها چپ گول ٺاهي، انهن سان ٻچڪار ڏيندي چيو ۽ ساڄي ٻانهن ڀاڪر ۾ ڪري پنهنجي ڪوٺي ۾ وٺي آئي. منهنجو لڱ لڱ ڪانڊارجي ويو. دل ۾ چيم، “اباڙي، اڄ ته مري ويس، لاهه ئي نڪري ويا. آيت الڪرسي پڙهڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ڊپ ۾ اها به وسري وئي هئي.

ڪوٺي ۾ اندر گهڙڻ شرط بيبي مون کي زور سان ڀاڪر پاتو ۽ منهنجي ڳٽي تي چمي ڏئي چيو، “ڊڄ نه منهنجا مٺڙا.” سندس آواز ۾ گهرو جذبو ۽ لرزش هئي، ان وقت بيبي جا گرم گرم ۽ ڳاڙها چپ، تازي وڍيل گوشت جي ٽڪري وانگر ڦڙڪي رهيا هئا. ساهه تمام تيزي سان ناسن مان اچي وڃي رهيو هوس. ان ڪري ريشمي چولي مان سيني جو اڀار لهوار پڌرو پسجي رهيو هو. سموري بدن جو رت ڄڻ ڳٽن ۾ اچي گڏ ٿيو هوس، سندس ڳٽا ڳاڙها ڳٽورڙا ٿي ويا هئا. اکين جون ڏاريون اڀري آيون هيس ۽ انهن ۾ مقناطيسي ڇڪ هئي. سندس سڄو بدن باهه وانگر پئي ٻريو. مان سندس ڀاڪر ۾ هوس، سندس بدن جي گرمي گنجي ۽ ريشمي چولي جي ديوار اورانگهي مون کي ڇهي رهي هئي. جيتوڻيڪ ان گرمي ۾ بغلن جي پگهر جي ڌپ به گڏيل هئي پر اها گرمي مون کي ڏاڍي وڻي ۽ تهه سياري ۾ باهه جي وڻندڙ سيڪ وانگر لڳم.

اهي ڳالهيون ياد اچڻ سان منهنجي بدن ۾ ڄڻ سياٽو پئجي ويو، خيالن جو سلسلو ڄڻ ڀڃي پيو، چوڌاري دواخاني ۾ حڪيم ڏٺم، هو بدستور کرل ۾ سفوف ڪري رهيو هو، ته ڪو پارسي جو شعر به جهونگاري رهيو هو ۽ رکي رکي ڀڻ ڀڻ ڪيائين. “مار پوين، اڄ ڪو گراهڪ، نه لڙيو آهي. هن ڳوٺ جا ماڻهو هونئن ته هر شي ۾ ڪنجوس. پر بيمار ٿيڻ ۾ به ڪنجوس.” سندس انهن گفتن تي مون شڪي، پنهنجن يادگيرين کان جند ڇڏائڻ خاطر، دل ۾ چيو، “هون بيهودا خيال، پر اهي يادگيريون دماغ مان نڪرڻ بجا، لاشعور جي اٿاهه ساگر مان پلٽجي، تيز وهڪري وانگر شعور جي صاف ۽ شفاف سطح تي اچڻ لڳيون ۽ يادگيرين جو ڳانڍاپو وري مرڪز تي اچي، زنجير جي ڪڙين وانگر ڳنڍجي ويو.

“........ بيبي جنان در ٻيڪڙي ان جو ڪڙو آهستي آهستي چاڙهيو ۽ پو مون کي هڪدم ڀاڪر ۾ وجهي پاڻ سان گڏ کٽ تي اڇليو. سندس نرم ۽ گداز ٻانهون منهنجي ننڍڙي ۽ سڪل بدن جي چوڌاري مضبوطي سان ڀڪوڙجي ويون. سندس نڪ مان نڪرندڙ تيز ساهه جي بو مان سولائي سان محسوس ڪري رهيو هوس. سندس سيني اند بي چين مڇي وانگر لڇندڙ دل جي ڌڙڪ ۽ اڀريل ارهن جي هلچل منهنجي سيني کي چڱي طرح ڇهي رهي هئي. هن منهنجي نهائين تي، پنهنجا لسا لسا هٿ آهستي آهستي ڦيرڻ شروع ڪيا. منهنجي سڄي بدن ۾ هڪ وڻندڙ مزيدار ڪتڪتائي ڦهلجي وئي، پو هن منهنجي گوڏ جي ڳنڍ ۾ هٿ وڌو.... ۽ پو؟ ....، سندس ٽنگون منهنجي ڪاٺي جهڙين سڪل ۽ ميرين ٽنگن ۾ ٻکجي ويون. مان سندس ڪڇ ۾ ننڍڙي ڊنل ٻار وانگر وائڙو لڳي رهيو هوس. منهنجي حالت ان هرڻي جي ٻچي وانگر هئي، جيڪو شڪاري جي تير کان بچڻ لا ميلن جا ميل ڊڪي، پو هڪ هنڌ سهڪي بيهي رهندو آهي. ٿڪل، ڊنل ۽ هراسيل. ان وقت سندس اکين مان معصومانه بي وسي، لاچاري ۽ نماڻائي بکندي آهي. آئون بيبي جي بدن مان نڪرندڙ گرمي جي تاو، سيني اندر ڦٿڪندڙ دل جي ڌڙڪڻ ۽ لوڇ پوڇ جي حالت ۾ ڦرڪندڙ جسم جي انگ انگ جي لرزش محسوس ڪري رهيو هوس. مون کيس انهي حالت ۾ ڏسي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون. سوچڻ لڳم ته، مري ويس. بيبي کي ڍيڍ جن آهي، اڄ خير ڪونهي. منهنجا مولا! خير ڪجان.” هڪ دفعو ٿورڙيون اکيون کولي ڏٺم، بيبي جي سهڪي واري ڪيفيت ڏسي هيبت وٺي ويم ۽ وري اکيون پوري ڇڏيم.

بيبي جو سڄو بدن ٿڙڪي رهيو هو ۽ هو حد کان وڌيڪ تيز سهڪي رهي هئي. آهستي آهستي سندس ڀاڪر هي ڇڪ زور وٺندي وئي. نڪ جي ڦونڊاريل ناسن مان ساهه تنهائين وڌيڪ تيز اچڻ وڃڻ لڳو. گهڙي ساعت انهي حالت کانپو، بيبي جهٽڪو ڏئي، ساڻي ۽ بي حال ٿي ڪري پيئي. مون منجهان ڀاڪر هلڪو ٿي ويس. سندس اکيون هلڪي نموني پورجي ويون هيون. مدت کان سڪايل مرڪ، سندس ڳاڙهن ڳاڙهن چپن تي کيڏي رهي هئي. مان تارا ڦوٽاڙي بيبي جي کير جهڙي اڇي بدن کي ڏسڻ لڳس. چاهه، عجب ۽ تجسس وچان. بيبي اڃا ستي پيئي هئي. ڀڄڻ لا بلو ڀلو هو. سوچيم ته ٽپ ڏئي ڀڄان. پر وري خيال آيو ته متان بيبي وارو جن پٺ وٺي ۽ ڪنڌ ڀڃي سو ڀڄڻ جو خيال لاهي اتي ئي ويهي رهيس ۽ بيبي جي اڇي بدن کي ڏسڻ لڳم. سچ پچ ڊپ ۾ به، بيبي جي بدن کي ڏسڻ ۾ ڏاڍو مزو پئي آيو.

گهڙي کن کانپو بيبي اٿي لٽا پائي، ڪانچ جا ور ٺاهيائين. پو منهنجي ڳٽي تي پيار مان ٿڦڪي هڻي چيائين. “ڏس ڪڪا، ڪنهن کي ٻڌائجان نه.” مون ڪنڌ هيٺ هوندي ئي. ناڪاري ۾ لوڏي نه ڪئي. پو بيبي جاري ۾ رکيل هڪ چاڏي مان سڪل ٻيرن جي مٺ ڀري منهنجي کيسي ۾ وڌي. کارڪن جون چار ڳڙيون ۽ هڪ ڦلن جو بوڙينڊو هٿن ۾ ڏيندي چيو، “هان، منهنجا من، هي شي کا” پو هڪ آنڪي کيسي ۾ وجهندي چيائين، هنجي هٽ تان شي وٺي کائجان. پر ڏس، هي ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪجان. شابي منهنجي پپڙي کي.” ائين چئي هن ٻهڪ واري مرڪ مرڪي، ڄڻ لکن جو خزانو هٿ اچي ويو هجي. مان ڏڌ کڻي واپس گهر آيس ۽ اها ڳالهه ڪنهن سان به نه ڪيم، جو ڊپ هيم ته متان بيبي جو ڍيڍ جن ڳاٽو ڀڃي وجهي.

اهڙي ريت مان ڏڌ وٺڻ ويندو هوس ۽ اڪثر بيبي جنان جي ڪوٺي ۾ وڃي ساڻس گڏ سمهندو به هوس. هاڻي مون کي بلڪل ڀو نه ٿيندو هو، جن جو به نه. دپ بجا پنهنجائپ، هراس بجا اڻ ڄاتل مزو ۽ اجنبيت بجا مقناطيسي ڇڪ محسوس ٿيندي هئي. هاڻي بنا ڊپ ڊا جي مان به بيبي کي ڀاڪر پائيندو هوس. بيبي جو نرم نرم ۽ نازڪ بدن مون کي ڏاڍو وڻندو هو. اڪ جي ڪپهه مان ٺهيل ريشمي وهاڻي وانگر، سندس گداز، لسي ۽ اڇي بدن تي هٿ ڦيريندو هوس، ائين ڪرڻ سان ڏاڍو مزو ايندو هو. سندس اڇي چمڙي اوچي بوسڪي وانگر چلڪندڙ، ريشمي ۽ ترڪڻي لڳندي هئي، دل چوندي هئي ته سدائين ساڻس تو پيو هجان ۽ هڪ پلڪ به ڌار نه ٿيان.

ائين آئون سيدن جي حويلي تان ڏڌ وٺندو ويندو هوس، ته بيبي جنت سان موجون به ماڻيندو هوس، ٻه سال کن مون ائين وٽ ورتا. نيٺ هڪ ڏينهن جيئن مان ڏڌ جو ٽڀو مائي ساران جي ڀر ۾ رکي، ڀرسان پيل کٽ جي واڏڻ کان بيٺو هوس ته بيبي وڏي مون کي سڏي، منهنجي منهن ۾ غور سان ڏسندي چيو، “ابا، تون هاڻي وڏو ٿي ويو آهين، منهن ۾ مڇن جي ساوڪ به لهي آئي اٿئي، ان ڪري اندر حويلي ۾ نه ايندو ڪر، باقي ڏڌ لا پنهنجو ننڍو ڀا موڪليندو ڪر، يا تون ئي ٻاهر سڏي وٺًي ويندو ڪر.” انهي آخري ڏينهن تي بيبي جنان مون کي پاڻ سان گڏ گهڻي مهل سمهاريو هو ۽ هو ٻه ٽي دفعا ساڻي ٿي هئي. آخري دفعو ڀاڪر ۾ مون کي پاڻ ڏانهن زور سان ڀڪوڙيندي چيو هئائين، “تون مون کي هتان ڀڄائي هل، ڪنهن ڏوراهين ديس.” مان سندس اهي اکر ٻڌي ڏڪي ويس ۽ ڀاڪر ڍلو ڪري، ٻک ڇڏائيندي وراڻيم. “نه نه، آئون توکي ڪيڏانهن وٺي ويندم. تنهنجي ته شادي قرآن سان ٿيل آهي نه. تون ته قرآن کي بشڪيل آهين ڪين. مان توکي ڀڄائيندس ته قرآن منهنجا سنڌ سڪائي ڇڏيندو.” هن ڍري ٿيل ڀاڪر ۽ ٽنگن جي ٻک کي مضبوط ڪندي، جوش ۽ جذبي منجهان وڌيڪ زور ڏيندي چيو، “تون اڃا ڪڪي جو ڪڪو ئي آهين، پر ڏس منهنجا من، حويلي جي پٺئين پاسي، هو جو ٻير جو گهاٽو وڻ آهي نه، اتي لڪي لڪي ايندو ڪر هاڻي؟ ايندين نه منهنجا جاني، مان توکي ڏوڪڙ به جام ڏينديس.” مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو.

خيالن جو سلسلو هلندو رهيو. مهراڻ جي موجن جيان: “بيبي شهه بانو، بيبي جنت جي ننڍي ڀيڻ هئي. هوبهو جنت جهڙي. اڃا به بيبي جنان کان سونهن ۾ سرس هئي. ان جي شادي به بيبي جنان وانگر، سيدن قرآن شريف سان ڪرائي، کيس حق بخشائي ڇڏيو هئائون. ڇا بيبي شهه بانو به جمعي شيدي سان سمهندي هوندي؟ جيئن بيبي جنان مون کي ڀڄائڻ لا چيو هو، تيئن بيبي شهه بانو به جمعي شيدي کي ڀڄائڻ لا چيو هوندو؟ تڏهن ته ڀڄائي ويس، پر جمعو شيدي ته صفا ڪنو هو. رنگ دانگي جي تري جهڙو، ڪارو نڪ منو، منهن تي ماتا جا داڳ، جهڙو دک، ان سان ڀڄي ويئي! بيبي ته هئي ملوڪ! جهڙو گلاب جو گل.... مان ته ڀاڙي آهيان. نپٽ ڀاڙي. ڏاڏي شيدي وانگر، مان به بيبي جنان کي ڀڄايان ها ته لئه ٿي وڃي ها.... پر هو ته سيد جو ٻار هئي، ٻنهي جهانن جو آسرو، تنهن کانسوا سائين ڏنل شاهه جي نياڻي، جيڪو لکن جو مرشد، ڪامورا ڪڙا هن جي در جا ٻيلي...

اهي خيال پچائيندي، منهنجي ذهن ۾ سائين ڏنل شاهه بادشاهه جو جلالي چهرو اچي ويو. شراب جي نشي ۾ خماريل ۽ ٽانڊن وانگر ٻرندڙ اکيون، ٿلهن ۽ ڪارن چپن مٿان مروٽيول ڊگها شهپر، ماس ڀريل منهن، ٿلهو ڪنڌ، جنهن سان لوڻو ورائي ڪونه سگهندو هو. پنهنجي ٿلهي ڪنڌ کي پوئتي ڪري جڏهن ٽهڪ ڏيندو هو ته ڄڻ گجگوڙ پوندي هئي. سندس شڪل ياد ڪري مون کي ڏڪڻي وٺي وئي.

“جمعي جو خير ڪونهي، سيدياڻي ڀڄائي ويو اهي. سا به سائين ڏنل شاهه جي نياڻي، سنڌ جو سيد سردار، ذات ذات ڌاڙيل سندس هر دم سلامي، ڪامورا سندس پيالي ڀائي، تنهن کانسوا وڏو ميمبر. جمعي کي سائين ڳترا ڳترا ڪرائي ڇڏيندو.” مون کان ڀڻڪ نڪري وئي. “پر جيڪڏهن منهنجي خبر پئجي ويس ته؟” اهو سوچي منهنجو هان ئي ڌڙڪجي ويو.

“ميان پنهنجي منهن الائي ڇا پيو چئي؟”. هڪ ته سڄي ڏينهن ۾ ڪو گراهڪ نه وريو آهي، وري تون به الائي ڪهڙن خيالن ۾ ٻڏل.” حڪيم موڙي کي ريڙهي منهنجي ڀرسان اچي ويندي چيو:

“مان سوچيان پيو ته سائين ڏنل شاهه، جمعي شيدي جا لاهه ئي ڪڍرائي ڇڏيندو.” ڇا جو بابا، اهي سيد رڳو سنڌ ۾ شينهن ٿين. سنڌ کان ٻاهر موڳا صفا للو.” حڪيم وراڻيو. “پر سائين جا مريد سنڌ کان ٻاهر به ته آهن نه، سائين پنهنجي تي اچي ته جمعي جا سرنهن جيڏا داڻا ڪرائي ڇڏي.” مون چيو.

“ڇڏ ڙي يار، اهي سنڌ جا ماڻهو آهن، سادا ۽ اٻوجهه، نه ته ميان زمانو الائي ڪٿي وڃي پهتو آهي. ابا هينئر اهڙو سڻائو وا لڳو آهي، جو مرشدن جون مريديون ٻريديون ويون ٻن ۾. جي مريد مرشد جون نياڻيون ٿا ڀڄائين، سي ورائيندا وري ڪٿان.”

“پر حڪيم صاحب، بيبي ته قرآن کي بخشي هئي نه، آخر ته رب جو سچو ڪلام آهي. جمعي جا سنڌ ڪين سڪائيندو؟”

ان تي حڪيم صاحب وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو، “ميان ماًٺ ٿي ڀلي، اها سيدياڻي انهي روڏي کي ڦٻي، پر ٻيلي،” حڪيم صاحب وري چوڻ شروع ڪيو. “جمعي کي جس هجي، مڃڻ مراد آ، مڙس جو پٽ هو سائين. ها، ڪا ڳالهه آ!”

حڪيم صاحب جا اهي لفظ مون کي تير ٿي لڳا. لڳم، ڄڻ حڪيم صاحب مون کي چئي رهيو هجي ته تون وڏو ڀاڙي هئين.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment