شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

بريڪنگ نيوز


شام 05 لڳي 52 منٽ -آچر 07 جولاءِ 2019  117 
image-1

 

 ھڪ ڀيرو وري ھوءَ آرسيءَ جي اڳيان بيھي ڳٽن تي برش سان لالي ھڻڻ لڳو، ڪجھه گھڙيون اڳ ھن اکين ۾ ڪارو ڪجل ھنيو تھ منھن تي مرڪ اچي ويس. جيئن ئي کيس گرو تازي محفل جو ٻڌايو ته ھوءَ پاڻ کي سنوارڻ ۾ لڳي ويو ۽ گذريل اڌ ڪلاڪ کان ميڪ اپ ۾ رڌل ھو.

ھڪ ڀيرو سندس گرو اندر آيو کيس ڏسي ھن جي پٺيان بيھي تاڙي ھڻندي چيائين:

”اڄ تھ گھڻن کي ئي ڪُھي ايندين ڌڙڪن، لڳي ٿو اڄ جي محفل جي ڌڙڪن تون ئي ھوندئين.“ گرو جي واتان اھي لفظ ٻڌي ھن کلي ڏنو، سندس کل ۾ زندگيءَ جا سڀ رنگ ظاھر ٿيا، گرو ھن مٿان ٻئي ھٿ ڦري پنھنجين لوندڙين تي رکي ھن تان گھور ٿي ويو.

اها اونهاري جي هڪ وڻندڙ رات هئي، ان رات هوا به ڪنهن مست ناچڻي وانگر لڳي رهي هئي ۽ شھر ۾ ٿيندڙ ھڪ وڏي شاديءَ جي ڪاڄ ۾ ناچ گاني ۽ مھمانن جي دل وندرائڻ لاءِ ڌڙڪن ۽ سندس ٽولي کي سڏايو ويو هو. جڏھن ٻھ ھمراهه گرو سان پيسن جي حوالي سان ڳالھائڻ آيا ھئا تھ گرو کين صاف صاف چيو ھو پنجويھه ھزار الڳ وٺندا ۽ سموري گھور بھ اھي ئي کڻندا، جنھن انھن ٻن ھمراھن ھا ڪئي. گرو سان گڏ پنج کدڙا هئا ۽ انھي سڄي ٽولي جي جان ڌڙڪن هو. ھوءَ ٻين کان وڌيڪ سھڻو ۽ سندس جسم بھ ٻين کان وڌيڪ لچڪدار ھو. ھوءَ جڏھن پھريون ڀيرو گرو گاما وٽ پھتو ھو تھ گرو کيس ڏسي سمجھي ويو تھ ھي فقير سندس ٽولي لاءِ بھار جيان آھي، ھن ڌڙڪن جي جسم ۾ ان جي قدرتي لچڪ کي جاچي ورتو ھو، جيڪا ٻين کدڙن ۾ مھينن ۽ سالن جي مشق کانپوءِ ايندي آھي. جڏھن گرو پھريون ڀيرو ڌڙڪن کي ڪاري ريشمي لباس ۾ نچندي ڏٺو تھ کيس پنھنجي جواني ياد اچي وئي ھئي، ڌڙڪن جي عمر ۾ سندس چيلھه بھ ائين ئي لڏندي لمندي ھئي. ائين ڏسندي ئي ڏسندي ڌڙڪن گرو جي اکين جو تارو ٿي پيو، جڏھن تھ ٻيا فقير بھ ھن مان خوش ھئا.

ميڪ اپ سان دڦيل منهن، گهري لپ اسٽڪ، ننهن تي نيل پالش کان وٺي بيس جي ڪري سڀني جا منهن ضرورت کان وڌيڪ چمڪي رهيا هئا. پر انهن سمورن کدڙن ۾ دڙڪن هڪ اهڙو کدڙو هو، جيڪو سڀن ۾ سهڻو ۽ بنا ميڪ اپ جي به ملوڪ لڳندو هو. سندس مهانڊا عورتاڻا وڌيڪ هئا ۽ ھوءَ ٻين جي ڀيٽ ۾ نفيس بھ وڌيڪ ھو. جڏھن ڌڙڪن پھريون ڀيرو سونالي سان گڏ شام جي وقت سگنل تي خيرات وٺڻ لاءِ ويو ھو تھ سگنل تي گاڏي ۾ سوار ٺاھوڪو جوان ھن تي عاشق ٿي پيو ۽ گاڏي پاسي تي بيھاري ھن جي پٺيان لڳي پيو ھو، ڏيڍ ڪلاڪ کن ھنن جي پٺيان خوار ٿيو پر ڌڙڪن کيس کنگهيو به ڪونه ۽ هو مايوس ٿي موٽي ويو.

 هن اڄوڪي فنڪشن لاءِ سونهري جوڙو پاتو، وڏي گلي واري چولي مان سندس ارهه به نظر اچي رهيا هئا. سنهڙي چيلهه، ڀريل ڳلن ۽ نرم نرم جسم وارو ڌڙڪن سموري ٽولي نمائندگي ڪرڻ لڳو. ڪجهه دير ۾ ئي اهي ڪاڄ ۾ پهچي ويا.

سڀئي ڪاڄ جي چڱن مڙسن سان اچي مليا، ماني ٿي چڪي هئي، هنن جي ماني جو بندوبست به ٿيل هو. ھنن ڪاڄ ۾ جيئن ئي نچڻ شروع ڪيو تھ سوين اکيون ڄڻ هنن جي اوسيئڙي ۾ وڇائجي ويون ھجن. ھندستاني آئٽم سانگس تي ڌڙڪن وارن جو جسم لڏڻ شروع ٿيو تھ ويٺلن سيٽيون وڄائي کين داد ڏيڻ شروع ڪيو، جڏھن تھ ڪجھه اڳيان ويٺلن ھنن لاءِ ھوا ۾ چميون بھ اڇلايون، جيئن جيئن ماحول گرم ٿيڻ لڳو ائين ئي ويٺلن جا جذبا بھ گرم ٿيندا ٿي ويا. جيئن ئي ڌڙڪن اڳيان ٿي آيو تھ ويٺل ھڪدم ٽپو ڏئي اٿيا ٿي ۽ ھن مٿان گھور ٿي ڪيائون، ڪنھن سئو سئو جا ڳاڙھا نوٽ ٿي گھوريا تھ ڪن وري پنجاهه پنجاهه جا نوٽ ٿي گھوريا. جڏھن تھ ڪن جوانن وري انھن سان چرچا بھ ٿي ڪيا. ڪنهن جي ڪا ٽوڪ، ڪنهن جو ڪو جملو. پر انهن سمورين ڳالهين کان اهي بي پرواهه پنهنجن ادائن سان ماڻهن جي دل وندرائيندا رهيا.

پريان ايڪو سائونڊ واري جيئن ئي تيز ڌن وارا ھندستاني گانا هلائڻ شروع ڪيا. ھڪ ديواني تھ ”لنڊن ٺمڪدا“ جھڙو تيز گانو پنج ڀيرا ھلرايو ۽ ھر ڀيري فرمائش ٿي ڪيائين ته ان تي رڳو ڌڙڪن ئي نچي. ڌڙڪن بھ ان گاني جي ڌن کي سمجھي چڪو ھو، سندس چيلھه ائين ٿي لچڪي ڄڻ اھو گانو ٺاھيو ئي ڌڙڪن جي نچڻ لاءِ ويو ھجي.

ماڻهن جي اندر جي وحشت هڪدم تازي ٿيڻ لڳي، انهن کي کدڙن جي شڪلين ۾ عورتون نظر اچي رهيون هيون. ڪنهن سندن هٿ ٿي جهليو ته ڪنهن زوري ڀاڪر ٿي پاتو ته ڪنهن وري ڪا ٻي حرڪت ٿي ڪئي. ڪو شراب جي نشي ۾ ٽُن موالي هنن سان بي ڊولي جسم سان سندن ناچ جو مزو خراب ڪري رهيو هو ته ڪو سگريٽ جو دونهن هوا ۾ اڏائيندو اکيون ڀڃي رهيو هو. پئسي واري گهور ميڙڻ به ايتري سولي نه هئي. ڪو نوٽ ڪنهن کدڙي جي ڇاتي ۾ پئي ويو ته ڪو نوٽ سندس ٽنگين جي وچ ۾ قابو پئي ٿيو. ھا پر نچڻ وارو سلسلو ھڪ پل لاءِ بھ بند نھ ٿيو هو.

واري واري سان هر کدڙي کي ماڻهو ڀاڪرن ۾ به ڀري رهيا هئا ۽ اهي ڄڻ ته انهن جي ٻانهن جو هار ٿي ويا.

ڌڙڪن پيدائشي کدڙو هو، هن کي نچڻ مهل اهي حرڪتون نه وڻنديون هيون پر ماڻهو جي حوس ڪڏهن ختم نه ٿيندي آهي، تنهنڪري هو جڏهن به ڪنهن جي هٿ ۾ جهليل نوٽ کڻڻ ٿي ويو ته ڪو کيس ڇاتي تي هٿ لائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ته ڪو وري سندس پولهه کي دٻائڻ لاءِ بي چين هو. نچڻ هلندو رهيو، شراب جي نشي ۾ ٽُن هڪ وڏين مڇن وارو ٿلهو متارو همراهه ڌڙڪن کي پئسا ڏيکاري سڏڻ لڳو، هو لڏندو لمندو، هن ڏانهن ويو ۽ هن کان پئسا وٺڻ لڳو ته هن کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس چپن تي پنهنجا چپ رکڻ چاهين. ڌڙڪن کي اها حرڪت نه وڻي ۽ هن ٻنهي هٿن سان کيس پري ڪيو، هو وري هن ڏانهن وڌيو هن وري ڌڪو ڏنو ۽ هو پريان وڃي ڪريو.

همراهه پاڻ کي ڪرندي ڏٺو ته سڄي ڪاڄ ۾ بي عزتي محسوس ٿيس، سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، هو پاڻ سنڀالي اٿيو ۽ سلوار جي ور ۾ لڳل پسٽل ڪڍي هن ڌڙڪن تي فائر ڪري ڇڏيو. ٽن گولين مان ٻه گوليون هن جي آر پار ٿي ويون ۽ هو ڦٽجي پيو. گولين جا آواز ايندي ۽ سائونڊ سسٽم بند ٿي ويو، رقص ۾ حرڪت ڪندڙ پير بيهي رهيا، ماڻهن جو ميڙ ڌڙڪن جي چوڌاري گڏ ٿي ويو ۽ سندس سڀئي سنتگي هن ڏانهن مڙي آيا.

” اي هئه، هي تو ڇا ڪري ڇڏيو ظالم.“ سندس گرو گوليون هلائيندڙ کي چيو.

” ظالم هن معصوم توکي ڇا ڪيو جو تو هن تي گوليون وسايون آهن.“ سونالي ڌڙڪن کي سهارو ڏيندي چيو.

 هن جي جسم مان رت تيزي سان وهڻ لڳو.

”جلدي ڪريو منھنجي ڌڙڪن کي اسپتال پھچايو،“ گرو پنهنجو سينو پٽيندي روئڻھارڪي لھجي ۾ چيو.

 هنن کيس ترت اسپتال پهچائڻ جو بندوبست ڪيو. اھي اسپتال اچي پهتا، جتي ايمرجنسيءَ ۾ ترت طبي امداد ڏني وئي.

هن سان سنگتي في الحال ته ان ڳڻتي ۾ هئا ته ڌڙڪن جي حياتي بچي وڃي، هونئن به اهي سماج جو اهڙا طبقو آهن، جن جو ڪو داد فرياد ٿيندو به ناهي.

ڌڙڪن اسپتال جي بستري تي بي حال ليٽيل ھو، سندس ڦٽن مان اڃا رت چڱي ريت نه بيٺو هو. پر اميد هئي ته هوءَ ٺيڪ ٿي ويندو. ايمرجنسي وارڊ ۾ ڪئين چهرا ۽ ڪئين اکيون هن لاءِ ڌڪار هيون. مرد توڙي عورتون سندس وارڊ ۾ هجڻ تي اعتراَض وارڻ لڳا ته کيس هتان جلدي ڪنهن ٻئي هنڌ موڪليو وڃي. ڇاڪاڻ ته هو هنن لاءِ هڪ اهڙي جنس هو، جنهن ۾ انسان پنهنجي گندگي منتقل ڪندا آهن. پر ڪنهن کي به هو انسان نظر نٿي آيو. ڌڙڪن هنن لاءِ بس هڪ کدڙو هو.

” اوهين هن کي ڪنهن ڪمري ۾ شفٽ ڇو نٿا ڪريو، هتي هن جو صحيح علاج نه ٿي سگهندو.“ هڪ اڌوڙٽ ڄمار واري عورت پنهنجي منهن کي رئي سان ڍڪيندي گرو کي چيو. گرو ان عورت جي لھجي مان پنھنجي ۽ ڌڙڪن لاءِ حقارت کي ماپي ورتو ۽ موتمار نظرن سان کيس ڏٺائين. اھا عورت ڪنڊ ۾ وڃي ويھي رھي تھ کيس سونالي نرم لھجي ۾ چيو:

”ڊاڪٽر رکيو آهي، جڏهن هو بهتر سمجهندو ته هن کي ڪمري ۾ موڪليندو.“ هڪ کدڙي ڌڙڪن جي نراڙ تي هٿ ڦيريندي چيو، سوناليءَ جي ڪجل سان ڪارين اکين مان ڳوڙھا وھڻ لڳا، جنھن جي ڪري ڪجل جي ڪارڻ بھ سندس ڳٽن تي وهي وئي.

”ڪندا اهڙا ڪم ناچ گاني وارا ته اهڙا حال ته ٿيندا.“ هڪ ڪاري ڏاڙهي واري ٿلهي متاري ملان چيو.

”هائو ادا زمانو انهن جي ڪري ته خراب ٿيو آهي، ڏسين ڪونه ٿو، بي حيائي ڪيڏي وڌئي وئي آهي.“ هڪ مريض سان آيل همراهه چيو.

هنن ڪنهن جي ڳالهه تي ڪن نه ڌريا، کين خبر هئي سماج ھنن کي انسان بدران ماڻھو جي حوس پوري ڪندڙ ھڪ غليظ رانديڪو ٿو سمجھي.

ان مهل هڪ ڊاڪٽر وري چڪر تي آيو، هن سندس فائيل ڏٺو ۽ چڪاس ڪرڻ لڳو.

” ها ته گهڻا پئسا وٺندا آهيو، اوهين نچڻ جا ۽......؟” هن فائيل مان نظرون ڪڍي ڌڙڪن ڏانهن نهاريندي پڇيو.

”ڊاڪٽر صاحب ڌڙڪن کي ڪجهه ٿيندو ته ڪونه؟“ سونالي ريشمي رئي جي اوٽ سان ڳوڙھا اگھندي ڊاڪٽر کان پڇيو.

”اسين علاج ڪريون پيا، في الحال ڪجهه چئي نٿا سگهون. اسين ڪوشش ڪريون پيا.“ ڊاڪٽر فائيل ۾ ڏسندي چيو.

” پوءِ ڀلا هن کي ڪمري ۾ موڪليو، جتي بهتر علاج ٿي سگهي.“ هڪ کدڙي اصرار ڪندي چيو.

”اڃا هن جي حالت ايتري سيريس ڪونهي، في الحال هتي ئي هجي.“ ڊاڪٽر جواب ڏنو.

ان وقت ئي هڪ ايمبولينس زور زور سان سائرن وڄائيندي اسپتال پهتي، ان سان گڏ ڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون گاڏيون به هيون. ايمبوليس ٻاهر بيٺي ۽ ان مان هڪ مريض کي لاٿو ويو، قد بت جو جانٺو، ڪاري ڏاڙهي وارو قميص سلوار ۽ ٻنڊي پاتل مريض، جنهن جي ٽنگ مان رت پئي وهيو ۽ مٿي مان رت وهڻ ڪري سندس ڪاري ڏاڙهي سڄي ڳاڙهي ٿي وئي هئي. کيس ٻانهن ۾ به ڌڪ لڳل هئا. هن کي جلدي ايمولينس مان لاهي، ايمرجنسيءَ ۾ آندو ويو پر اتي کيس رکڻ جي گنجائش نه هئي. هر پاسي اسپتال ۾ ڦڙڦوٽ پئجي وئي، ڄڻ ڪو خاص مريض اسپتال پهتو هجي. سڀئي ڊاڪٽر سمورو اسٽاف ان مريض لاءِ پهچي ويو.

”ڊاڪٽر ايمرجنسي آهي، جلدي ڪريو.“ هڪ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي همراهه ڊاڪٽر کي چيو.

ڊاڪٽر صورتحال کي سمجهي ويو، هن پنهنجي اسٽاف کي حڪم ڏنو ته في الحال ڌڙڪن وارو بسترو خالي ڪري نئين مريض کي ڏنو وڃي.

”سر پر هن کي ڪيڏانهن ڪريون، ڪهڙي وارڊ ۾ موڪليون، هي ته نه عورت آهي ۽ نه ئي مرد؟“ عملي جي ملازم پڇيو.

”يار في الحال هن کي ايمرجنسي تي در وٽ اسٽريچر تي ليٽايو، پوءِ ڏسون ٿا.“ ڊاڪٽر چيو.

عملي ائين ئي ڪيو جيئن کين ڊاڪٽر چيو، ڌڙڪن هڪ اسٽريچر تي ايمرجنسي جي در وٽ رڙهي ويو ۽ ان همراهه لاءِ هر قسم جي علاج جون سهولتون پهچي ويون، طبي امداد کان پوءِ طئي ٿيو ته سندس آپريشن ڪيو ويندو.

آپريشن جي تياري ٿي، هن کي آپريشن ٿيٽر ۾ منتقل ڪيو ويو. سمورو عملو آپريشن ڪرڻ ۾ مصروف لڳو پيو هو ۽ ڌڙڪن بي يارو مددگار اسٽريچر تي بي حال هو، هن جون اکيون بند هيون. ڪجهه ڪلاڪن جي آپريشن کان پوءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم ٿيٽر کان ٻاهر آئي ۽ هن مبارڪون اچي ڏنيون ته آپريشن ڪامياب ٿي ويو آهي. مريض هاڻي خطري کان ٻاهر آهي.

افضل نالي صحافي جيڪو سٽي چينل لاءِ تازو تازو رپورٽر لڳو ھو، جنھن کي پنھنجو ڪيريئر سنوارڻ لاءِ ھڪ اھم اسٽوري جي ضرورت هئي، ان کي واٽس ايپ تي مسيج آيو، ھن جڏھن مسيج پڙھيو تھ سندس اکيون ٻاھر نڪري آيون ۽ سندس ڪيمرامين نديم کي رڙ ڪري چيائين:

”او نديم ميان جلد سٽي اسپتال ھل، اڄ ھن ملڪ ۾ ھڪ ٻئي اھم صحافي جو جنم ٿيڻ وارو آھي.“ ھو نديم سان بائيڪ تي ويٺو، وچ ۾ ڪيمرا وارو بيگ بھ رکيائين. افضل کان رھيو نھ ٿيو ۽ موبائيل تي چينل جي نيوز ڊيسڪ جو نمبر ملايائين، پھرين گھنٽي تي فون کڄي ويو ۽ ھڪ سخت آواز آيو:

”ھيلو سر مان سٽي رپورٽر افضل، ھڪ بريڪنگ نيوز آھي ٽڪر لکو.“

”ھا چئو،“ ٻئي پاسي کان ساڳيو ڪڙڪ آواز.

”اترين علائقن ۾ ڊرون حملو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب طالبان جي ٻن اھم اڳواڻن جي موجود ھجڻ جو اطلاع، انھن مان ھڪڙو مارجي ويو، جڏھن تھ ٻئي کي زخمي حالت ۾ سٽي اسپتال آندو ويو آھي. ذريعن موجب سندس حالت نازڪ آھي.“ کيس ٽريفڪ ۽ ھارن تنگ ڪندا رھيا پر ھن خبر پوري لکرائي ورتي.

”سر جلدي خبر ھلرايو ٻئي ڪنھن بھ چينل تي نھ ھلي آھي.“ ھن پنھنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ اھو جملو چيو ۽ فون بند ڪري ڇڏيو. نديم موٽر سائيڪل ذري گھٽ اڏائيندو سٽي اسپتال وٽ پھتو ۽ اڃا بائيڪ مس بيھاريائين جو افضل پٺيان ٽپو ڏئي لٿو ۽ جينز جي کيسي ترت موبائيل ڪڍي وري نيوز ڊيسڪ جو نمبر ملائڻ لڳو، نديم ڪيمرا وارو ٿيلھو ڪلھي تي رکي ھن وٽ آيو تھ افضل چيس:

”نديم ميان جلدي لوگو ڪڍي ڏي.“ نديم ٿيلهي جي زپ کولي ھن کي لوگو ڪڍي ڏنو، ايتري ۾ ڪال ملي وئي تھ افضل تڪڙ ۾ ڳالھايو:

”سر اسپتال جي اندران ذريعن اطلاع ڏنو آھي تھ طالبان جو اھم اڳواڻ جنھن کي زخمي حالت ۾ سٽي اسپتال آندو ويو ھو مري چڪو آھي.“ اھو ٻڌي سندس ڪيمرامين نديم کيس وائڙن جيان ڏٺو، ھن مرڪي نديم کي اک ھنئين.

”اسين ترت ئي اسپتال ڏانھن ڊي اين سي جي موڪليون پيا، اسان کي پل پل جي خبر گھرجي.“ ٻئي پاسي کان ساڳيو ئي آواز.

”جي سر جي....“ افضل خوش ٿيندي چيس.

”يار افضل، اھڙو ظلم تھ نھ ڪر، صفا مري وينداسين.“ نديم حيراني مان چيس.

”اڙي نديم ميان، فڪر ناٽ، تون رڳو ويٺو ڏس ۽ ھا رات ڪٿان پنٽ ھٿ ڪر پاڻ اسان جي ڪاميابي جو جشن ڪنداسين.“ افضل سندس ڪلھي تي ھٿ رکي مرڪي وري اک ھڻندي چيس.

 اسپتال ۾ طالبان اڳواڻ جي زخمي هجڻ جو هُل هليو ۽ اتي موجود ماڻهن کي اها سڌ پئي ته هو جهاد ڪري امت کي بچائڻ ۾ لڳو پيو آهي ته سمورن جي واتان هن لاءِ دعائون نڪرڻ لڳيون، هر ڪو آيتن جو ورد ڪندو رهيو ته اهو بچي وڃي. هنن جي دعائن رنگ لاتو پر ڪنهن جي به چپن لاءِ ڌڙڪن لاءِ ڪا دعا نه نڪتي.

ٻئي ئي لمحي ڌڙڪن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳي، هن لاءِ هاڻ اسپتال ۾ ڪٿي به ڪا جاءِ نه هئي. سندس دوست ڊاڪٽر لاءِ واجهائيندا رهيا پر ڌڙڪن هنن لاءِ کدڙي کانسواءِ ڪجهه به نه هو. هن ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ شروع ڪيا. سموري اسپتال جي ڌيان جو مرڪز بڻيل طالبان مريض ڌڙڪن کان وڌيڪ ضروري هو. ڪجهه ئي دير ۾ ڌڙڪن پنهنجا پساهه پورا ڪيا. ان تي فقير ڇاتيون ڪٽڻ لڳا، عملي ڌڙڪن جو منھن ڍڪي اسٽريچر کنيو ۽ ان کي ٻاھر ايمبولينس ڏاڻھن کڻي وڃڻ لڳا. در وٽ بي صبري سان ڊين اين سي جي جو انتظار ڪندڙ افضل جي نظر اسپتال جي ٻن ملازمن ڏانھن وئي، جيڪي اسٽريچر تي ڌڙڪن کي ايمبولينس ڏانھن کڻي پئي ويا. افضل کي اميد جو ھڪ ڪرڻو نظر آيو ۽ نديم کي چيائين:

”نديم ميان جلدي انھن جا شاٽ وٺ، اھو پيو وڃي پنھنجو طالباني اڳواڻ.“ نديم بھ تڪڙ ۾ ٻن ٽن مختلف اينگلن کان اسٽريچر ۽ ان کي ايمبولينس ۾ اندر رکڻ وارا شاٽ ورتا.

ايتري ۾ افضل انھن ھمراھن وٽ ويو جيڪي لاش کي ايمبولينس ۾ رکي ٻاھر نڪتا.

”ادا ھي طالبان اڳواڻ جو لاش ھو نھ؟“ ھن انھن کان پڇيو، ھمراھن کيس حيرت مان ڏٺو ۽ ھڪ چيس:

”طالبان اڳواڻ...... ھي ڌڙڪن نالي ھڪ کدڙي جو لاش ھو، جنھن کي ڪنھن شادي ۾ گوليون لڳيون ھيون.“ افضل ويران وکن سان نديم ڏانھن وڌڻ لڳو، کيس بريڪنگ نيوز سان گڏ سندس نوڪري به ٻڏندي نظر آئي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment