شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

وري بهار ايندي


شام 06 لڳي 46 منٽ -خميس 27 جون 2019  41 
image-1

حصو ٽيون ۽ آخري

”فراز ڪڏهن ڪڏهن ته صفا عجيب ڳالهيون ڪندو آهين.“ فاطمه ڄڻ ڳالهه نه سمجهندي چيو

”ڪي به عجيب ڳالهيون ناهن، اهي سڀ تنهنجي ڀلي جون ڳالهيون آهن، هاڻي انهن تي عمل ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته مان ست سال پهرين واري فاطمه کي ڏسڻ چاهيان ٿو.“فراز مسڪرائيندي چيو

” پهرين وانگر ته هاڻي ڪجهه به نه ٿو ٿي سگهي.“فاطمه اداسي مان چيو. ”پر ان کان به بهتر ٿيندو بس تون همت ڪر۽ اڄ کان پنهنجي اسٽرٽيجي ٺاهي ته توکي پنهنجو ٽائيم ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي۽ خبردار جو تو هاڻي فضول ڪمن ۾ پنهنجو ٽائيم وڃايو آهي.“

فاطمه جواب ڏيڻ بدران هٿ ۾ جهليل موبائيل ۽ ٻين شين کي ڏسڻ لڳي ته فراز وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ”خبر اٿئي جڏهن مان آيو هئس، تڏهن وڃي مون کي خبر پئي ته تو وٽ ته موبائيل ئي ڪانهي، ان ڳالهه مون کي ڏاڍو حيران ڪيو هتي اچڻ کان پهرين ادا فهيم پنهنجي موبائيل تان توهان سان ڳالهارائيندو آهي ۽ مون ڪڏهن ان ڳالهه تي غور ئي ڪونه ڪيو ته تو وٽ موبائيل به آهي يا نه ٻيو ته توهان ڪڏهن به ڪا ڳالهه مون سان شيئر نه ڪئي هميشه فون تي مختصر ئي ڳالهائيندي هئين، ان مان ته مون کي ڪو اندازو تڪ ڪونه ٿيو ته تون ڪهڙن حالن ۾ آهين مان ته هميشه سمجهندو رهيس ته شايد تون پنهنجي ڪمن ۾ ايتري مصروف آهين پر هتي اچي خبر پئي ته ڪهاڻي ئي ٻئي آهي.“ فاطمه خاموشي سان ٻڌندي رهي ته فراز وڌيڪ ڳالهائيندي چيو” هڪ ڀيري مون ادا فهيم کي چيو ته توهان ته فاطمه کي موبائيل ته وٺي ڏيو ها ته جواب ۾ چوڻ لڳوته ان کي ڪهڙي ضرورت آهي، هڪ ته دل ۾ آيو چوانس ته توهان کي ڀاڄائي مسرت يا فرحان کي موبائيل جي ڪهڙي ضرورت آهي جو ايڏيون مهانگيون موبائيلس رکي ويٺا آهيوپر وڏي ڀاءُ هجڻ جو لحاظ ڪندي مان خاموش ٿي ويو هئس.“ فراز ڳالهه پوري ڪندي خاموش ٿي ويو ته بجاءِ فاطمه ان ڳالهه جي حوالي سان ڪجهه چئي خاموش ۽ پرِيشان ويٺي رهي.”فاطمه ايتري خاموش ڇو ٿي وئي آهين ڪا پريشاني آهي ته مون سان شيئر ڪر ٿي سگهي ٿو مان تنهنجي ڪا مدد ڪري سگهان.“ فاطمه کي خاموش۽ پريشان ڏسندي فراز چيو ته فاطمه جواب ڏيندي ڳالهايو.”فراز رات جي ماني جو ٽائيم ٿيڻ وارو آهي، مان ڀاڄي ماني ٺاهي اچان پوءِ وري هي ڳالهيون ڪيون.“

”ڪا ضرورت ناهي سڄو ڏينهن گھر جي ڪمن ۾ وقت ضايع ڪرڻ جي، بلڪه اڄ کان گهر جي ڪم کان وڌيڪ پنهنجي پڙهائي ۽ پاڻکي ٽائيم ڏيڻو آهي ۽ مان ڪجهه ويب سائيٽس به ٻڌايان ٿو ته جيئن توکي جاب سرچ ڪرڻ ۽ اپلاءِ ڪرڻ ۾ آساني ٿئي.“

”اهو ته ٺيڪ آهي پر ماني ڪرڻ جو مسئلو ٿيندو جيڪڏهن مان به نه ڪيان ته ڪير ڪندو.“ فاطمه پريشاني مان چيو.

”ڀاڄائي پاڻ ئي ڪندي، في الحال تون انهن ڳالهين ۽ ڪمن کي سائيڊ ۾ رک“فراز ڄڻ مسئلي جو حل ٻڌائيندي چيو

”ڀاڄائي ۽ ادا فهيم ناراض ٿيندا، ڪاوڙ ۾ اچي ڪجهه چيو ته پوءِ“ فاطمه اڃا ان مسئلي ۾ اٽڪي پئي هئي.

”جيڪڏهن اچي ڪجهه چون ته توهان صاف چئجو ته منهنجي طبعيت ٺيڪ ناهي ٻيو اڄ جي رات توکي فروٽ تي گذارو ڪرڻو پوندو، باقي سڀاڻي تائين ڪافي ڳالهيون ڪليئر ٿي وينديون.“ فراز ٻيهر حل ٻڌائيندي چيوته فاطمه پريشاني مان چيو”اهو سڀ عجيب آهي، مون کان اهو ڪجهه نه ٿيندو.“

”ڪجهه به عجيب ناهي بس، هاڻي تون اهي فضول ڳالهيون ڇڏ ليپ ٽاپ کول ته مان توکي ٻڌايان ته جاب سرچ ڪرڻ جون ڪهڙيون ويب سائيٽس آهن.“ فراز جي ائين چوڻ تي فاطمه پريشاني واري انداز مان ليپ ٽاپ کوليو ۽ ٻئي ان تي ڪم ڪرڻ لڳا.

رات جي ماني جو ٽائيم ٿيو پر فاطمه ماني ٺاهڻ لاءِ پنهنجي ڪمري مان ئي ڪونه نڪتي ته مسرت ڪاوڙ مان فهيم کي فون ڪري فاطمه جي لاغرضي جون ڳالهيو ٻڌايون، جيڪو گھر ايندي رات جي ماني وٺي آيو ۽ ايندي ئي ڪاوڙ مان فراز جي ڪمري ۾ ويو، فراز جيڪو ان وقت فون تي ڳالهائي رهيو هو تنهن ڀاءُ کي ڏسي فون بند ڪيو ته فهيم ڪاوڙ ۾ ڳالهائيندي چيو”هي تو ڪهڙيون فاطمه کي ابتيون سبتيون پٽيون پڙهائڻ شروع ڪيون آهن جو ان وري نوان تماشاڪرڻ شروع ڪيا آهن.“

فهيم جي ان ڳالهه تي فراز حيرت مان پڇيو ته”فاطمه ڪهڙو تماشو ڪيو آهي.“

” اڄ رات جي ماني ئي ڪونه ٺاهيائين جيڪو ان جو روز جو ڪم هو.“

”جيڪڏهن ماني فاطمه نه ٺاهي هئي ته ڀاڄائي ٺاهي وٺي ها، فاطمه جي ته طبعيت ٺيڪ نه هئي ته مون ان کي آرام ڪرڻ لاءِ چيو هو. “

”ڇا ٿيو آهي ان کي شام تائين ته مون ان کي بلڪل ٺيڪ ۽ ڪم ڪار ڪندي ڏٺو هو. “

”توهان کي نظر نه ٿو اچي ته ان کي ڇا ٿيو آهي؟ فراز ٿورو طنزيه انداز ۾ چيو”ڀاڄائي کي جيڪڏهن مٿي ۾ سور آهي ته اهو به نظر اچي ٿو ۽ ڀيڻ جا اها حالت ٿي وئي آهي جو هو نه جيئرن ۾ نه مئلن ۾ آهي ته اها نظر نه ٿي اچي.“

”تون چئين ڇا پيو شام تائين ته اها بلڪل ٺيڪ هئي، ڪنهن تڪليف جي ته دانهن ڪونه ڪيائين بلڪه مون پاڻ شام جو ان کي ڪم ڪار ڪندي ڏٺو هو.“

”سڄو مسئلو ئي ته اهو آهي، توهان سڀني ان کي ڪم ڪار ڪرڻ جي مشين سمجهيو آهي سڄي گهر جو ڪم ڪار ان تي وجھي ڇڏيو آهي، ڇا گھر جو ڪم ڪار ڪرڻ صرف فاطمه جي زميداري آهي توهان ته فاطمه کي گھر جي نوڪرياڻي ڪري رکيو آهي ۽ هر وقت ان کان ڪم ٿا وٺو.“

”ڏس فرازتون اسان تي الزام پيو هڻين ته اسان فاطمه کان نوڪرن وارو ڪم پيا وٺو، سڄو گهر ان جي هٿ ۾ آهي مان ته ڪنهن شيءِ کان ان کي روڪيو تڪ ناهي ته پوءِ تون اها غلط ڳالهه ڪيئن ٿو ڪرين.“

”سڄو گھر نه بلڪه سڄي گهر جو ڪم ان حوالي ڪيو اٿئو.“ فراز هڪ هڪ لفظ تي زور ڏيندي ڳالهايو.

”تون ته ائين ٿو ڳالهه ڪرين ڄڻ اسان ته ڪم ڪار جا پهاڙ فاطمه تي وجهي ڇڏيا آهن، اسان جي گھر جو ڪم ئي ڪهڙو آهي صبح جو ڪم واري ماسي سڄو ڪم ته ڪري ويندي آهي باقي به ته ٻه ٽائيم جي ماني ڪرڻي آهي، هاڻي اهو ته ڪو خاص ڪم نه آهي جو گھر۾ رهندڙعورتن جي هوندي به مسئلو  ٿئي.

”جيڪڏهن گھر ۾ ڪو خاص ڪم ناهي ته پوءِهي ڪاوڙ ڪرڻ ته اجائي آهي، فاطمه جي طبعيت ٺيڪ ناهي۽ مون ان کي ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻ لاءِ چيو آهي، تيستائين گھر جو ڪم جيڪو ڪو خاص ناهي ڀاڄائي کي چئو ته ڪري  وٺي.“ فراز جي ايتري چوڻ تي فهيم ڪاوڙ مان اتان هليو ٿو وڃي ۽ فراز جي چهري ته هلڪي مرڪ اچي وئي. فاطمه جي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيڻ تي گھر جي ماحول ۾ ڪافي ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي جنهن تي فاطمه پريشان ٿيڻ لڳي هئي ۽ فراز وري فاطمه جي زندگي ۾ وري بهار آڻڻ جي مشن امپاسيبل کي پورو ڪرڻ پيو چاهي ۽ ان جو مقصد ايترو هو ته ان جي ٻيهر واپس وڃڻ تائين فاطمه کي ڪا سٺي نوڪري ملي ۽ هو هڪ خودمختيار ٿي زندگي گذاري.

پر فراز جي انهي سپورٽ ڪرڻ تي فاطمه خوش ٿيڻ بدران وڌيڪ پريشان رهڻ لڳي ۽ آخر ان کان رهيو نه ٿيو ۽ هن  فراز کي سمجهائيندي چيو”مان جنهن حال ۾ آهيان، ان جو ذميدار ادا فهيم نه آهي مون سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو سڀ منهنجي قسمت جي ڪري ٿيو  آهي توهان ان جو الزام ادا فهيم ته نه هڻو مون کي انهن کان ڪا شڪايت ناهي.“

”مون ته ادا فهيم تي ڪو الزام ناهي هيو، بس انهن کي وڏي هجڻ جي ناتي جيڪي فرض آهن انهن جواحساس ڏِيارڻ پئي چاهيو.“

”وڏي هجڻ جا فرض ته نڀائي پيو نه مون کي ڪهڙي تڪليف آهي هتي ٽي وقت ماني ملي ٿي رهڻ جي لاءِ الڳ ڪمرو آهي پائڻ لاءِ ڪپڙا ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا کپي هر ڳالهه ۾ ته خيال رکندو آهي ان کان وڌيڪ ڇا ڪري منهنجي لاءِ “

”ّّڪيترو خيال رکندو آهي اهو هتي اچي مون کي خبر پئي آهي گھر ۾ چار ڀاتي هجن ۽ گرمين جي موسم ۾ٽي ڀاتي اي سي(A.C) ۾ سمهن ۽ هر هفتي اهي ٽي ٻاهر آئوٽنگ تي وڃن ۽ هڪ کي گھر جي سار سنڀال لاءِ ڇڏي وڃن ۾ ٻه عورتون هوندي هڪ ڪمري ۾ سڄو ڏينهن ٽي وي ڏسي ۽ ٻئي نوڪرن وانگر سڄو ڏينهن ڪم ڪري  شايد توهان کي اهو خيال رکڻ ٿو لڳي پر مون کي اهو زيادتي ٿي لڳي جيستائين مان انهن ڳالهين کان لاعلم هيس مون ڪجهه ڪون چيو پر هاڻي جڏهن سڀ ڪجهه منهنجي سامهون پيو ٿئي ته مان ائين ٿيڻ ڪونه ڏيندس“

”مون سان ڪا زيادتي ڪانه پئي ٿئي مان ڪم پنهنجي مرضي سان ڪندي آهيان ڪو زبردستي مون کان ناهي ڪرائيندو ۽ ٻيو جيڪو آئوٽنگ وغيره جي ڳالهه ڪئي ته انهن شين سان مون کي ڪو فرق ڪونه ٿو پئي توهان خوامخوه منهنجي لاءِ پريشان پيا ٿيو“ فاطمه فراز جي غلط فهمي دور ڪرڻ جي لاءِ تفصيل سان ڳالهائيندي چيو.

”پريشان مان نه پر تون پئي ٿين اهو به ٻين ماڻهن جي باري ۾ سوچي سوچي، سو فيلحال ٻين ماڻهن کي سائيڊ تي رکي پنهنجي باري ۾ سوچ“ فراز سمجهائيندي چيو”چڱو ڀلا هاڻي انهن فضول ڳالهين کي ڇڏ، مون کي اهو ٻڌاءِ پڙهائي ڪيئن پئي ٿئي تنهنجي ڪجهه سمجهه ۾ اچي پيو يا سمجهڻ ۾ ڪا مشڪل پئي ٿئي ان کان علاوه ڪٿي جاب لاءِ اپلاءِ وغيره ڪيو اٿي يا نه“ فراز هڪ ئي ساهي ايترا سارا سوال ان کان پڇيو ۽ ائين ئي ٻئي ڄڻ وري انهي ڳالهه ٻولهه ۾ لڳي ويا.

فراز جي سمجهائڻ کانپوءِ فاطمه به گهر جي ڪم ڪار ۾ گھٽ ئي هٿ وجهندي هئي پر جيڪڏهن ڪو ڪم ڪرڻ به چاهيندي آهي ته مسرت يا ته ان ڪم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندي آهي يا وري طعنا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيندي آهي ان رات جڏهن رات جي ماني لڳائڻ لاءِ فاطمه رڌڻي مان  ٿانو کڻي ٽيبل تي لڳائڻ جي ارادي سان ٿانو کنيا ته مسرت انهي کي روڪيندي چيو”ڀيڻ تنهنجي ڪم ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي هڪ ڪم تون ڪندين ته ڏهه ڳالهيون تنهنجو ڀاءُ اچي اسان کي ٻڌائيندو، ڄڻ اهو هڪ ئي تنهنجو سڳو آهي، باقي اسان ته تنهنجا دشمن آهيون“. مسرت ٽيبل تي ٿانو رکندي چيو”اسان به ڏسنداسين ته جنهن راهه تي توکي فراز هلائڻ چاهي ٿو، ان تي هلندي تون ڪٿي ٿي پهچين، اسان به ڏسنداسين ته جيڪو تون گاڏين تي چڙهي آفيس ويندين يا وري ڪهڙن آفيسرن جا رشتا ٿا تولاءِ اچن....“ماني لڳائيندي مسرت ڳالهائي رهي هئي جو فهيم کي ايندو ڏسي خاموش ٿي وئي. فهيم کي ڏسندي فاطمه به پنهنجي ڪمري ۾ وڃڻ لڳي ته فهيم ان کي سڏ ڪندي چيو”فاطمه ماني نه ٿي کائين ڇا“ ته فاطمه جواب ڏيندي چيو ”نه ادا في الحال بک ناهي لڳي پوءِ ماني کائينديس“فاطمه ڪمري ۾ هلي وئي ته مسرت ڪرسي تي ويهندي چيو ” ڀاءُ ڀيڻ کي نواب ڪري ويهاريو اٿئي، وس پڄي ته ماني جا گرهه به پنهنجي هٿن سان انهن کارائين.“ فهيم ان ڳالهه جو جواب ڏيڻ بدران ماني جو گرهه وات ۾ وجهندي ئي چيو” ايترو لوڻ ڀاڄي ۾“

مسرت ڪو جواب ڏئي پهرين ئي فرحان به شڪايت ڪندي چيو ”امي صبح توهان جيڪو ٽفن ٺاهي ڏنو هو انهي ۾ به ڪافي لوڻ هو.“

سڄي گھر جو ڪم مون اڪيلي تي آهي جيڪڏهن ڀاڄي ۾ ٿورو لوڻ گھڻو پئجي ويو ته  ڪا وڏي ڳالهه ناهي.“ مسرت جتائيندي چيو. فهيم ماني کائڻ بدران ماني کائڻ ڇڏي ڏني ڪاوڙ مان يا شايد گھڻي لوڻ هجڻ جي ڪري.

 ڪيترائي ڏينهن گذري ويا جو فاطمه مختلف هنڌن تي اپلاءِ ڪري رهي هئي پر ان کي ڪٿان به ڪال ڪانه پئي آئي، ان ڏينهن به هوءَ معمول موجب ڪجهه پڙهي رهي هئي جو ان کي هڪ اداري مان انٽرويو ڪال آئي ڪال رسيو ڪري پهرين ته ان کي ڏاڍي خوشي ٿي پر ان سان گڏ پريشاني ۽ انٽرويو کان به عجيب خوف ٿي رهيو هو. اهو ڏينهن ۽ رات فاطمه سوچيندي گذاريو ٻئي ڏينهن جڏهن انٽرويو ڏيڻ وئي ته انٽرويو پينل ۾ موجود هڪ ماڻهو هن کان شروع ۾ سوال ڪيو”مس فاطمه توهان جي سي وي موجب ته توهان ست سال پهرين تعليم مڪمل ڪئي آهي، انهن سالن ۾ توهان ڪا جاب نه ڪئي آهي، اهو ته ڪافي وڏو گيپ آهي. انهن سالن ۾ توهان ڇا ڪيو؟ سوال ٻڌڻ کانپوءِ فاطمه کي سمجهه م نه آيو ته هو ڇا جواب ڏئي لفظ ڄڻ هن جي نڙي ۾ اٽڪي پيا ۽ هي وڏي مشڪل سان صرف ايترو ئي چئي سگهي ”ايترا سال........“ گھڻي ڪوشش جي باوجود به ڪجهه ڳالهائي نه سگهي، ماضي جون ڳالهيون هن جي دماغ تي تري آيون،فاطمه جي جواب ڏيڻ ۾ دير ڪرڻ تي ان ساڳئي ماڻهو ٻيهر ڳالهائيندي چيو”مس توهان ڪجهه چوڻ چاهيندو، ان باري ۾ يا اسان ٻيو سوال توهان کان پڇيون.“ فاطمه جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون هن کي لڳو ته جيڪڏهن هي هڪ لمحو به اتي وڌيڪ ترسي ته هن جي اکين ۾ تري آيل ڳوڙهن کي روڪي ڪونه سگهندي، تنهنڪري هو اتان جلدي جلدي اٿي ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي انٽرويو پينل ۾ موجود ماڻهو حيرت مان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا هو تيز تيز قدم ڀري آفيس کان ٻاهر نڪري آئي هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هن کي ايترو روئڻ ڇو پئي آيو روڊ ڪراس ڪري هو اسٽاپ تي ائي اتي موجود پبلڪ لاءِ لڳايل پٿر واري ڪرسي تي ويهندي ئي فاطمه اوڇنگارو ڏئي روئڻ لڳي ۽ روئندي پنهنجي منهن ڳالهائيندي هن چيو” مان هارائي ويس پنهنجي پاڻ کان، مان هارائي ويس هن سماج جي ريتن رسمن کان، ماڻهن کان پنهنجي ئي چيل وڏين وڏين ڳالهين کان مان هارائي ويس.“ فاطمه ائين ئي روئيندي ۽ پنهنجي منهن ڳالهائيندي رهي جو اتي موجود هڪ اوپري ماڻهو پاڻي جي بوتل هن ڏانهن وڌائيندي چيو”هي وٺو پاڻي پيو.....“ اجنبي جي آواز تي ڄڻ فاطمه هوش ۾ آئي هن ان ماڻهو کان پاڻي وٺي پيتو ۽ پنهنجي روئڻ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪري لڳي ته ٻيهر ان ماڻهو ڳالهائيندي چيو” ڇا ٿيو آهي توهان سان، ڪو مسئلو ٿيو آهي توهان سان ....منهنجي ڪنهن مدد جي ضرورت هجي ته ٻڌايو....“ ان اوپريماڻهو فاطمه کي روئيندي ڏسي چيو ته فاطمه ڳوڙها اگھندي چيو ”توهان جي مهرباني ٿيندي اگر توهان ڪو رڪشو ڪرائي ڏيندا“ ٿوري دير ۾ رڪشا اچي فاطمه جي اڳيان بيٺو ۽ هوءَ گھر ڏانهن رواني ٿي وئي، فاطمه گهر ۾ سڄيل اکين ۽ جهڪيل ڪنڌ سان داخل ٿي فاطمه جي اها حالت ڏسي مسرت طنزيه انداز ۾ چيو ”لڳي ٿو ته هڪ ئي انٽرويو ۾ اصليت جي خبر پئجي وئي اٿئي ته .....“مسرت اڃا به ڳالهائيندي رهي پر فاطمه تيز تيز قدم کڻندي پنهنجي ڪمري ۾ وئي، ٿوري دير کان پوءِ فراز به ان جي ڪمري ۾ آيو ۽ فاطمه جي اهڙي حالت ڏسي پڇيائين ”ڇا ٿيو آهي“

”انٽرويو سٺو ڪونه ٿيو؟ “ فاطمه ڏک واري لهجي مان چيو،

”ته پوءِ ان ۾ روئڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، اڃا ته شروعات آهي، هي ته پهريون انٽرويو هو ضروري ٿورئي آهي ته اتي ئي تنهنجي جاب ٿي وڃي ها.“ فراز سمجهائيندي چيو.

”فراز اهوسڀ تمام مشڪل ڪم آهي... مان ته انهن جي پڇيل پهرين سوال جو ئي جواب نه ڏنو ۽ اتان هلي آيس.“

”اهڙو ڪهڙو مشڪل سوال هو، ۽ ٻيو سمجهي ڇڏ ته هرسوال جوصحيح جواب ڏيڻ ضروري ناهي صرف ڪانفيڊنٽ ٿي جواب ڏيڻو هوندو آهي.“

”ڪي سوال اهڙا به هوندا آهن جن جو اسان وٽ ڪوبه جواب نه هوندو آهي، ان سوال جو مان ڇا جواب ڏيان ها، جڏهن انهن مون کان پڇيو هوته ايترا سال مون ڇا ڪيو هو، مان ته اهو ٻڌندي ئي الجهي ويس مان انهن کي ڇا ٻڌايان ايترا سال مون ڇا ڪيو يا مون سان ڇا ٿيو آهي.“ فاطمه اداسي مان چيو.

”ڇا ٿيو آهي توسان؟“ فراز سنجيدگي مان سوال ڪيو.

”ڇا ٿيو آهي مون سان اهو فراز تون پيو پڇين.“ فاطمه حيرت ۽ ڏک مان چيو”توکي خبر ناهي ته مون سان ڇا ٿيو آهي.“

”هون ...مون کي لڳندو آهي اصل ڳالهه کان مان اڄ تائين اڻڄاڻ آهيان، شادي کان پوءِ تنهنجو مون سان ڪانٽيڪٽ ئي گھٽ ٿي ويوهو۽ ٻين هميشه حقيقت کي ٽوڙي مروڙي ئي ٻڌايو آهي.“ فراز ٻڌڻ پئي چاهيو ته فاطمه سان ٿيو ڇا هو ۽ فاطمه به ٻڌائيندي چيو”شادي جي پهرين ئي ڏينهن منهنجي مڙس صاحب مون تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪنهن ٻئي ڇوڪريءَ کي پسند ڪري ٿو ۽ مان صرف ان جي ماءُ ۽ ڀيڻين جي ڪري ان گھر ۾ آهيان سو جيڪڏهن مان انهن کي خوش رکي سگهان ٿي ته ان گهر ۾ منهنجي جاءِ هوندي جي نه ته پوءِ نه ته ان ماڻهو جي دل ۾ مون لاءِ ڪا جاءِ هوندي ۽ نه ئي ان گهر ۾ شروع ۾ ته منهنجي لاءِ اها ڳالهه برداش ڪرڻ ئي مشڪل هئي پر پوءِ مون فيصلو ڪيو ته ان گهر ۽ ان ماڻهو جي دل ۾ مان پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي وٺنديس مون کي پاڻ تي يقين هو ته ٿورئي وقت  ۾  مان اهو سڀ ڪجهه ڪري وٺنديس پر مان غلط هيس، ان جي دل ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ مون پنهنجي عزت نفس ۽ انا کي ماري ڇڏيو هو، هڪ عام ماڻهو هو جنهن کي مون اهميت ڏئي خاص ڪيو پنهنجي سر جو سائين ڪري مڃيو پر حقيقت ۾ ته اهو پيرن ۾ ويهارڻ جي قابل به نه هو ۽ منهنجي سس ۽ نڻان جنهن جي مان اڳيان ۽ پويان گهمندي هيس ڊوڙي ڊوڙي انهن جا ڪم ڪندي هيس پر انهن کي ته منهنجو هر ڪم غلط لڳندو هو، منهنجي هر ڪيل ڪم ۾  انهن کي خامي نظر ايندي هئي، ايستائين جو منهنجي ٺاهيل چانهن به انهن کي ڪچي لڳندي هئي، شروع ۾ ته مون کي انهن جي روين کي برداشت ڪرڻ به مشڪل هو مون احتجاج به ڪيو رنو رڙيو به پر پوءِ وقت سان گڏ انهن شين جي عادي ٿي ويس پنهنجي پاڻ کي اهميت ڏيڻ بدران انهن جي هر ڳالهه کي اهميت ڏيندي هيس پر هو ته صرف هر ڳالهه ۾ مون کي جهڪائڻ چاهين پيون، ان جهڪائڻ جي چڪر ۾ مون کي ايترو جهڪائينديون ويون جو مان ٽٽي پيس. مان ته انهن جي اڳيان پنهنجي اهميت به وڃائي ويٺيس بدلي ۾ انهن مون سان ڇا ڪيو محبت ته پري جي ڳالهه ڪنهن عزت ڪانه ڏني، انهي گهر ۾ رهندي مون کي هر وقت پنهنجي گھٽ هجڻ جو احساس ٿيندو، ڪجهه نه ڪندي به هر وقت ڪنهن خوف ۾ مبتلا رهندي هيس، منهنجو نالي ماتر مڙس اهو ڪنهن ٻئي عورت جي ڪري مون سان زيادتي ڪندو رهيو، اڄ به انهن جا دل ڏکوئيندڙ جملا ۽ زهر ڀريل نظرون منهنجي لاءِ وسارڻ آسان ناهن ۽ جڏهن به مون کي اهي ڳالهين ياد اينديون آهن ته هر ڀيري ڄڻ مون کي اذيت جي پلصراط تان گذرڻو پوندو آهي. اهي ڳالهيون منهنجو پيڇو ئي نه ٿيون ڇڏين، اڄ تائين مان اهو سوچيندي رهندي آهيان ته جڏهن مان ان ماڻهو کي پسند  ئي ڪانه هيس ته ان مون سان شادي ڇو ڪئي ۽ جي جيڪڏهن شادي ڪئي ته مون سان اهڙو سلوڪ ڇو رکيو....آخر ڇو؟ آخر ڇو مون سان اهڙو ورتاءُ ڪيو، جيڪو منهنجي لاءِ بهتر ئي نه هو.“ فاطمه ڏک واري لهجي ۾ ٻڌائيندي خاموش ٿي وئي ته فراز سنجيدگي سان پڇيو ”هاڻي تون ڇا ٿي چاهين ته اهو ماڻهو اچي توکان معافي وٺي.“

”نه مون ائين ته ڪونه چيوآهي“. فاطمه حيرت مان ڳالهايو ”مون کي ته حيرت آهي جنهن انسان منهنجي زندگي برباد ڪئي ان کي احساس تڪ ڪونهي ته ان مون سان غلط ڪيو آهي “فاطمه وڌيڪ ڳالهايو.

”مطلب ته تون هاڻي چاهين ٿي ته ان ماڻهو کي احساس ٿئي ته ان توسان غلط ڪيو؟ پر جي ان کي احساس ٿي به ويو ته هاڻي ان جي احساس ڪرڻ سان تنهنجي زندگي تي ڪهڙو فرق پوندو.“ فراز سمجهائيندي چيو ته فاطمه الجهي وئي ته هو ڪهڙو جواب ڏئي ته فراز پاڻ ئي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو”خبر اٿئي ڪڏهن ڪڏهن اسان کي لڳندو آهي ته جنهن اسان سان غلط ڪيو آهي، انهي کي هڪ ڏينهن ضرور احساس ٿيندو اهو پڇتائيندو، اسان کان اچي معافي وٺندو پر جڏهن ته ائين بلڪل ناهي هوندو جنهن ماڻهو غلط ڪيو هوندو آهي، انهي موجب ته ان بلڪل صحيح ڪيو آهي، اصل ۾ هر انسان پاڻ کي صحيح ۽ ٻئي کي غلط سمجهندو آهي.“

”ٿي سگهي ٿو ائين هجي پر جنهن ماڻهو مون سان غلط ڪيو آهي جيڪڏهن ان کي ضمير هوندو ته ان کي پنهنجي غلط هجڻ جو احساس ضرور ٿيندو.“ فاطمه چيو.

”جيڪڏهن اهو باضمير هجي ها ته توهان سان ڪڏهن غلط ئي نه ڪري ها.“فراز چيو”ٻي ڳالهه جڏهن تون چئين ٿي ته توکان ڪنهن کي معافي وٺڻ جي ضرورت ناهي پر اصل ۾ تون چاهين ٿي ته انهن کي پنهنجي غلط هجڻ جو احساس ٿئي ۽ هو اچي معافي وٺن، ته ياد رک ڪڏهن ڪڏهن اهو ضَروري ناهي هوندو ته ڪو توهان کان اچي معافي وٺي پوءِ توهان معاف ڪيو پران کان پهرين ئي معاف ڪري ڇڏڻ انسان لاءِ پنهنجي ڀلي لاءِ ضروري ٿي ويندو آهي ته جيئن هو پاڻ اڳتي وڌي سگهي،ان ماڻهو ۽ ماضي کان آزاد ٿي سگھي پنهنجي پاڻ کي اذيت ۽ تڪليف مان ڪڌي سگهو ان لاءِ معاف ڪري ڇڏڻ ضروري ٿي ويندو آهي. فرازچيو ”ان ڪري مان توکي به صلاح ڏيندس ته جيڪو ڪجهه ٿيو ان کي وساري ڇڏ ۽ جنهن به توسان ڪيو آهي انهن کي معاف ڪري ڇڏ ته جيئن تون پاڻ اڳتي وڌي سگهين جيستائين معاف نه ڪندي ته ماضي جي انهن ئي دائرن ۾ گھمندي رهندين ۽ يقين ڄاڻ پنهنجي حال جون سڀ خوشيون به وڃائي ويهندين، ان لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته جيڪو گذري ويو ان کي وساري ڇڏ، جيڪو ڇڏائجي ويو ان کي بار بار پوئتي مڙي نه ڏس، جيترو گھڻوپوئتي مڙي ڏسندين ته اڳتي وڌڻ ۾ اوتري ئي گهڻي مشڪل ٿيندئي.“ فراز سمجهائيندي فاطمه کي چيو جيڪا انهي جي ڳالهه غور۽ سنجيدگي سان ٻڌي رهي هئي. ائين ئي ٻئي ڀاءُ ڀيڻ ڪافي ٽائيم ڳالهائيندا رهيا ۽ مسرت بار بار انهن جي ڪمري ٻاهران چڪر لڳائيندي رهي ته جيئن ان کي خبر پئي ته ڇا ٿيو هو ۽ هي ڇا ڪري رهيا آهن.

رات جي ٽائيم جڏهن ماني کانپوءِ فاطمه ٿانو ڌوئي رهي هئي ته مسرت ان جي ويجهو ايندي چيو”توهان ڀاءُ ڀيڻ جو تماشو ختم ٿيو يا ڪجهه ڏينهن ٻيا اڃا به هلندو، هونئن ڏٺو وڃي ته اڄ جي انٽرويو ۾ توکي پنهنجي اوقات جو ته احساس ٿي ويو هوندو، انهي جي ڪري منهنجي صلاح اٿئي ته اوتري ئي پرواز ڀر جيترو اڏامي سگهين.“ مسرت ڳالهائيندي رڌڻي مان نڪري وئي فاطمه انهي کي ته ڪو جواب نه ڏنو پر ان جون ڳالهيون ٻڌي دل شڪسته ٿيڻ لڳي، انٽرويو وارو منظر ان جي اکين اڳيان ڦري آيو ۽ وري هن کي احساس ٿيڻ لڳو ته هوءَ ڪمزور ٿي چڪي آهي ۽ ماڻهن کي منهن ڏئي نه ٿي سگهي، فراز سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ جيڪا ان جي دل ۾ اڳتي وڌڻ جي آس پيدا ٿي هئي، اها نراس ۾ تبديل ٿيڻ لڳي ڪجهه ڏينهن تائين هن جي پنهنجي پاڻ سان جنگ هلندي رهي، هي تمام گھڻي منجهي پئي هئي ته هي ڪري ڇا، ان انٽرويو کان پوءِ هڪ ٻه انٽرويو جي ڪال به آئي پر هي نه ته انٽرويو ڏيڻ وئي ۽ نه ئي فراز سان ان حوالي سان ڪا ڳالهه ڪيائين پر ان ڏينهن فراز جڏهن فاطمه جي ڪمري ۾ ئي ويٺو هو ته فاطمه کي انٽرويو ڪال آئي فراز خوش ٿيندي چيو”ڏٺي هاڻي ته هڪ ڀيرووري توکي انٽرويو ڪال اچي وئي “فاطمه خوش ٿيڻ بدران انٽرويو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيوپر فراز هار مڃڻ وارن مان ڪونه هيو، هڪ ڀيرو وري هن کي سمجهائيندي چيائين ته ” جيڪڏهن تون ناڪام ٿيندين ته آس پاس وارا ماڻهو اچي توسان افسوس ڪونه ڪندا بلڪه اهي ته خوش ٿيندا ته تون به ناڪام ٿي وئين ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو پاڻ ڪجهه ڪري ناهن سگهندا، اهي ڪنهن ٻئي کي به ڪامياب ٿيندي ڪونه ڏسي سگھندا آهن انهي ڪري جيڪڏهن تون هار ٿي مڃي ته اها صرف تنهنجي هار نه آهي پر جيت آهي انهن ماڻهن جي جيڪي ٻين کي ناڪام ڏسڻ چاهين ٿا. جيت آهي انهن رسمن انهن سوچن  جي جنهن مطابق عورت اگر طلاق ٿي وٺي ته ان جي  زندگي وري آباد ٿي نه ٿي سگهي پر جي تون همت ڏيکارين ٿين ۽ ڪامياب ٿي ٿئين ته شڪست هوندي انهن ماڻهن ۽ رسمن جنجي“ فراز سمجهائيندي ليڪچر ڏنو.

”پر فراز اهو تمام مشڪل آهي مان هڪ ننڍي پوسٽ واري انٽرويو تي ڳالهائي ڪونه سگهيس هاڻي ته جتان انٽرويو ڪال آئي آهي اهو ادارو به وڏو آهي ۽ پوسٽ به تمام سٺي آهي مان ڪيئن ڪواليفاءِ ڪري سگهنديس.

گذريل انٽرويو ۾ جيڪڏهن تو نه ڳالهايو هو ته اهو به اسان جي اسٽرٽيجي ۾ گيپ هو اسان ان انٽرويو لاءِ ڪا خاص تياري ڪونه ڪئي هئي، پر هن ڀيري اسان وٽ پورو هفتو آهي، تياري ڪرڻ لاءِ مان به توسان گڏ هوندس توکي تياري ڪرائڻ ۾.“

”پر تون ڪيئن تياري ڪرائيندين“

”مان پينل وانگر توکان سوال پڇندس ۽ ائين تنهنجي تياري ٿي ويندي.“فراز جي گھڻي زور ڀرڻ تي آخر فاطمه انٽرويو جي تياري ڪرڻ شروع ڪئي، هفتو سڄو ائين تياري ۾ گذري ويو. انٽرويو واري ڏينهن هن بنا ماضي کي ياد ڪئي، خوداعتمادي سان سوالن جا جواب ڏنا،هڪ ڪلاڪ جي انٽرويو کانپوءِ جڏهن فاطمه انٽرويو واري ڪمري مان نڪتي ته هوءَ پنهنجي انٽرويو مان ته ايتري مطمئن ڪانه هئي پر پوءِ به هن جو چهري تي مرڪ هئي ۽ هن جو ڪنڌ به جهڪيل ڪونه هو، هن کي خوش ڏسي فراز چيو ”لڳي ٿو ته ڀيڻ جي جاب ٿي وئي آهي“

”جاب ته نه ملي آهي، هفتي کان پوءِ خبر پوندي ته جاب ٿي آهي يا نه پر مان خوش ان ڪري آهيان ته انٽرويو ڏيندي مون کي لڳو ته ڄڻ ست سال پهرين واري فاطمه پئي ڳالهايان۽ مون کي لڳو ته ڄڻ منهنجي رڪيل زندگي وري شروع ٿي وئي آهي.“ فاطمه خوش ٿيندي ڳالهايو پورو هفتو ائين ئي خوش خوش گذري ويو. هفتي کان پوءِ فاطمه کي ڪال آئي ته ان جي جاب ٿي وئي آهي، اها صرف جاب نه هئي پر فاطمه جي لاءِ نئين زندگي هئي، هن کي لڳو ڄڻ ان جي زندگي ۾ وري بهار آئي آهي.

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment