شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

مهراڻ يونيورسٽي ڪيو ايس رينڪنگس 2020 ۾ پاڪستان جي 29 اهم يونيورسٽين مان14هين نمبر تي اچي وئي


شام 07 لڳي 05 منٽ -خميس 28 نومبر 2019 

image-1

مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ڪيو ايس((QS ايشيا يونيورسٽيز رينڪنگس 2020 ۾ پاڪستان جي 29 اهم يونيورسٽين مان14هين نمبر تي اچي وئي آهي. جڏهن ته يونيورسٽين جي ڪيو ايس رينڪنگ ۾ ايشيا ۾ مهراڻ يونيورسٽي 351هين نمبر تي پنهنجي پوزيشن برقرار رکي آهي. رينڪنگ جا وڌيڪ تفصيل ڏسڻ لاءِ www.topuniversities.com ويب سائيٽ ڏسي سگهجي ٿي.

مهراڻ يونيورسٽي ڊبيٽنگ اينڊ ڊرامٽڪ سوسائٽي(مڊس) پاران يونيورسٽي ۾ ڪرايل تقريري مقابلن، بحث مباحثي جي مقابلن، ڊرامن ۽ مشاعري جي تقريبن جو افتتاح ٿي گذريو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته آئون شاگرد يونين جي حق ۾ آهيان اها ضرور بحال ٿيڻ گهرجي، شاگرد مستقبل جا ليڊر آهن، انهن جي تربيت اهڙن ئي فورمن تي ٿئي ٿي. ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته شاگردن جي ذهني نشونما لاءِچٽا ڀيٽيءَ وارين سوسائٽيءَ جو گذريل سال بنياد وڌو ويو، مڊس پاران ڪرايل مقابلن ۽ پيش ڪيل ڊرامن کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.

هن چيو ته ڊگري سڀ ڪجهه ناهي، شاگردن جي تربيت، سکيا، سماج ۽ رياست بابت انهن کي ڄاڻ هجڻ لازمي آهي. هن چيو ته مهراڻ يونيورسٽي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊراما پيش ڪيا پيا وڃن.

شاگردن کي ادب ۽ سياست ضرور پڙهڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي مهراڻ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته، مهراڻ ۾ ادبي سرگرميون ڏسڻ اسان جو خواب هو جيڪو پورو ٿيو. هن چيو ته هڪ ڏينهن مهراڻ جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪي سطح تي چٽا ڀيٽيءَ وارين تقريبن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي چيو ته، فن، ادب ۽ سياست سان دلچسپي رکندڙ شاگردن کي مستقبل ۾ پيشه ور زندگي ۽ پنهنجي ڪيرئير ۾ آسانيون ٿينديون. ان موقعي تي ڳالهائيندي مڊس جي ڪو آرڊينيٽر ۽ انگلش لئنگويج ڊوالپمينٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حبيب پٺاڻ چيو ته، ٻئي کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ ۽ مڃرائڻ جو جيڪو فن آهي، اهو شاگردن کي ضرور سکڻ گهرجي.

هن چيو ته اثرائتي انداز ۾ ڪيل ۽ مدلل ڳالهه جي وڏي اهميت آهي. ڊاڪٽر حبيب چيو ته مڊس شاگردن کي سکڻ جا بهتر موقعا فرام ڪيا آهن. تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي شاگردن ”انصاف ۾ دير، انصاف کان انڪار برابر“ جي عنوان تي بحث مباحثو ڪيو.

جڏهن ته آئينو، ٻٽو معيار، انڌي قانون جي پاسداري ۽ منهنجي سڃاڻپ ڪهڙي آهي، جي عنوان سان چار ڊراما پڻ پيش ڪيا ويا. مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ڪئپمس ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.