شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 22 - نومبر - 2019ع

سوسائٽي جا فائيل منھنجي گھر تي رکيل آھن: سعيد احمد بڙدي


شام 02 لڳي 48 منٽ -سومر 02 Sep 2019 

image-1

سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي ڄامشورو جي اڳئوڻي سيڪرٽري سعيد احمد بڙدي چيو آھي تھ سوسائٽي جا آفيشل فائيل سندس گھر تي رکيل آھن ۽ ھن کي سموري خبر آھي تھ سوسائٽي ۾ رھندڙ پروفيسر ڊاڪو آھن.

اھڙو اظھار ھن ڪالھ سوسائٽي جي چونڊ مھم دوران خطاب ڪندي ڪيو سندس چوڻ ھو تھ سوسائٽي جي ڪجھ پروفيسرن رڳو مخصوص ميمبرن جي لسٽ جاري ڪئي آھي جنھن کي اسان مڪمل طور رد ڪريون ٿا، ھن ڀيري اسان آياسين تھ سوسائٽي جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪنداسين.

ٻئي پاسي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جي اصلڪي ميمبرن سعيد بڙدي جي فائيلن کي گھر ۾ لڪائي رکڻ واري عمل کي غير قانوني ۽ غير اخلاقي قرار ڏيندي گھر ڪئي آھي تھ جلد کان جلد اھي فائيل سوسائٽي آفيس جي حوالي ڪيا وڃن، ھنن اھو بھ خدشو ظاھر ڪيو تھ ضرور انھن فائيلن سان ھٿ چراند ڪئي وئي ھوندي، جنھن لاءِ انھن فائيلن جي فارجري ٽيسٽ بھ ڪئي وڃي.

رھواسين جو اھو بھ چوڻ ھو تھ سوسائٽي جا فائيل گھر ۾ لڪائي رکڻ واري عمل کانپوءِ سعيد بڙدي اعتبار جوڳو نھ رھيو آھي ۽ سوسائٽي جي ايلڪشن ڪميٽي کيس چونڊن ۾ حصو وٺڻ نھ ڏئي ۽ ھن غير قانوني عمل جي انڪوائري ڪرائي وڃي.

سوسائٽي جي رھواسين جو اھو بھ چوڻ ھو تھ سعيد بڙدي تي اڳ واري دور دوران اختيارين جي غلط استعمال جا الزام پڻ لڳندا رھيا آھن، جن جي بھ انڪوائري ٿيڻ گھرجي.

ياد رھي تھ ڪجھ وقت پھريان سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي جي جنرل باڊي ميٽنگ سڏائي وئي جنھن ۾ نئين چونڊن جو اعلان ڪيو ويو، ان گڏجاڻي کي سعيد بڙدي ۽ سندس ساٿين غير قانوني قرار ڏنو ۽ ان جي چونڊن سميت ھر فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو، پر ھاڻي جڏھن چونڊن جا ڏينھن ويجھا پيا ٿين تھ ھن چونڊ مھم شروع ڪري ڏني آھي.