شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار شوڪت شورو 74 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو


شام 11 لڳي 58 منٽ -اڱارو 09 نومبر 2021 

image-1

سنڌي ٻوليءَجو ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار شوڪت حسين شورو وڏو وقت بيمار رهڻ کانپوءِاڄ ڪراچيءَ  جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 74 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.  اسپتال ۾ ائنٽي  انجيڪشنس جي نتيجي ۾ ري ايڪشن ٿيو آھي ھن جي رت ۾ Methemoglobinemia جو مقدار گھڻي حد تائين وڌي ويو.

پيرائتي خبر موجب سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار شوڪت حسين شورو وڏو وقت بيمار رهڻ کانپوءِاڄ ڪراچيءَ  جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 74 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. هو گذريل هفتي کان ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل هو.

شوڪت شورو جي ويجهن ذريعن مان ڄاڻ ملي آهي ته شوڪت شورو کي لڳل ائنٽي وائيرل انجيڪشنس جي نتيجي ۾ ري ايڪشن ٿيو آھي ھن جي رت ۾ Methemoglobinemia جو مقدار گھڻي حد تائين وڌي ويو جيڪو ڳڻتي. ان جو علاج رڳو Hematologist  ڪري سگھيو ٿي.

ان حوالي سان شوڪت حسين شورو جي ويجهن دوستن  مشهور اديب مدد علي سنڌي، مشهور صحافي ۽ ليکڪ نياز پنهور ۽ ٻين سماجي رابطن واري ويب سائيٽ شوڪت شورو جي اهڙي اوچتي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شوڪت شورو جو اهڙو اوچتو وڇوڙو سنڌي ادب خاص ڪري سنڌي ڪهاڻي لاءِ وڏو نقصان آهي.

هن لکڻ جي شروعات شاگردي واري دور 1964ع ۾ ڪئي ،سندس پهرين ڪهاڻيروئي پيون’ جي عنوان سان 1964ع ۾ ماهوار روح رهاڻ رسالي ۾ شايع ٿي.سندس ڪهاڻين جا چار مجموعا( 1)‘ گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس’( 1981ع )،(2)‘ اکين ۾ ٽنگيل سپنا’(1983ع )،(3)‘ گم ٿيل پاڇو’( 1989ع )۽( 4)‘ رات جو رنگ’( 2011 ع )ڇپجي چڪا آهن .هي پهرين سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي‘ گل ڦل’ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ،بعد ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي بطور اسڪرپٽ پروڊيوسر پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو ،تنهن کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر ٿيو، جتي 2006ع تائين خدمت ڪيائين.
شوڪت حسين 1984ع کان 2013ع تائين سنڌي اديبن جي وفدن سان گڏ هندستان جا دورا ڪيا آهن ۽ هتان لڏي ويل هندو سنڌي اديبن سان سندس ادبي ناتا اٿس.سندس ڪيترائي ڊراما مختلف سنڌي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن .کيس خدمتن جي مڃتا طور بهترين ڪهاڻيڪار سارنگا پبليڪيشن 2001ع سميت ڪيترائي اوارڊ ۽ اعزاز قابل ذڪر آهن .
نوٽ:پاڻ هن وقت سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هو.