شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

  اي سي ايف آفتن جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي- راڻو مل


شام 06 لڳي 48 منٽ -ڇنڇر 16 آڪٽوبر 2021 

image-1


حيدرآباد: ڪنسورشيم ليڊ اگينسٽ هنگر پاران انٽرنيشنل ڊزاسٽر رسڪ ريڊڪشن جو ڏينهن ملهايو ويو. جنهن جي تقريب حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي هئي. تقريب جي شروعات اي سي ايف سنڌ جي هيڊ ڊاڪٽر راڻو مل لوهاڻي جي آجياڻي خطاب سان ڪئي وئي. سندس چوڻ هو ته اي سي ايف آفتن جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. ٺٽي ۽ ميرپورخاص جي آبادين جي صلاحيتن ۾ واڌ جي حوالي سان ECHO  سهڪار جا ٿورا مڃيا. هن آفتن جي انتظامڪاريءَ لاءِ آگاهي کي هٿي ڏيڻ ۽ بهتر صلاحيتن ۽ مهارتن لاءِ مختلف ادارن ۾ سهڪار تي پڻ زور ڏنو. تقريب کي خطاب ڪندي مقصود سومرو ڊپٽي ڙائريڪٽر پي ڊي ايم، آصف خاصخيلي اسسٽنٽ ڪمشنر ميپورخاص، نصير ميمڻ ڊي اي او پرائمري ٺٽو، سنڌ ۾ آفتن جي نقصانن کان بچا جي اهميت تي زور ڏنو. ان کانسواءِ Cesvi جي مينيجر صالحا پرويز ECHO جي مالي سهڪار لاءِ ٿيندڙ پراجيڪٽ جو جائزو پيش ڪندي ٻڌايو ته سورهن مهينن جو پراجيڪٽ صوبائي ۽ ضلعي سطح جي آفتن جي انتظامڪاريءَ جي ادارن، تعليم کاتي، ٻيلي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه سان گڏجي ڪيو ويندو.