شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

سومر - 25 - آڪٽوبر - 2021ع

ادب جو نوبل پرائيز آفريڪي ناول نگار عبدالرزاق گرونه ماڻي ورتو


شام 04 لڳي 38 منٽ -خميس 07 آڪٽوبر 2021 

image-1

ويب ڊيسڪ: ادب جو نوبل پرائيز تنزانيا جي ناول نگار عبدالرزاق گرونه ماڻي ورتو آهي. خميس واري ڏينهن تي سوئيڊش اڪيڊمي اهڙو اعلان ڪيو. عبدالرزاق کي بيٺڪيت سبب ٿيندڙ اثرن ۽ مختلف کنڊن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ ثقافتي خليج تي لکڻ تي اهو انعام ڏنو ويو آهي. هو ڪينٽ يونيورسٽي ڏکڻ انگلينڊ ۾ پروفيسر آهي، هو بيٺڪيت پڄاڻان ناول نگار آهي. هن ناولن ۾ گهڻي ڀاڱي اوڀر آفريڪا جي بيٺڪيت کي پيش ڪيو آهي. هن جو ننڍپڻ انگلينڊ ۾ گذريو آهي. هن جي ناولن ۾ آفريڪا جي زندگيءَ کي پسي سگهجي ٿو. سندس ناولن ۾ هڪ ناسٽلجيا به نظر اچي ٿي. هن جو ناول پيراڊائيز 1994ع ۾ بوڪر پرائز لا شارٽ لسٽ ٿيو هو. نوبيل پرائيز جي ان ڊوڙ ۾ ڪينيا جو گگي واٿنگيو، فرانس جي ايني ايرنڪس، جاپان جو هاروڪي مراڪامي، ڪيناڊا جي مارگريٽ ايٽ ووڊ ۽ آمريڪا جي جميڪا ڪنڪيڊ شامل هئا. گورنه پنهنجن ناولن ۾نه رڳو بيٺڪيٽ پڄاڻان معاملن کي جا ڏني آهي پر ان کان اڳ وارين حالتن کي به هن پنهنجن ناول ۾ پيش ڪيو آهي. ياد رهي ته گذريل سال نوبل انعام شاعره لوئي گلڪ کي ڏنو ويو هو.