شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

باليووڊ فلم انڊسٽري جو مغلِ اعظم دليپ ڪمار لاڏاڻو ڪري ويو


شام 02 لڳي 46 منٽ -اربع 07 جولاءِ 2021 

image-1

 

 

ڪراچي/ حيدرآباد: باليووڊ فلم انڊسٽريءَ جو عظيم اداڪار دليپ ڪمار لاڏاڻو ڪري ويو آھي، دليپ ڪمار جي وارثن پاران ان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اداڪار جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي وئي آھي. ڀارتي ميڊيا موجب 98 ورھين جي دليپ ڪمار کي ساهه جي تڪليف سبب ممبئي جي نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو ھو، جتي ھو لاڏاڻو ڪري ويو آھي. دليپ ڪمار جي ڊاڪٽر جليل پالڪر موجب اداڪار ڀارتي وقت موجب 7 لڳي 30 منٽن تي لاڏاڻو ڪري ويو. دليپ ڪمار جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اطلاع ڏنو ويو آھي تھ اداڪار جي تدفين ممبئي جي مقامي قبرستان ۾ ڪئي ويندي. دليپ ڪمار جي نالي سان مشھور يوسف خان 1922ع ۾ پشاور جي خداداد پاڙي ۾ جنم ورتو ۽ ھُن جو اباڻو گھر اڄ بھ پشاور ۾ موجود آھي جنھن کي صوبائي حڪومت قومي ورثو قرار ڏئي عجائب گھر ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. شھنشاهه جذبات جو لقب ماڻيندڙ دليپ ڪمار کي انڊين فلم جو سڀ کان وڏو اعزاز دادا صاحب پھالڪي ايوارڊ سان نوازيو ويو ھو، ھُن کي پاڪستاني حڪومت پاران 1998ع ۾ نشان پاڪستان سان نوازيو ويو. دليپ ڪمار 1940ع کان 1960ع جي ڏھاڪن تائين ڀارتي سينيما تي ڇانيل رھيو. سندس مشهور فلمن ۾ مغل اعظم، رام اور شيام، گنگا جمنا، شڪتي ۽ مشعل شامل آهن.