شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

پيچرو فيس بوڪ ڪھاڻي ويھڪ جو تفصيلي احوال


شام 04 لڳي 25 منٽ -آچر 01 Sep 2019 

image-1

سنڌي ٻوليءَ جي پھرين مڪمل بلگنگ ويب سائيٽ پيچرو جي مشھور سلسلي فيس بوڪ ڪھاڻي ويھڪ جي ٽين ويھڪ سنڌ جي نالي واري نقاد ۽ ليکڪ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري صاحب جي صدارت ۾ 20 آگسٽ کان 30 آگسٽ 2019 تائين ٿي گذري، ويھڪ ۾ خاص مھمان طور ھند ۽ سنڌ جي ڀلوڙ ڪھاڻيڪارا آپا اندرا پونا والا پڻ شرڪت ڪئي.

ان حوالي سان ويھڪ ۾ 18 آگسٽ تائين ايميل ويسيلي سموري سنڌ مان ڪھاڻيون مليون، جڏھن تھ ويھڪ ۾ 10 ڪھاڻيون تنقيدي (اصلاحي) راءِ لاءِ پيش ڪيون ويون. ھن ڀيري واري ويھڪ ۾ پھرين ٽن ڪھاڻين کي انعام ڏيڻ جو بھ اعلان ڪيل ھو.

پيچرو فيس بوڪ ويھڪ جا اصول:

1_ فيس بوڪ ڪھاڻي ويھڪ لاءِ ڪھاڻي جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 18 آگسٽ 2019 ھوندي ان کانپوءِ ڪابھ ڪھاڻي شامل نھ ڪئي ويندي.

2_ ھن ويھڪ ۾ ڏھ ڪھاڻيون شامل ڪيون وينديون ۽ ڪھاڻي شامل ڪرڻ جو رڳو ھڪڙو ماپو آھي جيڪا ڪھاڻي پھريان ملي.

3_ ھن ويھڪ ۾ ڪوشش ڪري پنج ميل ۽ پنج فيميل ڪھاڻيڪار شامل ڪبا جيئن جنسي برابري ٿي سگھي.

4_ ھن ويھڪ ۾ ھر ليکڪ جي رڳو ھڪ ڪھاڻي رکي ويندي ۽ ليکڪ دوستن کي عرض تھ رڳو پنھنجي ھڪڙي ڪھاڻي چونڊ ڪري موڪلين، ھڪ کان وڌيڪ ڪھاڻي واري ايميل ڊيليٽ ڪري ڇڏبي ۽ ان دوست جي ڪابھ ڪھاڻي شامل نھ ڪئي ويندي.

5_ ھن ويھڪ ۾ رڳو اھا ڪھاڻي شامل ڪئي ويندي جيڪا اڳ ڪنھن بھ پليٽ فارم تي يعنيٰ پرنٽ ۾ يا سوشل ميڊيا تي نھ آئي ھجي، جيڪڏھن ڪنھن بھ وقت اھا شاھدي ملي تھ ڪھاڻي اڳ ڪٿي ڇپيل يا سوشل ميڊيا تي رکيل آھي تھ ان کي ترت ويھڪ مان خارج ڪيو ويندو، ان جي جاءِ تي ٻي ڪھاڻي رکي ويندي ۽ ان ليکڪ دوست جي لکڻي ھن سلسلي ۾ وري ڪڏھن بھ شامل نھ ڪئي ويندي.

6_ ڪھاڻي ويھڪ ۾ رڳو ايميل ويسيلي مليل ڪھاڻيون ئي شامل ڪيون وينديون، ٻئي ڪنھن وسيلي مثال واٽس ايپ، فيس بوڪ ميسنجر يا ڊاڪ وسيلي مليل ڪھاڻيون ويھڪ ۾ شامل نھ ڪيون وينديون.

7_ ھن ويھڪ لاءِ پنج غير جاندار جج مقرر ڪيا ويندا، جيڪي پاڻ بھ سينئر ڪھاڻيڪار ھوندا .

8_ ھن ويھڪ ۾ فليش فڪشن کي شامل نھ ڪيو ويندو، ان ڪري دوستن کي عرض تھ رڳو رواتي ڪھاڻي ئي ايميل ڪن.

9_ ھن ويھڪ ۾ پيچرو جي ايڊمن يعنيٰ اختر حفيظ ۽ ڪليم ٻُٽ جون ڪھاڻيون شامل نھ ڪيون وينديون، جيئن مقابلي کي فيئر رکجي ۽ ڪنھن شڪ يا آڱر کڄڻ کان بچي سگھجي.

10_ ويھڪ ۾ رڳو ڪمپوز ٿيل ڪھاڻين کي شامل ڪيو ويندو، تصوير يا عڪس جي صورت ۾ مليل ڪھاڻيون ويھڪ ۾ شامل نھ ڪيون وينديون.

ويھڪ ۾ ڪمنٽ ڪرڻ جا اصول:

1_ ويھڪ ۾ رڳو ان ڪھاڻي جي حوالي سان تنقيدي (اصلاحي) راءِ ڏني وڃي.

2_ ڪنھن بھ قسم جو ذاتي ڪمنٽ نھ ڪيو وڃي، ان کي ترت ئي ڊليٽ ڪيو ويندو.

3_ ويھڪ ۾ Gif يا ڪو بھ تصويري ڪمنٽ شامل نھ ڪيو ويندو.

4_ واھ ، شاندار، مزو اچي ويو جھڙا ڪمنٽ بھ شامل نھ ڪيا ويندا ۽ مڪمل تنقيدي راءِ شامل ڪئي ويندي.

5_ ويھڪ ۾ رات ڏھين وڳي کانپوءِ وارن ڪمنٽن کي بھ ڊليٽ ڪيو ويندو.

6_ صدارتي راءِ کانپوءِ وارا ڪمنٽ بھ نھ رکيا ويندا.

ايميل ذريعي مليل ڪھاڻين جو احوال:

ھن ويھڪ لاءِ ويھن جي لڳ ڀڳ ڪھاڻيون مليون، اھي ھن ريت آھن:

1_ نيٽ ۽ چيٽ، عبدالواحد سومرو، 10 آگسٽ 2019

2_ سودي بازي، پرويز وسطڙو، 10 آگسٽ 2019

3_ ھوءَ: درد ڪٿا، سوھا ڀٽو، 10 آگسٽ 2019

4_ رھجي ويل ملاقات جو لمحو، مجيب اوٺو، 10 آگسٽ 2019

5_ تنقيد، فرھاد جيلاني، 14 آگسٽ 2019

6_ اسين بس رھياسين اڌورا اڌورا، ابوذر انصاري، 14 آگسٽ 2019

7_ ڏوھٽي جو موت، ممتاز علي، 16 آگسٽ 2019

8_ پل پل جو پڙلاءُ، صنم بلوچ، 16 آگسٽ 2019

9_ پيڙا، راجا الطاف، 18 آگسٽ 2019

10_ ايجاد، رضا ٻرڙو، 18 آگسٽ 2019

11_ اينٽيڪ، وحيد محسن، 18 آگسٽ 2019

18 آگسٽ کانپوءِ مليل ڪھاڻيون:

ھي ڪھڙو عشق آھي، بابر علي، 18 آگسٽ 2019 (رات دير سان)

اکين جو ٺار، عبدالباسط، 19 آگسٽ 2019

سڪي لڌي، جبار لنڊ، 19 آگسٽ 2019

تون ڪاري آھين، سحرش ناز، 19 آگسٽ 2019 (رات دير سان)

تو ۾ مان موجود، رحيم بخش، 20 آگسٽ 2019

عشق عبادت، دلبر حُسين، 20 آگسٽ 2019

واردات، محمد ھاشم، 20 آگسٽ 2019

جڏھن تھ سنڌي ادبي سنگت، شاخ سنڌ يونيورسٽي جي سيڪرٽري زاھد مرتضيٰ ڌارجو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ڀلوڙ ڪھاڻيڪار سائين اصغر گگو صاحب 18 تاريخ کانپوءِ رابطو ڪري ڪھاڻي موڪلڻ جو چيو، اميد ڪجي ٿي تھ ھي ٻي دوست ايندڙ ويھڪ ۾ ڪھاڻيون ڏيندا. اھڙي ريت ٿر جي ڪجھ دوستن ڊاڪ وسيلي ڪھاڻيون موڪلڻ جو چيو پر انھن دوستن کي انڪار ڪيو ويو.

ڪھاڻيڪارا سوھا ڀٽو جي ڪھاڻي ھوءَ: درد ڪٿا، 10 آگسٽ تي ملي پر جيئن تھ سوھا ڀٽو سنڌ جي نالي واري ناول نگار ڪليم ٻُٽ جي گھرواري آھي ان ڪري ھي ڪھاڻي انعامي مقابلي ۾ شامل نھ ڪئي وئي ۽ ڪنھن ٻي ويھڪ ۾ تنقيد لاءِ دوستن آڏو رکي ويندي.

انعامي مقابلو:

پيچرو ٽيم اڳ ئي پنھنجن ساٿين ۽ دوستن کي ٻڌائي چڪي آھي تھ ڪنھن بھ ڪھاڻي تي وڌيڪ لائق ۽ ڪمنٽ جو اھو مطلب نھ ورتو وڃي تھ ان ڪھاڻي انعامي مقابلو کٽي ورتو. انعامي مقابلي لاءِ پيچرو الڳ سان پنج مانوارن سينئر ڪھاڻيڪارن ۽ نقادن ڏانھن ڏھئي ڪھاڻيون موڪليندو. ھر جج صاحب وٽ ھر ڪھاڻي لاءِ ڏھ مارڪون آھن، معنيٰ ھڪڙي ڪھاڻي تي پنجاھ مارڪون. ھر ڪھاڻي کي ان جي اڻت، ٻولي، ڪھاڻي پڻي ۽ ڪھاڻي جي ٻين فني گھرجن کي سامھون رکي مارڪون ڏنيون وينديون، پوءِ سڀني ججن جون مارڪون ملائي وڌيڪ مارڪون کڻندڙ ٽن ڪھاڻين کي انعام ڏنو ويندو. ان جا نتيجا پيچرو ويب سائيٽ تي پڌرا ڪيا ويندا.

پيچرو سٿ ٿورائتو آھي مرڪ پبليڪيشن، ڪراچيءَ جي روح روان سائين مرتضيٰ لغاري صاحب جو، جن پيچرو جي ھي ويھڪ سموري ڪاروائي سڌو سندن رسالي جي ايندڙ شماري ۾ ڇاپڻ جي حامي ڀري آھي.

(نوٽ: ھن ويھڪ ۾ 29 آگسٽ تي رضا ٻرڙو جي ڪھاڻي ايجاد رکي وئي، پر ان کي ويھڪ جي اصولن جي ڀڃڪڙي سبب خارج ڪيو ويو).