شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 19 - سيپٽمبر - 2021ع

لساني ماهر، اديب ۽ نقاد ڊاڪٽر ستيش روهڙا لاڏاڻو ڪري ويو


شام 05 لڳي 46 منٽ -خميس 25 فيبروري 2021 

image-1

وڏي وقت تائين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ  لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽر ستيش روهڙا ڪالهه ڀارت ۾ گذاري ويو. ڪهاڻيڪار, مضمون نگار, لسانيات جي ماهر, نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر ستيش پمنداس روهڙا جو جنم دادو ۾ 15 آگسٽ 1929 ٿيو. ورهاڱي سبب سندس سمورو ڪٽنب هندستان لڏي آيو.

ڊاڪٽر روهڙا اسڪولي تعليم پرائڻ کانپوءِ 1960ع ۾ گجرات يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪئي ۽ 1962ع ۾ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان هنديءَ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ 1964ع ۾ ڊيڪن ڪاليج پوني مان لسانيات (Linguistics) ۾ پوسٽ گرئجوئيٽ ڊپلوما ڪئي ۽ 1965ع ۾ پوني يونيورسٽيءَ مان لسانيات ۾ ڪڇي ٻوليءَ جي تعريفي ڇنڊڇاڻ موضوع تي پي. ايڇ. ڊي ڪيائين

ڊاڪٽر ستيش روهڙا پهرين بنارس هندو يونيورسٽيءَ ۾ هنديءَ جو پروفيسر ٿي رهيو. جڏهن ته 1978ع کان 1989ع تائين ’يونيورسٽي آف گُيانا‘ گيانا ۾ ۽ جارج ٽائون, ڏکڻ آفريڪا ۾ به ڪجهه سالن تائين هنديءَ جي پروفيسر جو عهدو سنڀاليو. ڪجهه وقت ڪيندريه هندي سنسٿان آگري جو وزيٽنگ پروفيسر پڻ رهيو۽ 1984ع کان 1990ع تائين لسانيات جي پروفيسر جي پد تي براجمان ٿيو. ڊاڪٽر روهڙا سنڌ هند جي ڪيترين ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ آمريڪا, ڪئناڊا، انگلنڊ، فرانس جاپان ۽ هانگ ڪانگ جا دورا ڪيا. هو

 انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي (آديپور-  ڪڇ) جي بنياد وجهڻ وارن ۾ به شامل رهيو.

سندس لکيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن.

* ڀاشا ۽ سنڌي ڀاشا 1971

* سنڌي ٻوليءَ جي آتم ڪٿا 1971

*سـنڌالاجـي 1972

* ڀاشا ايوم هندي ڀاشا هنديءَ ۾ 1972

*ڪوش وگيان ڪوش هنديءَ ۾ 1979

* تپسوي ونوڀا ڀاوي جي جيوني 1989

* رشتـو - ڪهاڻيون

* ڇنڊڇاڻ تنقيد ڪتاب  1995

* اونده جو سچ ڪهاڻيون-  1997

*ڪوتا کان ڪوتا تائين - 2000

*سنڌي ۽ ڪڇيءَ جي وابستگي- 2000

* ڀاشا، ساهتيه ۽ سماج - 2003

 *ڪلچرل باءِ پاس سرجري- 2003

* ڀاشا ۽ ڀاشا گيان- 2001

 *تنها - شاعري