شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري وسرڳ ۽ اوسرڳ لاءِ جوڙيل نئين ڪيبورڊ ۽ فونٽن جي پڌرائي ڪري ڇڏي


شام 05 لڳي 56 منٽ -خميس 28 جنوري 2021 

image-1

 

حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران سنڌي ڪمپوزنگ ۾ وسرڳ ۽ اوسرڳ جي مسئلن جي حل لاءِ جوڙيل نئين ڪيبورڊ ۽ فونٽن جي پڌرائي ڪرڻ جي تقريب ٿي، تقريب لاءِ سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاه پنهنجي موڪليل پيغام ۾ چيو ته مونکي اڄ اهو ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي لاءِ قائم سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو موجوده چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي جي سرواڻي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان نهايت اهم ڪم ڪري رهيو آهي. اڄ اداري پاران تيار ڪيل سنڌي ٻولي جي ويب، ونڊوز ۽ ايپل منڪنٽاس ڪي بورڊ جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکرن سان گڏ ٻيا وسرڳ اکر شامل ڪيا ويا آهن. اڄ ان جي پڌرائي ان ڳالھه جو ثبوت آهي ته هي ادارو پنهنجي مقصدن تحت ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو تہ آئون اها ڳالھه ڪيتري عرصي کان چوندو اچان ته ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي چئليجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي بنيادن تحت سموري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ اوپن ونڊوز ۽ ڊجيٽلائيز ذريعن تي وڌ کان وڌ ڪم ڪرڻ گهرجي ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيو آهي،

تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجھي چيو ته سنڌي ڪمپوزنگ ۾ وسرڳ ۽ اوسرڳ جي مسئلن کي ڏسندي ان جي حل لا هي پهرين شروعات ڪئي آهي ۽ اها ڪامياب ٿي آهي ان کي وڌيڪ عام ڪرڻ لا مختلف ادارن خاص طور اخباري ادارن جي سهڪار جي ضرورت پوندي. هي اسان سمورن جو گڏيل ڪم آهي هن چيو ته هي ڪيبورڊ پرائمري لا به تمام بهترين آهي. اسان جو ٻار هينئر ان شين کي سمجهندو ته ايندڙ نسل کي لکت ۾ ڪا ڏکيائي پيش نه ايندي هن وڌيڪ چيو ته ادارو سنڌي ٻولي کي رائج ڪرڻ ان جي درست استعمال لا هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجيءَ جي گهرجن موجب اسان جو انفرميٽڪس شعبو ڪم ڪري رهيو آهي، تمام جلد سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ميدان ۾ وڌيڪ اڳڀرائي جي خوشخبري ڏينداسين. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل چيو ته سنڌي لکت ۾ وسرڳ ۽ اوسرڳ جي مسئلن کي ڏسي مونکي ذاتي طور تي تڪليف ٿيندي هئي ڇو ته لفظ جي خوبصورتي ان ۾ آهي ته اها درست انداز ۾ هجي هن چيو ته ٻولي پيار جي پوک آهي، ٻولي جو تعلق روح سان آهي. ان ڪري ان جي خوبصورتي به ائين هجڻ گهرجي جو اها سهڻي طريقي سان پيش ڪئي وڃي. تعليمي ماهر پروفيسر ادريس جتوئي چيو ته يقينن اڄ سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ هڪ نهايت ئي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ان لا اداري جي پوري ٽيم مبارڪباد جي لائق آهي، هن چيو ته هڪ ڳالهھ ذهن ۾ رکجي ته ٽيڪنالاجيءَ جا ماهر اهي معاملا چگي ريت سمجهن ٿا، ان ڪري ضرورت آهي ته ڪمپيوٽر انجنيئرنگ جي ماهرن ۽ لسانيات جي ماهرن جي ڪاميٽي ٺاهڻ کپي جيڪا ان شين کي ڏسي ۽ ان جي نشاندهي تي ڪم ڪري ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون. سينيئر صحافي مهيش ڪمار چيو ته هي دور ٻولي جي بقا جي جنگ جو دور آهي، ان ۾ اسان کي ٿورو به غافل نه رهڻ گهرجي. اڄ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو انتهائي اهم آهي. اخباري دنيا ۾ ان ڳالهين کي ذهين ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهھ آھي ته ادارا جن مقصدن لاءِ  جوڙيا ويا آهن. اهي ان تحت پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. اداري جي انفرميٽڪس شعبي جي سربراہ انيس ڪاڪا ڪيبورڊ ۽ نئين فونٽن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته هن ڪيبورڊ ذريعي سنڌي جي سمورن ٻاونجاهه اکرن سان گڏ وسرڳ جا اکر به شامل ڪيا ويا آهن. ان سان هاڻ اهو مسئلو حل ٿي ويو آهي تمام جلد سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ وڌيڪ اڳڀرايون پيش ڪنداسين. ڪورونا ايس او پيز تحت منعقد ٿيل هن تقريب ڪمپيوٽر آپريٽرز ۽ صحافين شرڪت ڪئي.