شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 29 - نومبر - 2020ع

سنڌ يونيورسٽي ۾ نومبر کان ڪلاس هلائڻ تي اتفاق


شام 05 لڳي 45 منٽ -اربع 28 آڪٽوبر 2020 

image-1


ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ پرو وائيس چانسلرن، ڊينز ۽ ٻين تدريسي توڙي انتظامي سربراهن جو اهم اجلاسٿيو. جنهن ۾ ڪورونا جي صورتحال ۽ يونيورسٽيءَ ۾ نومبر کان ڪلاس هلائڻ بابت غور ڪيو ويو.

 سنڌ يونيورسٽي 2 نومبر تي کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ڪورونا کان بچاءَ لاءِ شاگردن کي پندرهين ڏينهن ٻن گروپن ۾ سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان ڏس ۾ بيچلرز پروگرام جي سمورن 57 شعبن جي ٻئي ۽ ٽئين سال جي شاگردن کي شروعاتي 15 ڏينهن گهرائڻ جو فيصلو ٿيو.  پهرئين ۽ آخري سال جا شاگرد مهيني جا آخري 15 ڏينهن ڪلاسن لاءِ يونيورسٽي اچي سگهندا. 

سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان نادر مغيري جو چوڻ هو ته نومبر، ڊسمبر ۽ جنوري ۾ هلندڙ سيڪنڊ سيمسٽر جي ڪلاسن دؤران ڇنڇر تي به سنڌ يونيورسٽي کليل رهندي، دفتري وقت به وڌايو ويندو. ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن جي پيش نظر سمورن 28 هزار شاگردن کي هڪ ئي وقت يونيورسٽي نه گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڪلاسن ۾ شاگردن ۽ استادن لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. ڪلاسن ۾ وڃڻ کان اڳ ٽيمپريچر به چڪاسيو ويندو، سينيٽائيزر جو استعمال به لازمي هوندو.

وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙي جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اجلاس هلائڻ جو فيصلو شاگردن جي مفاد لاءِ ڪيو ويو آهي، سمورا اسٽيڪ هولڊرز ايس او پيز تي عمل کي يقيني بڻائين. هاسٽلن ۾ ڪينٽين هلائڻ وارن کي سختيءَ سان صفائي برقرار رکڻ جي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.