شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

عوامي تحريڪ طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي والار خلاف احتجاج


شام 09 لڳي 05 منٽ -آچر 04 آڪٽوبر 2020 

image-1

 

ڪراچي: سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ ڪوسٽل اٿارٽيءَ جي قيام خلاف ڌرتي ڌڻي سراپا احتجاج بڻجي ويا. ڪراچيءَ ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪوسٽل اٿارٽيءَ جي قيام لاءِ ڳجهه ڳوهه ۾ جاري ٿيل آرڊيننس خلاف مارچ ڪيو ويو. ريگل چوڪ کان نڪتل قافلي ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو وڏي انگ ۾ ڪارڪنن جي شرڪت ڪئي.

 اڳواڻن طرفان ڪوسٽل اٿارٽيءَ جو آرڊيننس سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي سازش قرار ڏنو ويو. مارچ ۾ شامل اڳواڻن چيو آهي ته ڊگهي عرصي کان سنڌ جي وسيلن تي قبضن جي سازش جاري آهي، سنڌ حڪومت اُن سازش جو حصو بڻجي غيرآئيني طور جاري ٿيل آرڊيننس تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. هنن ڪوسٽل اٿارٽي آرڊيننس جي واپسي تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو ويو.