شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 29 - نومبر - 2020ع

ناليواري اديب تاج جويي جو صدارتي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار


شام 07 لڳي 21 منٽ -جمعو 14 آگسٽ 2020 

image-1

 

حيدرآباد: سنڌ جي ناليواري اديب تاج جويي سنڌي ادب ۾ خدمتن عيوض پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ وٺن کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هڪ بيان ۾ تاج جويي جو چوڻ هو ته مون کي خبر پئي آهي ته ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ۽ ٻين ادارن ۾ ويٺل ڪجھه سڄڻن جي سفارش تي منهنجو نالو ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ لاءِ صدر پاڪستان چونڊيو آهي. آئون انھن سڄڻن جي نيڪ نيتيءَ جو قدر ڪندي پڌرو ٿو ڪريان ته جڏهن مَادرِ وطن سنڌ مرڪز جي ڪالوني هجي، جڏھن سنڌ جي سڀني پيداواري وسيلن تي وفاق قابض هجي. جڏھن سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تان سنڌ جو حق کسي غير قانوني طور ڊيم ٺاھيا وڃن ،جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو نه ڏنو وڃي، جڏهن سنڌ ۾ ڌارين جي آباد ڪاري رٿابنديءَ سان وڌائي پئي وڃي، جڏهن سنڌ ۾ مذھبي انتھا پسنديءَ کي سرڪاري سرپرستي حاصل ھجي ۽ سنڌ جي سيڪيولر روايتن جي لتاڙ ٿيندي ھجي، جڏھن اظھار جي آزاديءَ تي پابنديون مڙھيل ھجن، جڏھن سنڌ جا سوين شيخ اياز جي خوابن جهڙا ڳڀرو نوجوان عقوبت خانن ۾ بي پناهه تشدد برداشت ڪري رهيا هجن ۽ سندن جيجل مائرون، ڀينرون، ونيون ۽ نياڻيون روڊن تي سراپا احتجاج هجن ته اھڙي وقت ۾ هي سرڪاري ايوارڊ وٺڻ مون لاءِ سودي بازي جي برابر آھي. آئون سائين جي ايم سيد جو هڪ ننڍڙو شاگرد، عبدالواحد آريسر جو دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ننڍڙو اديب ۽ خادم آهيان. ان ڪري آئون ھي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪريان ٿو ۽ پنھنجو ھي موقف تاريخ جي رڪارڊ تي رکان ٿو.