شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

سنڌي ٻوليءَ جو ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار شوڪت شورو زندگيءَ جون 73 بهارون ڏسي چڪو


شام 03 لڳي 27 منٽ -ڇنڇر 04 جولاءِ 2020 

image-1

 

حيدرآباد: سنڌي ٻولي جو برک ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار شوڪت حسين شورو اڄ 73 هون جنم ڏينهن ملهائي رهيو آھي. سنڌي ٻوليءَ جي نفيس ڪهاڻيڪار جو جنم چار جولاءِ 1947ع ۾ ٿيو. ون يونٽ دوران ۽ ون يونٽ جي ٽٽڻ کانپوءِ شوڪت شوري, سندن ڀاءُ مشتاق شوري, منير احمد ماڻڪ ۽ مدد علي سنڌي سنڌي ڪهاڻي کي نئين دڳ تي لاٿو. شوڪت شوري جون ڪهاڻيون سنڌ ۽ ھند ۾ مشھور ٿيون, سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”رات جو رنگ“ هندستان جي هڪ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي نصاب ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آھي. جڏھن ته سندس چونڊ ڪهاڻين کي انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو آھي. ان کانسواءِ شوڪت شوري پي ٽي وي لاءِ ڪيترا ئي مشھور ڊراما پڻ لکيا آھن. جڏھن ته هو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جا ڊائريڪٽر به رهيو.