شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

پاڪستان ۾ ڪورونا جا 3 هزار 84 نوان ڪيس ظاهر


شام 12 لڳي 13 منٽ -خميس 02 جولاءِ 2020 

image-1

پاڪستان ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ 65 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون، فوتين جو انگ 4 هزار 446 ٿي ويو، 3 هزار 84 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپو متاثرن جو انگ وڌي 2 لک 15 هزار 965 تائين پهچي ويو، سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 29 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.

 2139 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، صوبي ۾ متاثرن جو انگ 86 هزار 795 ٿي ويو، پنجاب ۾ 76 هزار 262، خيبرپختونخوا ۾ 26 هزار 938 ۽ بلوچستان ۾ متاثرن جو انگ 10 هزار 476 ٿي ويو، اسلام آباد ۾ 12 هزار 912، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 489 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 93 ڪيس رپورٽ، ملڪ ۾ هڪ لک 802 مريض ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا.