شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

آءِ بي اي سکر جو بانيڪار نثار صديقي لاڏاڻو ڪري ويو


شام 12 لڳي 29 منٽ -سومر 22 جون 2020 

image-1


ڪراچي: آءِ بي اي سکر جو وائيس چانسلر نثار صديقي لاڏاڻو ڪري ويو. نثار صديقي دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل هو، هن سکر ۾ انسيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) نالي اداري جو بنياد وڌو، جيڪو ملڪ جي ڪجهه بهترين تعليمي ادارن مان هو جنهن کي ڪجهه سال يونيورسٽيءَ جو درجو پڻ ڏنو ويو هو.

نثار صديقي اداري جي شروعات بن ڪمرن کان ڪئي، جنهن کي هن پنهنجي محنت ۽ ڪوششن سان هڪ بهترين اداري ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو. جتي ڪيترائي شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. سندس اوچتي وڇوڙي تي سنڌ جي ساڃاهه وندن گهري ڏکي جو اظهار پڻ ڪيو آهي.