شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو


شام 05 لڳي 11 منٽ -جمعو 19 جون 2020 

image-1


ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ واري ريفرنس کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست منظور ڪري قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ درخواستن تي ٻڌڻي ڪرڻ واري ڏهه رڪني بينچ مختصر فيصلو ٻڌائي شوڪاز نوٽيس ختم ڪري ڇڏيو آهي.

مختصر فيصلي ۾ عدالت چيو ته ايف بي آر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواريءَ جي ملڪيت بابت ستن ڏينهن تائين نوٽيس جاري ڪري. فيصلي موجب نوٽيس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سرڪاري رهائشگاهن تي موڪليا وڃن ۽ ان لينڊر روينيو ڪمشنر سمورين ڌرين کي ٻڌي ۽ انڪم ٽيڪس ڪمشنر قانون موجب فيصلو ڪري. فيصلو ٻڌائيندي جسٽر عمر عطا بنديال چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو فورم سدائين لاءِ کليل آهي. سپريم ڪورٽ جو جج عام شهرين وارين حق رکي ٿو. ان کان عمر عطا بنديال پاران اڄوڪي شنوائي جي پڄاڻي تي چيو هو ته جيڪڏهن ججن وچ ۾ اتفاق راءِ قائم ٿي ته فيصلو اچي ويندو.